; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

16 March, 2011

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
ساهتي پرڳڻي جي ڀلاري ڀونءِ مان وقت جا ڪيترائي بلند پايي جا عالم، محدث، مفسر، فقيه، اديب، شاعر، حڪيم، قومي ڪارڪن، سخي ۽ بهادر انسان پيدا پئي ٿيا آهن، جن جي علمي ۽ عملي ڪارنامن سان سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريا پيا آهن. نوشهري فيروز ضلعي جي ڪنڊياري شهر جي اوڀر ۾ قومي شاهراهه جي وٽ سان ڄام نـُـور الله(1) جي نالي  سان هڪ قديم ڳوٺ آهي. اهو  ڳوٺ سهتا قوم جي هڪ سردار ڄام نـُـورالله  (2) جو ٻڌايل آهي.


اسلام جي فيض ۽ برڪت سببان قديم زماني کان وٺي ڄام نـُـور الله جي قديم بستيءَ وقت جي وڏن عالمن، فاضلن، محدثن، فقيهن ۽ درويشن کي جنم ڏنو آهي. هن ويجهڙائيءَ واري دؤر ۾، هن ڳوٺ جي سرزمين مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي (3) وڏي بلند مرتبي وارو عالم، خطيب، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. ساهتي پرڳڻي ۾ مولانا عبدالخالق جهڙو بلند مرتبي وارو عالم هن دؤر ۾ پيدا نه ٿيو آهي. خدا جي هن نيڪ ۽ صالح بندي جي ساري عمر، ظاهري توڙي باطني علمن جي اشاعت ۾ گذري. پاڻ ذات جو سهتو هو. سهتا، سنڌ جي هڪ نج قديم قوم آهي ۽ ساهتي پرڳڻي ۾ ڪثرت سان آباد آهي. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت هيءَ قوم اسلام جي دائري ۾ آئي هئي.
مولانا عبدالخالق جو خاندان، هڪ طرف درويش ۽ خدا وارن فقيرن جو گهر هو، ته ٻئي پاسي هڪ علمي خاندان پڻ هو. سندس والد بزرگوار، ميان محمد هاشم ۽ سندس ڏاڏو ميان شاهه محمد، ٻئي فقير تن شخص ۽ وقت جا لاثاني عالم هئا. مولوي صاحب جو چاچو، ميان نظام الدين پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس گهراڻي کي اڪثر ماڻهو فقير گهر يا ميان وڏا فقير ڪري چوندا هئا.
مولانا عبدالخالق  جي ولادت سن 1892ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڄام نور الله ۾ ٿي. جيئن ته سندس گهرو ماحول علمي ۽ فقيراڻو هو، انهيءَ ڪري پاڻ هڪ نيڪ ۽ صاف سٿري علمي ۽ ديني ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيو. پاڻ جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ واريءَ ڄمار کي پهتو، ته کيس ڳوٺ جي ڄامن واري مسجد جي مڪتب ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي آخوند الهه بخش سيٺر (4) کان قرآن پاڪ ناظره پڙهيائين. ابتدائي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جا ڪتاب پڻ پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پرايائين. اهڙيءَ طرح، پاڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي محبت ۽ تربيت هيٺ وڌي جوان ٿيو ۽ ابتدائي تعليم جا مرحلا  طيءِ ڪيائين. ديني علمن جي وڌيڪ تعليم ۽ تحصيل لاءِ کيس سنڌ جي پري پري جي مدرسن ۽ مڪتبن جو سفر ڪرڻو پيو. پاڻ سڀ کان پهريائين ڍينگي شريف(5) جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ان کان پوءِ کاهي ڪـُـنڍا ۾ ديني علمن جو درس ورتائين. انهن ٻنهي مدرسن مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پير جهنڊي جي مشهور مدرسي ۾ ويو، جتي وقت جي وڏي جيد عالم مولانا محمد اڪرم انصاري ۽ برصغير جي وڏي عالم ۽ مفڪر، مولانا عبيدالله سنڌي رحه جهڙن عالمن جي مسندِ فيض تان علمي فيض پرايائين. آخرڪار، سجاول جي مدرسي ۾ وڌيڪ ديني علمن جي تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو.
مولانا عبدالخالق علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، زندگيءَ جي عملي دؤر ۾ قدم رکيو. پاڻ سڀ کان پهريائين پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي، درس ۽ تدريس ڏيڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ وارو مدرسو ڇڏي، ڪنڊياري شهر ۾ شاهه زڪريا واري ننڍڙي مسجد شريف ۾ تعليم ڏيڻ جو مشغلو جاري ڪيائين. ان کان پوءِ، ساڳئي شهر ۾ کـَٽـِـُين واري مسجد شريف ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين. ڪنڊياري شهر ۾ ميمڻن جي اسرار تي ميمڻن واري قــُبائين مسجد شريف ۾ به ڪجهه وقت لاءِ اچي مدرسو جاري ڪيائين. اهو مدرسو هن وقت تائين هلي رهيو آهي.
ان زماني ۾، ڪنڊياري شهر ۽ ان جي آس پاس قادياني فتنو زور تي هو. ان ڏس ۾، مولانا عبدالخالق قلمي توڙي عملي طرح ان فتني کي ٽوڙڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. سندس وعظ ۽ نصيحت ۾ الله تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. سندس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري ڪيترائي راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌي راهه تي اچي ويا. مولوي صاحب قادياني فتني خلاف ڪيترائي مفيد ۽ ڪارائتا مضمون تحرير ڪيا، مگر افسوس جو اهي مضمون اڄ عدم موجود آهن.
مولانا عبدالخالق ظاهري عالمن وانگر ڪٽر مولوي ڪونه هو، مگر مذهبي ۽ ديني علم سان گڏ سياسي بيداري ۽ سياسي سوچ پڻ رکندڙ هو. انهيءَ لحاظ کان پاڻ جميعت العلماء هند ۾ شموليت اختيار ڪيائين. پاڻ خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن پڻ هو ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ خلافت تحريڪ کي ڏاڍو زور وٺرايائين. دريا خان مري (ضلعي نوشهري فيروز) واري مدرسي جو مشهور عالم، مولوي عبدالله خلافت تحريڪ ۾ سندس رفيق هو. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾، مولوي صاحب ان دؤر جي انگريز سرڪار جي خلاف ڏاڍايون زوردار ۽ پـُـراثر تقريرون ڪيون.
انهيءَ دوران برصغير ۾ هجرت تحريڪ زور ورتو، جنهن ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ وڏو نمايان حصو ورتو. 9- جولاءِ 1925ع تي ميان جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ هيٺ هجرت تحريڪ وارن جو قافلو سنڌ کان ڪابل ڏانهن روانو ٿيو. مولانا عبدالخالق پڻ پنهنجي روحاني رهبر، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي فرمان مطابق هجرت جو فيصلو ڪيو. مولوي صاحب پنهنجن ٻارن، دوستن ۽ احبابن سان گڏ ڪابل ڏانهن هجرت جو سفر اختيار ڪيو. مولوي صاحب سان گڏ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار هئا، جن مان هڪ سندس وڏو فرزند محمد هاشم پڻ هو. ڳوٺ ڄام نور الله مان ٻين ٻن گهرن پڻ هجرت ڪئي هئي، جن مان هڪ گهر جـُـمعي فقير جو هو، جنهن ۾ ٻه مرد، ٽي عورتون ۽ هڪ ٻار شامل هئا. ٻيو گهر مولوي عبدالعزيز جو هو، جنهن ۾ سندس ٻه ڀائٽيون ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به هئا. انهن کان علاوه، ميان شمس الدين سهتي ۽ مولوي محمد عالم سومري، جو پير جهنڊي ۾ ڪاتب ۽ جـُـلد ساز هو، پڻ مولانا عبدالخالق سان گڏ هجرت  ڪئي هئي. مـَـچلا” (6) قوم جا ماڻهو پڻ انهيءَ سفر دوران مولوي صاحب سان گڏ هئا. ڪابل وارن جي سرد مهريءَ سبب جڏهن اها تحريڪ ٿڌي ٿي، ته مهاجر واپس سنڌ موٽي آيا. مولانا عبدالخالق به واپس ڳوٺ ڄام نور الله موٽي آيو ۽ ڳوٺ واري مدرسي کي ٻيهر جاري ڪيائين. مولانا عبدالخالق، هجرت تحريڪ کان پوءِ، مولانا شوڪت عليءَ جي ترڪ موالات تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو.
مولوي صاحب سن 1925ع جي آخر ڌاري پنهنجي آبائي شهر ڪنڊياري کي ڇڏي، نواب شاهه ۾ اچي رهيو. پاڻ سن 1938ع تائين نواب شاهه جي جامع مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران  عام مسلمانن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيائين. سن 1939ع ۾ نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر، مسٽر ڊو سان سندس سياسي اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري نواب شاهه کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، حيدرآباد ۾ اچي رهيو.(7) مولوي صاحب جلد ئي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فقہ ٽيچر مقرر ٿيو. ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال، خانبهادر محمد صديق ميمڻ سندس ڏاڍو معتقد هوندو هو ۽ مولوي صاحب کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو. مولوي صاحب، مدرسة البنات ۾ به محمد صديق ميمڻ سان گڏجي وڏو ڪم ڪيو. مولوي صاحب سرڪاري ملازمت سان گڏوگڏ، پهريائين واڍن جي پڙ واري مسجد ۽ بعد ۾ ڪورين جي پڙ واري جامع مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. ڪورين جي پڙ واري مسجد ۾ پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين پيش امام جا فرائض بجا آڻيندو رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرئوف ميمڻ جي روايت آهي ته حيدرآباد جي ڪورين جي پڙ واري مسجد شريف ۾ حاجي پيرو، حاجي محمد رمضان، حاجي محمد عثمان، ميان عبدالرحمان ميمڻ ۽ غلام محمد، مولانا عبدالخالق جا خاص معتقد ۽ جماعتي هوندا هئا.
مولوي صاحب تعليمي لحاظ کان وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ ڪيترين ئي فضيلتن جو مالڪ هو. ديني علمن سان گڏ، پاڻ علم طب،علم منطق ۽ سنڌ جي تواريخ جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ رهائش دوران مولوي صاحب جو هميشه اهو دستور هوندو هو ته سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ، حديث شريف جو درس ڏيندو هو ۽ فجر جي نماز کان پوءِ، قرآن پاڪ جو تفسير بيان ڪندو هو. مولوي صاحب نه صرف علم جي دولت سان مالا مال هو، پر روحانيت جو به صاحب هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ حضرت مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي قادري طريقي جي بيعت ڪئي هئائين. مولانا امروٽيءَ جي وفات کان پوءِ، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين، جو مولانا امروٽي رحه جو خليفو هو. مولوي صاحب جي روحاني فضيلت ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي، ڪافي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. سندس روحاني فيض پڻ ظاهري علمن وانگر جاري هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري طرف تـُنيا” ذات جا ماڻهو اڪثر سندس مريد هئا. مولوي صاحب ظاهري پيرن ۽ مولوين وانگر ڪنهن کان به ڏَنُ وغيره ڪونه وٺندو هو. پاڻ هميشه شرع جو پابند رهيو ۽ غير شرعي ڪمن ۽ بدعتن جي خلاف ڪم ڪندو هو. مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ ڄام نور الله جي ماڻهن مان بد رسمن ۽ بدعتي ڪمن جو بلڪل خاتمو آندو. ڳوٺ جي عورتن ۾ پردي جو سختيءَ سان رواج وڌائين ۽ سمورن ماڻهن جي عورتن لاءِ پردي جو تاڪيد ڪيائين. مولوي صاحب هڪ لاثاني حڪيم پڻ هو. سندس ڪي خاص نسخا ڪيترين بيمارين لاءِ تير بهدف هوندا هئا.
مولانا عبدالخالق جي قلم ۾ خداوند تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. پاڻ هميشه حق ۽ انصاف جو قائل رهيو ۽ سموري زندگي ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. مسلمان قوم، خاص طرح سان سنڌي مسلمانن جي ديني اصلاح سان گڏ، سياسي بيداريءَ جي لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهيو. مولوي صاحب اهو چاهيو ٿي ته سنڌ جي مسلمانن اندر ، صحيح نموني ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ ساڳئي وقت ان سان گڏ صحتمند اسلامي اصولن تي معاشرو قائم ٿئي. مولوي صاحب ان ڏس ۾ وڏو قلمي جهاد ڪيو ۽ بي سروسامانيءَ ۾ انهيءَ ڪٺن ۽ مشڪل راهه ۾ ڪيتريون ئي ذهني ۽ مالي تڪليفون سٺائين. پر انهيءَ ڏس ۾ پاڻ هميشه اٽل ۽ اورچ رهيو.
مولانا عبدالخالق پهريائين پنهنجا قيمتي ۽ عالمانه مضمون، ان دؤر جي مشهور ديني رسالي توحيد ۽ مشهور اخبار الوحيد ۾ شايع ڪرائيندو هو. مولوي صاحب کي انهيءَ شوق صحافت جي ميدان ۾ گهلي آندو. پاڻ سن 1936ع ۾ نواب شاهه مان معارف نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين. اهو رسالو سري ڪرشنا ليٿو پريس، سکر ۾ ڇپبو هو ۽ ان جي سالياني قيمت سوا ٻه روپيه هوندي هئي. هن رسالي ۾ مذهبي، علمي، تواريخي ۽ اخلاقي مضمون شايع ٿيندا هئا. رسالي جي اندرئين ٽائيٽل واري صفحي تي رسالي جا اغراض ۽ مقاصد لکيل هوندا هئا. هن رسالي جي جاري ڪرڻ جو وڏو مقصد هيءُ هو ته قرآن پاڪ جي ترجمي ۽  تفسير جي اشاعت ٿئي ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ ان جو شوق پيدا ٿئي. ان سان گڏ اسلامي تواريخ، اسلامي تصوف ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جي باري ۾ پڻ عمدا مضمون ڏنا ويندا هئا. هيءُ رسالو مالي مشڪلاتن جي باوجود، سن 1938ع تائين باقاعدي هلندو رهيو ۽ اهو سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، آفيسرن ، وڏيرن، زميندارن ۽ ٿوري علم وارن ماڻهن ۾ پڙهيو ويندو هو.
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾، ڪاليج مان نڪرندڙ رسالن، جهڙوڪ: اخبار تعليم ۽ مـُـلا مخزن ۾ پڻ مولوي صاحب جا علمي، ادبي، تواريخي، اسلامي فقه ۽ قرآن پاڪ جي تفسير بابت بهترين علمي شهپارا شايع ٿيندا هئا.
مولانا عبدالخالق سن 1930ع ۾ سورهِ ڪوثر جو سولي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ تفسير لکيو. (8) هن تفسير ۾ نماز اضحيٰ، حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تابعداري ۽ سندن دشمنن جي بد عاقبت جو تمام عمدي نموني ۾ بيان ڪيل آهي. سن 1932ع ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پاڪ تي هڪ ننڍڙو رسالو حالات حضور جي نالي سان پڻ ڇپائي پڌرو ڪيائين. (9) مولوي صاحب سن 1361هه/ 1942ع ۾ معارف القرآن جي نالي سان عام فهم سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير لکيو. هيءُ تفسير سنڌي زبان جي معياري تفسيرن مان هڪ آهي. مولوي صاحب، قرآن پاڪ جو اهو تفسير، ان دؤر جي وڏي عالم، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي هدايت تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن تفسير جا ماخذ ڪافي معتبر تفسير آهن، جهڙوڪ: تفسير ابن ڪثير، تفسير حقاني، تفسير روح المعاني، تفسير ڪبير، تفسير الجواهر الطنطاوي مصري وغيره. مولوي صاحب جي عبارت تي مولانا ابوالڪلام آزاد جي عبارت جو گهڻو اثر غالب نظر اچي ٿو. مولوي صاحب ڪـُـل پنجن پارن جو تفسير لکيو هو، جن مان پهريان ٻه پارا سنڌ مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد ۾ ڇپيا ۽ انهن کي وقف ۽ مسجد سوسائٽي،  حيدرآباد شايع ڪرايو. باقي ٽن پارن جو تفسير قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهي.(10)
مولانا عبدالخالق جو قلم سموري زندگي هلندو رهيو ۽ اُن ۾ آخري وقت تائين ڪنهن به قسم جي ڪمي ڪانه آئي. پاڻ صحيح بـُخاري ۽ مثنوي مولانا روم جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هئائين. ان کان سواءِ، ڪي ٻيا ڪتاب به ضرور لکيا هوندائين. ليڪن، افسوس جو پوين جي بي قدريءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب مولوي صاحب جو اهو سمورو علمي ذخيرو برباد ٿي ويو!
مولوي صاحب ديني ۽ سياسي خدمتن سان گڏ شعر و شاعري به ڪندو هو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪيترو ئي شعر چيو هئائين. پاڻ شاعريءَ ۾ عبد تخلص ڪندو هو. سندس شاعريءَ  ۾ اسلامي ۽ اصلاحي رنگ زياده سمايل هو. هتي سندس هڪ طويل نظم مان ڪجهه بند انتخاب طور پيش ڪجن ٿا.
نظم
عيد آ دلڪش نظامِ حسنِ شانِ زندگي،
عيد آ هڪ روح پرور جلوهِ آنِ زندگي.
عيد جيئرن لاءِ آهي ارمغانِ زندگي،
صد مبارڪ عيد توکي شادمانِ زندگي.

تنهنجي دم سان قوم و ملت کي ملي منزل وئي،
ازل کان تنهنجي لئه ٿيو هفت خوانِ زندگي.
زندگيءَ کي زندگي تنهنجي ئي صدقي ٿي عطا،
تنهنجي ئي دم کان رهيو قائم نشانِ زندگي.
زندگي اقوام جي تنهنجي مسيحائيءَ جو نشان،
فيض تنهنجي کان ٿيو زنده جهانِ زندگي.
عيد راحت گاهه آهي ڪاروانِ زندگي،
تون سنڀالي ڌر قدم اي رهه روانِ زندگي.
پردهِ گل ۾ سوين مستور آهن مارزار،
مثل بلبل جي هي رنگِ بوستانِ زندگي.
ڪالهه قومن کي ڪيو جيئرو تو ميرِ ڪاروان،
ڪيئن ٿئين تون پاڻ اڄ ننگِ جهانِ زندگي.
زندگيءَ جي نبض آ بي تابي - جوشِ عمل،
تو نه سمجهيو آ مگر رازِ نهانِ زندگي.
ذوق راحت جي توکي ڪمزور ۽ بزدل ڪيو،
تون کڻي سگهندين ڪٿي بارِ گرانِ زندگي.
جاهل و بيڪار دنيا ۾ جيئڻ جنجال آ،
دم بدم دشوار آهي امتحانِ زندگي.
زور بازو
ءِ، حڪومت جو زمانو اڄ ويو،
علم جي ئي هٿ ۾ آهي ٿي عنانِ زندگي.
جلوه آرا هٿ مٿي تنهنجي ئي هو نـُـورِ مبين،
تر ڪيو روشن زمين و آسمانِ زندگي.
کـُـهه پيا ذلت غلامي جا هـِـي ڪاٽڻ چار ڏينهن،
خاڪ هي آزادگيءَ جي آهه شانِ زندگي.


مولانا عبدالخالق 55 ورهين جي عمر ۾ سلهه جهڙي موذي مرض ۾ ساندهه ٻه سال مبتلا رهڻ بعد، جون 1947ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي خانداني قبرستان واقع ڳوٺ ڄام نورالله ۾ دفن ڪيو ويو. مولوي صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرئين گهر مان ٻه فرزند، هرهڪ محمد هاشم ۽ عبدالرزاق نالي ٿيا، جي ٻئي هڪ ٻئي پوئتان الله کي پيارا ٿي ويا. ٻئي گهر مان صرف هڪ فرزند محمد هاشم نالي ٿيو، جو حال حيات آهي ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر آهي.
مولوي صاحب جي شاگردن ۾ مولوي رضا محمد مڱريو، مولوي عبدالرحمان کوسو، مولوي غلام محمد رند ۽ مولوي نهبندو خان اُڄڻ وغيره وڏا ديني عالم ٿي گذريا آهن.(11)
  

 
حوالا:
(1) چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن ڳوٺ جو اصل نالو لـُـقمان هو ۽ قديم عرب دؤر کان وٺي انگريزن جي ابتدائي دؤر تائين انهيءَ نالي سان سڏبو هو. لـُـقمان سهتي جي خاندان مان ڄام نـُـور الله (ثاني) نالي هڪ وڏو زميندار ۽ جاگيردار ٿي گذريو آهي، جنهن جي نالي پوئتان هن ڳوٺ جو نالولـُـقمان مان بدلجي، ڄام نـُـور الله سڏجڻ ۾ آيو.(قاضي نور الله: تذڪره خاندان قريش - قلمي فارسي، ضميمو نمبر 5، ورق 10)
(2) مرحوم عبدالخالق پيرزادي جو چوڻ آهي ته ڄام نـُـور الله سهتو، چاچڪ سهتي جي اولاد مان هو.(زباني روايت، جولاءِ 1973ع)
(3) ڳوٺ ڄام نـُـور الله جيئن ته ڪنڊياري شهر جي وٽ سان آباد آهي، انهيءَ ڪري مولانا عبدالخالق پاڻ کي ڪنڊياروي سڏائيندو هو.
(4) حافظ مولوي الهه بخش ولد حاجي خان سيٺر سن 1861ع ڌاري ڳوٺشهمير ديري تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽان ديني علمن جي تحصيل ڪئي هئائين. مولوي صاحب هڪ وڏو عابد ۽ زاهد شخص هو. پاڻ ٽنڊي سائينداد واري بزرگ، خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جو معتقد ۽ مريد هو. ڳوٺ شهمير ديري، ڳوٺ ڄام نـُـور الله ۽ محبت ديري جتوئيءَ جي ديني مدرسن ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. وٽانئس ڪيترن ئي شاگردن فيض حاصل ڪيو، جي وقت جا ناميارا عالم ٿي گذريا آهن. مولوي صاحب سن 1965ع ۾ وڏي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي.
(5) ڍينگي شريف جو ننڍڙو ڳوٺڙو، ڀريا روڊ جي ڀرسان سدا واهه جي ڀـِـڪَ سان آباد آهي. هتي ڪيريا قوم مان وڏا عابد ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن بزرگن مان ميان عبدالرحمان ۽ ميان علي محمد وڏا حال ۽ قال جا صاحب هئا. ڍينگائي بزرگن وٽ هڪ وڏو ڪتبخانو پڻ هو. هتي ديني علمن جو هڪ مدرسو به هو، جتي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن وقت اهي سڀ زماني جي لـَـهـَـر ۾ لـــُـڙِهي ويا آهن ۽ بزرگن جي ياد وڃي باقي رهي آهي.
(6) مـُـچـُـلن جو ڳوٺ، ڪنڊياري شهر جي اولهه ۾ پنجن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي.
(7) مولوي صاحب نواب شاهه کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ ٻـَـرهـُـون”(شاهپور چاڪر) ۾ به خطيب ۽ مـُـدرس ٿي رهيو.
(8) هن تفسير جو ٻيو ايڊيشن 1994ع ۾، حياتِ ملت جي نالي سان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي، ڄام نـُـور الله، تعلقي ڪنڊياري طرفان پڌرو ٿيو.
(9) انهيءَ رسالي جو ٻيو ڇاپو 1992ع ۾، مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي، ڄام نـُـورالله، تعلقي ڪنڊياري طرفان شايع ٿيو.
(10) تفسير معارف القرآن سنڌ جي معروف اداري، روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري طرفان اشاعت هيٺ آهي.
(11) هن مقالي جي تياريءَ ۾ عزيزم پروفيسر عبدالرزاق گهانگهري، ساڪن ڳوٺ ڄام نور الله ڪافي مواد فراهم ڪيو.(ق. ح. خ )


No comments:

راءِ ڏيندا