; سنڌي شخصيتون: حاجي غلام شبير ڪليار - پرويز ڪليار

26 March, 2011

حاجي غلام شبير ڪليار - پرويز ڪليار

حاجي غلام شبير ڪليار
عوام کي انصاف ڏياريندڙ ايماندار پوليس آفيسر

پرويز ڪليار
سنڌ ڌرتيءَ اهڙين املهه ماڻڪ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن هميشه عوام کي انصاف ڏياريو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار مرحوم جو نالو به آهي. حاجي غلام شبير ڪليار، ضلع نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ٻنڊي اٽل شاهه ۾ 1926ع ۾ جنم ورتو. ڪراچيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾، شاگرديءَ واري وقت به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين.


حاجي غلام شبير ڪليار پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات فوڊ کاتي ۾ اسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر سان ڪئي. جنهن بعد پاڻ پي ايس آئي دادو ضلعي ۾ ٿيو. ان کان پوءِ هو پروموشن ملڻ تي سکر ۾ پراسيڪيوشن انسپيڪٽر ٿيو. جنهن بعد حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ پي ڊي ايس پي ٿيو. ان کان پوءِ کيس پروموشن ڏئي ايڊيشنل ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. سندس پوليس کاتي ۾ بهترين عوامي خدمتن کي مڃتا ڏيندي کيس 1973ع ۾ ايس ايس پي سانگهڙ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصو سانگهڙ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پوءِ کيس ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار، عوام سان هر وقت قانون مطابق انصاف ڪيو. جنهن ڪري عوام، مرحوم ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار کي سچي پوليس آفيسر جو لقب ڏئي ڇڏيو.
مرحوم ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار ڪيسن جي معاملي ۾ ڪنهن به وڏيري جي سفارش نه ٻڌندو هو. جنهنڪري غريب ماڻهن کي ڪيسن ۾ جلد انصاف ملي ويندو هو. سندس اهڙين بهترين خدمتن عيوض، وقت جي حڪمرانن، کيس اي آئي جي اسپيشل ڪراچي مقرر ڪيو. ان عهدي تي به ايمانداريءَ سان عوام جي خدمت ڪيائين. حاجي غلام شبير ڪليار اي آئي جي جي عهدي تي ترقي ڪري پهتو. ان عهدي تي به ايمانداريءَ سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. حاجي غلام شبير ڪليار جي اهڙي سچائي ۽ ايمانداري واري جذبي کي ڏسي ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجا فيصلا ڪرائڻ جي لاءِ کيس امين مقرر ڪندا هئا ۽ سندس ايمانداريءَ وارو فيصلو قبول ڪري وٺندا هئا. هن وقت حاجي غلام شبير ڪليار جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس ڪيل خدمتون اڄ به سونهري اکرن سان تاريخ ۾ لکيل آهن. موجوده وقت ۾ به جيڪڏهن پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار وانگر ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪن ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿي وڃن. هر ماڻهوءَ کي انصاف ملي وڃي ۽ ماڻهو انصاف لاءِ دانهون ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ ڇڏي ڏين. جيڪڏهن اڄ جا پوليس آفيسر، حاجي غلام شبير ڪليار جهڙي ايمانداري ۽ سچائي ڏيکارين ته سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به ڏوهه جي واردات نه ٿيندي. هر پاسي امن امان جي صورتحال بهتر هوندي. سنڌ جي اهڙي ئي امر ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار کي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت سان ڀيٽا ڏئي رهيا آهن.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه)
اهڙا ماڻهو امل ماڻڪ هوندا آهن، جن تي ڌرتي به فخر ڪندي آهي. اسان حاجي غلام شبير ڪليار کي ياد ڪندي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون هي سٽون خراج عقيدت طور پيش ڪريون ٿا.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيو مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
اسان ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار کي ايستائين ياد ڪندا رهنداسين جيستائين هي ڌرتي آباد آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا