قاضي ميان محمد
خانواهڻ وارو
خانواهڻ وارو
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
قديم زماني کان وٺي “ساهتيءَ” جو پرڳڻو علم ۽ عرفان جو مرڪز پئي رهيو آهي. هتان جي خاڪ مان وقت جا ڪيترائي جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيه پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن ۽ اهي هتي ئي ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. ساهتي پرڳڻي ۾ جيڪي عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان “قاضي ميان محمد خانواهڻ وارو” هڪ وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي ميان محمد هڪ درويش صفت، بزرگ صورت، علم جو بحر، فيض جو درياء ۽ سرزمين سنڌ لاءِ فخر جو باعث هو.
قاضي ميان محمد جي نسب جو سلسلو هن ريت آهي: قاضي ميان محمد بن قاضي محمد اشرف بن قاضي ابوالمعالي بن قاضي عبدالواحد بن قاضي نظام الدين بن قاضي عبدالمعالي خالدي قريشي. انهن قاضي صاحبن جا وڏا اصل ۾ عربستان کان محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا هئا ۽ ساهتيءَ جي قديم تواريخي شهر “ڪوٽ راءِ”(1) ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون. سندن خاص مشغلو عربي زبان جي تعليم ڏيڻ هو. قديم زماني کان وٺي هن گهراڻي جا ڪيترائي خاندان ساهتيءَ جي مختلف شهرن، جهڙوڪ: بهلاڻي، درٻيلي، ممڙ ۽ خانواهڻ ۾ آباد آهن.
سن 1195هه/ 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي چـُـرچ تي سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. سندس سپاهه سڄي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۽ مانڌاڻ وجهي ڇڏيو. انهيءَ ساڳئي دؤر ۾ ڪوٽڙي ڪبير جو وسندڙ ۽ آباد شهر به پٺاڻن جي لشڪر جي ظلم ۽ ستم کان بچي نه سگهيو. سمورو شهر ڦٽـِـي ڀڙڀانگ ٿي ويو. هتان جا ڪيترائي معزز خاندان هـِـن شهر مان لڏي، ٻين وسندڙ ۽ سلامتيءَ وارن هنڌن تي وڃـي آباد ٿيـا. قاضـي ميان محمد اشرف به پنهنجي اهل ۽ عيال سميت هتان لڏي، “خان جو واهڻ” (خانواهڻ) (1) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.
قاضي ميان محمد اشرف هڪ وڏو متبحر عالم ۽ درويش هو. سندس مدرسو، ان دؤر ۾ هڪ وڏو علمي ۽ ديني درسگاهه هو. پاڻ خود ان مدرسي ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. قاضي محمد اشرف ٻه شاديون ڪيون هيون، هڪ ڏاڏي پوٽي ۽ ٻي آدم پوٽي. ڏاڏي پوٽيءَ مان کيس هڪ فرزند قاضي ميان عبدالرحيم(2) نالي ڄائو.آدم پوٽيءَ مان وري کيس ٻه پٽ قاضي ميان محمد ۽ قاضي ميان جان محمد نالي ٿيا.
قاضي ميان محمد سن 1205هه/ 1781ع ۾ “خانواهڻ” ۾ ڄائو. پاڻ پنهنجي والد جي زير سايي ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ قرآن مجيد پڻ حفظ ڪيائين. علم جي حصول خاطر، کيس ڪجهه وقت لاءِ ٻين مدرسن ۾ به وڃڻو پيو. عربي ۽ ديني علومن جي تحصيل پنهنجي والد بزرگوار جي مدرسي مان ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ خانواهڻ جي ڀرسان “محبت ديري سيال” ۾ ميان محمد هاشم سيال (المتوفي: 1843ع) نالي هڪ وڏو عالم هو. جنهن جو مدرسو علمي لحاظ کان گهڻو مشهور هو. مولانا محمد هاشم زهد ۽ ورع، قناعت ۽ توڪل ۾ يگانه روزگار هو. هو عالم باعمل ۽ برڪت جو صاحب هو. قاضي ميان محمد فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، ان مدرسي ۾ درس ۽ تدريس جو مشغلو اختيار ڪيو.
قاضي ميان محمد جي باري ۾، “تذڪره خاندان قريش” جو صاحب لکي ٿو:
“هڪ دفعي قاضي ميان محمد جيئن سهتن واري کوهه کان اچي رهيو هو، تيئن سندس نگاهه اوچتو وڃي هڪ حسين عورت تي پيئي. بس يڪ بيڪ انوار الاهيءَ جو نور چمڪيو ۽ عشق مجاز، عشق حقيقيءَ جو ذريعو بنجي ويو. انهيءَ واقعي کان پوءِ، سندس حالت بلڪل بدلجي ويئي ۽ محبوب جي وصال خاطر، ڪيترن پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي ڀٽڪندو رهيو. آخرڪار، هڪ ولي ڪامل جي ذريعي مجازي ڏاڪڻ اُڪري پار پيو.”(1)
قاضي صاحب انهيءَ دؤر ۾ ڪيترو ئي سنڌي خواه فارسي ڪلام چيو، جنهن ۾ محبوب جي حسن جي ساراهه، ان جو ناز و انداز، ظلم و ستم ۽ پنهنجي دل جي بيقراريءَ جو ذڪر نهايت ئي پـُـرسوز نموني ۾ بيان ڪيو هئائين. افسوس! جو سندس اهو سمورو ڪلام اڄ ناپيد آهي.
قاضي صاحب جو اڪثر وقت ڪتابن جو مطالعي، عالمن ۽ صوفي درويشن سان صحبت ڪرڻ ۽ فقيرن سان پريت ونڊڻ ۾ گذرندو هو. شعر لکڻ ۽ تصوف متعلق فڪر ڪرڻ، سندس خاص شيوو هو. پاڻ نهايت ئي نيڪ سيرت، حليم طبيعت، خوش خلق ۽ علم دوست هو. پاڻ “چنيجن” جي مشهور عالم ۽ محدث، قاضي ميان محمد حسين وٽان هڪ ٻئي پٺيان ٻه شاديون ڪيون هئائين. پهرئين گهر مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو. البت، پوئين گهر مان کيس ٻه نياڻيون ۽ پنج پــُـٽ ٿيا: قاضي ولي محمد، قاضي علي محمد، قاضي محمد علي، قاضي دوست علي ۽ قاضي حسن علي. انهن سڀني جو اولاد اڄ تائين هلندو پيو اچي. قاضي ميان محمد نوي ورهين جي ڄمار ۾ سن 1294هه/ 1877ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. سندس مزار، خانواهڻ جي قديم قبرستان “پير قراري” ۾، قاضي ميان خيرمحمد جي قــُـبي جي ڀرسان، سندس وڏي ڀاءُ قاضي ميان عبدالرحيم جي مزار جي اولهه ۾ آهي.
قاضي ميان محمد هڪ متبحر عالم، اديب ۽ شاعر هو. پاڻ متعدد تصنيفات جو صاحب هو. علم طب جي فن تي فارسي زبان ۾ “طب محمدي” نالي هڪ ڪتاب لکيو هئائين.”ڪربلا جو قضيو” جي عنوان سان سندس هڪ ٻي تصنيف آهي، جيڪا سنڌي شعر “ڪبت” واري نموني ۾ ٺاهيل آهي. هن ڪتاب ۾ پهرئين محرم الحرام کان وٺي ڏهين تاريخ تائين ڪربلا جي واقعي جي روئداد ڏنل آهي. هيءُ رسالو اٽڪل 35 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ابوالحسن جي سنڌي صورتخطيءَ ۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ، سندس ٻيا به ڪيترائي سنڌي، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ ڪتاب آهن، جيڪي سندس پوين وٽ محفوظ آهن.
قاضي صاحب سنڌي زبان ۾ شعر به چوندو هو. پاڻ ڪافي مداحون، مناجاتون، مناقبا ۽ مولود چيا اٿس. سندس اهو ذخيرو سنڌي ادب جو هڪ انمول شاهڪار آهي. سندس ڪلام مان هڪ مولود شريف نموني طور هتي ڏجي ٿو:
اي هيءُ حال حضور ۾ ڪج اوٺي عجيبن،
نائي نيڻ نياز سين، ٻڌي ٻانهون جيئن ٻانهن.
نائي نيڻ نياز سين، ٻڌي ٻانهون جيئن ٻانهن.
1. هيڻن مٿي هٿڙا، ڪريو ٿورا ساڻ شڪن،
چانئٺ تنهنجي يا نبي! آءٌ چـُـميان ساڻ چپن.
چانئٺ تنهنجي يا نبي! آءٌ چـُـميان ساڻ چپن.
2. سوين سائل سيدا، جي ڪيون آس اچن،
داور تنهنجي در تي، سي لکين لاڳُ لهن.
داور تنهنجي در تي، سي لکين لاڳُ لهن.
3. سـُڻي سڏ لبيڪ جو، ٿا حاجي حج هلن،
طالع وڏا تن جا، جي ٿا روضي پاڪ رسن.
طالع وڏا تن جا، جي ٿا روضي پاڪ رسن.
4. دلبر تنهنجا دائما، ٿا پل پل پـُور پون،
مل ته مشتاقن کي، وِسرِي وهم وڃن.
مل ته مشتاقن کي، وِسرِي وهم وڃن.
5. پوريون پينوءَ جون ڪريو، جيڪي مدائون من،
“محمد” چوي يا مصطفيٰ! ساڻ قادر جي ڪرمن.(2)
*
“محمد” چوي يا مصطفيٰ! ساڻ قادر جي ڪرمن.(2)
*
حوالا
(1) قاضي نور الله بهلاڻيءَ وارو: “تذڪره خاندان قريش”(قلمي فارسي)، ضميمو پهريون
(2) قاضي عبدالخالق ممڙائي: “بياض محمد فقير” (قلمي)
*
(ماهوار”الرحيم” حيدرآباد سنڌ، فيبروري 1968ع)
(1) “چچنامي” ۾ جنهن “ڪوٽ راءِ” شهر جو نالو اچي ٿو، سو اهوئي شهر آهي، جنهن کي موجوده دور ۾ “ڪوٽڙي ڪبير” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مخدوم ميان محمد ڪبير، نائين صدي هجريءَ ۾ هتي اچي سڪونت پذير ٿيو. ان وقت هيءُ شهر ويران ٿي چــُـڪو هو. پاڻ هتي هڪ “ڪوٺڙي” ٺاهي ويٺو، جا “ڪوٺڙي ڪبير” سڏبي هئي. “ڪوٺڙي ڪبير” وقت گذرندي، “ڪوٽڙي ڪبير” ۾ تبديل ٿيو. ان وقت هن شهر جو حاڪم، قاضي ميان اسحاق، عراق جو عرب هو.(“تذڪره خاندان قريش”- قلمي فارسي)
(1) “خانواهڻ” جو شهر، “ساهتي” پرڳڻي جي قديم شهرن مان پنهنجي عظمت جو هڪ يادگار آهي. هيءُ شهر ڪلهوڙن جي ابتدائي دؤرِ حڪومت ۾ آباد ٿيو ۽ ڪلهوڙن جي آخرين دؤر ۾ وڏيءَ اوج کي رسيو. هيءُ شهر “سهتا” قوم جو آباد ڪرايل آهي. “تذڪره خاندان قريش” جو مصنف، قاضي ميان قطب الدين لکي ٿو ته، “هيءُ شهر سنڌو درياء جي اولهه ۾ هو ۽ سهتا قوم جي هڪ جاگيردار خان هن شهر کي ٻڌايو هو. اوائل ۾، هيءُ شهرخان جو واهڻ جي نالي سان سڏبو هو.” هن وقت هيءُ شهر درياء جي اوڀر ۾ آهي ۽ سنڌو درياء هتان کان گهڻو پري اولهه ۾ واقع آهي. هن موجوده دؤر ۾ هيءُ شهر نوشهري فيروز ضلعي ۾ واقع آهي.
(2) قاضي ميان عبدالرحيم پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو ولي ڪامل هو. پاڻ زياده تر پنهنجو وقت يادِ الاهيءَ ۾ گذاريندو هو.
No comments:
راءِ ڏيندا