; سنڌي شخصيتون: زبيده ميتلو - رحيم منگي

14 March, 2011

زبيده ميتلو - رحيم منگي


زبيده ميتلو
رحيم منگي
زبيده ميتلو جو شمار سنڌ جي اهم عورت شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. هوءَ تعليمي ماهر ۽ استاد پڻ آهي.
زبيده ميتلو پير محمد ميتلو جي گهر ۳۱ جولاءِ ۱۹۵۵ع ۾ قمبر ۾ پيدا ٿي. هن پرائمري تعليم، ۱۹۶۵ع ۾ پرائمري اسڪول قمبر، مئٽرڪ ۱۹۷۰ع ۾ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، ۱۹۸۱ع ۾ نفسيات جي شعبي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ۱۹۹۴ع ڌاري سوشيالاجي شعبي ۾ حاصل ڪئي. ان کان سواءِ ايم فل ۾ ۵ سال ريسرچ ورڪ چائلڊ ۽ سوشل سائڪالاجي عنوان تي ڪيو آهي.


هن نيپال مان ۱۹۹۰ ۾ ائڊمنسٽريٽر ٽريننگ پڻ ڪئي آهي.
زبيده ميتلو نوڪري جي شروعات ۱۹۸۲ع ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان زونل آفيس حيدرآباد کان ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ ڪميشن پاس ڪري، سائيڪالاجي ۾ ليڪچرر ٿي.
زبيده ميتلو لکڻ جي شروعات ۷ سالن جي ڄمار ۾، ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. هن ۱۲ ڪهاڻيون لکيون.
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ نفسيات جي موضوع تي مضمون پڻ لکيا. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڏات ڏوهاري ۲۰۰۱ع ۾ ڇپيو. جنهن کي اڪيڊمي اديبات پاران سال جو بهترين ڪتاب جو انعام ڏنو ويو.
هن نيپال ۽ انگلينڊ ملڪن جا دورا پڻ ڪيا.

No comments:

راءِ ڏيندا