; سنڌي شخصيتون: شيخ هوٿي لاکو - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

16 April, 2011

شيخ هوٿي لاکو - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي



ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

سنڌ جي سر زمين، صدين کان وٺي اسلامي تصوف جو گهوارو پئي رهي آهي.سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ قصبي ۾، انهن صوفي درويشن جا ڪيترائي آستان ۽ خانقاهون قائم آهن، جي انهن نيڪ انسانن جي بزرگيءَ ۽ عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. سنڌ ۾ تصوف جا جيڪي به سلسلا رائج ٿيا، اُهي اڪثر ڪري ايران ۽ ان جي علمي سرحد عراق جي پيداوار هئا، جهڙوڪ: سهرورديه، چشتيه ۽ قادريه ۽ سندن شاخون- جهڙوڪ: فردوسيه، جماليه، جلاليه، شطاريه، ڪبرويه ۽ صابريه وغيره. اهي سڀئي همه اوست، هو الڪل، وصول ۽ اناالحق جو دم ڀريندا هئا.(1) تصوف جي انهن سڀني سلسلن ۾، سنڌ جي اڪثر صوفي بزرگن پاڻ چڱو موکيو ۽ خدا جي خلق کي پڻ چڱو فيض رسايو.(1)

 
اسان هتي سنڌ جي هڪ اهڙي صوفي بزرگ ۽ درويش، شيخ هوٿـِـي لاکي جو تذڪرو بيان ڪريون ٿا، جو سنڌ ۾ سمن حاڪمن جي صاحبيءَ ۾ سهرورديه فرقي جي صوفي بزرگن، درويشن ۽ مشائخن جو سرواڻ ٿي گذريو آهي. سمن حاڪمن جو دؤر، تواريخ جي لحاظ کان سنڌ ۾ هڪ بهترين ۽ زرين دؤر سمجهيو وڃي ٿو. سمن جي دؤر ۾ سنڌ اندر صدين تائين ســُـڪون ۽ خوشحاليءَ جو دؤر رهيو. انهيءَ دؤر جهڙو امن، سڪون ۽ خوشحالي سنڌ کي وري ڪڏهن به نصيب نه ٿيا. ڄام نظام الدين (المتوفي: 914هه/1508ع) جي وفات کان پوءِ، سنڌ جي امن امان  ۽ سڪون جو شيرازو ٽــُـٽي پيو. ڌارين جي حملن، سنڌ جي آزاديءَ جي چمڪندڙ سج کي تباهه ڪارين جي ڪارن ڪڪرن ۾ اهڙو ته ڍڪي ڇڏيو، جو هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي خودمختيار آزاديءَ جو سج وري نه اڀريو. ملڪ جي امن امان ۽ خوشحاليءَ جو ملڪي ماحول ۽ معاشري تي گهڻو اثر پيو. اهڙي ملڪي ماحول ۾، خدا  وارا صوفي بزرگ، درويش، مشائخ، عالم ۽ فاضل پنهنجن خانقاهن، درگاهن ۽ مدرسن ۾ ديني علمن جي ترويج ۽ تبليغ سان گڏ، علم تصوف ۽ عارفانه تعليم جو ڪم به يڪسوئيءَ ۽ خاطر جمعيءَ سان ڪندا هئا. شيخ هوٿـِـي لاکو، انهيءَ سمن واري صاحبيءَ جي اهڙن نيڪ ۽ ڀلارن بزرگ شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي صوفيانه خيالن سان ان وقت سنڌ کي نوازيو ۽ نيڪ ناميءَ جو نالو ڪڍيو.
سنڌ جي قديم تواريخ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ساڱري درياء(1) جي ڪنڌيءَ وارو علائقو معاشرتي، تهذيبي، تمدني ۽ علمي لحاظ کان وڏيءَ اوج تي هو. هن درياهه جي وٽ سان ڪيتريون ئي شان ۽ مان واريون بستيون آباد هيون.دشتِ باران“ (ڍنڍ) وارو علائقو پڻ ان ساڱري درياء جي ڀــِـڪَ سان هو. دراصل، ساڱري درياء جو وهڪرو، سنڌو درياء جي قديم وهڪرن مان هڪ آهي. هن وهڪري کي ان پــُـراڻي وقت ۾ واهه به ڪري چوندا هئا. هن وقت ساڱرو واهه ڦٽي تباهه ٿي ويو آهي. هن موجوده دؤر  ۾ ان قديم وهڪري جا صرف ڪجهه نشان، نصرپور شهر جي اوڀر ۽ ٽنڊي الهيار جي اولهه ۾ ملن ٿا. انهيءَ ساڱري درياء جي ڪـَـپَ تي مورياڻـِـي نالي هڪ وڏي بستي آباد هئي، جتي هن وقت شيخ هوٿـِـي لاکي بزرگ جو آخرين آرام گاه آهي. هن وقت اتي ميين هوٿـِـي مشائخ جي نالي ڳوٺ، جوجان محمد مشائخ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو، سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم تعلقي ۾ واقع آهي. هن وقت مورياڻـِـيءَ جي اها اصل بستي ۽ ڍنڍ وغيره سڀئي نابود ٿي ويا آهن ۽ انهيءَ حد جو نالو ديهه مشائخ هوٿي سڏجڻ ۾ اچي ٿو. شيخ هوٿـِـيءَ جي انهيءَ قبرستان ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا نيڪ خدا وارا انسان پنهنجي زندگيءَ جو سفر طئي ڪري، هن فاني دنيا ۾ پنهنجا آثارِ نقش ايندڙ دنيا وارن جي عبرت لاءِ ڇڏي، وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيا آهن. مير علي شير “قانع” ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ هن علائقي جي عظمت جي باري ۾ لکي ٿو ته، هيءَ سرزمين عارف باالله بزرگن جي کاڻ آهي.(2)
شيخ المشائخ هوٿـِـي، دشتِ باران علائقي جو هڪ وڏو بلند مرتبي وارو عالم، ولي ڪامل، متقي بزرگ ۽ پنهنجي زماني جي وڏن مشائخن مان هڪ ٿي گذريو آهي. سندس روحاني مرتبا اعليٰ ۽ افضل هئا. پاڻ وڏين ڪرامتن جو صاحب هو. هن علائقي ۾ هيءُ بزرگ، عوام ۽ خواص جو سڀني کان زياده اميدن جو مرڪز پئي رهيو آهي. سندس درگاهه هر مڪتبه  فڪر جي زيارت گاهه آهي.
سنڌ جي ڪنهن به مــؤرخ ۽ تذڪره نگار سندس آباءُ و اجداد جي باري ۾ ڪوبه تفصيل سان احوال ڪونه ڏنو آهي. البت، سندس ڪماليت ۽ بزرگيءَ جي باري ۾، ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ ڪرامتون ۽ روايتون بيان ٿيل ملن ٿيون. شيخ هوٿـِـيءَ جو سڀ کان پهريائين سيد عبدالقادر رضوي نصرپوريءَ جي تاليف حديقته الاولياء سنڌ (سن 1016هه/ 1607ع) ۾ تذڪرو ملي ٿو. (3) ان کان پوءِ، تحفته الڪرام واري صاحب، حديـقته الاولياءِ سنڌ تان ٿوريءَ ڦير گهير ۽ اختصار سان سندس احوال بيان ڪيو آهي. (4) ليڪن، اهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن ٻنهي تذڪره نگارن، شيخ هوٿـِـيءَ ۽ سندس فرزندن جو صرف روايتي انداز ۾ احوال بيان  ڪيو آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته شيخ صاحب پاڻ اصل ۾ ذات جو ڪير هو؟ سندس والد جو نالو ڇا هو؟ وقت جي ڪهڙن ڪهڙن عالمن ۽ بزرگن وٽان علمي فراغت حاصل ڪئي هئائين ۽ روحانيت جي فيض جو وَنــُـڊ، ملتان جي سهروردي(1)  طريقي جي ڪهڙي بزرگ کان ورتو هئائين وغيره! اهي سڀئي ڳالهيون  پنهنجيءَ جاءِ تي اڃا تائين تحقيق طلب آهن، جن جي باري ۾ تلاش ۽ کوجنا ڪرڻ گهرجي.
حديقته الاولياء سنڌ ۽ تحفته الڪرام جي تذڪره نگارن، شيخ هوٿـِـي لاکي جي نالي سان سندس احوال لکيو آهي، جنهن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته شيخ هوٿـِـي ذات جو لاکو هو. لاکا قوم سنڌ جي اصل ۽ قديم قومن مان هڪ آهي ۽ اها قوم سنڌ جي هڪ مردم خيز  قوم پئي رهي آهي. ليڪن، مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ درويش پليءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
درويش پلي ذات جو سميجو، ساڱري نديءَ  جي ڪناري تي رهندو هو. شيخ هوٿـِـي بن لاکي جو سنگتي هو. (5)
مير قانع ٺٽويءَ جي انهيءَ مٿئين بيان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته شيخ هوٿـِـي ذات جو لاکونه هو، پر لاکي نالي هڪ بزرگ جو فرزند هو. لاکي نالي سان سنڌ ۾ ڪيترائي بزرگ ملن ٿا، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته لاکو نالو به سنڌ ۾ پراڻي دؤر کان مروج هو.
ساڳيو تذڪره نگار، دشتِ باران جو ذڪر ڪندي، شيخ هوٿـِـيءَ جي متعلق هن طرح لکي ٿو:
شيخ هوٿـِـي لاکو پنهنجي وقت جي پيرن جو پير هو.(6)
مير قانع ٺٽويءَ جي انهن مختصر لفظن مان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شيخ هوٿـِـي ذات  جولاکو هو. انهيءَ ڏس ۾، تلاش ۽ جستجو ڪندي شيخ هوٿـِـيءَ جي باري ۾ اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته  هيءُ بزرگ دشتِ باران واري علائقي جو رهاڪو ڪونه هو، بلڪ پاڻ اصل ۾ لاکاٽ پرڳڻي جو رهواسي هو. شيخ هوٿـِـيءَ جي متعلق، محترم عبدالواحد عاصي هڪڙو روايت ڪندي لکي ٿو:
چوڻ ۾ اچي ٿو ته شيخ هوٿـِـيءَ جو خانداني تعلق لاکا قوم سان هو. نواب شاهه ضلعي جي دولت پور شهر جي آس پاس جو ويٺل هو. سندس والد جو نالو درمحمد هو. هتان جي ماڻهن کان سندس اوائلي شجرو هن ريت ملي ٿو، هوٿـِـي پٽ درمحمد پٽ لاکو پٽ آمر پٽ مناهيجو وغيره. پر پاڻ هن طرف شيخ المشائخ هوٿـِـي لاکي جي نالي سان مشهور آهي.(7)
محترم عبدالواحد عاصي هــَـڪڙي جي انهيءَ مٿئين روايت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شيخ هوٿـِـي اصل ۾ مورياڻـِـي، يعني دشتِ باران جي علائقي جو رهندڙ ڪونه هو، پر دولت پور صفن جي طرف جو ويٺل هو. سندس پيءُ جو نالو درمحمد ۽ لاکو سندس ڏاڏو ٿيندو هو. اسان جي خيال موجب ته شيخ هوٿـِـيءَ جو تعلق، سنڌ جي لاکا قبيلي سان هو. پاڻ پنهنجي ڏاڏي جي نالي ۽ ذات جي نالي جي هڪجهڙائيءَ سببلاکو سڏجڻ ۾ آيو. سنڌ جي قديم تواريخ جي اڀياس مان به اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اُن پراڻي دؤر ۾، لاکاٽ پرڳڻي ۾ ڏيڙان نالي ڳوٺ موري تعلقي ۾ (هن وقت دولت پور تعلقي ۾) قاضي احمد جي مٿان ۽ سيوهڻ کان سورهن ميلن تي واقع هو.(8) لاکاٽ جو اهو پرڳڻو، سنڌو درياهه جي ڪـَـپَ تي هو. هتي ٻين قبيلن سان گڏ لاکا قوم به ڪثرت سان رهندي هئي. هن وقت به اُن علائقي ۾ لاکا قوم جا ڪافي ڳوٺ آباد آهن.
ان سلسلي  ۾، اسان جو گمان آهي ته شيخ هوٿـِـي، دولت پور ۽ قاضي احمد جي آس پاس واري علائقي جي ڪنهن ڳوٺ جو رهندڙ هو. پاڻ ملتان جي پير، غوث بهاءُ الدين زڪريا(1) جي درگاهه جو طالب هو ۽ سهروردي طريقي کي زور وٺائڻ ۽ تبليغ جي سلسلي ۾، مورياڻـِـيءَ جي بستيءَ ۾ اچي رهيو ۽ سموري حياتي پاڻ اتي جو ٿي رهيو. ان متعلق، محترم عبدالواحد عاصي هـَـڪڙو پنهنجي موڪليل روايت ۾ لکي ٿو:
شيخ هوٿـِـيءَ لاءِ هڪ مقامي روايت آهي ته هڪ ڀيري مورياڻـِـي ڳوٺ ۾ صوفي ساند فقير جي آستاني تي درويشن جي مجلس متل هئي، ته اوچتو ئي اوچتو شيخ هوٿـِـي اچي نروار ٿيو ۽ ويٺل درويشن کي چيائين ته هن مجلس ۾ هن فقير لاءِ به جاءِ ٿيندي يا نه! ميون صوفي ساند فقير پنهنجي روحانيت واريءَ نظر سان شيخ هوٿـِـيءَ کي پرکي ورتو ۽ چيائينس ته هائو! تون اڄ کان اسان جي ساٿ جو سرواڻ آهين.(9)
شيخ هوٿـِـيءَ جي سلسله طريقت جي باري ۾، مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:
هيءُ بزرگ وقت جو وڏو ڪامل ولي، مرشدن جو مرشد هو. گهڻو ڪري سـُـرخ لباس ڍڪيندو هو ۽ تير ڪمان هميشه پاڻ سان رکندو  هو. بــنا سرود جي راڳ جو سماع ڪندو هو ۽ وجد ۾ ايندو هو. حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جو خليفو ۽ مريد هو.(10)
مولانا دين محمد وفائيءَ اهو مٿيون احوالُ تحفته الڪرام ۽  ارشادُ الطالبين تان ٿوريءَ ڦير گهير سان ڄاڻايو آهي. وفائي صاحب، شيخ هوٿـِـيءَ کي شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جو خليفو ۽ مريد ٻــُـڌائي ٿو. شيخ هوٿـِـيءَ جي احوال ۾ سندس مزار تي نصب ٿيل سندس وفات جو تاريخي ڪتبو وڏي اهميت رکي ٿو. دراصل، سندس باري ۾ جيڪو به احوال بيان ڪيو وڃي ٿو، ان جو مکيه بنياد اهو وفات جو تاريخي ڪتبو ئي آهي. ان ڪتبي ۾ شيخ جي وفات جو سن 811هه/1408ع تحرير ٿيل آهي. شيخ بهاءُ الدين زڪريا مـُـلتانيءَ جي وفات جو سـَـنُ ڪيترن مؤرخن ۽ تذڪره نگارن الڳ الڳ بيان ڪيو آهي، جهڙوڪ: سفينته الاولياء” ۾ سن 666هه/1268ع، مرات الاسرار ۾ سن 665هه/ 1267ع، تاريخ تمدن سنڌ ۾ سن 656هه/1258ع ۽ خزينته الاصفياء” ۾  سن 666هه/ 1268ع وغيره. بهرحال، اسان هتي خزينته الاصفياء” جي صاحب، مفتي غلام سرور لاهوريءَ جي بيان ڪيل سن 666هه/1268ع کي اڳيان رکي تجزيو ڪريون ٿا ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته شيخ بهاءُ الدين زڪريا، شيخ هوٿـِـيءَ جي وفات (سن 811هه/ 1408ع) کان 145 ورهيه اڳ وفات ڪري چڪو هو. انهيءَ لحاظ کان شيخ هوٿـِـي ڪنهن به طرح سان شيخ بهاءُ الدين زڪريا مـُـلتانيءَ جو خليفو ۽ مـُـريد ٿي نه ٿو سگهي! اسان جي راءِ موجب شيخ هوٿـِـي، شيخ بهاءُ الدين زڪريا مـُـلتانيءَ جي پوٽاڻ مان ڪنهن گادي نشين جو سهروردي طريقي ۾ مـُـريد ٿيو هوندو ۽ اتان ئي کيس خلافت جو فرقو عطا ٿيو هوندو!
بهرحال، شيخ هوٿـِـي سهروردي طريقي جو وڏو صاحبِ ڪمال بزرگ ۽ درويش ڪري ليکيو ويندو هو. هن ڪيترن ئي راهه ڀٽڪيل ۽ ڀـُـليل انسانن جي اونداهين دلين ۾ عشق الاهي ۽ محبت جي جوتِ جلائي. پاڻ مورياڻـِـي بستيءَ ۾ اچي رهڻ کان پوءِ، هتي هڪ مسجد شريف تعمير ڪرايائين. ان مسجد شريف جي لڳ هڪ وڏو عاليشان مدرسو پڻ قائم ڪيائين. شيخ هوٿـِـي پاڻ ان مدرسي ۾ علم معقول ۽ منقول جو درس ڏيندو هو. ديني علمن سان گڏ روحاني تعليم جو به درس ڏيندو هو. سندس مدرسي مان وقت جا ڪيترائي عالم فارغ التحصيل ٿي نڪتا ۽ روحانيت جا به بلند مرتبا حاصل ڪيا. هن پنهنجي سموري حياتي انهيءَ شغل ۾ پوري ڪئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس قائم ڪيل اهو مدرسو، ٻارهين صديءَ ۾ وڏي عروج تي هو. سندس خاندان مان حافظ ميان اسحاق، ان مدرسي جو مهتمم هو. حافظ صاحب پنهنجي زماني جو وڏو عالم ۽ عارف باالله هو. سنڌ جي صوفي شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو همعصر ۽ صحبتي هو. پوئين دؤر ۾ ميون عبدالحسين، هن مدرسي جو وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. شيخ هوٿـِـيءَ واري مدرسي جي ڀرسان هڪ وڏو ڪتبخانو قائم ٿيل هو، جو ميين ابوالحسن جي دؤر تائين موجود هو. هن وقت سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. (11)
شيخ المشائخ هوٿـِـيءَ جي اها وڏي ۾ وڏي خوبي هئي، جو پاڻ اڌ رات کان اشراق تائين، عبادت، رياضت ۽ مشاهدي ۾ مشغول رهندو هو. اشراق کان پوءِ، مدرسي ۾ شاگردن، عالمن ۽ صالحن کي ٻن پهرن جي نماز تائين درس ڏيندو هو ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ پورو ڪندو هو. پاڻ هڪ وڏو صاحب ڪرامت بزرگ هو. سندس باري ۾، سيد عبدالقادر رضوي نصرپوريءَ پنهنجي ڪتاب حديقته الاولياء سنڌ ۽ تحفته الڪرام جي صاحب ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪيو آهن. بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ پڻ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ٻن ٽن هنڌن تي شيخ هوٿـِـيءَ جي عظمت ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ مذڪور ڪتاب ۾، هڪ جاءِ تي شيخ هوٿـِـيءَ جي سماع ۽ وجد جي متعلق اچي ٿو:
هڪ ڏينهن زماني جو شيخ ۽ مخدوم، عشق ۽ معرفت جو داناءُ، رياضت ۽ مجاهدي جو صاحب  درويش هوٿـِـي لاکو، جنهن جي تربت ساڱري  جي ڪپ تي نصرپور پرڳڻي ۾ آهي،  پنهنجي پـُـٽَ کي نصيحت ڪري رهيو هو ته  سماع کي هرگز ترڪ نه ڪجو، يعني: سماع کي ڏسڻ ۽ پاڻ ان ۾ شامل ٿيڻ نه ڇڏجو.(12)
انهيءَ مٿئين بيان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته شيخ هوٿي “سماع جو قائل هو ۽ بنا ساز ۽ سرود جي سماع واريءَ محفل ۾ شريڪ ٿي، وجد ۾ ايندو هو. انهيءَ نموني جو سماع سهروردي طريقي وارن وٽ مباح آهي. شيخ هوٿـِـيءَ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساري حياتي بسر ڪئي. شيخ المشائخ وڏيءَ ڄمار ۾ فنا جو چولو لاهي، بقا جو چولو ڍڪيو. هن بزرگ جي وفات جي تاريخ، سنڌ جي ڪنهن به تواريخ ۽ تذڪري ۾ ڄاڻايل نه آهي. البت، سندس مزار واري ڪتبي تي سن 811هه/1408ع تحرير ٿيل آهي. انهيءَ لحاظ سان شيخ هوٿيءَ سنڌ جي سما حاڪمن جي دؤر ۾، ڄام علي شير پٽ سلطان رُڪن الدين شاهه ڄام تماچيءَ جي دؤر 809هه کان 815هه (1406ع کان 1412ع) ۾ لاڏاڻو ڪيو.(13) سندس مزار، ساڱري ڍوري جي ڪـَـپَ تي مورياڻـِـي بستيءَ جي قديم قبرستان ۾ آهي ۽ اڄ به مرجع عام و خاص آهي.(14)
چوڻ ۾ اچي ٿو ته شيخ هوٿـِـيءَ جنهن وقت هن فاني جهان مان رحلت ڪئي ته ان وقت سندس جنازي نماز ۾ جيڪي ماڻهو شريڪ ٿيا، تن مان هڪ جي روايت آهي ته شيخ هوٿـِـي به ساڻس گڏ اچي صف ۾ بيٺو. انهيءَ شخص کيس چيو ته اوهان خود وري پنهنجي ئي جنازي جي نماز ڪيئن پيا پڙهو؟ شيخ هوٿـِـيءَ جواب ۾ چيس ته ان لاءِ توکي حيرت ۾ پوڻ نه گهرجي، اسان کي زنده سمجهه. جيڪي محبت جي تلوار جا شهيد هوندا آهن، سي هميشه حيات هوندا آهن. ان کان پوءِ پاڻ قرآن پاڪ جي هيءَ آيت پڙهيائين: ولا تقولوا لمن يقتل في سبيل الله اموات بل احياءٌ عند ربهم و لکن لاتشعرون. (15)
شيخ هوٿـِـيءَ جي مزار تي هيٺيون تاريخي ڪتبو لڳل آهي:
تاريخ وفات قدوهِ السالڪين زبدهِ العارفين شيخ المشائخ شيخ هوٿي السهروردي البهائي اين مظهر آثار خير و احسان مطمع انوار علم و عرفان مقبول بارگاه صمد دُرمحمد عليهما الرحمه بتاريخ چهارم رجب روز يکشنبه سن 811 هشت صد و يازدهم هجري رحلت نمود(1)
شيخ هوٿي ۽ سندس پٽن جي مزارن تي سنڌ جي سما خاندان جي هاڪاري سلطان، ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي ٽي عاليشان قبا تعمير ڪرايا هئا، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڄام نندي جي شيخ المشائخ هوٿـِـيءَ ۽ سندس فرزندن سان وڏي عقيدتمندي هئي. شيخ هوٿيءَ جي مقبري جي ٻاهرئين دروازي جي مهاڙيءَ تي وري هيءُ ڪتبو تحرير ٿيل آهي:
روضه منور شيخ المشائخ هوٿي السهروردي المتوفي سن 811 هشت صد يازدهم هجري موسس نخستين و باني اولين اين قبه معظم جام  نظام الدين المشهور به جام ننده سمه والي خطه سند است والحال بعونه تعاليٰ بڪرهِ اربع سن 1320هجري بسعي و اهتمام ميان فتح محمد و ميان ڪريم الله درس (2) مشائخ پوٽه معمر و مزين گرديد. معمار بلاول خداآبادي و خيرمحمد کاشيگر(1) نصرپور.

انهيءَ مٿئين ڪتبي واريءَ عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڄام نظام الدين سمي وارو تعمير ڪرايل مقبرو زماني گذرندي ڪمزور ٿي ويو، جنهن جي ساڳين بنيادن تي سن 1320هه/1902ع ۾ ٻيهر مقبرو تعمير ڪرايو ويو. ان تي اهو ساڳيو ئي ڄام نظام الدين سمي وارو ڪتبو حرف بحرف تحرير ڪيو ويو ۽ تعمير ڪرائيندڙن جا نالا، ميان فتح محمد ۽ ميان ڪريم الله درس پڻ لکيا ويا. انهيءَ ڪتبي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته خداآبادي رازي، بلاول تعمير جو ڪم ڪيو ۽ ڪاشيءَ وارو ڪتبو، نصرپور جي ماهر ڪاشيگر، خيرمحمد تيار ڪيو.
شيخ هوٿيءَ کي چار فرزند ٿيا، جن مان ٻه نيڪ سيرت ۽ لائق فرزند ثابت ٿيا. هيءُ  ٻئي صاحبِ ڪمال، علم ۽ فضل ، زهد ۽ ورع، تقويٰ ۽ تقدس ۾ وڏا سربلند هئا. سندس انهن پٽن مان هڪ جو نالو شيخ احمد ۽ ٻئي جو شيخ  محمد هو پنهنجي وقت جا وڏا جيد عالم ۽ صوفي بزرگ سندن مريد ۽ خليفا هئا. هتي انهن ٻنهي بزرگن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:
شيخ احمد:
شيخ احمد، شيخ هوٿيءَ  جو وڏو فرزند هو. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار وانگر ملتان جي غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي درگاهه جو مريد ۽ سهروردي طريقي جو وڏو عارف ۽ ولي الله هو. خلافت جو خرقو پڻ مليل هئس. وڏو عالم، مقامِ قرب ۾ مرتبه عاليءَ تي فائز هو. وڏو صاحبِ ڪمال، حال ۽ قال جو صاحب هو. واصل حق ۽ مستجاب الدعوات هو. سندس هرڪا دُعا درگاهه الاهيءَ ۾ مقبوليت جو باعث هئي. پاڻ اڪثر ذڪر ۽ سماع جي محفل ۾ شريڪ رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مٿس وجد ۽ حال جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. سندس ڪرامتون سمجهه ۽ ڳاڻيٽي کان وڌيڪ آهن. بيان العارفين ۾ پڻ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري سندس بزرگيءَ، درويشيءَ ۽ سماع جو وڏو بيان ڪيو آهي. (16) شيخ احمد پنهنجي والد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، سندس قائم ڪيل مدرسي ۽ خانقاهه کي عروج تي پهچايو. شيخ احمد پنهنجي والد کان 9 ورهيه پوءِ، 11- ذوالحج 820هه/19- جنوري 1418ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. مير قانع ٺٽويءَ جو قول آهي ته سندس تــُـربت ساڳيءَ جاءِ تي پيءُ بزرگوار جي ڀر ۾ آهي.(17) سندس مزار تي وفات جو ڪتبو هن طرح سان لکيل آهي:
تاريخ وفات قدوهِ درگاه احد زبدهِ بارگاه صمد شيخ ميان احمد خلف ارشد خليفه امجد شيخ المشائخ شيخ هوٿي عليه الرحمته بتاريخ 11- ذوالحج سن 820 هجري رحلت فرمود.

سندس مزار جي مٿان قبو اَڏيل آهي،(1) جنهن جي دروازي جي ٻاهران هن طرح سان ڪتبو لکيل آهي:
روضه منوره زبدهِ درگاه احد قدوهِ بارگاه صمد اعمي ميان احمد خلف  ارشد و خليفه امجد شيخ المشائخ شيخ هوٿي عليهما الرحمته اساس اولين و بناي نخستين اين گنبذ عالي و قبه مستعالي بامر جام نظام الدين والي سند است  والحال بعون عنايت ايزد متعال بکرهِ اربع 1320هجري بسعي و اهتمام ميان فتح محمد و ميان ڪريم الله درس معمر و مزين گرديد. بقلم محمد بچل مشائخ پوٽه، استاد بلاول خدا آبادي.
شيخ احمد کي ميان محمد صابر نالي هڪ فرزند ٿيو. هيءُ بزرگ پڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جو صحيح  جاءِ نشين ثابت ٿيو. پاڻ هميشه عبادت ۽ مجاهدي ۾ رهندو هو ۽ هڪ گهڙي به ذڪر الاهيءَ کان غافل نه رهندو هو.
شيخ محمد:
شيخ محمد، شيخ هوٿيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. وڏو زاهد، عابد ۽ حافظ قرآن هو. سندس گهڻو وقت عبادت الاهيءَ ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ گذرندو هو. مير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته سندس مزار سندس والد جي ڀرسان آهي.(18)
*

حوالا
(1) مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 503
(2) مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 368
(3) سيد عبدالقادر نصرپوري:حديـقته الاولياء سنڌ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1967ع، ص 101 کان 108
(4) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 69- 368
(5) ايضاً، ص393
(6) ايضاً، ص 368
(7) مڪتوب محترم عبدالواحد عاصي هــَـڪڙو ، سلطان آباد، مؤرخه 6- اپريل 1989ع
(8) ميرڪ يوسف: تاريخ مظهر شاهجهاني (سنڌي)، مترجم: نياز  همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 1994ع، ڏسو پيش لفظ، از: محمد حسين پنهور، ص 20 ۽ 21
(9) ڏسو حوالو نمبر(7)
(10) وفائي دين محمد مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ - جلد 2، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1985ع، ص 330
(11) ڏسو حوالو نمبر (7)
(12) محمد رضا بن عبدالوسع: بيان العارفين و تنبيه الغافلين (سنڌي)، مترجم و محقق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، اوقاف کاتو (حڪومت سنڌ) ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد سنڌ، 2002ع، ص 249
(13)  Baloch .N.A. Dr: “Sindh Studies in History” vol: I، Kalhora Seminar Committee، Karachi Sindh 1996، pp144..
(14) ڏسو حوالو نمبر (7)
(15) قدوسي اعجاز الحق:تذڪره صوفياء سنڌ (اردو)، اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچي سنڌ، ڇاپو ٻيو 1975ع، ص 324
(16) ڏسو حوالو نمبر (12)، ص 243
(17) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 369
(18) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 369
*
(ماهوار نئين زندگي حيدرآباد سنڌ، اپريل 1986ع، - سـَـنواريل  ۽ وڌايل)

 


(1)  شروع ۾ اسلامي تصوف جا فرقا ۽ طريقا ڪونه هئا. پر پوءِ جڏهن اسلامي سلطنت جون حدون وسيع ٿيون ۽ سياسي ۽ مذهبي مت ڀيد ۽ اختلاف وڌيا، ته ان وقت تصوف ۾ پڻ فرقا ۽ طريقا به ظاهر ٿيندا ويا. ٻي صدي هجريءَ ۾ انهيءَ مشرب جو بنياد پيو. پهريائين ڪوبه طريقو ۽ سلسلو ڪونه هو. عباسي خلافت (132هه/749ع) ۾ اسلامي علمن ۽ فڪرن تي عجمي اثر زياده پيا. تصوف تي وحدت الوجود جو اثر پيو ۽ ان جي شروعات به سنڌ کان ٿي. خواجه بايزيد بسطامي، غير اسلامي عجمي نظرين کان گهڻو متاثر ٿيو. ابو علي سنڌي سندس روحاني مرشد هو، جنهن کان هــُـن وحدت الوجود  جو نظريو حاصل ڪيو.
((1) ساڱرو، سنڌو درياء جو اهوئي وهڪرو آهي، جنهن جي ڪــَـپَ تي سنڌ جو قديم شهر نصرپور ٻڌل آهي. ان وهڪري کي چچنامي ۾سانڪره ڪري لکيو ويو آهي، جنهن کي ڪن مـؤرخن ساڪرو ڪري سڏيو آهي. دراصل، هن وهڪري جو نالوسائو وهڪرو هو، جو پوءِ بدلجي ساڱرو ٿيو، (وڌيڪ ڏسو، راقم جو مقالو تـورڪيءَ جو قديم تواريخي قبرستان، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ، نمبر 3 ۽ 4، سال 1982ع ، ص 146)
(1) سهرورد جي نالي سان عراق عجم ۾ همدان ۽ زنجان جي وچ ۾ علم ۽ عرفان جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جتي حضرت شهاب الدين ابو حفص عمر جو پيرُ، شيخ ضياءُ الدين ابونجيب ۽ سندس مرشد شيخ وجيه الدين رهندا هئا. انهيءَ نسبت سان سندن سلسلي کي سهروردي سڏجي ٿو(مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، 1959ع ، ص 251)
(1) شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتان سماع جي شغل جو شوق رکندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري عبدالله روميءَ نالي هڪ قوال ملتان آيو. شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين، ته شيخ الشيوخ حضرت شهاب الدين عمر سهروردي به سندس راڳ شوق سان ٻڌندو هو. شيخ صاحب جواب ۾ فرمايو ته زڪريا به ضرور اهو راڳ ٻڌندو. سومهڻيءَ جي نماز کان پو”، قوالَ راڳُ شروع ڪيو، جنهن ۾ هيٺيون تڪرار هو:
مستان که شراب ناب خوردند،
از پهلوي خود کباب خوردند.

 
اهو ٻڌي شيخ زڪريا وجد ۾ اچي ويو ۽ صبح جو قوال کي چانديءَ جي سڪن سان نوازيو ويو. (سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزمِ صوفيه - اردو، اعظم ڳڙهه، 1949ع، ص 6 - 105)
(1) شيخ هوٿيءَ جو مفصل  احوال ۽ تاريخي ڪتبا، عزيزم عبدالواحد عاصي هـَـڪڙي صاحب مؤرخه 6- اپريل 1989ع تي ڳوٺ سلطان مان شيخ هوٿـِـيءَ جي درگاه تان تمام خبرداريءَ سان راقم ڏانهن نقل ڪري موڪليا.
(2) درس، سنڌ ۾ اصل ڪا ذات نه آهي. “درس” جو مطلب آهي درس ڏيندڙ، سبق پڙهائيندڙ وغيره. سنڌ جي قديم شهرن ۾ ڪي قبيلا ناظره قرآن مجيد پڙهائيندا هئا. ان نسبت سان اهي درس سڏجڻ ۾ آيا، ۽ سندن اصل ذاتيون ڍڪجي ويون.
(1) خير محمد ڪاشيگر، نصرپور جي هارون ڪاشيگر جي ويجهن عزيزن مان هو.
(1) تحفته الڪرام جي صاحب، مزارن تي قــُـبن ۽ ڪتبن جو ڪو به احوال بيان نه ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا