; سنڌي شخصيتون: رئيس پنهل خان چانڊيو - ذوالفقار خاصخيلي

14 March, 2011

رئيس پنهل خان چانڊيو - ذوالفقار خاصخيلي

رئيس پنهل خان چانڊيو
 ذوالفقار خاصخيلي

سنڌ تاريخ ساز شخصيتن سان مالا مال آهي. اهي شخصيتون جن پنهنجي ڪردار ۽ عمل وسيلي نه صرف پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو پر اهي پنهنجي ڪردار هتي جي مِٽيءَ لاءِ باعث فخر رهيا، پنهل خان چانڊيو به سنڌ جي غيرتمند ضمير مان جنم وٺندڙ سنڌ جو ارڏو ڪردار آهي. سنڌ جي سرسبز علائقي  سڪرنڊ تعلقي ۾ جنم وٺندڙ پنهل خان چانڊيو تعليمي حوالي سان ڪي گهڻيون ڊگريون رکندڙ نه هو پر سندس ڏاهپ ۽ بهادري کيس هڪ الڳ ۽ انمول شخصيت بنائي ڇڏيو. پنهل خان چانڊيو جو ڪردار سنڌ ۽ دنيا جي اڳيان وقت نروار ٿيو جڏهن ملڪ تي ضياءِ مارشل لاءِ جو ڪارو دؤر مڙهيل هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ ان وقت جي فرعون ملڪ جي امن ۽ جمهوريت پسند ماڻهن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کان پوءِ ته ڄڻ سنڌ ۾ باهه ٻري وئي هئي.
سنڌ  جو غيرتمند عوام ان ظلم ۽ بربريت کان بي پرواهه ٿي ميدان تي نڪتل هو.
پنهل خان چانڊيو به مارشل لاءِ ظلم خلاف امن پسند ۽ جمهوريت پسند تحريڪ ۾ بلڪل نروار هو. 1983ع جي تحريڪ دوران ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏي قرباني به ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي ڳوٺاڻن سندس اڳواڻي ۾ ڏني. پرامن ڳوٺاڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي مک شاهراهه تي  قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي پنهل خان چانڊيو ۽ سندس ساٿين مٿان انڌا ڌند فائرنگ ڪري 16 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ 53 ماڻهو گرفتار ٿيا، اهو به هڪ عجيب اتفاق هو جو پنهل خان چانڊيو ۽ سندس نوجوان پٽ غلام عباس چانڊيو کي به گولي هنئي پئي وئي پر ان وقت بي بي سي جي رپورٽر مارڪ ٽيلي سندس اڳواٽ فوٽو ڪڍي ڇڏيا هئا. جنهن کان پوءِ فوجي آفيسر گهٻرائجي ويا ۽ انهي کان پوءِ پنهل خان ۽ سندس پٽ غلام عباس کي سخت ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو. طرح طرح    جون اذيتون ڏنيون ويون. ايترا قدر جو پنهل خان چانڊيو جي هٿن ۽ پيرن جا نهن ڇڪي ڪڍيا ويا. پر پنهل خان چانڊيو بهادري سان بيٺو رهيو ۽ پنهنجي قائد ۽ پارٽي مشن سان سچو رهيو.
ڪيتراوئي عرصو جيل ۾ رهيو ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو کيس پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو. 1986ع ۾ جڏهن محترمه بينظير سنڌ جي دوري تي نڪتي ته سنڌ جي سردارن ۽ جاگيردارن محترمه بينظير ڀٽو کي چانهه جو ڪوپ به پيارڻ جي جرئت نه ڪئي پر پنهل خان چانڊيو ۽ سندس خاندان محترمه کي سندن ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ محترمه بينظير ڀٽو نه صرف سندن دعوت تي آئي به رات به ڳوٺ ۾ گذاري. سنڌ جي باڪردار 1986ع ۾ پنهل خان چانڊيو جي وفات کانپوءِ ۽ سندس غيرتمند ۽ صدرون پٽن غلام عباس ۽ غلام قادر چانڊيو به محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ نه ڇڏيو. 1988ع ۾ غلام عباس چانڊيو وري صلاحڪار مقرر ٿيو ۽ 1993ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ غلام قادر چانڊيو سياست ۾ پير پاتو جيڪو 1994ع ۾ سينيٽر، 2002ع ۽ 2008ع ۾ ايم پي اي چونڊي محترمه بينظير ڀٽو سان ساٿ نڀائي رهيو آهي.
   

No comments:

راءِ ڏيندا