; سنڌي شخصيتون: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
[ ولادت 1343هه = 1924ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سونهاري سنڌ ڪيترائي اهڙا ڀلارا بزرگ؛ نيڪ مرد ۽ سخاوت جا صاحب پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هڙئون توڙي وڙئون عام انسانن سان ڀال ڀلايا آهن. سندن فيض درياه جي وهڪري جيان عام آهي؛ جنهن مان ڪيترائي اڃايل اچي پنهنجي اڃ اجهائين ٿا. اهڙن ڀاڳ ڀرين ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسيم ولد حافظ محمود چانڊيو به هڪ آهي. سندس ولادت 1343هه مطابق 24 جون 1924ع تي، تعلقي ميرو خان (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ ”ڀنڀو خان چانڊيو“ ۾ ٿي آهي. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ انسان آحي. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. فاضل ديوبند، مولوي فاضل، اديب فاضل ۽ فاضل طب – سندس تعليم ورتل آهي. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ مستقل طرح رهندي، شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر جا فرائض پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ آنرري پروفيسر ؛ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ آهي.
مولانا قاسمي صاحب علمي ۽ ادبي سرمايي ۾ اضافو ڪندي، هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب پڌرا ڪيا آهن؛ انهن مان: تفسير سورت صبا (1947ع)، شاه جو رسالو (1951ع)، الهام الرحمان في تفسير القرآن (1966ع)، پاره الم (ترجمو“ 1969ع)، بنيادي لغت (1973ع)، سماجي انصاف ۽ اجتماعيت - شاه ولي الله جي روشنيءَ ۾ ۽ اسطاعت (ترجمو)، انصاف ۽ مفيد طلبا منطق وغيره سندس غير فاني خدمتون آهن. پاڻ شاه ولي الله اڪيڊميءَ طرفان ماهوار ”الرحيم“ (سنڌي) ۽ ”الولي“ (اردو“ به باقاعدگيءَ سان ايڊٽ ڪندو رهي ٿو. سندس ڪيترائي تحقيقي، علمي، ادبي ۽ مذهبي مقالا ۽ مضامين پڻ رسالن جي زينت بڻيل آهن.
پاڻ نيڪ نيت، صاف گو، باشريعت، سنجيده، سچار، همدرد، بااخلاق، بامروت، مهمان نواز، فراخدل، نيڪ صورت ۽ علم ادب، توڪل ۽ توحيد جو واهڙو وهائيندڙ هڪ مخلص انسان آهي. اڪثر سندس ڪچهريءَ ۾ علمي گفتگو هوندو آهي. سندس شاگردن جو حلقو به وسيع آهي. سنڌين کي سندس ذات تي فخر آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪندو.
(1) – هن سلسلي ۾ ڊي – فل ۽ ايم – فل جي شاگردن جي رهنمائي پڻ ڪندو رهي ٿو. راقم الحروف کي به پي ايڇ – ڊي (P.H.D) جي سلسلي ۾ سندس ئي رهبري حاصل آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا