بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي
پروفيسر اعجاز قريشي
سنڌ هڪ مردم خير خطو رهيو آهي. هن پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترين ئي عظيم ۽ اعلى شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان هڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي پڻ آهي. غلام محمد خان ننڍي هوندي کان ئي سنڌ جي سياست ۾ پير پاتو ۽ ان ۾ هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ننڍپڻ ۾ هن تمام سٺي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم ۽ سمجهه جي زور تي سنڌ جي عام غريب ماڻهن ۽ خاص طور تي مقامي ڪولهي ۽ ڀيل برادرين جي ماڻهن سان هن کي محبت ٿي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ته هندستان ۾ برطانوي راڄ هو ۽ سنڌ ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي. هن پنهنجي اکين سان ماڻهن سان انگريزن طرفان ٻه اکيائي ٿيندي ڏٺي ۽ پوءِ انگريزن کي هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن جا مسئلا وٽن کڻي ويندو هو. انگريز بهادر ڇاڪاڻ ته حڪمران هو ۽ پنهنجي طاقت جي نشي ۾ هو، ان ڪري هو انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندو هو.
غلام محمد خان ٿوري وقت ۾ ان ڳالهه کي سمجهي ويو ۽ هن انگريز جي قانون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ان تي دسترس حاصل ڪئي ۽ پوءِ هو جلد ئي انگلنڊ روانو ٿيو ۽ چند سالن ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري واپس آيو. ڀرڳڙي صاحب انگلينڊ مان ڊگري وٺي 1908ع ۾ واپس سنڌ پهتو ۽ اچڻ شرط پنهنجي وڪالت جو هڪ جاندار فرم قائم ڪيو جنهن ذريعي هن عام ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس کنيا ۽ ساڳئي وقت سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. انهيءَ دؤر ۾ ڀرڳڙي صاحب جي وڪالت واري فرم ۾ ساڻس سنڌ جي ٻين وڪيلن به ساٿ ڏنو جن ۾ خاص طور تي بئريسٽر عبدالرحمان، بئريسٽر حافظ، مسٽر عبدالقادر وڪيل ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل هئا. هي اُهو دؤر هو، جنهن وقت سنڌ جي هڪ ٻي اعلى شخصيت شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمان ٿي سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. هي نو مسلم هو ۽ ڀرڳڙي صاحب سندس ڪافي مدد ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ ڀرڳڙي صاحب جي دوستيءَ ۾ سنڌ جو ناميارو وڪيل ۽ دانشور سيٺ هرچند راءِ وشنداس، سنت داس منگهارام، جيٺمل پرسرام، جئرام داس دولترام به اچي ساڻس شريڪ ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ سياسي ۽ سماجي هلچل هلڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ مولانا عبدالله سنڌي به پير جهنڊي ۾ اچي رهيا هئا ۽ پنهنجي تعليم جو هڪ مدرسو قائم ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ عبدالمجيد، ڀرڳڙي صاحب جو سياسي اسسٽنٽ ٿيو ۽ ڀرڳڙي صاحب طرفان جاري ڪيل اخبار الامين جو ايڊيٽر ٿيو، جتان شيخ صاحب وڌي هڪ اعلى پائي جو سياستدان ٿيو.
شيخ صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب ننڍي کنڊ جا اعلى ڪردار ۽ اعلى پائي جا سياستدان ٿي اڀريا. انهن ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ان وقت ڪانگريس جو ليڊر جناب فيروز شا مهتا هو. 1908ع ۾ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جي صدارت سيٺ هرچند راءِ وشنداس ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ تمام گهڻا قومي مسئلا ۽ سوال اُٿاريا ويا خاص طور تي سنڌ جي بمبئي کان آزادي وارو معاملو ان ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي ۽ ڀرڳڙي صاحب ان سلسلي ۾ سنڌ جي حقن جي حفاظت بابت تمام اهم ۽ سٺو ڪردار ادا ڪيو. ڪانگريس ان وقت هندستان جي تمام وڏي مضبوط ۽ فعال تنظيم ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لڳي. سنڌ جا ڪيترائي مسلمان ليڊر هن ۾ شامل ٿي ويا هئا، ڇو ته ڪانگريس هندستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهي هئي ۽ پنهنجي مختلف هنڌن تي انگريزن جي ڪردار جي نفي ڪئي پئي وئي. 1908ع کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ 1913ع ۾ ساليانو ميڙ ٿيو، ان بعد 1914ع ۾ مدراس ۾، 1915ع ۾ بامبي ۾ ساليانو ميڙ ٿيو. انهن سڀني ۾ غلام محمد خان صاحب جو مرڪزي ڪردار رهيو. ڪراچيءَ واري ميڙ جو سڄو بندوبست ته ڀرڳڙي صاحب ڪيو. انهيءَ کانپوءِ ٽيون صوبائي ميڙ وري لاڙڪاڻي ۾ 21 اپريل 1916ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ پڻ ڀرڳڙي صاحب جو وڏو ڪردار هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سيٺ هرچند راءِ، غلام محمد ڀرڳڙي صاحب کي انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت لاءِ ڪوٺايو هو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي شان ۾ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”ڀرڳڙي صاحب سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪم پيو ڪري ۽ ٻيو ته هو سڄي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ کين ويجهي آڻڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. هو هڪ انسان آهي ۽ انسانيت جو علمبردار آهي ۽ هو انسانن ۾ ڪنهن به ورهاست جو حامي ناهي ۽ ڀرڳڙي صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪا به ميٽنگ يا ڪانفرنس هجي ۽ ڪٿي به هجي ته هو ان ۾ اچي شامل ٿيندو آهي ۽ هن ڪڏهن به نه گسايو آهي.“ انهيءَ تي سڄو حال اُٿي بيٺو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي ايڏي عزت افزائي تي تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون. بعد ۾ انهيءَ لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس جي صدارت ڀرڳڙي صاحب ڪئي ۽ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي. انهيءَ ۾ هن هندستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اهنجن جو ذڪر ڪيو ۽ برطانوي راڄ جي سٺن ماڻهن جي تعريف پڻ ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جي اها تقرير تمام ڀرپور هئي ۽ تقرير انگريزي ۾ موجود آهي ۽ اسان جي محقق سائين محمد هاشم لغاري جي ڀرڳڙي صاحب تي لکيل ڪتاب ۾ موجود آهي.
ڀرڳڙي صاحب ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪانگريس طرفان مسلمانن جي آزاديءَ جو ڪيس ڀرپور نموني نه کنيو پيو وڃي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب جي چوڻ تي آل انڊيا مسلم ليگ ۽ آل انڊيا ڪانگريس جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀرڳڙي صاحب سنڌ جو بمبئي کان جدائي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ هن ڏٺو ته قائداعظم هڪ وڏو مدبر آهي ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو سعيو ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ محمد علي جناح صاحب ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيو. ڀرڳڙي صاحب مسلم ليگ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هن پنهنجي سڄي جواني جديد سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. انگريزن سان هارين ۽ زميندارن بابت رسائي ۽ لاپي تي جهيڙو ڪيو. ڀرڳڙي صاحب هڪ باڪردار، روشن خيال سياستدان هو. هن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڇڏيو. پاڻ ڪم ڪم ڪندي، ڪندي جوانيءَ ۾ ئي راهه رباني وٺي ويو. پر سندس ڪم اڄ اسان وٽ موجود آهي. اسان جي نوجوانن کي سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ کي هن مهل اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا