مولانا حاجي احمد ملاح
[ 1877ع – 1969ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪندڙ، لاڙ جو مشهور عوامي شاعر، مولانا حاجي احمد ولد نانگيو ملاح، 27 ربيع الاخر 1294هه مطابق 11 فيبروري 1877ع تي تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ مال چاريندي کيس علم پرائڻ جو شوق جاڳيو؛ انهيءَ سلسلي ۾ حافظ حاجي عبدالله منڌري جي مڪتب ۾ داخل ٿيو. جتان شروعاتي ڪتاب پڙهي بدين، سجاول ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي کتابخانن مان آخوند محمد هاشم ڪڇيءَ جي نظر فيض اثر هيٺ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جا ڪتاب پڙهيو. آخر ”مدرسه گهڙو نانگو شاه“ مان فارغ التحصيل ٿي، مولانا خير محمد مگسيءَ جي هٿن سان دستار – فضيلت ٻڌائين.
مولانا صاحب ڳوٺ نور محمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ گولي منڌري جي مڪتبن ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. پوءِ بدين پهچي ”مدرسه مظهرالعلوم“ نالي پنهنجو جدا درسگاه قائم ڪري، دين جو درس ڏيڻ لڳو – 1932ع تائين منتظم ٿي رهيو – 1942ع ۾ سني، وهابي تصادم سببان، درگاه شاه قادريءَ جي سجاده نشين پير عالي شاه کي مدرسي جون ڪنجون ڏيئي، غريب آباد (بدين) ۾ وڃي هڪ ٻئي مدرسي جو بنياد وڌائين.
ننڍپڻ کان ئي سندس طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري آسانيءَ سان شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”قطع تعلقات تحريڪ“ ۾ تقريرن، تحريرن ۽ شاعريءَ وسيلي سرگرميءَ سان حصو ورتائين. حتيٰ ڪه کيس جيل جا دروازا به ڏسڻا پيا – 1953ع ۾ حج بيت الله شريف جو مقدس فريضو به ادا ڪيائين.
مولانا صاحب کي دين جي سر بلندءَ جو وڏو اونو هو. حالانڪ حق جي راه لاءِ سندس مخالفت به چوٽ چڙهيل هئي، تاهم به خدا جي وحدانيت ۽ سنت نبويءَ ۾ يقين رکندي، پٺتي نه پيو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، قول ۽ فعل جو سچو ۽ ٻيائيءَ کي ٻن وجهي، قلم وسيلي پنهنجي آواز کي گهر گهر پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي هئائين. 92 ورهين جي عمر ۾ 7 شعبان 1389هه مطابق 19 جولاءِ 1969ع تي بدر ۾ هي جهان ڇڏي، رب کي رسيو. سندس آخري جاءِ معصومن جي مقام ۾ ٿي. عبدالرحمان، عبيدالله ۽ عبدالرحيم نالي ٽي پٽ ٿيس. جن مان وڏو سندس حياتيءَ ۾ ئي کانئس رخصت وٺي ويو.
مولوي صاحب هونئن ته گهڻائي ڪتاب قلمبند ڪيا هئا، مگر ڇپيل ڪتابن ۾: ”معرفت الله“ (1936ع)، ”شرڪ چٽ عرف هيڪڙائي حق“ (1951ع)، ”گلزار احمد“ (1957ع)، ”فتح لواري“ (1958ع)، ”گلشن احمد“ (1959ع)، ”بياض احمد“ (1964ع)، ”پيغام احمد“ (1965ع)، ”غزليات احمد“ (1919ع)، ”ديوان احمد“ (1974ع) ۽ ”نورالقرآن“ (1977ع) جا نالا ورتا وڃن ٿا، جڏهن ته اڃا غير مطبوعه ڪتاب: ”اسرار الاهي“ (ٽيهه اکري) ۽ ”پاره عم“ (بيتن ۾) سندس پوين وٽ پيل آهن.
”نورالقرآن“ نالي سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو مولانا مرحوم جو هڪ لازوال ڪارنامو آهي. ترجمو حالانڪ پراڻي سنڌيءَ ۾ آهي؛ جنهن تي پورا ڏهه ورهيه محنت ڪئي هئائين. منجهس رس، رچاءُ، رواني، دلڪشي ۽ لطافت پڻ جهجهي انداز ۾ نظر اچي ٿي. مولانا صاحب کي هن ترجمي جي نقل ڪرڻ ۾ سندس دلعزيز شاگرد ۽ عقيدتمند، مولوي عبدالله جوڻيجو جو وڏو ساٿ مليو؛ جنهن ڪري 1977ع ۾ پهريون ڀيرو حقي آفسيٽ پريس ڪراچيءَ مان ڪتابت ٿي. مفت تقسيم ڪيو ويو؛ جنهن جو سمورو خرچ ٿرپارڪر جي محير زميندار ارباب الهجڙيو برداشت ڪيو هو. تازو (1978ع ۾) حيدرآباد جي ڪمشنر الهه بخش سومري صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان سندس ٻيو ڇاپو به پڌرو ٿيو آهي؛ جنهن جي سعات ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد“ کي نصيب ٿي آهي. هن ڇاپي ۾ تصحيح سان گڏ ڪتابت جون غلطيون پڻ سڌاريون ويون آهن.
مولوي احمد ملاح، صاحب – ديوان شاعر هجڻ سان گڏ باڪمال شاعر هو. عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن جي سٺي ڄاڻهيس. اهوئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل الفاظ، لغت جي خويبن سان مالا مال آهن، پاڻ مير غلام علي خان ٽالپر جي سنگت ۾ رهي، سياست ۾ به حصو ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ ايتري قدر ته بي پناهه رواني، بي ساختگي ۽ برجستگي آهي، جو کيس ”الهامي شاعر“ سڏجي، ته ٻي جاءِ نه ٿيندو. مولوي عبدالله، حافظ نعمت الله جوڻيجو، عبدالمجيد ابڙو ۽ ماستر الهجڙيو ملاح سندس ڪلام کي سوڌي سنواري قلمبند ڪندا هئا. هيٺ نموني طور ”نورالقرآن“ مان ”سورت فاتح“ جو منظوم ترجمو ڏجي ٿو:-
اول نـــــــام الله جــــو، جـــــــو ڏيـــــــندڙ ڏيــــهه ســـــاري،
ڏيــــــــئـي نـــــــه پــــــــــچــــــــــــاري، مـــــڙنـــيـان مــهربــــــان گهڻـــــو.
جڳائي جبار کي، سڀڪائي ساراه،
پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاه،
سخي سٻاجهو گهڻو، مالڪ محشر گاه،
توئي پو ڄيون، توهان ئي پنون -حمايت هر گاه،
سهائيون سنئين واٽري، واٽ اُنهن جي واه!
جن کي توڙان توڙ ڪئي، نعمتون نيباه،
جن تي ڪاوڙ ناهه ڪا، ۽ نه گس ڪنان گمراه،
آمين يا الله! اهو عرض اگهائيين.“
(1) – ”ملاحي“، عربي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ٻيڙي هلائڻ وارو. عموماً امير البحر (ميربحر) کي ”ملاح“ سڏبو آهي. سندن اڪثر پيشو (ڪرت) مڇي مارڻ هوندو آهي؛ ۽ بعض اوقات ته واهن ۾ ٻيڙيون هلائي ماڻهن کي پار پهچائيندا آهن، سنڌ ۾ ملاحن جون گهڻيون ئي ذاتيون ٿيون ٿيون. خاص ڪري اتر ۾ ملاح پاڻ کي ”ميرائي“ به سڏائين ٿا. سماج ۾ کين گهٽ ذات وارو ڄاتو ويندو آهي. مالدار ماڻهو منجهانئس عورتون خريد ڪري پاڻ وٽ سريتيون ڪري رکندا آهن. سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جو ”نوريءَ“ کي حاصل ڪرڻ وارو مثال هن ڏس ۾ ڪافي آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، قلمي 80، صفحو 484].
(3) – اڄ اهو مدرسو ”مسلم اسڪول غريب آباد“ جي نالي سان سڏجي ٿو. مدرسي سان لڳ مسجد شريف به تعمير ڪرائي هئائين، جيڪا سندس ياد تازي ڪندي رهي ٿي.
(5) – پاڻ ”لواريءَ جي مصنوعي حج“ خلاف به خوب آواز اٿاريائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ سندس قلم، شرڪ، بدعت ۽ قبر پرستيءَ لا تلوار جي حيثيت رکي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا