موهن فقير آهوجا
[ 1845ع – 1925ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
صوفي موهن لعل پٽ پريمداس آهوجا جو، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل خالد ۾، 17 ڊسمبر 1845 تي جنم ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي ڳوٺ ۾ پتا سان گڏ هٽ هلائيندو هو. سندس طبيعت شروعات کان ئي صوفين جي صحبت ۽ ساڌن ڄي سڪ ۾ گذاري. انهيءَ ڪري نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، شاه نصير الدين صوفي رح (وفات 1318هه = 1900ع) جو معتقد ٿيو. سڄي زندگي راڳ ۽ ويراڳ ۾ صرف ڪندي، آخر عمر لاڙڪاڻي شهر جي اوڀارين طرف اوتارو (نڪيو) اڏي گذارڻ لڳو – 18 شعبان 1223هه مطابق 12 مارچ 1925ع تي سيوهڻ شريف ۾ پرلوڪ پڌاريائين. مسلمانن کيس دفنائڻ ٿي چاهيو ۽ هندن سندن ڪريا ڪرم ڪرڻ پئي گهريو. بالاخر سيوهڻ شريف ۾ سندس سماڌي جوڙي وئي. سنڌي ۽ هندي زبانن ۾ سندس ڪلام ملي ٿو، جيڪو سمورو تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي. نموني طور سندس هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:-
ســـڪ سـلامـــــــــــن ســـاڻ، لالـــــــــــــن ڪـين لـهـي ٿـــــــــــي.
وسائج وري اچي، سندو ڀوريءَ ڀاڻ.
درد وندن جي دل کي، ڏسڻ تنهنجو ڏاڻ.
ويٺي آهيان واٽ تي، پرين پسائج پاڻ.
هج هميشہ هجن ۾، سدا ”موهن“ ساڻ.
(1) – ”آهوجا“ (Ahuja)، سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جيڪو نحوي لحاظ کان ”اسلم خاص“ آهي. هن نالي سان هندن جي ذات آهي، جيڪا ديوان آڏو مل پٽ کلو مل جي نسل مان ”آهوجا“ ۽ ”ماکيجا“ نکون نڪرن ٿيون. سنڌ جي حيدرآباد، شڪاپور، لاڙڪاڻو، نواب شاه ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ”آهوجا“ ذات زياده ملي ٿي. آهوجا نهايت شريف، ڌرمي قسم جا ماڻهو، راسخ العقيدت، وچن جا پختا ۽ تجارتي ذهن رکندڙ ٿين ٿا. [سنڌ جي هندن جي تاريخ (ڀاڱو پهريون) – ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 1945ع، صفحو 15].
No comments:
راءِ ڏيندا