; سنڌي شخصيتون: لڇمڻ ڪومل- شاعر- شوڪت حسين شورو

18 March, 2011

لڇمڻ ڪومل- شاعر- شوڪت حسين شورو

لڇمڻ ڪومل
شاعر، ليکڪ ۽ صحافي
شوڪت حسين شورو
لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936ع ۾ ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس جنم جو نالو لوڪومل پٽ ديوان چيلارام، آڪهه ڀاٽيا آهي. هن جو ڏاڏو ديوان جاڙومل ڀاٽيا وڏو زميندار هو، جنهن جون زمينون ڊبڀري (درٻيلي) ۾ هيون. لڇمڻ جو پيءُ ديوان چيلارام فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. هو هڪ ذهين، پڙهيل ڳڙهيل ڪامورو هو ۽ کيس انگريزي ۽ فارسي ادب جو چڱو مطالعو هو. هن لڇمڻ کي شيخ سعدي جو گلستان بوستان واتي ويڻي ياد ڪرايو هو. لڇمڻ پنهنجي والد جي اصرار تي شام جو مسجد جي آخوند وٽ فارسي ۽ اردو پڙهڻ ويندو هو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جي تعليم سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي. هو نوَن سالن جي عمر ۾ نوابشاهه جي ولس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان اسڪول ۾ ماستر هو. ورهاڱي وقت نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود علي خان هو، جنهن بعد ۾ پاڻ کي مسعود کدر پوش سڏايو. هن نوابشاهه مان لڏي ويندڙ سنڌي سکن جي پنجاهه سٺ ڪٽنبن جو ٽرين ۾ قتلِ عام ڪرايو هو. ان واقعي سبب نوابشاهه جي سنڌي هندن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اهي لڏي انڊيا وڃڻ لڳا. مسعود ڪليڪٽر ديوان چيلا رام کي هڪ طرح سان نظربند ڪري انڊيا لڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. چيلا رام پنهنجي وڏي پٽ لڇمڻ کي سندس ماءُ، ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن سان گڏ لڪ چوريءَ ڪراچيءَ روانو ڪيو. اهي سوامي نارائڻ مندر ۾ ٺهيل ڪئمپ ۾ اچي ترسيا ۽ 8 مارچ 1948ع تي پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي انڊيا روانا ٿيا. جهاز سمنڊ ۾ خراب ٿي بيهي رهيو، پنج ڏينهن ٿي ويا، کاڌو پيتو ختم ٿي ويو. جهاز ۾ چڙهيل سوين ٻار بک ۾ بي حال ٿي روئي رهيا هئا. لڇمڻ جي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي به حالت خراب ٿي وئي. جهاز مرمت ٿيڻ کان پوءِ اوکا بندر تي اچي سهڙيو. لڇمڻ وارا پهرين اجمير ۾ اچي رهيا، اتي ڪو بلو نه ڏسي ڀرتپور، احمد آباد ۽ آگري جي شهرن مان دربدر ٿيندا، تنگدستي ۽ غربت جون تڪليفون سهندا، ڪانپور ۾ پنهنجي پڦيءَ وٽ اچي ترسيا. اتي لڇمڻ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ هاسو کي هڪ  سئنيما جي مئنيجر شهر ۾ فلمن جي پوسٽرن لڳائڻ جو ڪم ڏنو. لڇمڻ کي روزانو هڪ رپيو ۽ هاسي کي اٺ آنا ملندا هئا. لڇمڻ ان سئنيما هال جي ٻاهران فلمي گانن جون چوپڙيون پڻ وڪڻڻ شروع ڪيون، جنهن مان رپيو ڏيڍ ڪمائي وٺندو هو. ڪانپور ۾ رهندي هنن جيئن تيئن ڪري اڌ ڍئو اڌ بک تي چار سال گذاريا. ان عرصي ۾ ديوان چيلا رام سان سندن ڪو به رابطو نه ٿيو هو، جيڪو اڃا سنڌ ۾ رهيل هو. نيٺ هن ڪانپور ۾ اچي پنهنجي ڪٽنب کي ڳولي لڌو. نوابشاهه مان نڪرڻ وقت لڇمڻ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڌنو ٻن سالن جو هو ۽ هينئر ڇهن سالن جو ٿي چڪو هو. ديوان چيلا رام هن جي لاءِ ڌاريو ماڻهو هو، هن لڇمڻ کان آهستي پڇيو ته هي ڪير آهي؟ لڇمڻ کيس ٻڌايو ته هي پنهنجو پيءُ آهي. ان تي ڌني چيو : ”پيءُ آهي!“ ”پر هي ماڻهو رات جو سمهندو ڪٿي؟“ اڄ ڌنو انڊيا جي کاڌ خوراڪ واري هڪ وڏي اداري فوڊ ڪارپوريشن ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. لڇمڻ جو ٻيو ڀاءُ هاسو آمريڪا جي مشيگان رياست ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ورلڊ بئنڪ هن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ لاءِ موڪليندي آهي، هن جو شمار دنيا جي ڏهن پاور پراجيڪٽ ماهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.


ديوان چيلارام کي پهرين ڪانپور ۾ ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر جي نوڪري ملي. ان کان پوءِ جئرامداس دولترام، فوڊ کاتي جي وزير کيس پنهنجي وزارت ۾ قانوني صلاحڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو. هاڻي سندن ڪٽنب جي تنگدسي ۽ غربت جا ڏينهن ختم ٿيا.
لڇمڻ جي ٽرين ۾ هڪ گشتي ٿيٽر ڪمپني وارن سان ملاقات ٿي، اهي ڪانپور ۾ ناٽڪ ڪرڻ وڃي رهيا هئا. منڊلي ۾ شامل هڪ نوجوان ڇوڪري سروري بيگم سان لڇمڻ جو عشق ٿي ويو. هن جي ڪري لڇمڻ به ان ٿيٽر ڪمپني ۾ شامل ٿي ويو. هو ڪٿڪ ڊانس سکيل هو، کيس اسٽيج تي نچڻ جو ڪم ملي ويو ۽ ان لاءِ کيس ٻارنهن رپيا روز ملندا هئا. لڇمڻ سروري بيگم جي عشق ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي، مائٽن سان ڪوڙ ڳالهائيندي، ان ٿيٽر ڪمپنيءَ سان گڏ شهر، شهر، ڳوٺ ڳوٺ رلندو رهيو. هو نيٺ بنارس مان ٿيٽر ڪمپني کان جند ڇڏائي پنهنجي گهر موٽي آيو. ديوان چيلا رام کي دهلي ۾ سرڪاري گهر ملي ويو ته سڄو ڪٽنب ڪانپور مان لڏي دهلي ۾ اچي رهيو ۽ لڇمڻ دهليءَ جو ئي ٿي ويو. اتي هن راجندر نگر جي سنڌي هاءِ اسڪول ۾ نائين درجي ۾ داخلا ورتي. اهو اسڪول تنبن ۾ هلندو هو. ناسازگار حالتن هيٺ به قابل ۽ آدرشي سنڌي استادن جي تربيت ۽ محنت سان اسڪول جا سنڌي شاگرد امتحانن ۾ تمام مٿانهيون پوزيشنون ۽ درجا حاصل ڪندا هئا. لڇمڻ مئٽرڪ پاس ڪري دهلي ۾ ائنگلو عربئڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. دهلي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ کليو ۽ ان جو سربراهه ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ڪاليج ۾ سنڌي لٽرري سوسائٽي برپا ڪئي، جنهن جون هفتيوار ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. پوءِ سنڌي ڊراما سرڪل به جڙيو. ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي سيڪشن پڻ شامل ڪيو ويو ۽ لڇمڻ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. لڇمڻ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. ڪتابن پڙهڻ جو شوق ته هن کي اڳ ۾ ئي هو. هن ڊراما سرڪل جي لاءِ ڪيترائي سنگيت ناٽڪ لکيا،  جيڪي دهلي ۽ بمبئي ۾ پيش ڪيا ويا. گوپي به ان ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، جنهن سان اڳتي هلي لڇمڻ جي شادي ٿي. لڇمڻ ان ڪاليج مان بي ڪام آنرس جو امتحان پاس ڪيو. ڪاليج جي تعليم پوري ڪري، ادب ۾ دلچسپي رکندڙ لڇمڻ ۽ سندس دوستن ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ۽ نارائڻ شيام جي ساٿ ۽ رهنمائي هيٺ ادبي سرگرمين کي زور وٺايو ۽ هر هفتي ادبي ڪلاس شروع ڪري ڇڏيا. لڇمڻ ”ڪومل“ جي تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. هن دهلي يونيورسٽي جي اسڪول آف جرنلزم مان جرنلزم ۾ ڊپلوما  ڪئي. هن کي هندستان جي سڀ کان معتبر ۽ مشهور اخبار ”ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ سب ايڊيٽر ڪري کنيو ويو. لڇمڻ رپورٽن کان علاوه ڪالم پڻ لکيا. هو گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو. هن کي ”ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ چيف سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڀارت ۽ پاڪستان درميان 1971ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان جو صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ شملا ويو هو. ٻنهي ڄڻن شملا معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي سڄي دنيا جا صحافي اچي شملا ۾ گڏ ٿيا هئا. ”ٽائيمز آف انڊيا“  طرفان لڇمڻ ڪومل به انهن ۾ شامل هو. شملا معاهدو لڇمڻ ڪومل جي صحافتي زندگيءَ جو هڪ يادگار واقعو آهي. ”ٽائيمز آف انڊيا“ مان هن 1996ع ۾ رٽائر ڪيو. ان وچ ۾ لڇمڻ هڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ بنجي چڪو هو. روس جي انقلابي شاعر مايا ڪووسڪي جي زندگي ۽ شاعري تي لکڻ سان گڏ سندس چاليهن نظمن جي منظوم سنڌي ترجمي تي لڇمڻ ڪومل کي سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ مليو ۽ هن کي روس جي ٻن هفتن جي دوري تي گهرايو ويو. لڇمڻ کي سندس شاعري جي مجموعي ”جيءُ جهروڪا“ تي 1976ع ۾ ساهتيه اڪادمي انعام مليو. سنڌي ادب ۾ لڇمڻ ڪومل جو اهم ڪارنامو سندس لکيل آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ آهي، جنهن جا ٻه جلد شايع ٿي چڪا ۽ ٽيون جلد تازو پڌرو ٿيو آهي. ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ لڇمڻ ڪومل پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي ورهاڱي سبب سنڌ مان جلاوطني کان پوءِ هڪ نئين ملڪ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي جاکوڙ جو داستان بيان ڪيو آهي، ۽ اهو اڃا جاري آهي. لڇمڻ کي هڪ پٽ لالي آهي، جيڪو آمريڪا ۾ هڪ ڪمپنيءَ ۾ سٺي عهدي تي آهي. کيس ٻه ڌيئر پڻ آهن، جيڪي شادي ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ رهن ٿيون. لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 2011ع ۾ زندگيءَ جي سفر جا 75 سال پورا ڪندو.

No comments:

راءِ ڏيندا