; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شمس عباسي

14 March, 2011

ڊاڪٽر شمس عباسي

ڊاڪٽر شمس عباسي


ڊاڪٽر شمس عباسي پاڪستان جي نالي واري شخصيت هئي ۽ کين سنڌ ۾ عورتن جي تعليم ۾ پنهنجون ڪوششون وٺڻ تي کيس عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. محترمه شمس عباسي سنڌ جي قاضي خاندان سان لاڳاپو رکندڙ هئي.


سندس والد قاضي عبدالقيوم ۽ چاچي فتح محمد سيوهاڻي پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. آپا شمس عباسي جي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ کيس امڙ سنڀاليو ۽ اعليٰ تعليم ڏياري، قاضي عبدالقيوم جا ۴ پٽ ۽ ۲ نياڻيون هيون. جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪرم، قاضي محمد اعظم، آپا شمس ۽ هڪ ٻي ڀيڻ شامل آهن. جنهن کي سندن ماءُ پاليو ۽ تعليم ڏياري، ماءُ پنهنجن پٽن ۽ نياڻين کي هڪجهڙي تعليم ڏياري ۽ انهي ۾ ڪوبه فرق نه رکيو.
ڊاڪٽر شمس عباسي پهرين جنوري ۱۹۲۴ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.، آپا شمس عباسي ميٽرڪ ۽ بي اي مبمئي  يونيورسٽي مان پاس ڪئي.
هن بي ٽي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. سنڌي لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. آپا شمس عباسي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۴۴ع ۾ اسڪول ٽيچر طور ڪئي ۽ ۱۹۴۷ع تائين مدرست النبات ۾ ماسترياڻي رهي.
۱۹۴۸ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊمسٽريس جون خدمتون سنڀاليون ۽ انهي پوسٽ تي ۱۹۵۵ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
کيس ۱۹۵۵ع کان ۷۰ تائين گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپال جي اضافي ذميواري به ڏني وئي. ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۳ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون به سنڀاليون. ۱۹۷۳ع کان ۱۹۸۴ع تائين ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايڪٽينشن اينڊ بيورو آف ڪرڪيولم جون ذميواريون به نڀايون ۽ بعد ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
آپا شمس عباس ۱۹۹۳ع ۾ محسن ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ هوءَ پنهنجي نگراني ۾ ۲ نجي اسڪول به هلايا.
آپا شمس عباسي سماجي ڪمن ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهي.
هن مختلف تنظيمن جي پليٽ فارم تي عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ ٻارن جي حقن ۾ به وڏي جاکوڙ ڪئي.
آپا شمس عباسي تعليم ۽ عورتن جي معاملن تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي. آپا شمس عباسي ۲ ڪتاب به لکيا آهنجن ۾ هڪ سندس آتم ڪهاڻي آهي. جڏهن ته مختلف اشوز تي کوڙ سارا آرٽيڪل به لکيا آهن. آپا شمس عباسي کي عوامي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا،
آپا شمس عباسي سڄي زندگي عوامي جدوجهد واري جاکوڙ ۾ وقف ڪئي. پنهنجي مرحوم پٽ عقيل احمد عباسي جي نالي تي قائم عقيل برائيٽس اڪيڊمي به هلائيندي رهي. جتي نياڻين ۽ نوجوانن کي معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. آپا شمس ڪيترين ئي غريب نياڻين کي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليم ڏياري ۽ بعد ۾ سندن گهر آباد ڪرايا. هوءَ آخري دم تائين سنڌ جي نياڻين لاءِ ڇپر ڇانوءَ وانگر هلائيندي رهي. هن سٻاجهي شخصيت جو وڇوڙو سنڌ جي تعليم، ادب ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾هڪ وڏو خال آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا