; سنڌي شخصيتون: حاجي غلام نبي ڏهراج - مخمور مهيري

16 March, 2011

حاجي غلام نبي ڏهراج - مخمور مهيري

حاجي غلام نبي ڏهراج
مخمور مهيري
سون برابر سپرين، توريان نه ترن
ميخون جن جون من ۾، چوريان تان نه چرن
سي ڪيئن وسرن، جيڪي سانڍي رکيم ساهه ۾
سنڌ ڌرتي عالمن ۽ فاضلن، جانثارن ۽ جوڌن، ڏاهن ۽ اڪابرن، صوفين ۽ سالڪن، اوليائن ۽ ولين، امن ۽ عدل، انصاف ۽ احساس، ديسي توڙي پرديسي ماڻهن ۽پکيئڙن جي پيار پناهه گاهه صدين کان رهندي اچي.
هن ڌرتي جي مان واري مٽي مان سوين سورمين، لائق ليڊرن، شاعرن ۽ اديبن جنم وٺي پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان سندس مان ۽ شان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن بيباڪ، بهادرن، ارڏن ۽  اڻموٽ ڪردارن ۾ تحريڪ آزادي جي تاريخي ڪردار، مرحوم حاجي غلام نبي ڏهراج جو نامور نالو، تاريخ جي ورقن ۽ بابن ۾ اڄ به چمڪي رهيو آهي. 

حاجي غلام نبي ڏهراج جي زندگي جو پروفائل:
سندس جنم ڀومي ڳوٺ ۽ جاءِ پيدائش محبت ديرو ضلع نواب شاهه آهي. سندس ڄمڻ جو سال 1886ع آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي. پاڻ هڪ باوقار بااثر زميندار گهراڻي جا چشم وچراغ هئا. زندگي جي سورنهن سال بهار ۾ قدم رکڻ سان هن نوجوانن کي متحد ڪيو. پاڻ نوجوانن جي سرپرستي ۽ سرواڻي ڪندي انهن کي شعور ڏنائين. انهن ۾ همت ۽ طاقت، جدوجهد ۽ ڌرتي سنڌ جي حفاظت لاءِ قرباني جا جذبا پيدا ڪيائين. آس پاس جي بااثر ڳوٺاڻن، نيڪ مردن، معزز شهرين سان مضبوط تعلقات پيدا ڪري پاڻ ۾ خود اعتمادي ۽ جانثاري جا جوهر پيدا ڪيائين. جيڪي وسارڻ سان نه ٿا وسرن.
عوامي ميلا، مجلسون ۽ محفلون:
هن پنهنجي قيادت، حيثيت، چمڪائڻ ۽ مقبوليت ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪاروبار ۽ والدين جي خدمت ڪرڻ سان گڏ هڪ جيڏن ۽ وڏن کي ۽ علائقي جي عام ماڻهن کي قرب جي ڪڙي ۾ محبت ۽ مان سان، خدمت ۽ صداقت سان مهمان نوازي جي نوازش سان ماڻهن جون دليون کٽي من موهي متاثر ڪري وڌا، عوام جي حمايت ۽ اعتماد سان هن ۾ غريب عوام جي قيادت جا مخلصانا جذبا بي پناهه پيدا ٿيڻ لڳا.
تحريڪ آزادي جا نعرا ۽ سچا هيرا:
پاڪ و هنڌ جو ورهاڱو، تحريڪ آزادي جو طوفان ايشيا کنڊ ۾ هڪ زلزلي، هڪ سونامي طوفان کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو. پارٽيشن لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ليڊرن کي سرگرم بنائي، جوش جاڳائي، مذهبي ڪٽر پڻي جي آگ دکائي، هندستان تي هڪ سو سال حڪومت ڪندڙ انگريزن گورن هندن ۽ مسلمانن جا پراڻا واسطا ۽ ناتا ٽوڙڻ لاءِ هنن هڪ خطرناڪ منصوبو تيار ڪيو.
هڪ طرف مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو ڪانگريس جا نمائندا، ٻئي طرف قائد اعظم محمد علي جناح، جناب جي ايم سيد ۽ ان جا حمايتي ان کان علاوه مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي سندن امڙ بي امان، ڊاڪٽر محمد اقبال، مولانا عبيد الله سنڌي، عبدالمجيد سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ ٻيا انيڪ مذهبي اڳاوڻ هنڌو پاڪ ۾ طوفاني دورا ڪرڻ لڳا، آزادي جا نعرا ٻڌڻ سان انيڪ سچا هيرا ۽ پتنگ پروانا قافلي تحريڪ جانثار ۽ مجاهدن جي صف اول وارن دستن ۾ شامل ٿيندا ويا. انهن ۾ حاجي غلام نبي ڏهر   اج پڻ  شامل هو.
درد ۽ دوکا:
انگريزن جهڙي نموني دغا ۽ دوکي سان انڊيا کي وپار جي نموني سان قبضو ڪري پنهنجي سلطنت ۽پنهنجو راڄ قائم ڪيو ورهاڱو به اهڙي دوکي سان ڪيو جنهن جا چٽا ثبوت مغربي پاڪستان، مشرق پاڪستان، آزاد ڪشمير، مقبوضه ڪشمير آهن. جيڪي اڄ به تڪراري بنيل آهن. مشرقي پاڪستان ڌار ٿي ويو، مقبوضه ڪشمير ۾ انڊيا جي توبن ۽ ٽينڪن جا منهن کليل آهن. قائد اعظم جي پاڪستان کي هاڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان سڏيو پيو وڃي سرحد جو نالو بدلائي پختونخواهه رکيو ويو آهي ۽ ملتان صوبو ٺاهڻ جون تياريون زير غور ۽ زير طلب آهن.
نواب شاهه ضلع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو تاريخي يادگار دورو:
جڏهن تحريڪ آزادي جي سلسلي دوران ماحول کي گرم ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح نواب شاهه ۾ قدم رکيو تڏهن هن جي نظر  هڪ بهادر ۽ قدآور نه  وڪامڻ ۽ نه جهڪڻ واري شخصيت غلام نبي ڏهراج تي پئي جنهن هن کي پرکي پنهنجي ساٿين ورڪرن ۽ آزدي جي پروانن ۾ شامل ڪيو. انگريزن خريد ڪرڻ لاءِ کيس انيڪ لالچون ڏنيون. پرهن پرواني تحريڪ آزادي جي هيري کين جواب ڏنو ته آزادي، اصول ۽ ضمير وڪبا ناهن. هو اڄ به تحريڪ آزادي جو هيرو ۽ قائده اعظم جو جانثار ۽ وفادارن واري قطار ۾  ليکيو وڃي ٿو. جنهن ثابت قدمي سبب اڄ به نواب شاهه ضلع ۾ قومي ڪمانڊر جي حيثيت ۾ ياد رکيو وڃي ٿو.
دوستن جو حلقو ۽ دائرو:
مرحوم جي پيارن ۽ ناميارين هستين ۽ شخصيتن ۾ جيڪي سگهارا نالا شمار ڪري سگهجن ٿا انهن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، محمد يوسف هارون، محمود هارون، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي محمد اڪبر، مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان، دلپسند دوست غلام مصطفيٰ جتوئي جو والد غلام رسول خان جتوئي، عبدالستار پيرزادو، رحيم بخش خان سومرو، پير الاهي بخش، نواب نبي بخش ڀٽو، عطا محمد مري، جعفر خان جمالي، نواب اڪبر بگٽي ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن.
سياسي معرڪا، مقابلا ۽ ڪاميابيون:
سال 1911ع ۾ هن ضلع ڪائونسل نواب شاهه مان ڪائونسلري جي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي، سال 1946ع ۾ هن سياسي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻڻ جا رڪارڊ حاصل ڪيا.
دلچسپ مقابلو اهو هو ته نواب شاهه ۽ دادو ضلعن ۾ ٻه تڪ قائم ڪيا ويا. جي ايم سيد جي سامهون مدمقابل اميدوار قاضي محمد اڪبر هو، جڏهن ته نواب شاهه حلقي مان بااثر طاقتور اميدوار محمد علي شاهه هو. جيڪو پڻ سابق وزير رهي چڪو هو ۽ سيد محمد علي شاهه، سيد ظفر علي شاهه جو والد آهي. پاڻ مسلسل اقتدار جا مزا ماڻيندو رهيو. سيد محمد علي شاهه کي هارائي مرحوم غلام نبي ڏهراج جو کٽڻ هڪ ماضي جو چمڪندڙ باب آهي. پاڻ هن فاني دنيا مان 9 فيبروري 1970ع ۾ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا