; سنڌي شخصيتون: حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار

26 March, 2011

حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار


حميد سنڌي
ناميارو اديب ۽ پروفيسر 
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار، حميد سنڌيءَ جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌيءَ جو پورو نالو؛ عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ طرح مختلف ادارن ۾، سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ، هن وقت پبلڪ اسڪول  لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڏيئي رهيو آهي.


حميد سنڌي، جتي عملي طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اتي ادب جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو اٿائين. معاشري جي مسئلن کي، ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي، عڪس بندي ڪئي اٿس. حميد سنڌيءَ کي ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ پاڻ روح رهاڻ رسالو شروع ڪيائين. جيڪو وچ ۾ ڪيترو عرصو بند رھيو پر وري چالو ٿيو ۽ اڄ به نڪري رهيو آهي. حميد سنڌي، ادب جي واڌ ويجهه لاءِ، روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان، هفتي وار ادبي گڏجاڻي ڪرائي رهيو آهي. انهن گڏجاڻين ۾، اديب پنهنجون لکڻيون هر هفتي پيش ڪندا آهن. حميد سنڌي 28 مئي 1998ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمت ڪئي. سندس ڪتابن جو تعداد يارنهن آهي، جيڪي شايع ٿيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سُر ليلا چنيسر، سُر گهاتو، سُر ڪاموڏ، سر ماروي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر رام ڪلي، سُر ڪوهياري، سُر ڪارائل، سُر ڀيروي، سُر سارنگ شامل آهن. سندس اهي ڪتاب، سنڌ جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن تي لکيل آهن.
حميد سنڌيءَ هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ ”سوکھي ڌرتي“ جي نالي سان لکيو آهي. جيڪو چونڊ جاپاني فوڪ ادب تي مشتمل آهي.
حميد سنڌي ڀارت جي شهر دهليءَ ۾، وائيس چانسلرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح حميد سنڌي ايران ۽ يو ڪي ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.
حميد سنڌيءَ کي مڃتا طور 23 مارچ 1990ع ۾ حڪومت پاڪستان، تمغه امتياز سان نوازيو ويو.
حميد سنڌيءَ کي 28 آگسٽ 1993ع ۾، اعزاز فضيلت جو ايوارڊ پڻ حڪومت پاڪستان طرفان ڏنو ويو.
حميد سنڌي اڄ به علم ادب جي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان ڪم ڪري رهيو آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا