; سنڌي شخصيتون: مولوي محمد قاسم مشوري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولوي محمد قاسم مشوري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولوي محمد قاسم مشوري
[ ولادت 1316هه = 1898ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاه، مدرسه اهل سنت والجماعت جو باني، مولانا محمد قاسم ولد حاجي محمد عثمان مشوري ، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”مشوري شريف“  ۾، سومر جي ڏينهن، ربيع الاول 1316هه مطابق 1898ع ۾ تولد ٿيو. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران پنهنجي والد سڳوريءَ وٽان پڙهي، 11 ورهين جي عمر ۾ عربي ۽ فاسيءَ جا ڪتاب، سونو جتوئيءَ جي بزرگ ۽ جيد عالم، ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1935ع) وٽان پڙهي، دستار – فضيلت ٻڌائين. هڪ سال بعد شهدادڪوٽ ۾ ”مدرسه صديقيه“ مان عمدة العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1844ع–1905ع) وٽان روحاني فيض حاصل ڪندي، ڳوٺ واپس وريو.
مولانا صاحب ٻاويهن ورهين جي عمر ۾ (1339هه) ظاهري علم جي تڪميل بعد، بهار وارن ڏينهن ۾، 17 شوال 1340هه مطابق 22 فيبروري 1922ع تي، پنهنجي ڳوٺ ۾ ”مدرسو قاسميه“ نالي قائم ڪيو؛ جنهن جو افتتاح سندس شفيق استاد مولانا غلام عمر جتوئي رح ڪيو هو. اڄ خدا جي فضل سان هن مدرسي مان سنڌ ۽ بلوچستان جا تقريباً پنجاه کن عالم سڳورا فارغ التحصيل ٿي نڪتا آهن. ازانسواءِ ڪيترائي قرآن پاڪ جا حافظ پڻ پڳ ٻڌي چڪا آهن.
انهيءَ لکڻ ۾ مبالغو نه آهي، ته سنڌ اندر هن مدرسي وڏا وڏا عالم پيدا ڪيا آهن، جن تفسير، حديث، فقہ ۽ فتويٰ وغيره تي وڏي دسترس حاصل ڪئي آهي. ازانسواءِ ايران، عراق، عربستان، ڪشمير ۽ پنجاب کان آيل خدا جا خاص ٻانها ڪشالا ڪڍي، مولانا صاحب جي نظر فيض اثر کان مستفيض ٿيا آهن.
مولانا مشوري صاحب جو درس دين ۽ دنيا لاءِ چڱائيءَ جو پيغام آه. چيو اٿس، ته ”اسان کي پنهنجي خرابين جي خبر نه پوندي آهي ۽ خرابي پاڻ مان اسين تڏهن ئي ڪڍي سگهنداسون؛ جڏهن اُن خرابيءَ جي چٽيءَ طرح واقفيت هونديسون. جيڪو اندر سان اورڻ تي هريل هوندو، ميراقبي ۾ ويهندو هوندو، سوئي پنهنجون اوڻايون آئيني ۾ ڏسي سگهندو.“ پاڻ سنڌ جي عظيم روحاني پيشوا، پاڳارا خاندان جي چشم و چراغ، قطب الاقطاب سيد امام الدين شاه راشدي قادري نقشبندي، سجاده نشين درگاه عاليه ٺلاه شريف (متصل باقراڻي اسٽيشن) جي هٿ تي دست بيعت ڪري، خرقه – خلافت ڍڪيائين.
وٽس وڏو ڪتب خانو آهي؛ جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ قلمي ڪتاب موجود آهن. سندس ڪجهه تصنيفات به آهن، جن جا نالا هن ريت آهني: ”معلم الفرائض“ (ورثي بابت ورهاست جا شرعي مسئلا بيان ڪيل آهن)، ”رحمتي رات شب برات“ (شعبان مهيني جي 15 رات جي فضيلت بيان ٿيل آهي)، ”ارشاد العباد“ (منجهس ”ض“ ۽ ”ڏ“ جي پڙهڻي ۽ ”مخرج“ بابت سمجهاڻي آيل آهي)، ”اتحاف الاشراف“ (اوقاف بابت هداتيون)، ”هديته الابرار في ان المصطفيٰ نورالانور“ (آنحضرت صلعم جن جي نور هجڻ بابت قرآني دليل ڏنل آهن)، ”حزب البحر“ (وظيفن ۽ زڪوات بابت)، ”دلائل الخيرات“ (مديني پاڪ مان مليل صحيح نسخي جي نشاندهي ۽ پڙهڻ بابت فائدن جو فرمان)، ”نقحات الڪرامات“ (ملغوظات پي سائين روضي ڌڻيءَ جا)، ”ضياءُ الهديٰ“ (شيعه عقيدي جي رد ۾ لکيل)، ”معراج نامي جديد“ (آنحضرت صلعم جن جو معراج – قرآن ۽ حديث جي روشني ۾)، ”پرده عورت المعروف به الستر زينت النساءِ“ (عورتن جي پردي بابت شرعي حڪم) ۽ ”مواعظ القاسميه“ (سندس واعظ ۽ تقريرن تي مشتمل). ازانسواءِ ”فتح الله الورود في تحقيق امراة المفقود“ ”نهج الصواب في تعقيق المراب“، ”فتويٰ قاسميه“ (فقہ جا مسئلا)، ”تفصير قاسميه“، ”ڪتاب في بحث الرضاع“، ”نفي الريب في بحث علم الغيب“، ”ڪتاب في بحث تقصيص اللحية“، ”الدليل المعقول في تحريم الطول“ ”هدايت الناس في جواز الميلاد والاعراس“، ”قطع المشاجرت في تحقيق حرمة المصا هرة“ ”بنات النبي صلي الله عليہ وسلم“، ”اليڪشن متعلق شرعي نقطه نظر ۽ ”ڪتاب في الطريقت القادريه والنقشبنديه“ وغيره پڻ قلمي صورت ۾ وٽس تيار آهن.
پاڻ هفتي جي اٺن ڏينهن ۾: جمعي کان علاوه ڇنڇر، سومر ۽ اڱارو ديني درس ۾ صرف ڪندو آهي. خميس جو ڏينهن، ڏيهي خواه پرڏيهي پانڌيئڙن لاءِ شرعي فتوائون، مسائل، تحريرون ۽ عام فيصلن لاءِ مقرر آهي. آچر جو ڏينهن دعا تعويذ ۽ اربع جو سج خاص ذڪر فڪر ۽ جماعت کي حلقه ۾ آڻي، روحاني طرح درس و تدريس ۾ گذاريندو آهي.
سندس صحبتي، حافظ امام بخش سومرو رح [1895ع – 1968ع) هو. ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”قيام پاڪستان“ ۾ مشوري صاحب جو خاص حصو آهي. پاڻ نه صرف تحريڪن ۾ سرگرم رهيو آهي، پر مالي مدد به ڏنائين. ”انجمن اسلام صديقي لاڙڪاڻو“ جو صدر پڻ آهي. ورهاڱي بعد، مهاجرن جي آباد ڪاريءَ ۾ پڻ دل و جان سان مددگار بڻيو. حاجي علي محمد ۽ حافظ محمد المعروف ”نالي مٺو“ سندس نرينه اولاد آهن.

(2) – ”مشوري“، مشهور بلوچ قبيلي جي شاخ ”رند“ مان آهن.
(3) – ”مشوري ڳوٺ،، تعلقي ڏوڪريءَ ۾، ريلوي اسٽيشن مشوري شريف جي اولاهين طرف ٻن فرلانگن تي ۽ لاڙڪاڻي شهر کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي، رائيس ڪئنال جي ڪناري تي واقع آهي [”تاريخ مختصر مدرسه“ – مولوي قمرالدين مغيري بلوچ، 1397هه (1977ع)، صفحو 3].

No comments:

راءِ ڏيندا