ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
علمي ۽ ادبي خدمتون
علمي ۽ ادبي خدمتون
جامي چانڊيو
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دانش ۽ ڪم جي پوريءَ طرح مڃتا نه ٿي آهي. سنڌ ۾ شين جي پرک، عقلي (Rational) ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جائز حيثيت جي تعين جي روايت اڃان پختي ناهي. تاريخ جو ڊگهو عرصو غلام، محڪوم، محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهڻ ڪري عام طور جيڪي سماجي ۽ نفسياتي ڪمزورين اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، اُنهن جو شڪار اسين به ٿيا آهيون ۽ پنهنجن املهه ماڻڪن جو گهربل قدر نه ڪرڻ به اهڙين ڪمزورين مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، مفڪر ۽ اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيق ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.
اڄوڪو جديد ۽ سائنسي طور زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بلندين کي ڇُهندڙ يورپ رڳو اڄ کان ڪي پنج- ڇَههَ صديون اڳ ڌرتيءَ جو هڪڙو اڻ سُڌريل، پست حال ۽ سماجي طور مذهبي تسلط سبب هڪڙو ٻوساٽيل خِطو تصور ڪيو يندو هو ۽ اڄ ساڳيو يورپ سڄيءَ دنيا لاءِ ترقيءَ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪڙو مثالي خِطو تصور ڪيو وڃي ٿو. جي يورپ جي ان پستيءَ کان اڄوڪي اؤج جا بنيادي سبب معلوم ڪبا ته واضح ٿيندو ته اهي يورپ جا غير معمولي علم ۽ دانش جا اڪابر ئي هئا، جن سمجهي ورتو هو ته جيستائين ڪو سماج اعليٰ ادراڪ ۽ سائنسي شعور سان نٿو سلهاڙجي، تيسين اهو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ اُسري نٿو سگهي. قومون، ملڪ ۽ معاشرا عوام سان ٺهندا ۽ سندن ئي جسماني ۽ ذهني پورهيي سان وڌندا ۽ سڌرندا آهن، ان ڪري جيستائين عوام کي تبديليءَ ۽ تغير جو شعور نٿو ڏجي، تيسين تبدليين جا سپنا ساڀيائن کي پُڄي نه سگهندا. سنڌ ۾ ادبي نشاط الثانيه (Renaissance) جي شعور جو جيڪو ٻج هن صيءَ جي شروعات ۾ مرزا قليچ بيگ پوکيو هو، تنهن جي آبياري عقلي استدلال ۽ شعور سان پنجاهه ۽ سَٺِ جي ڏهاڪن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي. ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، شيخ اياز، مولانا گراميءَ، ڏيپلائيءَ ۽ ٻين ڪئي. آبياري ڇا ڪئي، بلڪه مان ته چوندس ته سنڌ ۾ فڪري طور نئين ۽ سائنسي سجاڳيءَ جا بنياد ئي هنن وڌا. هنن جي خوابن ۾ جيڪا سنڌ هئي، اها غلام، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سرشتي جي سنگهرن ۾ ڦاٿل ۽ عملي پسماندگيءَ جي شڪار نه پر هڪ آزاد، باوقار، دنيا جي سڀ کان اڳتي وڌيل سماجي، سياسي ۽ سائنسي شعور سان سلهاڙيل هڪ جديد سنڌ هئي. هڪ اهڙي سنڌ، جنهن کي هڪ دفعو وري انسان جي تهذيبي اِتهاس جي ارتقا جي سفر ۾ سيبتو ۽ سُونهون ڪردار ادا ڪرڻو هو. سنڌ ۾ علم ادب جي ميدان ۾ جنهن ”نئين سجاڳيءَ“ يعني Renaissance جا بنياد اُنهن ڏاهن وڌا ان کي اڳتي هلي جن مڻيادار مڙسن ۽ ڏاهن علم ادب جي ميدان تي بلوغت تي رسايو، اُنهن ۾ سنڌ جو قابلِ فخر فرزند ۽ ڏاهو انسان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو به هو.
منهنجي خوشبختي چئجي جو مون کي زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي جهڙي ڏاهي ۽ صاحبِ علم و ادراڪ انسان سان ويجهو رهڻ جو گهڻو موقعو مليو. ڊاڪٽر ٻوهيو هونئن ته اسان جي ارد گرد لکين ۽ ڪروڙين انسانن جهڙو انسان هو ۽ يقينن انسان هئڻ جي ناتي منجهس ڪمزوريون به رهيون هونديون، پر جيڪي ماڻهو کيس زندگيءَ ۾ ويجها رهيا، اُنهن کي خبر آهي ته هو ڪا ٻي شيءِ هو. منهنجي خيال ۾ سنڌ ويجهي ماضيءَ ۾ علم ادب جي دنيا ۾ جيڪي چند وڏا ذهين ۽ ڏاها انسان پيدا ڪيا، ڊاڪٽر ٻوهيو اُنهن ۾ به پنهنجي هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هو مزاجن پس منظر ۾ رهڻ وارو شخص هو، ان ڪري هن جون انيڪ صلاحيتون ۽ ڏاهپ سماجي سطح تي گهڻو اُڀري نه سگهيون. ان هوندي به هن جو علمي ۽ فڪري پورهيو زمانن تائين اسان جي رهبري ڪندو رهندو. ماڻهن علم سان عشق جي ڳالهه ٻُڌي هوندي، ڪتابن ۾ پڙهي هوندي پر مون علم سان عشق، ڊاڪٽر ٻوهيي جي صورت ۾ اکين سان ڏٺو. هو علم جي حوالي سان سراپا عشق هو ۽ اُهو جنون ئي هو، جيڪو کيس ايترو اڳتي وٺي آيو، جو هڪ هاريءَ جي غريب، بي پهچ ۽ نڌڻڪي ٻار مان هو ڊاڪٽر ٻوهيو ٿي ويو.
مان بنيادي طور سائنس ۽ فلسفي جو شاگرد آهيان ۽ سائنس جي پنهنجي هڪ اخلاقيات ٿئي ٿي، جنهن جو هڪ بنيادي اُصول ۽ ضابطو اِهو آهي ته ڪنهن به ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ۽ تَڪَ تور وقت اجائي وڌاءَ کان ڪم نه وٺجي، ٻيءَ صورت ۾ حاصل ڪيل نتيجن جي ڪابه وقعت ۽ وَرٿ نه ٿي رهي. ان تناظر ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي جي پيچُوهن جي ڳوٺ ۾، محمد علي ٻوهيي نالي هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، غربت، محرومين ۽ اهنجن ۾ ٻالڪپڻ گذاريندڙ، وڏن وڏن تعليمي ادارن تائين پهچڻ جو تصور به نه ڪري سگهندڙ، هڪڙو ڳوٺاڻو ٻار- جڏهن اڳتي هلي پنهنجي دؤر جو وڏو سوشل سائنٽسٽ، اعليٰ پايي جو دانشور ۽ اديب يعني ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ٿي پوي ته پوءِ سندس وڏائي ايئن ثابت ٿي پوي ٿي جيئن سج پنهنجي اُڀرڻ سان پنهنجين ثابتين جو سامان پاڻ سان کڻي ايندو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي جا ڪتاب هن جي عميق علميت جي پوريءَ طرح اِحاطو نه ٿا ڪري سگهن، جو اُهي موضوع ته صرف هن جي اوليت هئا، جن کي هن سنڌ جي ماڻهن تائين رسائڻ بنهه ضروري ٿي سمجهيو پر هن جي موضوعن جي چونڊ مان ئي پتو پئجي ويندو ته هو علمي خيال کان ڪيتري نه وسيع ذهن ۽ سوچ جو ڌڻي هو.
غلام ۽ پسمانده معاشرن جي هڪ ڪمزوري اها به آهي ته اُهي پنهنجن غير معمولي انسانن جي صلاحيتن جو لاڀُ پوريءَ طرح حاصل نه ڪري سگهندا آهن. ٻوهيي صاحب سان به ايئن ٿيو ۽ اسين هن جهڙي مفڪر ۽ دانشور جي علميت ۽ تخليقي صلاحيتن مان پوريءَ طرح فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. ٻوهيو صاحب جيتوڻيڪ هڪ اديب ۽ قلمڪار هو پر منهنجيءَ نظر ۾ بنيادي طور هو هڪ وڏو سماجي سائنسدان ۽ عمرانيات جو ماهر (Social Anthropologist) هو. اها ڳالهه مان اڪثر کيس روبرو به چوندو هئس ۽ هو بي اختيار کِلي پوندو هو ۽ چوندو هو: ”جيستائين ڪوبه اديب پنهنجي سوچ، فڪر ۽ روين ۾ سوشل سائنٽسٽ ناهي، تيسين هو ڪو وڏو ادب تخليق نه ٿو ڪري سگهي. ظاهر آهي ته اديب سماج لاءِ لکي ٿو، سماج اديب جو آڊينس آهي ۽ جيڪڏهن اديب کي سماج جو گِهرو شعور ۽ ادراڪ نه هوندو، تيسين هو ڪابه غير معمولي ڳالهه چئي ۽ لکي نه ٿو سگهي. ان ڪري اديب لاءِ عمرانيات جو شعور لازمي آهي.“ ٻوهيي صاحب جو سماجي سائنسن جو مطالعو به نهايت وسيع هو. سماجيات، تاريخ، سياسي-معاشيات، فلسفو ۽ علمِ تنقيد هن جا خاص موضوع هئا. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن سماج بابت لکندو يا ڳالهائيندو هو ته وڏيءَ گِهرائيءَ، ڏور رس نگاهه ۽ Vision سان ڳالهائيندو هو.
هو پهريون ماڻهو هو جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي سوال تي خالص سائنسي ۽ سمجاياتي لحاظ کان قلم کنيو. نه رڳو ايترو پر ٻوليءَ سان گڏ ادب توڙي فڪر کي به عمرانيات جي تناظر ۾ سمجهڻ ۽ پرکڻ تي زور ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته سنڌ علمي پسماندگين ۽ جهالتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ۽ انيڪ دائرن ۾ قيد سماج آهي. اديب، دانشور ۽ قلمڪار جيڪي سماج ۾ قدرن، تصورن ۽ تفڪر جا سُونهان هوندا آهن، جي اُهي به گِهري سماجياتي شعور کان وانجهيل هوندا، ته پوءِ اها تبديلي محض هڪ خواب بڻجي ويندي ۽ ساڀيان جي اُن سطح تائين هرگز رَسي ڪين سگهندي، جيڪا قومن ۽ معاشرن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندي آهي.
70-1960ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت گهڻا بحث ڇڙيا، جنهن ۾ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سراج الحق ميمڻ صاحب حصو پتي ورتو پر اهو بحث سائنسيت سان اڳتي وڌي ڪنهن نتيجي تي نه پهتو. اُن زماني ۾ جنهن شخص ٻوليءَ جي سوال کي تخليقي انداز سان سماجياتي پس منظر ۾ وڏيءَ گِهرائيءَ ۽ علميت سان کنيو ۽ ان کي ڪنهن نتيجه خيز هنڌ تائين پهچايو ته اهو ڊاڪٽر ٻوهيو هو. هن ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي عنوان سان ان وضوع تي هڪ ٿيسز لکي، جنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني وئي. ٻوليءَ جي سماجي ڪردار ۽ ڪارج جي سوال تي سائنسيت سان ايڏو تخليقي ڪم نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي پر اردو ادب ۾ به مون کي نظر نه آيو آهي. پنهنجي ان ٿيسز ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي سماج، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي پاڻ ۾ تعلق کي عمرانيات جي لحاظ کان واضح ڪري، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ان جي سماجي افاديت توڙي ڪارج بابت پنهنجا عالماڻا ويچار پيش ڪيا. پنهنجي ٿيسز بابت هو پاڻ لکي ٿو ته:
”اسان سڀ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ دنيا يعني سماج ۾ رهون ٿا، جيڪو ٻوليءَ سان گڏ ۽ ان جي ئي حدن اندر لڳاتار بدلجندو رهي ٿو ۽ ترقي ڪندو رهي ٿو. هونئن به انساني بنيادن جي تخليقي تهذيب (Creative Civilization) ۾ ٻولي بدلجندڙ ۽ هميشه تيار ۽ مستعد طاقت جيان ڪم ڪندي آهي. ٻوليءَ جو هيءُ ارتقائي ۽ حياتياتي پهلو (Biological Aspect) ٻوليءَ جي ڪارج کي سماج جي ارتقا ۽ حياتيات سان لاڳاپي ۾ آڻي ٿو.“
هنن خاص ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجيات (Sociology)، حياتيات (Biology)، نفسيات (Psychology)، سماجي نفسيات (Social Psychology) ۽ انسانيات (Anthropology) جهڙن علمن جي اُصولن پٽاندر ڪرڻو پوندو. ايئن علمِ ڪلچر (Culturology) به ٻوليءَ جي مامرن سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي علم جي حيثيت هڪ اهڙي علم جهڙي ثابت ٿئي ٿي، جيڪو سڀني عمراني علمن سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن ۾ هنن سڀني علمن جي اُصولن جو استعمال ٿي سگهي ٿو.
ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجي نفسيات جو هڪ اهم موضوع بڻجي ويو آهي. هارس گنز برگ لکي ٿو ته: ”سماجي نفسيات جو ڪم آهي سماج جي سچيءَ زندگيءَ جو هڪ تجزيو ڪرڻ، ۽ اهو علمي تجزيو ٻوليءَ، آرٽ، مذهب ۽ گڏيل ڪارڪردگيءَ جي مدد سان ئي ڪري ٿو سگهجي.“ (The Psychology of Society P.IX) اهڙيءَ ريت ”وليهيم ونٽ“ جنهن کي جرمنيءَ ۾ سماجي نفسيات جو پرچارڪ مڃيو ويندو آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته، ”سماجي نفسيات جو تعلق سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي انهيءَ دماغي پيدواار سان آهي، جنهن کي اسان ٻوليءَ، مِٿ (Myth) ۽ رواج ۾ ڏسي ٿا سگهون. ٻوليءَ جي سماجي حيثيت جو تعلق وڃي ٿو ”هيگل“ جي انهيءَ تحريڪ سان قائم ٿئي، جنهن کي لوڪ روح (Volkgeist of Folk Soul) جو تصور ڪوٺيو ويو آهي، هن تصور مان بعد ۾ ڪُلياتي روح (World Soul) جو تصور پيدا ٿيو. ”هيگل جي هيءَ تحريڪ اسان لاءِ ڏاڍي اهمآهي، ڇو ته ان مان اسان کي قوم جو اهو روحاني تصور ملي ٿو، جنهن کي اسان ادب، آرٽ، قانون، ٻوليءَ، مِٿ ۽ رواج ۾ ڳولي سگهون ٿا. هيگل جي انهيءَ تصور تي مشهور عالم صاو بنيءَ (Svigny) پنهنجي انهيءَ اُصول جو بنياد رکيو، جنهن کي بعد ۾ ”قانون جو تاريخي اُصول“ چيو ويو آهي. ("The Psychology of Society" PP 8-9)
ان مان خبر پوي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ هيگل کان وٺي اڄ تائين علمي دنيا ۾ اهو تصور قائم رهندو آيو آهي ته ٻوليءَ جو مامرو، هڪڙو سماجي مامرو آهي ۽ ٻوليءَ جو اڀياس سماجي نفسيات ۽ ٻين سماجي علمن جي مدد سان ئي ڪرڻ گهرجي.
3- اهي ئي ڳالهيون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي باري ۾ اسان جي ڪيل تحقيق جيڪا گهڻو ڪري صوتيات (Phonetics)، علم لغت (Lexicography) ۽ تاريخي علم زبان (Comparative Linguistics) جي ميدانن تي ٿي آهي، سا ڪافي نه آهي. بيشڪ هڪڙو دؤر ٻوليءَ جي تحقيق جي انهن مقصدن جو متقاضي به هو. ان دؤر ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ ڪي بنيادي ڳالهيون معلوم ڪرڻيون هيون. وري ان وقت علم جي ترقيءَ جي خيال کان رڳو علمي تجسس به وڏي ۽ اهم ڳالهه هئي، پر اهو دؤر اسان جي ڏسندي ڏسندي گذري ويو. خود ان دؤر ۾ به مئڪس ميولر (Max Muller) جهڙي عالم جي قلم مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ”جڏهن آئون چوان ٿو ته ڪي ماڻهو آريا آهن تڏهن آئون رڳو ايترو ٿو مڃان ته ڪي ماڻهو آريائي ٻوليون ڳالهائين ٿا.“ اهڙيءَ ريت اسان جي ٻولي به اسان کي اسان جو سماجي تشخص (Social Personality) بخشي ٿي. اسان جي ٻولي اسان جي گڏيل منٿ (Collective Mind) جي ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي اسان ماڻهن جي، اسان جي سماجي ادارن جي، ۽ اسان جي گڏيل ڪلچري ڪارڪردگيءَ جي هڪ تاريخ آهي. اهڙيءَ ريت، جهڙيءَ ريت ٻولي اسان جي تاريخ آهي، اسان جي ٻولي:
(1) اسان کي پنهنجا ڏئي ٿي،
(2) اسان جو ماحول ۽ دائرو مقرر ڪري ٿي،
(3) اسان کي پنهنجو ماضي ۽ حال سمجهائي ٿي،
(4) اسان جي فهم ۽ ”وهم“ جو دائرو مقرر ڪري ٿي ۽
(5) اسان کي اسان جي بنيادي نظرين ۽ خيالن، رسمن ۽ رواجن جو هڪ رڪارڊ پيش ڪري رهي آهي.
4- هن قسم جون حقيقتون هاڻي اها تقاضا ڪري رهيون آهن ته ٻوليءَ جي باري ۾ تحقيق جي مقصدن کي نئينءَ طرح مرتب ڪجي ۽ هاڻي ٻوليءَ جي وڌيڪ تحقيق ٻوليءَ جي باري ۾ حاصل ٿيندڙ نئين معلومات جي روشنيءَ ۾ ڪجي ۽ اهڙيءَ ريت ۽ انهيءَ مقصد سان ڪجي ته ٻوليءَ کي انسان جي بهتريءَ، سماجن جي ترقيءَ، فردن جي افرادي قوت، ۽ قومن جي آسودگيءَ جي مقصدن جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.)
5- هن تحقيق جو موضوع- ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“- سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ته هڪ نئين مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين تحقيق جو بنياد رکي رهيو آهي پر عام طور تي ٻوليءَ جي باري ۾ هيءُ موضوع اسان کي ڪو نئون نظريو ڪونه ٿو ڏئي. بنيادي طور تي بحث هيٺ ايندڙ ڳالهه اها نه آهي ته ٻوليءَ جو ڪو سماجي ڪارج ٿيندو آهي يا نه. اها ڳالهه هاڻي دنيا جي سڀني عالمن وٽ مڃيل آهي ته ٻولين جو هرڪو ڪارج هڪ سماجي ڪارج آهي، پر جدا جدا سماجن جون تقاضائون، اخلاقي قدر، معيار، سياسي ۽ سماجي رجحان ۽ ادبي مقصد ۽ لاڙا جدا جدا ٿين ٿا. ان ڪري هر سماج جي ٻوليءَ جو ڪردار به نرالو ۽ جدا جدا ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جي سامهون به سوال رڳو اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي. ٻين لفظن ۾ هيءَ تحقيق انهيءَ مقصد تحت ٿي رهي اهي ته اسان معلوم ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان اسان پنهنجي سماج جي نفسيات، معاش، اقتصاد، سياست، تاريخ، حياتيات، مذهبي عقيدي ۽ ڏاهپ جي باري ۾ ڪهڙو رايو قائم ڪري ٿا سگهون. سماجي لسانيات جي مڃيل اُصولن مطابق هن قسم جو اڀياس اهو آهي جنهن کي بياني سماجي لسانيات (Descriptive Socio-linguistics) ٿو چئجي.“
”8- هن طرح هيءَ تحقيق انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي ته:
(1) سنڌي سماج جي اڀياس ڪرڻ ۾ هڪ طريقو ڳولي لهجي.
(2) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي سماج، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي.
(3) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي ٻولي، پنهنجي ادب جي معرفت اهڙو ڪهڙو سماجي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، (4) جنهن مان خود سنڌي سماج جي مزاج ۽ مسئلن جو اڀياس ڪري ٿو سگهجي.
(5) عام رواجي سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن مان اسان جي سماج جي ڪن اهم اظهارن جي (6) پورائي ٿئي ٿي، ۽ ٻولي اها ضرورت ڪهڙيءَ ريت پوري ڪري رهي آهي؟
(6) ٻوليءَ جي وڏي مفهوم جي خيال کان سنڌي سماج ۾ اشارن جي ٻوليائي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ انهن جو سماجي ڪردار ۽ ڪارج ڪهڙو آهي.
(7) ”علم معنيٰ“ ۽ ”علم علامت“ جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ مان اسان کي ڇا ٿو معلوم ٿئي، ۽ ان اڀياس مان اسان جي سماج جا ڪهڙا پهلو روشن ٿين ٿا، ۽
سنڌي ٻوليءَ ۾ معنيٰ جون ابتدائي صورتون ڪهڙيون آهن.“
هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ته ٿو ته ڊاڪٽر ٻوهيي جيڪو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي تحقيقي ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان جو فڪري تناظر ڪيڏو نه وسيع هو ۽ هن ٻوليءَ جي سماجي ڪردار ۽ ڪارج کي اُجاگر ڪري دراصل ڇا ٿي واضح ۽ ثابت ڪرڻ گهريو. سڀ کان وڏي اهم ڳالهه ته هن وٽ تحقيق جو تصور ڪيڏو نه وسيع، سنجيده ۽ تخليق هو. نه رڳو اهو پر تحقيق جي ميدان ۾ به هو اڪيلو شخص آهي، جنهن جديد سائنسي معيارن موجب تحقيق جي علم ۽ طريقه ڪار (Methodology) کي واضح ڪيو ۽ ”علمِ تحقيق“ نالي هڪ الڳ ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر ٻوهيي جي اها خوبي هئي جو هو جنهن به موضوع جي بنيادي اهميت کي سمجهندو هو يا ان تي لکندو هو ته سڀ کان پهرين ان جي علمي بنيادن کي واضح ڪندو هو ۽ اهو ئي هڪ سچي اسڪالر جو ڪم آهي ته اهو جنهن به شعبي ۾ مهارت رکي ۽ ان کي سماج لاءِ ڪارائتو سمجهي. اُن حوالي سان پنهنجي ٻوليءَ، ادب توڙي سماج کي هڪڙا بنياد به فراهم ڪري.
ڊاڪٽر ٻوهيي پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ پاڻ بابت چيو هو ته: ”مان هڪ مشڪل پسند ماڻهو رهيو آهيان.“ منهنجي يال ۾ هن جي علمي ڪاميابين جو سڄو راز ان هڪ جملي ۾ اچي وڃي ٿو. دنيا جي وڏن ماڻهن جون آتم ڪٿائون پڙهڻ منهنجو من پسند موضوع رهيو آهي ۽ مون ڄاتو آهي ته زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ وڏا ڪارناما اُنهن ماڻهن پئي سرانجام ڏنا آهن، جيڪي هميشه مشڪل پسند رهيا آهن، سهل پسند ماڻهو ذهني طور ڪمزور هوندا آهن. سهل پسنديءَ مان منهنجي مُراد جسماني نه پر ذهني ۽ روحاني سهل پسندي آهي. مشڪل پسند ماڻهو بهادر هوندا آهن ۽ ذهني طرح بهادر ماڻهو ئي وڏا ۽ غير معمولي ڪم ڪري سگهندا آهن. ڊاڪٽر ٻوهيو به ذهني طرح هڪ بهادر ۽ مشڪل پسند ماڻهو هو. علم جي اخلاقيات ۽ قدرن جي نظام (System of Values) ۾ بهادريءَ جا تصور اُهي ناهن جيڪي اسان جي مروج سطحي ۽ پست سماجي نظام جا مقرر ۽ متعين ڪيل آهن. سنڌي سماج ۾ وڏن ماڻهن جي پرک جي باري ۾ به اسان کي پنهنجا روايتي قدر ۽ ماپا تبديل ڪرڻا پوندا. ٻوهيو صاحب ڇاڪاڻ ته طبعن هڪ مشڪل پسند ۽ ذهني طرح بيحد پختو ۽ وڏو ماڻهو هو، اُن ڪري هن ادب جي ميدان ۾ به پنهنجو بنيادي موضوع تحقيق ۽ تنقيد کي بڻايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو نه رڳو هڪ تخليقڪار هو پر تنقيد ۽ تحقيقي ۾ به هو هڪ تخليقي نقاد ۽ محقق رهيو. تلخيقيت جا معيار ۽ تصور اسان وٽ ڏاڍا سطحي ۽ پس مانده رهيا آهن. اسان وٽ عام طور تخليقيت کي ادب جي مخصوص صنفن سان مشروط ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ تخليقيت فقط صنف ۽ فارم جو نه پر Content جو سوال آهي. انسان جي تهذيبي ۽ ذهني اؤسر جي تاريخ ۾ قدرن، تصورن ۽ تفڪر جي تخليق کي سڀ کان اُتم ۽ مٿانهون درجو ڏنو ويندو آهي، پوءِ چاهي ان جو اظهار ڪهڙي به صنف ۽ فارم ۾ ٿئي. ادب ۾ به گِهرائي،وُسعت ۽ حُسناڪي تڏهن ٿي اچي، جڏهن ان جا ڪي علمي، فڪري ۽ گِهرا احساساتي بنياد هوندا. ڊاڪٽر ٻوهيو ڇاڪاڻ ته هڪ سوشل سائنٽسٽ ۽ دانشور اديب هو، ان ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيسين دنيا جي سمورن فڪري ڌارائن کي سنڌي ادب ۾ In-roads (اچڻ جا لنگهه) نه ڏبا ۽ سنڌي ادب کي فڪري طرح دنيا جو سجاڳ ۽ فلسفياڻو شعور رکندڙ ادب نه بڻائبو، تيسين سان جو ادب پنهنجي سماج لاءِ ڪنهن به وڏي تبديليءَ ۽ رهبريءَ جو سببر نه بڻبو. ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي هن جي ريسرچ جو مُحرڪ به اِهو هو. تنقيد جي ميدان ۾ به هن جي ڪم جو مُحرڪ ساڳيو هو. ا ڄوڪي اُسريل دنيا ۾ علم جي هر شعبي جي درجه بندي بنيادي طور ٻن شعبن ۾ ڪئي ويندي آهي، يعني هڪ ان جو خالص نظرياتي يا علمي پاسو (Theoretical) ۽ ٻيو ان جو اطلاقي يا عملي (Applied) پاسو. اهڙيءَ طرح تنقيد کي به هاڻي ٻين Disciplines وانگر ساڳين ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ اُهي آهن:
1. علمِ تنقيد
2. فن تنقيد
اهڙيءَ طرح پهرين موضوع جو تعلق تنقيد جي علمي يا نظرياتي پاسي سان آهي، جنهن جو ڪم تنقيد ڪرڻ جي علم، ان جي نظام ۽ اُصولن کي واضح ڪرڻ آهي. جڏهن ته ٻئي موضوع جو تعلق تنقيد جي اطلاقي پاسي سان آهي، جنهن جو مطلب آهي ته علمِ تنقيد جي اُصول جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ جي فن کي واضح ڪرڻ يا خود، تنقيد ڪرڻ. ڊاڪٽر ٻوهيي گهڻو ڌيان تنقيد جي علمي ۽ نظرياتي پاسي تي ڏنو. ان جو سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو، جو هن کان اڳ جيتوڻيڪ تنقيد ڪئي ته ويندي هئي ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رُجحانات“ (مولانا گرامي) توڙي ”انڌا اونڌا ويڄ“) رسول بخش پليجو) جهڙا شاهڪار تنقيدي مقالا لکجي چڪا هئا پر ادب ۾ تنقيد جو ڊسيپلين پوريءَ طرح واضح نه هو ته ان جا ڪهڙا اُصول آهن ۽ دنيا ۾ تنقيد بابت گهڻا نظريا- سامهون اچي چڪا آهن؟ تنقيد جي علم ۽ فن ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ اهي ٻئي شعبا هڪ ئي شعبي جون ڌارائون هئڻ باوجود الڳ الڳ شعبا ڪيئن آهن؟ ڇاڪاڻ ته قبلِ مسيح جي يوناني مفڪر ارسطوءَ کان وٺي ويندي ٽين صدي عيسويءَ جي لانجائينس تائين ۽ طلپ سڊنيءَ کان وٺي ويندي ڊرائيڊن ۽ ڊاڪٽر جانسن تائين، ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪارل مارڪس، ميٿيو آرنالڊ، ارزاپائونڊ ۽ آءِ اي رچرڊس کان وٺي ويندي ويهين صديءَ جي ٽي ايس ايليٽ ۽ ولاديمير ايلچ لينن تائين تنقيد جي علم ۽ فن، ادب ۽ فلسفي جي دنيائن ۾ وڏو سفر طئي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ٻوهيي جو اهو پختو خيال هو ته جيستائين علم، فن ۽ فڪر جي ان سڄي سفر کي سنڌ ۾ متعارف نه ٿو ڪرايو وڃي، تيسين سنڌي ادب ۾ ا ُها وسعت نه ايندي، جيڪا نه رڳو اسان جي عوام جي رهبري ڪري پر سنڌ کي ايندڙ زمانن ڏانهن به چيچ کان وٺي جهلي اڳتي وٺي وڃي سگهي. اِهي ئي آدرش هئا، جيڪي ساڻ کڻي ڊاڪٽر ٻوهيي سنڌي ادب ۾ تنقيد کي هڪ علمي شعبي طور اڳتي آندو ۽ اُن ۾ وڏو ڪم ڪيو. هن جو ڪتاب ”تنقيدون“ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل) ان حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو تنقيد جي علم ۽ فن جي تاريخ تي لکيو آهي پر ادب جي نظرياتي، اخلاقياتي، مذهبي، نفسياتي، جمالياتي، سماجياتي، افادياتي، عملي، داخلي ۽ ”نئين تنقيد“ جهڙن موضوعن تي ڌار ڌار ۽ تقابلي انداز سان لکي ”علمِ تنقيد“ جي لڳ ڀڳ سمورين ڌارائن کي واضح ڪيو ته ادب جو تنقيدي اڀياس ايترن گهڻن رُخن کان به ڪري سگهجي ٿو، جنهن مان اِها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ادب تي ايترن گهڻن رُخن کان تڏهن ئي تنقيد ٿي سگهجي ٿي، جڏهن ان جي موضوعن جو دائرو به ايترو وسيع ۽ همه گير هجي.
افسوس جو اڃا تائين اسان جي ڪنهن به اديب ۽ نقاد ”علمِ تنقيد“ جي انهن سمورن نظرين کي سامهون رکي سنڌي ادب جو وسيع مطالعو پيش نه ڪيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي ادب جي ڪا معياري تاريخ اڄ تائين لکي نه وئي آهي، جي ڪا مختصر تاريخ لکي به وئي آهي ته اُها به محض نصابي سطح جي. ان جو سبب به منهنجي خيال ۾ اهو آهي ته ڪابه تاريخ لکڻ اڄوڪي دؤر ۾ خود هڪ ”نظامِ علم“ آهي، جنهن کي غلمِ تاريخ“ به چئجي ٿو، يعني تاريخ لکڻ جو علم ۽ اُن جا اُصول. جڏهن ادبي تاريخ لکڻ جا بنيادي اُصول ئي واضح نه هوندا ته ڪا معياري تاريخ ڪيئن لکبي؟ ڊاڪٽر ٻوهيو پهريون عالم ۽ اديب هو، جنهن ”سنڌي ادبي تاريخ لکڻ جا اُصول“، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ان جا مسئلا“ ۽ ”تاريخي واقعيت جو نظريو“ جهڙا مضمون ۽ مقالا لکي واضح ڪيو ته ڪا معياري ادبي تاريخ لکڻ جا اُصول ۽ معيار ڪهڙا آهن؟ اهڙيءَ طرح اسان وٽ ادب ۾ خاص طور شاعريءَ جي پرک جا معيار به واضح نه رهيا آهن ۽ اهو ڪم به سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي ڪيو. هن ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ جي عنوان سان هڪ شاهڪار مقالو لکي واضح ڪيو ته عظيم شاعري توڙي عمومي شاعريءَ جو اڀياس ڪيئن ڪجي؟ عمرانياتي، تاريخي، فطري ۽ فڪري پس منظر، ڪرداريت، قدرن، تصورن ۽ ٻوليءَ جي نسبت سان لکيل اهو عالماڻو مقالو شعر ۽ ادب جي اڀياس لاءِ نوان گَسَ ۽ اُصول متعين ڪري ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ دراصل انهن ئي Outlines تي لکيل اڀياسي ڪتاب آهي ۽ ايئن ئي ڪو اديب يا نقاد شيخ اياز بابت لکي ته اياز جي شاعريءَ جي صحيح ۽ معياري ڇنڊ ڇاڻ ۽ مطالعو سامهون اچي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ ابتدائي قدم مرحوم امير علي چانڊيو کڻي چڪو آهي.
ڪنهن زماني ۾ ادب کي به علم سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙيءَ طرح علم کي به ادب جي زمري ۾ آندو ويندو هو، جيئن عام طور ”علم ادب“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڇاڪاڻ ته هيءُ درجه بنديءَ جو دؤر آهي، اُن ڪري هر شعبي کي پنهنجي مزاج جي حساب سان الڳ الڳ درجابنديءَ ۾ ورهايو وڃي ٿو. اڄ دنيا جا سمورا عالم، علم ۽ ادب کي ٻه ڌار ڌار شعبا تسليم ڪن ٿا، پر هڪڙي ڳالهه تي سڀ متفق آهن، ته علم ۽ ادب جو پاڻ ۾ تعلق ايئن آهي جيئن دماغ جو ڏاهپ سان. فلسفي ۾ نظريه علم (Epistemology – Theory of Knowledge) جا شاگرد ڄاڻن ٿا ته پهرين تصور وجود ۾ اچن ٿا ۽ اُهي بلوغت تي پهچي ڪنهن فڪر يا نظريي جو روپ وٺن ٿا ۽ جڏهن خود اهو فڪر اُسري ڪو نظامِ فڪر (System of Thought) بڻجي ٿو ته اهو علم بڻجيو پوي ۽ جيڪڏهن ان علم جا بنياد خالص عقلي ۽ تجرباتي آهن ته ان کي ”سائنسي علم“ چيو وڃي ٿو. ان ڪري نه رڳو ادب، شاعري ۽ ٻيا فائن آرٽس پر خود سائنس، فلسفي بلڪه سموري انساني تهذيب جو بنياد اِهي تصور، فڪر ۽ علم آهن. سماجيات جي خيال کان اها ڳالهه پرکبي تڏهن به معلوم ٿيندو ته ڪوبه سماج تيسين سُڌري ۽ اُسري نه ٿو سگهي، جيسين اُتي غير معمولي تصورن، تفڪر ۽ علم جو ظهور نه ٿو ٿئي ۽ اها ئي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. عظيم ادب جي بنيادن ۾ عظيم تصور ۽ فڪر ئي هجي ٿو. يورپ ۾ سورهين صديءَ ۾ مذهبي ميدان ۾ فڪري اصلاحات (Reformation) جو آغاز نه ٿئي ها ۽ لڳاتار ٽي صديون نئين سجاڳيءَ جون تحريڪون نه اُڀرن ها ۽ گڏوگڏ علم جي مختلف ميدانن ۾ ترقي نه ٿيندي رهي ها ته يورپي سماج ”اونداهي دؤر“ (Dark Age) مان نه نڪري سگهي ها ۽ اڄ ادب، فن، توڙي سائنسي علم جي ميدانن ۾ هن اؤج کي رسيل نه هجي ها، پر ان سڄي لقاءَ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اتي پهرين تفڪر ۽ علم آيو ۽ پوءِ ئي ادب ۾ اُها سگهه پيدا ٿي، جو اهو تاريخ جون ڌارائون تبديل ڪري سگهيو. سنڌ ۾ اِها گهرج محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙن ماڻهن شدت سان محسوس ڪئي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو ڪتاب ”ادب جا فڪري مُحرڪ“ ان ئي سلسلي جي هڪ اهم وِکَ آهي. جنهن جو مقصد به اهو ئي هو ته سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج کي روايتي محدود دائري ۽ ذهني ويڳاڻپ (Intellectual Isolation) مان ڪڍي علم ۽ تفڪر جي عالمي ميدان تي وٺي اچجي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ادب- سماج يا ان جي سمورن شعبن جي فڪري ڌارائن کان ڪٽيل يا ڪو بنهه الڳ وجود نه ٿو رکي پر اهو به پنهنجي ڪُليت (Totality) ۾ انسان جي سمورن ذهني وسيلن سان وابسته ۽ سلهاڙيل آهي ۽ ان جا اثر به لازمي طور قبول ڪري ٿو. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ هو اسان کي ادب ۽ تفڪر جي سموري تاريخ جي گهِٽين ۾ وٺي ويو آهي ۽ مثالن سان ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته سنجيده ۽ معياري ادب جا فڪري محرڪ هوندا آهن. جيئن وِل ڊيورانٽ چيو هو ته:
"Without Science Philosophy is Impotent"
(سائنس کانسواءِ فلسفو خصي آهي).
تيئن ٻوهيي صحب جي هن ڪتاب جي نتيجي طور به چئي سگهجي ٿو ته:
"Without Intellectual dynamics, Literature is Impotent"
(فڪري محرڪن کانسواءِ ادب خصي آهي).
هن ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب ٻُڌايو آهي ته يوناني شاعر هومر، آڪسلائيلس، سوفوڪلس، يورپيڊس ۽ سافو کان وٺي ويندي برهمڻن جي ويدن، گوتم ٻُڌ جي مذهبي صحيفن، ڪنفيوشس، ذرتشت، قرآن شريف، روم ۽ مشرق جي عظيم ادبي شاهڪارن تائين، دنيا جو اصلوڪو عظيم ادب دراصل پنهنجي پنهنجي دؤر جي اعليٰ شعور ۽ فڪر جي پيداوار هو. ويندي جديد دؤر ۾ ڊارون ۽ ميڪڊوگل جي حياتياتي فڪر کان وٺي هيگل جي عقلِ سليم ۽ حقيقت پسندي، روسو جي ”سماجي عهدنامي“ ۽ مارڪس جي جدلياتي ۽ تاريخي ماديت ۽ سارتر جي وجوديت جي فلسفي، ادب تي غير معمولي اثر مرتب ڪيا آهن ۽ دنيا جو ڪوبه ادب پنهنجي هم عصر فڪري نظامن ۽ محرڪن کان لاتعلق رهي نٿو سگهي.
هاڻي ٻوهيي صاحب جي ان سڄي پورهيي جو تخليقي نتيجو تڏهن نڪرندو، جڏهن ادب جي فڪري محرڪن جي تاريخ ۽ روشنيءَ ۾ ڪلاسيڪي توڙي جديد سنڌي ادب جو مطالعو ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اهو هڪ وڏو ڪم اهي، پر ان کانسواءِ نه ته اسان پنهنجي ادب جو صحيح اڀياس ڪري سگهنداسون ۽ نه ئي وري سنڌي ادب کي مستقبل جي حوالي سان نوان تخليقي گَسَ ۽ بنياد ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون.
No comments:
راءِ ڏيندا