; سنڌي شخصيتون: خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ - چونڊ: راجا راٺوڙ

16 March, 2011

خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ - چونڊ: راجا راٺوڙ


خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ
 چونڊ: راجا راٺوڙ
سرزمين سنڌ ۾ رهائش پذير قديم قومن ۽ قبيلن ۾ جن کي مجموعي طور ”سماٽ“ سڏيو وڃي ٿو تن ۾ وساڻ پڻ شامل آهن. هن برادري جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي وچولي ۽ ڏاکڻئين علائقي ضلع ٿرپارڪر، ضلع سانگهڙ، ضلع نوابشاهه، ضلع حيدرآباد ۾ رياست خيرپور جي ڪن حصن ۾ آباد آهن. سندن اباڻو ۽ قديم پيشو، زمينداري ۽ هارپو آهي. هڪ روايت موجب؛ وساڻ سنڌ جي سمن حاڪمن جي هڪ شاخ آهي ۽ جهڙيءَ طرح سنڌ جون ٻيون اڳوڻيون حڪمران برادريون زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيون ۽ پنهنجي اصلوڪي مقام تي برقرار نه رهيون، تهڙيءَ طرح هيءَ برادري پڻ ڪن صدين تائين خاموشيءَ سان پنهنجي حال تي شاڪر آهي. مرحُوم خانبهادر غلام محمد وساڻ جهڙا عديم النظير انسان، صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. وڏن ماڻهن جو احوال لکڻ مان به وڏي مان وڏا فائدا هي حاصل ٿين ٿا؛ هڪ ته قوم جا نونهال پنهنجن بزرگن بابت پڙهي پنهنجي مستقبل کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا. مرحوم غلام محمد وساڻ ڳوٺ گاجن وساڻ ديهه ڪنڊياري تعلقه سانگهڙ ۾ 3 جنوري سنه ۱۹۱۲ع تي مشهور پهاڪي جي مصداق ”وات ۾ چانديءَ جا چمچا رکي“ ڄائو. پنهنجي والد بزرگوار جي ٽن پٽن مان وچون هو. کائنس وڏو رئيس محمد ملوڪ هو، جيڪو ٻئي گهر مان هو. هو صاحب سنه ۱۹۲۹ع ۾ ڪنوارو ئي فوت ٿي ويو. مرحوم خانبهادر کان ننڍو رئيس نبي بخش وساڻ هو، جيڪو سنه ۱۹۱۵ع ڌاري ڄائو ۽ اٺن نون سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خالق سان وڃي مليو. 

 
مرحوم خانبهادر جي ڪن پراڻن ملازمن ۽ خادمن وٽان سندن متعلق جيڪي چند روايتون ملي سگهيون آهن، تن مان هڪ سندس نالي رکڻ بابت آهي. چون ٿا ته مرحوم تي اڳ ۾ سندس والدين طرفان غلام رسول نالو رکيو ويو هو. جيڪو بعد ۾ ڦيرائي غلام محمد ڪيو ويو. نالي جي ڦير ڦار جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته انهيءَ زماني ۾ جڏهن مرحوم جي ولادت باسعادت ٿي، تڏهن مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو نالو سنڌي مسلمانن جي زبان تي چڙهيل هو ۽ هو صاحب شهرت جي عروج تي پهتل هو. ان ڪري مرحوم خانبهادر محمد هاشم وساڻ پنهنجي هن پياري پٽ جو نالو غلام رسول مان ڦيرائي هن دلي آرزوءَ سان غلام محمد رکيو ته جيئن هو وڏو ٿي سرزمين سنڌ ۾ پنهنجي نالي ڀائيءَ جهڙي عزت ۽ شهرت حاصل ڪري. مرحوم خانبهادر وساڻ جي ولادت، اهڙي انقلاب آفرين زماني ۾ ٿي جڏهن هڪ پاسي دنيا تي پهرين عظيم جنگ جا ڪارا ڪڪر جمع ٿي رهيا هئا ته ٻئي پاسي هندوستاني ماڻهن جي دلين ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف شديد نفرت، غم ۽ غصي جا جذبات بيدار ٿي رهيا هئا. خانبهادر غلام محمد وساڻ، انهيءَ دور ۾ جيتوڻيڪ سياسي طور هڪ ناتجربيڪار نوجوان هو ۽ اڃا تائين پنهنجي علائقي جي سياست ۾ عملي طور ڪو به بهرو نه ورتو هئائين پر ان جي باوجود هو انهيءَ ماحول ۽ سياسي هلچل کان ڪافي متاثر هو. انهيءَ اونداهي زماني ۾، سنڌ جي ڪن مسلمان ليڊرن انگريز سرڪار تي زور آڻڻ شروع ڪيو ته سنڌ علائقي کي بمبئي پريزڊنسي کان جدا ڪري ڌار صوبو بنايو وڃي.
سنڌ کي جدا ڪرائڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن مسلمان پنهنجي صوبي اندر، آدمشماريءَ جي بنياد تي پنهنجا حق واپس وٺي سگهن. مذڪوره دور ۾ اڃا خانبهادر جي سياسي تربيت شروع ٿي هئي ۽ هو آسپاس جي حالتن ۽ سنڌ جي سياست جو غور سان مطالعو ڪري رهيو هو. برطانوي پارليمينٽ نيٺ ۱۹۳۵ع جي سڌارن وارو بل پاس ڪيو، جنهن کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع سڏجي ٿو. انهيءَ ايڪٽ، هندوستان جي مختلف پرڳڻن کي صوبائي خودمختياري ملي ۽ ٻه وڌيڪ صوبا جوڙيا ويا، جن مان هڪ سنڌ ۽ ٻيو اوڙيسا هو.
سن ۱۹۳۵ع ڌاري مرحوم غلام محمد وساڻ، پنهنجي پوزيشن ايتري قدر مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ويو ۽ وقت جي انگريز حڪمرانن وٽ پاڻ کي ايتري حد تائين مقبول ۽ نمايان ڪري ويو جو سال ۱۹۳۵ع جي شروعات ۾ مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ کي وائسراءِ طرفان خان صاحب جو خطاب عطا ڪيو ويو.
ان کانپوءِ کيس مختلف عهدن تي ٿاڦيو ويو. سن ۱۹۳۵ع کان اول، مرحوم کي سانگهڙ تعلقي جي ايڪسائيز ايڊوائيزري ڪميٽي جو سرڪاري طور ميمبر نامزد ڪيو ويو. جلد ئي پوءِ ۱۹۳۷ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو سرڪاري طور ميمبر ٿاڦيو ويو، جنهن کانپوءِ هن ۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي لوڪل بورڊ جي عام چونڊ کٽي ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. مرحُوم غلام محمد وساڻ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ دل کولي چندا ڏيندو هو ۽ اهڙن خير جي ڪمن ڪرن تي انگريزن حڪومت خوش ٿي مرحوم کي خانبهادر جو جليل القدر لقب ۱۹۳۹ع جي نئين سال جي فهرست ۾ عطا ڪيو.
خانهادر وساڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو سرڪاري طور ٿاڦيل ميمبر ٿيندو ايندو هو. جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح ميرپورخاص ۾ مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اهو به فيصلو ڪيائين ته ضلع لوڪل بورڊ جون چونڊيون، آئينده لاءِ مسلم ليگ ٽڪيٽ تي لڙيون وڃن. جنهن ڪري قائد اعظم جي منظوريءَ سان هڪ پارليامينٽري بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن خانبهادر وساڻ کي لوڪل بورڊ جي ميمبر لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ڏني ۽ هو بنا مقابلي چونڊجي آيو. انهيءَ وقت کان وٺي زندگيءَ جي آخري دم تائين، مرحوم خانبهادر مسلم ليگ جو ساٿ نه ڇڏيو.
انهيءَ زماني ۾ سنڌي مسلمانن جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ حڪومت جي ايوان تائين پهچائڻ لاءِ فقط هڪ روزانه اخبار ”الوحيد“ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي. ان اخبار جو مرحوم خانبهادر وساڻ نه فقط هڪ بااثر بورڊ آف ڊائريڪٽر هو بلڪ هن صاحب انهيءَ قومي اداري واسطي، پنهنجي دائره اثر مان به گهڻيون ئي امدادون ڪيون. ڪو زمانو هو جڏهن ايئن تصور ڪيو ويندو هو ته اخبار ”الوحيد“ هلي ئي وساڻ صاحب جي امداد ۽ اعانت سان ٿي. اها الوحيد ئي هئي جنهن مسلم ليگ ۽ پاسڪتان تحريڪ جي سڄي دور ۾ سنڌي مسلمانن جي اُمنگن ۽ ارضوئن جي نهايت موثر ترجماني ڪئي.
خانبهادر وساڻ هاڻي ضلعي جي سطح کان مٿي اڀري، سنڌ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ۾ سڀ کان پهريائين سنه ۱۹۴۴ع ۾ بهرو ورتو. ضلع ٿرپارڪر جي کپرو، عمرڪوٽ سانگهڙ تڪ مان (ان وقت تعلقو سانگهڙ ٿرپارڪر جو هڪ حصو هو) سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ محترمه جي ايم سيد پارٽي ٽڪيٽ سيد غلام حيدر شاهه کي ڏني. محترم جي ايم سيد جي فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويئي، جنهن تي مسلم ليگ جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ اهو فيصلو رد ڪري مٿئين تڪ جي ٽڪيٽ، مرحوم خان بهادر غلام محمد وساڻ کي ڏني. سيد غلام حيدر شاهه مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي انهيءَ فيصلي کان ناراض ٿي ڪانگريس ٽڪيٽ حاصل ڪئي ۽ خان بهادر وساڻ جي سامهون مقابلي ۾ آيو. نتيجي ۾ وساڻ صاحب زبردست اڪثريت سان هيءَ پهرين اليڪشن کٽي ۽ غلام حيدر شاهه هارايو. سنه 1944ع ۾ چونڊجي آيل سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ جي گورنر هڪ ئي سال کانپوءِ ٽوڙي ڇڏيو. ٽن مهينن جي گذرڻ بعد، سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيهر چونڊون منعقد ڪيون ويون. ساڳيا ئي تڪ برقرار رکيا ويا. هن تڪ ۾ به وري ساڳين حريفن غلام حيدر شاهه ۽ خانبهادر وساڻ ۾ زبردست مقابلو ٿيو. نتيجو وري به ساڳيو نڪتو يعني خانبهادر وساڻ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي.
سن ۱۹۵۱ع ڌاري روزمانه الوحيد جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ زبردست اختلاف ٿيا. انهيءَ صورتحال کي مد نظر رکندي محترم کهڙي ۽ مرحوم خانبهادر وساڻ ٻي اخبار جاري ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي. پوءِ سندن ئي قريبي دوست، مولوي عبدالغفور سيتائي صاحب، نئون ڊڪليريشن داخل ڪري، ۱۸ جنوري ۱۹۵۲ع تي روزانه ”نواءِ سنڌ“ ڪراچي نالي اخبار جو پهريون پرچو، پنهنجي زير ادارت شايع ڪيو. نواءِ سنڌ، پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ارڙهن سال، مختلف دورن مان گذرندي سال ۱۹۶۹ع ۾ مالي تنگيءَ ۽ وسائل جي ڪميءَ جو شڪار ٿي وئي ۽ آخرڪار سنڌي ٻوليءَ جو اهو معزز رونامو هميشه لاءِ بند ٿي ويو.
سنه ۱۹۶۲ع ۾ مرحوم وساڻ، ضلع سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن تعلقن، عمرڪوٽ ۽ سامارو تي مشتمل تڪ مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن لڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڀيري سندن مقابلو پير صاحب پاڳاري جي بيهاريل اميدوار ڄام صادق عليءَ سان هو، جيڪا اليڪشن کٽي، ڄام صادق عليءَ کي شڪست ڏنائين.
خانبهادر غلام محمد وساڻ ۾، ننڍي هوندي کان ئي هڪ اعليٰ خيالن واري انسان جون خصلتون موجود هيون. جن سبب ديني ۽ عربي مدرسن جا سفير هر وقت وٽس ايندا رهيا هئا ۽ کانئس امدادون حاصل ڪري ويندا هئا ۽ سنڌ جي نالي وارن مدرسن جي مالي مدد ڪندا رهندا هئا.
مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ابتدا، جيئن ئي پاڪستان مسلم ليگ شموليت اختيار ڪرڻ مان ڪئي هئي، تيئين ئي مرحوم آخري دم تائين، ساڳي پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو دم ڀريندو آيو ۽ پاڪستان جي سڄي تاريخ دروان، ڪنهن به سياسي جوڙ توڙ کان پاڻ کي متاثر ٿيڻ نه ڏنائين.
مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ، هڪ رحم دل ۽ خدا ترس انسان هو. ديني عقيدي جي لحاظ کان مرحوم پڪو موحد هو. بدعت ۽ شرڪ کان گهڻو پري هو. عالمن، بزرگن ۽ ديني معاملات سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي عزت ۽ احترام ڪندو هو. سندس امداد ۽ خيرات ڏيڻ جو طريقو اهو ئي هو، جنهن لاءِ اسلام جي باني مباني حضرت محمد الرسول الله صلي الله عليه وسلم جن هدايت فرمائي آهي. خيرات کي ذاتي شهرت جو ذريعو نه بنايو وڃي ۽ اها اهڙيءَ طرح ڏجي جو هڪ هٿ ڏئي ته ٻيو نه ڏسي.
۲۷ ڊسمبر سنه ۱۹۷۰ع واري المناڪ رات جو اٽڪل هڪ بجي مهل، مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ جي دينوي زندگيءَ جو چراغ، جنهن غير متوقع نموني ۾ اوچتو گل ٿي ويو، تنهن نه فقط سندس ويجهن مائٽن مٽن، ڳوٺ وارن بلڪ سندس سڀني مختلف دوستن، گهڻگهرن واقفڪارن عوام ۽ راڄن کي پڻ  مبهوت ۽ حيران ڪري ڇڏيو. جيئن ته ڪاتبِ تقدير جي آڏو، ڪنهن جو وس هلي نه ٿو سگهي، ان ڪري هر ڪو ئي خالق اڪبر جي مشيت ۽ مصلحت تي ھنجون هاريندو رهجي ويو.


3 comments:

  1. مونکي انهي جو اندازو ئي ڪونه هو ته اهي ڪالم ايتري مقبوليت ماڻيندا، ۽ پذيرائي ملندي، خوشي جي ڳالھ آهي جو اهميت ملڻ سان حوصله افزائي ٿي.

    ReplyDelete