; سنڌي شخصيتون: سردار شاهه بخش خان سهتو - گلاب علي سهتو

17 March, 2011

سردار شاهه بخش خان سهتو - گلاب علي سهتو


سردار شاهه بخش خان سهتو
گلاب علي سهتو
ڄام شاهه بخش خان سن 1924ع تي سيٺارجا بالا ۾ سردار ڄام گل محمد خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڄام شاهه بخش خان حسب دستور پنهنجي والد بزرگ سان گڏ پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فيصلن ۾ موجود هوندو هو. سندن ذهانت ڪمال درجي جي هئي. جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي والد کان اجازت گهري ڪن اڻانگن انسانن جا فيصلا پنهنجي والد صاحب جي موجودگيءَ ۾ ئي ڪري وٺندو هو يا وري ڪڏهن سندس والد صاحب کيس خاص حڪم ڏيندي، فيصلي ڪرڻ لاءِ چوندو هو. سندس عقيدت ۽ مريديءَ وارو واسطو ناتو درگاهه غوثيا سهرورديا جي خاص خاص خلصفن ۽ عاشقن طور قائم دائم هيو ۽ اڄ به آهي. سنڌ ڌرتيءَ تي سرداري صف ۾ بيٺل هي واحد ۽ پهريون سردار هو. جڏهن ڪارو ڪاري وارين ڪڌين رسمن ۽ رواجن عيوض ۽ ڏنڊ ڏوهه يا چٽي طور نياڻيون ڏيڻ واري رسم خلاف بغاوت ڪئي. سردار ڄام شاهه بخش خان ڪڏهن به اهڙو فيصلو نه ڪيو. جنهن ۾ ڏنڊ يا چٽي طور عورت ڏني وئي هجي. هن چاهيو پئي ته هن امن واري ڌرتيءَ تي انتهائي ڪارروايون براين ۽ بڇڙاين جي ڀنور ۾ آيل شرافت ۽ حقيقت پسندي وارين ريتن رسمن کي جياريو وڃي. ڄام شاهه بخش خان پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ فائنل جا ڪلاس هلرايا ۽ پنهنجي خرچ تي استاد مقرر ڪرائي استادن ۽ شاگردن جي رهائش جو خرچ پڻ پاڻ برداشت ڪيو. جوانيءَ جي دور ۾ ئي سندس هڪ ڪمدار ڪنهن  موقعي تي کيس چيو ته اسان جي هن ڇوڪري جو مٿو خراب ٿيو آهي چوي ٿو مان پڙهان پر اسان چئونس ٿا ته ته تون مال متاع جي ڪر. جنهن کانپوءِ ڄام شاهه بخش خان ٻار ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پٽ مان تنهنجو خرچ برداشت ڪريان ٿو. تون جتي به چاهين اتي تعليم حاصل ڪر، پوءِ ڪمدار کي تنبيهه ڪيائين ته علم کان سواءِ انسان اڌورو آهي. هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻ عمارتون ٺهرائي تعليمي ادارا قائم ڪيا. سندس اعليٰ ذهانت سبب انگريزسرڪار جي ڪليڪٽر آءِ ايس لاءِ کيس چونڊيو ۽ لنڊن وڃي تربيت جو امتحان ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا انگريز سرڪار سان بغاوت سبب ٺڪرائي ڇڏيائون. هو سندن والد جي وفات کانپوءِ 30 جولاءِ 1985ع بمطابق11  ذوالقعد 1405ع تي سرداري مسند تي ويٺو. پاڻ 1959-60ع جي بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي باقاعدگيءَ سان سياسي ميدان ۾ پير پاتائون، يونين ڪائونسل هيٺيان سيٺارجا ۽ گڏيجي جا ڪيترائي دفعا ميمبر، وائيس چيئرمين ۽ چيئرمين چونڊيا ويا. سردار ڄام شاهه بخش خان سهتو عوامي ڀلائي جا ڪيترائي ڪم ڪيا. گڏيجي کان سيٺارجا اسٽيشن ۽ نيشنل هاءِ وي کان سيٺارجا بالا جيڪي هينئر پڪا روڊ آهن پنهنجي هارين نارين جي مدد سان ڪچا رستا ٺهرائي ماڻهن کي رستن جي سهوليت ميسر ڪئي. هن غريب پرور انسان ۽ سندن خاندان ڪڏهن به انساني تذليل نه ڪئي. اونچ نيچ ، امير غريب واري فرق کي ختم ڪري جمهوريت ۽ مساوات جو اهڙو مثال قائم ڪيو. جيڪو اهڙين مسندن تي ويٺل ٻين شخصيتن وٽ نه هيو. هن پنهنجي برادري کان سواءِ راڄداري ۾ ايندڙ ٻين ڪيترن ئي قبيلن جي ماڻهن کي پنهنجي آڳند تي کٽ، ڪرسي ويهڻ لاءِ ڏئي برابري جو مثال قائم ڪيو جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن روشن خيال سردار پنهنجي اها سوچ سدائين اڳيان رکي ته پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي ۽ اوڙي پاڙي جي ٻين بردارين جي غريب ماڻهن کي علم جهڙي زيور کان محروم رکڻ هن مسند سان خيانت آهي. سنڌ ۽ هند ۾ سندس قبيلي جي ماڻهن جي موجودگيءَ هوندي به هن ڪڏهن خون خرابي جي هوا کي نه ڀڙڪايو هوندو. سنڌ ڌرتي تي سندس قبيلي سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي برادريون ۽ پاڙا سندس سرداريءَ هيٺ هئا ۽ راجائن جي علائقي راجستان ۾ پڻ سندس قبيلي کي، پاڙيسري کي اهنج ۽ ايذاءَ ڏيڻ، ڦرڻ لٽڻ جو درس هن گهراڻي جي ڪنهن به فرد نه ڏنو. سردار شاهه بخش خان سهتو به ان ئي سوچ جو مالڪ رهيو. هي امن پسند سردار ته هو پر ڪڏهن به انگريز سرڪار کان وٺي ٻئي ڪنهن جابر حاڪم اڳيان نه جهڪيو. جڏهن به ڪنهن ڏاڍي پير مير ڪنهن غريب پاڙيسري جي ننگ ۽ دنگ سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي هوندي اتي هي سرويچ سرواڻ اڳيان اچي پاڻ ملهائڻ لاءِ پهتو هوندو. سندس سوچ ۾ اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته هي ڪهڙي به قبيلي جو مظلوم ماڻهو آهي ان جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن ڪڏهن به اقتدار جي عيوض اصولن جي سوديبازي نه ڪئي. هن چاهيو پئي ته حقيقي حڪمراني انسانن جي دلين تي حاڪميت ڪرڻ آهي. ٻين خاطر پاڻ ارپڻ وارو اصول، نه ڪي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرتي، قوم ۽ ضمير جو سودو ڪيائين.

No comments:

راءِ ڏيندا