مخدوم غلام عمر صديقي
خير محمد ٻرڙو
سيوهڻ شهر جي اها خوش بختي آهي، جو هتي ڪيتريون ئي نامور شخصيتون پيدا ٿيون آهن. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۽ ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اهڙيون شخصيتون سنڌ هند ۽ ان کان ٻاهر به پنهنجي ديني، علمي، ادبي ۽ سماجي و سياسي خدمتن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. اهڙين ئي انمول هستين ۾ علامه حافظ قادري مخدوم غلام عمر صديقي بن حڪيم مخدوم نصير الدين صديقي به هڪ آهي. مخدوم غلام عمر صاحب سن 1914ع سيوهڻ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ ڪرنل بدرالدين صديقي سان گڏ مولوي مخدوم محمد معين الدين صديقي کان عربي ۽ فارسي ۾ ابتدا تعليم حاصل ڪيائون. انگريزي تعليم پنهنجي ناني علامه مخدوم بصرالدين صديقي کان حاصل ڪيائون. ان سان گڏ سنڌي تعليم به حاصل ڪندا رهيا. ان کان پوءِ شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب جي استادي ۽ نگراني ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيا. جتان بمبئي يونيورسٽي مان عربي سبجيڪٽ سان گڏ مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون. ان کانپوءِ بي اِي جو امتحان به امتيازي حيثيت ۾ سن 1936ع ۾ اين اِي ڊي ڪاليج ڪراچي مان (جيڪو ان زماني ۾ پاڻ بمبئي يونيورسٽي سان الحاق ۾ هو) پاس ڪيائون. ان وقت جي استادن ۾ پروفيسر بوٽاڻي ۽ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي گهڻي تعريف ڪندا هئا.
پاڻ طالب علمي دوران علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي صحبت ۾ به رهيا. ان زماني ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هر جمعه تي مسلم هاسٽل ۾ واعظ ڪندا هئا.
مخدوم صاحب به پابندي سان اهو واعظ ٻڌڻ ويندا هئا. ان دوران علامه صاحب سان علمي ۽ ديني بحث به ٿيندو هو.
تعليم دوران همعصر شخصيتن ۾ ڪن جا نالا هن طرح سان آهن. ڊاڪٽر محمد صالح قريشي صاحب سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي، انجنيئر اي آر آخوند صاحب سابق چيئرمين پاڪستان ريلوي ۽ وائيس چانسيلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي، مسٽر سيلمان لاڙڪ چيف انجنيئر پي ڊبليو ڊي، غلام محمد ميمڻ صاحب ڀانن وارو ۽ محمد هاشم ميمڻ صاحب چيف انجنيئر اريگيشن وغيره.
مخدوم صاحب بي اِي ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ۾ داخل ٿيا ۽ لوڪل بورڊ ۾ سول انجنيئر مقرر ٿيا. سندن ذهانت ۽ ايمانداري جي کان متاثر ٿي سنڌ جي سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله کيس لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ وٺي آيا. پاڻ حيدرآباد، دادو، ميرپورخاص، ٿرپارڪر وغيره ۾ به نوڪري ڪيائون ۽ هر هنڌ ايمانداري ۾ اورچائي سان خدمتون سرانجام ڏنائون.
جڏهن مخدوم صاحب دادو ۾ هئا ته سندن هڪ واقعو پروفيسر فتح الله صديقي صاحب بيان ڪندي چيو ته شايد 1960ع جو زمانو هو. دادو لوڪل بورڊ ڊي ايل بي واري سيوهڻ جي انگريزي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. ان وقت اسڪول ۾ فقط پنج درجا پڙهائبا هئا. باقي ڇهون ۽ ستون درجو دادو يا ڀانن ۾ پڙهڻو پوندو هو. اهڙي طرح سان مئٽرڪ ٿيندي هئي. ان وقت سيوهڻ اسڪول جو هيڊ ماستر سائين احمد علي قريشي صاحب هو. ان وقت اسان انگريزي جا پنج درجا پاس ڪيا هئا. اڳتي پڙهڻ لاءِ منهنجي پياس ته ڪاڏي وڃون. ڇاڪاڻ جو شاگردن جي اڪثريت غريب هئي. دادو وڃڻ پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ ڪير به برداشت نه پئي ڪري سگهيو. اها حالت ڏسي سائين احمد علي قريشي صلاح ڏني ته وڃي مخدوم غلام عمر صاحب سان ملاقات ڪيو.
پاڻ شايد ان وقت دادو لوڪل بورڊ ۾ چيف آفيسر جي چارج به سنڀاليندو هو. بحرحال منهنجو مائٽ هجڻ جي ناتي سائين احمد علي قريشي سان ملاقات شاگردن جي وفد جو اڳواڻ مون کي مقرر ڪيو ويو. اتفاق انهن ڏيهن ۾ مخدوم صاحب به سيوهڻ آيل هئا. سو شام جو وڃي سندن پراڻي ۽ اصلي گهر ۾ ملياسين. پاڻ ٻه ٽي منٽ سوچ ۾ پئجي ويا. ڏاڪڻ تي بيهي فرمايون ته هتي سيوهڻ اسڪول ۾ وڃي ڇهين درجي ۾ پڙهو انشاءالله هاءِ اسڪول ٿي ويندو. اها ڳالهه ٻڌي اسان ڏاڍا خوش ٿياسين. اهڙي طرح سندن مهرباني سان سيوهڻ ۾ هاءِ اسڪول ٿي ويو. سيوهڻ جو اهو اسڪول پوءِ گورنمينٽ کنيو، حيدرآباد بورڊ به قائم ٿي ويو. اهڙي طرح گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر سائين عبدالخالق صاحب منگي مقرر ٿيو.
مخدوم صاحب ذهانت، ايمانداري ۽ پنهنجي پيشي سان دلي لڳاءُ سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا. ان ڪري آخر ۾ ڊاڪٽر محمد صالح قريشي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جي خاص چوڻ تي پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو پهريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿيڻ قبول ڪيائون. اهو مخدوم جي محنت، ايمانداري ۽ اورچائي جو نتيجو هو جو اڄ اسين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ خوبصورت هاسٽلون، بنگلا آفسيون ۽ لئبريريون ڏسي رهيا آهيون.
سنڌ يونيورسٽي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي عهدن دروان اتي جيڪي وائيس چانسلر ٿي گذريا هئا تن مان ڊاڪٽر محمد صالح قريشي صاحب، حسن علي عبدالرحمن صاحب، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب بلوچ قابل ذڪر آهن.
مخدوم صاحب جا ڪيترائي دوست هئا جن مان ڪن جا نالا هن طرح سان آهن. محترم حيدربخش جتوئي، خان صاحب حاجي ڪمال الدين عباسي، محترم جي ايم سيد، محترم علي محمد راشدي، سيد ميران محمد شاهه، سابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي، محترم قاضي محمد اڪبر، محترم قاضي عبدالمجيد عابد، حاجي خير محمد ڀرڳڙي، رئيس حاجي محمد اسحاق ڀرڳڙي ۽ رئيس علڻ خان لغاري وغيره. پنهنجي ڀائٽي حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي سان گهڻو پيار هوندو هئن.
شام جو ان جي دواخاني تي ڏاڍي دلچسپ ديني ۽ علمي ڪچهريون ٿينديون هيون. مخدوم صاحب وڏو عالم هو. پاڻ قرآن شريف جو حافظ هو. ديني علمن جو وڏو ڄاڻو هو. کيس عربي، فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي تي عبور حاصل هو. ان کانسواءِ هندي، سنسڪرت ۽ جرمن ٻوليون به چڱي طرح سان ڄاڻندو هو. کيس انگريزي ادب، تاريخ، تصوف ۽ فلسفي جي تمام سٺي ڄاڻ هوندي هئي. مذهبي رواداري جو خاص خيال رکندو هو. فرقي پرستي کان پاسو ڪندو هو. پاڻ امام خميني کان ڪافي متاثر ٿيل هو. ان کي اسلامي عالم سمجهندو هو. پاڻ ايراني انقلاب جيڪو امام خميني آندو هو ان کي گهڻو ساراهيندو هو.
مخدوم صاحب شاگردي واري زماني ۾ خلافت تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ به حصو ورتو هو. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ٽٽڻ تي روئي ڏنو هئائين. مرحوم شهيد ڀٽي جي ڦاسي تي به روئي ڏنوهئائين.
سيوهڻ جي هن عظيم ۽ همه گير شخصيت 2 سينپٽمبر 1983ع تي مسجد ۾ اوچتو عصر نماز جي وقت دل جو دؤرو پوڻ سبب وفات ڪئي. ان وقت راقم الحروف ساڻن گڏ بيٺل هو. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. جن مان وڏو پٽ انجنيئر عبدالحليم صديقي انتقال ڪري چڪو آهي.
باقي پروفيسر عبدالعظيم صديقي ۽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي حال حيات آهن. عبدالعظيم اين اِي ڊي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ ڊاڪٽر معين الدين تعلقه هاسپيٽل سيوهڻ ۾ ايم ايس آهي.
نوٽ:
هن احوال جو ڳچ حصو سندن لائق پٽ پروفيسر عبدالعظيم صديقي چيئيرمين ڪمپيوٽر سسٽم اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچي کان حاصل ڪيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا