; سنڌي شخصيتون: مـــــنگهو پـــيــــــــــــر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مـــــنگهو پـــيــــــــــــر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


[ 1171ع – 1261ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ڪراچي شهر جي اتر طرف، ڏهن ميلن جي مفاصلي تي جبلن جو قطارون دائري جي صورت ۾ آهن، جتي هاڪارو بزرگ عامل ۽ اهل الله درويش، سلطان حاجي منگهي ولد محمد يوسف سانگ جو آخري آرامگاه آهي. درويش جي مسڪن سببان انهن جبلن تي پڻ ”منگهي جو طوق“ نالو پيو آهي. ظاهري فقيري لباس ۾ رهندي، سهروردي طريقي سان منسلڪ هو. ڪيترائي سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. مشهور اولياءَ حضرت شيخ بهاوالدين زڪريا ملتاني رح (566هه–666هه) جو همعصر ۽ صحبتي هو. انهيءَ اندازي مطابق حاجي منگهي رح جي ولادت به غالباً 567هه مطابق 1171ع ڀانئجي ٿي.

 
هي صاحب– توفيق، حق جي هدايت وارن لاءِ وڏو رهنماءُ ثابت ٿيو. سندس دعا مستجاب هئي. انهيءَ ڪري پري پري جا ماڻهو، لڪ لتاڙي اچي وٽس عقيدت سان سلام ڀريندا هئا. جبلن جي وٽ ۾ ٻه قدرتي گرم پاڻيءَ جون واهيون وهنديون هيون؛ جنهن ۾ هڪ ”مور“ نالي واڳون به رهندو هو. اڄ تائين هڪ جي مرڻ سان ٻيو، ساڳئي نالي سان سڏجي ٿو. باسون باسيندڙ، پنهنجين مرادن پورين ٿيڻ سان ڀلا وهٽ وٺي، نذراني طور انهيءَ واڳونءَ آڏو اڇلائيندا آهن. سندن عقيدي مطابق، جيڪڏهن مور گوشت کاڌو، ته سندن قرباني قبول پئي، ورنه ”دال ۾ ڪارو“ سمجهي، حاجي منگهي وٽ اڃا وڏي قرباني لاءِ دعائون گهرائيندا آهن.
هڪ دفعي جيئن ئي لعل شهباز قلندر رح (1187ع – 1299ع)، هنگلاج کان ٿيندو، ڪراچيءَ کان اچي نڪتو، ته سندس ملاقات حاجي منگهي سان ٿي؛ جنهن سندس خوب آجيان ڪئي. پوءِ ته ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ جو ارادو ڪري، ڪندري کوڙيائين. سيد لعل شهباز، جنهن جاءِ تي آستانو اچي اڏيو، اتي هڪ چشمو نڪري پيو، جيڪو اڄ تائين ”قندر جي ڪشتي“ نالي سان قائم آهي. پوءِ پاڻ حاجي منگهي جي پاليل ڀيانڪ واڳونءَ کي ويجهو سڏي، مٿس خوب سواري ڪيائين. انهيءَ تان حاجي منگهو سندس معتقد ٿيو؛ ۽ وٽانئس صحيح طريقت جي تلقين ورتائين.
گرم چشمن مان وهندڙ ماما باٿ، مارٽن باٿ ۽ ليپر باٿ انساني حياتيءَ ۾ ٿيندڙ خراب بيمارين لاءِ بيحد ڪارائتا آهن. خاص ڪري ليپر باٿ صرف ليپرس (Lepros = ڪوڙه جي بيمارين) لاءِ بيمارين لاءِ فائدي مند آهي. انهيءَ ڪري جو هن چشمي جو گرم پاڻي جبلن جي اندران، گندرف جي تهن مان وهي ٻاهر نڪري ٿو، جيڪو چمڙيءَ جي تمام بيمارين لاءِ ڪارائتو ثابتو آهي. حڪومت پاڪستان انهيءَ قدرتي چشمي مان فائدو حاصل ڪندي، مٿس باقاعده چوڪسي (نگراني) رکي آهي. جيئن عام ماڻهو ڀلجي، نقصان هيٺ نه اچن. ازانسواءِ هتي ٽن سؤ بسترن جي هڪ عاليشان اسپتال پڻ تعمير ٿي آهي؛ جنهن ۾ ڪوڙهيل مريض علاج خاطر رهن ٿا.
حاجي منگهي نوي ورهين جي ڄمار ۾، 8 ذوالحج 657هه مطابق 12 سيپٽمبر 1259ع تي هتي ئي وفات ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جتي ڪيترائي عقيدتمند اچي پنهنجي عقيدت جو پڌري پٽ اظهار ڪن ٿا. خاص ڪري هر سال اٺين ذوالحج وڏي ڌام ڌوم سان ميلو مچندو آهي. فاتح خوانيءَ بعد شيدين جو مخصوص ”مگرما ناچ“  پڻ ٿيندو آهي، جيڪو مثالي حيثيت رکي ٿو.

(1) – تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“ (سنڌي ترجمو – جلد 3)، سنڌي ادبي بورڊ، 1926ع؛ صفحو 634.
(1) – ”مگرما“، فارسي زبان جو لفظ آهي، جيڪو ”دهل“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. عام دهلن جي ڀيٽ ۾، شيدين جو هي مخصوص دهل آهي؛ ۽ بناوت ۾ به سنڌ جي دهلن کان وڏو ٿئي ٿو. ناچ وقت جيئن جيئن ”مگرما“ جي ليءِ تيز ٿيندي آهي، تيئن تيئن شيدين جو ناچ به تيز ٿيندو آهي. ”مگرما ناچ“ سان گڏ ٻول به ڳايا ويندا آهن؛ جن جي شروعات ”ذڪر“ سان ٿيندي آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ (قلمي 1980ع)، صفحو 422].

No comments:

راءِ ڏيندا