هوند راج ”دکايل“ کتري (جنم 1908ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ديوان هوند راج ”دکايل“ پٽ ليلارام کتري، 11 جنوري (1908ع) تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. سندس پتا هڪ سنت هو؛ جنهن سموري زندگي صوفي فقيرن ۽ ساڌن جي سنگت ۾ گذاري هئي. ٻڍاپڻ تائين کيس پٽ جو اولاد ڪو نه ٿيو. آخر ٻي شادي ڪيائين؛ جنهن مان سندس پٺ پڌري ٿي؛ ۽ نالو ”هوند راج“ رکيائينس. جيڪو ادبي دنيا ۾، ”دکايل“ جي نالي سان اڄ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ماتا، کيس جنم ڏيئي پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري سندس پرورش ماٽيلي ماءُ ڪئي.
نينگر ھوندراج، لاڙڪاڻي ۾ پرائمري تعليم بعد ڪجهه وقت انگريزي به پڙهيو. سمجهه سوائي ٿيڻ سان سونارڪي ڌنڌي تي ويٺو. جيئن ته هن نينگر جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي علم، ادب ۽ سماجي خدمتن طرف مائل هئي؛ انهيءَ ڪري ڌنڌي کي ڌڪي، گيت ۽ سنگيت جي دنيا ۾ پير پاتائين. پوءِ ته زندگيءَ کي انهيءَ ماحول ۾ ترسائي ڇڏيائين. 1923ع ۾ سندس ڏيٺ ويٺ، مشهور ٿيڻ ڪري، ديوان ڪشنچند ”بيوس“ (1885ع – 1947ع) سان ٿي. کانئس شعر جي پوري پوري سکيا وٺي، ”دکايل“ تخلص سان سخن جو ميدان سنواريائين. راڳ روپ ۽ ڀڳت وغيره جي محفلن ۾ وڏي چاه سان ويندو هو.
”دکايل“ غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن جو بي غرض مددگار هو. سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پهچي، سندن تڪليفون معلوم ڪري، انهن جي تلافيءَ لاءِ وس آهر مدد ڪندو هو. ڳوٺاڻن جي مدد لاءِ سرڪار جا در کڙڪائڻ ۾ به ڪو عار نه سمجهيائين. علمي ۽ ادبي دلچسپيءَ سان گڏ، سياسي طرح ”ڪانگريس“ ۾ به شموليت اختيار ڪيائين. انساني خدمت جي جذبي تحت، 1934ع ۾ پنهنجي ساٿين جي سهڪار سان رتيديري شهر ۾ ”ڳوٺ سيوا دل“ نالي هڪ سماجي ادارو قائم ڪري، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ لڳو. هن اداري ۾ هندو خواه مسلمان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. منجهن ڪنهن به قسم جو مذهبي ويڇو نه هو. ايتري تائين جو کائڻ پيئڻ جا برتن (ٿانو) به ساڳيا هوندا هئا.
زماني جي ڏيک ويک لاءِ، بنگلديري مان شادي ڪيائين؛ جنهن مان پڇاڙيءَ تائين ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو اٿس. کيس ديس سان وڏو پيار ھو. ولايتي شين جي واپرائڻ کان ملڪي شين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ترجيح ڏيندو ھو. سندس جاري ڪيل اداري تحت تعليم، صحت ۽ هنر وغيره جي بلامعاوضه خدمت ڪئي ويندي هئي. هندو خواه مسلمان رضاڪارانه طور تي پنهنجو خدمتون آڇيندا هئا. دوا دارونءَ لاءِ، هڪ ”شفا گهر“ (اسپتال) پڻ قائم ڪيائين؛ جنهن ۾ شهر کان علاوه ڳوٺن ۾ وڃي علاج معالج جون سهوليتون مهيا ڪيائين. انهيءَ لاءِ موهن لال ۽ گوبند رام شڪارپوريءَ جهڙن مخير ڊاڪٽرن پنهنجون خدمتون، مفت آڇيون هيون. سندس صلاحيتن مان انسان ذات کي ڪافي فائدو رسيو. روزگار جي سلسلي ۾ خالص تيل پيڙڻ جو گهاڻو پڻ لڳايو ويو؛ جنهن مان ”آشرم“ کي خاصي آمدني ملڻ لڳي. ازانسواءِ هنري لحاظ کان هتي خاص قسم جا جنڊ (بال بيرنگ سان) تيار ڪرايا ويا، جيڪي عام جنڊن جي مقابلي ۾ آسان ۽ سٺي پيسائي ڪندا هئا. ازانسواءِ ڇڙائيءَ لاءِ ڪاٺ جا جنڊ استعمال ٿيڻ لڳا؛ جنهن مان عملي جي ماڻهن کان علاوه پوري پسگردائيءَ کي فائدو ملڻ لڳو.
”گانڌي خدمت گهر“ ۾ ٻين نيڪ ڪمن سان گڏ، ڪاغذ ٺاهڻ جو به جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو. پلال ۽ پراڻي ڪاغذ کي استعمال هيٺ آڻي، سستي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو هو. دراصل هيءُ هڪ مثالي ڪم هو، جيڪو باوجود ايترين سهوليتن نه هجڻ سببان، هڪ وڏو ڪم ڄاتو ويندو هو. نتيجي طور هڪ طرف ولايتي مهانگي ڪاغذ جي استعمال کي ڌڪ لڳو ۽ ٻئي طرف، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڪاغذ جو ڪافي انداز ۾ وڪرو ٿيڻ سان ”آشرم“ کي جهجهو ناڻو مليو.
هن حساس طبع انسان، هميشہ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ وڙ ڪيا. پاڻ اوٺي ۽ گاڏر مزورن جي آسانيءَ لاءِ 1940ع ۾ ”سانتيڪي سوڀ“ نالي هڪ تحريڪ کي جنم ڏنائين. سندس تحريڪ بالڪل ڪامياب وئي. نتيجي طور اٺ سؤ غريب ڪٽنب سکي گذارڻ لڳا؛ ۽ لوڊنگ وغيره تي اناج ڍوئڻ گهٽجي ويو.
”دکايل“ کي ورهاڱي وقت هندستان وڃڻ جو ارادو ڪو نه هو. اهڙو وچن پنهنجي ساٿين سان به ڪيو هئائين. مگر ڪن دوست نما دشمنن جي سازش جو شڪار بڻجي، مجبوراً سنڌ ڇڏي هند هليو ويو، جتي آخر عمر تائين گانڌي ڌام (ڪڇ ڀڄ) ۾ زندگيءَ جا لمحات گذاريائين. آخر عمر تائين، سندس جذبو جوان ھو. پنهنجي علمي خدمتن کي برقرار رکندي ”ڌرتي ماتا“ نالي هفتيوار اخبار جاري رکندو آيو. پروفيسر رام پنجواڻي سندس رازدان هو. ڌڻي سندس مان مٿانهون ڪندو. هيٺ سندس نظم جو نمونو نروار ڪجي ٿو:-
ملڪ جي ماڻهن کي خود غرضيءَ جو ويو مرض وڪوڙي،
جنهن کان ننڍڙو عالم، جاهل هرڪو لوڙي.
عام وڪيلن ڊاڪٽرن ۾ ڪا همدردي ناهي،
جيري خاطر ٻڪري ڪهندا! چوندا ته ان ۾ ڇا هي؟
استادن کي پيٽ جي چنتا بي پرواهه بڻايو،
فئشن جي جادوءَ خود داريءَ ۾ ويساهه وڃايو.
واپاري مريادا کوهي ويٺا ڪرڻ دلالي،
ڏاٺ حرام تي هيري هر ڪنهن، ڪو ڏسجي ٿو حلالي.
حوالا
(1) – ”ڳوٺ سيوا دل“ اڳتي هلي ”گانڌي خدمت گهر“ جي نالي سان مشهور ٿيو؛ جنهن کي ”آشرم“ به سڏيو پئي ويو؛ ۽ سرڪاري رڪارڊ موجب رجسٽرڊ به ٿيو. هن سلسلي ۾ سندس مددگار: گوپالداس، فرمان علي ڇڄڙو، قاضي عبدالحي ”قائل“، جيوڻ لالا، نانڪ رام، حاجي صحبت جاگيراڻي، طوطارام، ڪوڏومل ۽ مهراج رام چند ۽ ٽلو رام هئا. موجوده لاڙڪاڻي واري ناڪي سان لڳ هن اداري جو بنياد رکيل هو. سيٺ لعل چند پنهنجي زمين جو ٽڪر، ”آشرم“ جي حوالي ڪيو هو، جنهن مان ڪنهن حد تائين اداري جي ضروريات جو پورائو ٿيندو رهيو.
(1) – حالانڪ انهيءَ يڪجهتيءَ تي ڪيترن ڪٽر هندن ”دکايل“ جي پڌري پٽ مخالفت به ڪئي هئي. ايتري قدر جو پاڻيءَ پيئڻ جا مٽ به ڀڃي پئي ڇيڏائون، مگر هن انسان ذات جي سچي خدمتگار، ڪڏهن به همت نه هاري ۽ لڳاتار جذبي سان ”خدمت خلق“ کي رياضت جو درجو ڄاڻي، مصروف رهيو.
(1) – هن علائقي ۾ سارين جو فصل بالڪل ڀلو ٿئي ٿو. تعلقي ۾ گهرج کان وڌيڪ اناج ٻاهر اماڻيو ويندو آھي. جيئن ته رتيديري ۾ ريلوي اسٽيشن ڪا نه آهي. مال جي آمدني ۽ روانگي وغيره نئون ديرو (موجوده شاهنواز ڀٽو) ريلوي اسٽيشن تان ٿيندي آهي، جيڪا ڏهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. سالن کان اناج ۽ ٻيو سامان وغيره اُٺن وارا بروهي ۽ گاڏر ڍوئي پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا، جن جو تعداد اٺ سؤ کن هو. سنڌ سرڪار فيبروري 1946ع ۾ ”سنڌ پرچيزنگ بورڊ“ قائم ڪيو؛ جنهن تحت لارين (لوڊنگين) هلائڻ لاءِ ليسن جاري ڪيا ويا، ته جيئن رتيديري کان نئون ديرو ريلوي اسٽيشن تائين بار کڻن پائن. نتيجي طور اٺ سؤ ڪٽنب بيروزگاريءَ جو شڪار بڻيا. آخر ”گانڌي خدمت گهر“ جي سهڪار سان ”انٽرنيشنل ٽريڊنگ ڪارپوريشن“ کي مجبور ڪيو ويو؛ ۽ مقامي اوٺي ۽ گاڏر ٻيهر روزگار سان لڳا. [”سانتيڪي سوڀ“ – هوند راج ”دکايل“، هندستان پرنٽنگ ورڪس، ڪيمبال روڊ، ڪراچي؛ 1946ع، ص 3 ].
(1) – ازانسواءِ ”جهونگار“ (نومبر 1946ع)، ”سانتيڪي سوڀ“ (1946ع ) ”چونڊن جا آلاپ“ (1947ع) نالن سان ڪتاب پڻ پڌرا ڪيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا