; سنڌي شخصيتون: فيضي

03 April, 2011

فيضي


فيضي

اڪبر بادشاهه جي وزير ابوالفضل جي وڏي ڀاءُ جو نالو فيضي هو ۽ سندس پيءُ جو نالو شيخ مبارڪ هو. سندس خاندان سنڌي هو، جو سنڌ جي ريل شهر جو رهاڪو هو. چون ٿا ته فيضي ۽ ابوالفضل جي ڏاڏي يعني شيخ مبارڪ جي پيءُ جو نالو شيخ خضر هو. اهو بزرگ ڪنهن سبب سنڌ مان لڏي وڃي، هندستان جي شهر ناگور ۾ رهيو هو ۽ اتي ئي کيس 911هه، مطابق 1505ع ۾، شيخ مبارڪ ڄائو هو.



شيخ مبارڪ ان وقت جي هڪ تمام وڏي عالم ابواَلفضل گازروني وٽ گجرات ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ تعليم پوري ڪرڻ بعد هميشھ لاءِ آگري ۾ اچي رهڻ لڳو، جو ان وقت هندستان جي  گاديءَ جو هنڌ هو. آگري ۾ هُن هڪ مدرسو کوليو، جنهن ۾ هو پاڻ پڙهائيندو هو. سندس پڙهائيءَ جو ايترو ته ڌاڪو ڄمي ويو، جو پري پري کان کٿابي (طالب علم) سندس مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. هو هڪ وڏو عالم هو، ۽ گهڻن علمن ۾ مهارت هئس. اڪبر جي حڪومت جي شروع واري دور ۾ ڪي عالم هن کان ناراض ٿيا، ۽ ڪفر جي فتوا ڏيئي کيس قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. هيءَ خبر ڪنهن طرح سندس وڏي پٽ فيصي کي پئجي ويئي ۽ هن پنهنجي پيءُ کي مجبور ڪيو، ته هو جان بچائڻ لاءِ گهر مان لڪي نڪري وڃي. پٽ جي صلاح مڃي، شيخ مبارڪ شهر ڇڏي ويو. انهيءَ زماني ۾ هن کي ڪيترائي ڏک ڏسڻا پيا. جان بچائڻ لاءِ هو ڪيترا شهر رلندو رهيو ۽ ڪافي وقت، ان پريشانيءَ ۾ گذارڻ بعد اڪبر جي دربار جي هڪ امير مرزا ڪوڪا، اڪبر بادشاهه کي هن جي سفارش ڪئي، سندس درويشي، علم جون خوبيون ٻڌايون ۽ آگري واپس اچڻ جي اجازت گهري. اهڙيءَ ريت هو موٽي آگري ۾ پنهنجي گهر آيو ۽ پوءِ ته هوريان هوريان اڪبر جي نظرن ۾ هن جو وقار وڌندو ويو. هن سن 1001هه ۾ وفات ڪئي. فيضي شيخ مبارڪ جو وڏو پٽ هو. چون ٿا ته هي سن 924هه ۾ آگري شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ جيتوڻيڪ گهڻي خبر ڪانهي، پر ايترو يقين آهي، ته هن پنهنجي پيءُ وٽان ۽ ٻين استادن جهڙوڪ: مشهور بزرگ شيخ حسين مروزيءَ وٽ به تعليم حاصل ڪئي هئي، جو بزرگ پنهنجي وقت جو هاڪارو عالم هو. فيضي فارسيءَ جو تمام وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو. پر ڪيترن بزرگن پنهنجي ڪتابن ۾ هن جو ذڪر شاعر کان وڌيڪ عالم جي حيثيت سان ڪيو آهي. هو ايڏو ته وڏو عالم هو، جو چون ٿا ته سندس زماني ۾ جهڙس مٽ ثاني ٻيو ڪونه هو. عربي ٻوليءَ جو ته ايڏو ڄاڻو ۽ ماهر هو. مشهور آهي ته هن قرآن شريف جي هڪ سورت جو اهڙو تفسير لکيو، جنهن جي لکڻيءَ ۾ ڪٿي به نقطي وارو لفظ آيل نه آهي. فيضي سنسڪرت جو به زبردست ڄاڻو ۽ عالم هو. ان کان سواءِ شعر، معما، عروض ۽ قافيا، لغت، طب، تاريخ، انشاء ۽ ٻين علمن جي مهارت ۾ سندس ثاني نظر ڪونه ٿو اچي. سندس نعتيه مثنوي ”نل دمن“ گهڻو مشهور آهي.
فيضيءَ جي اڪبر تائين پهچ شاعريءَ جي ڪري ٿي. چون ٿا ته سندس شاعريءَ جي ساک آهستي آهستي اڪبر بادشاهه جي ڪنين پيئي. سن 1567ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه چتور شهر کي گهيرو ڪري رهيو هو، تڏهن هن فيضيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو. فيضيءَ جي دشمنن ڳالهه کي اُبتو ڪري، چوڻ شروع ڪيو، ته بادشاهه جي فيضيءَ تي ڪاوڙ ٿي آهي. اهو ٻڌي بادشاهه جا ماڻهو شيخ مبارڪ جي گهر کي گهيرو ڪري ويا ۽ فيضيءَ کي ٻاهر سڏيائون. ان وقت هو گهر ۾ ڪونه هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هو گهر موٽيو، ته سپاهي کيس گهوڙي تي چاڙهي چتور وٺي ويا. مرزا عزيز ڪوڪا هن کي بادشاهه جي آڏو پيش ڪيو. ان وقت فيضي بادشاهه جي تعريف ۾ ٻن سون شعرن جو هڪ نهايت عمدو قصيدو پڙهيو، جو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. اهو قصيدو بادشاهه کي ايترو ته وڻيو، جو هن فيضيءَ کي پنهنجي دربار جي اميرن ۾ شامل ڪيو. پوءِ ته هوريان هوريان بادشاهه هن سان ايتري ته محبت ڪرڻ لڳو، جو جهٽ پل لاءِ به پاڻ کان پاسي ٿيڻ نه ڏيندو هئس. بادشاهه جو فيضيءَ تي ايڏو ته راز هو، جو سلطنت جي مکيه راڄنيتي ڳالهين بابت کانئس صلاح پچندو هو ۽ فيضيءَ جو جواب کيس گهڻي حد تائين تسلي ڏيندو هو. راڄنيتي ڳالهين  ۾ فيضيءَ جو اهڙو عمدو ذهن ڏسي اڪبر بادشاهه کيس ٻه ڀيرا سفير ڪري موڪليو، هڪ دفعو احمد ننگر ڏانهن  ۽ ٻيو  خانديش ڏانهن. اهي ٻيئي سفارتون فيضيءَ نهايت ڪاميابيءَ سان پوريون ڪيون. احمد ننگر ۾ جڏهن هو سفير هو، ته هن ڏاڍو عمدو فارسي شعر چيو، جنهن جو ڪجهه حصو احمد ننگر شهر ۽ ان جي آسپاس جي سهڻن  نظارن بابت آهي. هندستان جي هاڪاري سياسي اڳواڻ ۽ برک عالم مولانا ابوالڪلام آزاد کي جڏهن انگريزن جي ڏينهن ۾ قيد ڪري احمد ننگر جي قلعي ۾ نظر بند رکيو ويو هو، تڏهن هن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن علمي ادبي خط لکيا هئا، جي بعد ۾ ”غبار خاطر“ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان ڪتاب ۾ مولانا آزاد جن خطن ۾ احمد ننگر جي قلعي جي تاريخي اهميت ۽ شهر جي آسپاس جي فضا جو بيان ڪيو آهي، اتي فيضيءَ کي ڏاڍو ياد ڪيو آهي ۽ مضمون ۾ جڳهه جڳهه تي احمد ننگر بابت فيضيءَ جا پيارا پيارا شعر ڪم آندا اٿائين. فيضيءَ جي لکيل ڪتابن بابت پوري ڄاڻ ناهي. سندس جن ڪتابن متعلق اسان کي معلومات ملي سگهي ٿي، تن ۾ موارد الڪلام ”ليلاوتيءَ جو ترجمو“ ۽ حسابن ۽ رياضيءَ ۾ ”مرڪز ادوار“ مشهور آهن. فيضي نه رڳو لکڻ ۾ ڀڙ هو، پر ڳالهائڻ جو به وڏو ماهر هو. سندس ڀوڳ ۽ لطيفا تمام مشهور آهن، جن کي سندس ڀاڻيجي نور الدين محمد بن عبدالله گڏ ڪري ”لطائف فيضي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ آندو هو. فيضيءَ جي شعر جو هڪ ديوان ”طباشير“ نالي سان آهي، ان ۾ سندس نَوَ هزار شعر آهن. فيضيءَ جي لکيل قصيدن جو ديوان ان کان الڳ آهي. فيضيءَ سن 1004هجريءَ ۾ وفات ڪئي. جڏهن هو بيمار هو ته اڪبر بادشاهه پاڻ ڪهي سندس طبعيت جي باري ۾ حال احوال وٺڻ ايندو هو. اڪبر کي فيضيءَ جي وفات جو وڏو صدمو رسيو، تنهن جو داغ سندس دل تي هميشھ قائم رهيو. فيضيءَ جي وفات بعد سندس ذاتي ڪتبخاني مان چاليهه هزار ڇهه سؤ ڪتاب هٿ آيا. فيضيءَ جي متعلق اهو پوريءَ طرح سان معلوم نه آهي، ته کيس ڪٿي دفن ڪيو ويو.
مولانا عبدالحي لکنويءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”نزهت الخواطر“ جي جلد پنجين ۾ گُمان ڪندي ڄاڻايو آهي ته فيضي يا آگري ۾ يا لاهور ۾ دفن ڪيو ويو هو. تازو ڪن پاڪستاني عالمن تحقيقات ڪئي آهي، ته فيضي آگري ۾ ئي دفن ڪيو ويو هو. سندس تربت مٿان چڱو شاهي مقبرو هو. بعد ۾ جڏهن مينهن ۽ طوفانن سبب مقبري جي عمارت کي نقصان رسيو ته انگريزن ان جي مرمت ڪرائڻ بجاءِ اها سموري ايراضي ڪنهن شخص کي وڪرو ڪري ڏني، جنهن ڊٺل عمارت جي جاءِ تي پنهنجي رهائش لاءِ بنگلو ٺهرايو. سندس هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو؛
بنيان تست مستعد نقش علو وسفل
خواه آسمان خواه زمين شو مخيري
(اي انسان! تنهنجي فطرت ۾ بُلندي ۽ پستي، ٻنهي جي نقش قبول ڪرڻ جي صلاحيت آهي. وڻئي ته آسمان (بلند) ٿيءُ، وڻيئي ته زمين (نيچ) ٿيءُ.)

No comments:

راءِ ڏيندا