; سنڌي شخصيتون: مــــــــــلا فـــيضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

24 April, 2011

مــــــــــلا فـــيضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مــــــــــلا فـــيضي [ 1547ع – 1598ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مغل سلطنت جي نامياري بادشاه، اڪبر اعظم جي درٻار ۾ اڪثر جيد عالم، ودوان، شاعر، فنڪار، طنز و مزاج جا خالق ۽ صاحب – دل صوفي بزرگ موجود هوندا هئا. انهن ۾ سندس نون (9) رتنن مان ابوالفضل سيوهاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ، ملافيضي ولد شيخ مبارڪ  به هڪ هو. سندس ولادت شير شاهه سوريءَ جي ڏينهن ۾، 14- شوال 954هه مطابق 12 اپريل 1547ع تي ٿي هئي. ابتدائي استاد شيخ حسين مروزي هوس؛ ۽ پنهنجي والد بزرگوار وٽان به درس ورتو هئائين. انهيءَ نسب مان ملافيضيءَ کي فارسي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت زبانن تي مهارت حاصل هئي.
ملا فيضي، فارسي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر عربي زبان تي کيس وڏو درڪ حاصل هو. اهوئي سبب آهي، جو اڪثر تذڪرن ۾ سندس نالو بحيثيت ”شاعر“ جي گهٽ؛ ۽ ”برک عالمن“ ۾ سندس شمار زيادهه نظر اچي ٿو. اڪبر بادشاه چتور تي ڪاه ڪرڻ وقت (1567ع ۾) سندس شاعريءَ جو چرچو ٻڌو هو، جتان کيس گهرائي پاڻ وٽ صلاحڪار مقرر ڪيو. پوءِ ته پاڻ، اڪبر اعظم جي ڪارنامن تي وڏا وڏا شعر چوڻ شروع ڪيائين؛ ۽ صلاحيتن سببان ستت ئي پنهنجو مقام بادشاه تائين ويجهو ڪري ورتائين. اڪبر جي به ساڻس ايتري ته محبت ٿي، جو پهر پلڪ به کيس پاڻ کان پري رکي نه ٿي سگهيو. ساڳئي وقت سندس ذهن ۾ ذڪاءَ مان استفادو حاصل ڪندي، راڄڌاني مسئلن بابت پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو پاڻ اڪبر بادشاه جي ٻئي نمبر پٽ ”مراد“ جو استاد به ٿي رهيو.
ملا فيضيءَ جا هونئن ته تمام گهڻا ڪتاب لکيل هئا، جيڪي زماني جي ستم ظريفيءَ سببان اڄ ڏسڻ لاءِ به ملي نه ٿا سگهن. البته علم رياضيءَ متعلق هندي زبان جي ”ليلا وتي“ جو ”مرڪز ادوار“ ۽ سنسڪرت زبان جي ”مها ڀارت“ جو ”موارد الڪلام“ نالن سان ڪتاب قابلِ ذڪر آهن، پاڻ نه صرف شعر و شاعريءَ ۽ لکپڙه ۾ ڀڙ هو، بلڪ سندس مذاحيه لطيفا به نهايت سبق آموز ۽ دلچسپ آهن؛ جن کي 1599ع ۾ سندس ڀاڻيجي نورالدين محمد بن عبدالله گڏ ڪري ”لطائف فيضي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ عام ڪيا هئا. نو هزار شعرن تي مشتمل ”طباشير“ نالي سندس ڪلام جو مجموعو پڻ مرتب ٿيل آهي. ازانسواءِ ”قصيدن جو ديوان“ سندس علمي ڪاوش ۾ شامل آهي.
هن ڪريم النفس ۽ مخبر سنڌي انسان کي، گهڻي ڪم ڪرڻ سببان پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ، بستري تي سمهاري ڇڏيو. وڏا وس ڪيائين، مگر حاذقن جي حڪمت به کيس ڪو فرق نه ڏيکاريو. اڪبر به سندس مزاج پرسيءَ لاءِ وٽس ايندو رهيو. آخر 51 ورهين جي عمر ۾ 17 ربيع الثاني 1007هه مطابق 5 آڪٽوبر 1598ع تي پنهنجن عزيزن، دوستن ۽ مدح خوانن کان هميشہ هميشہ لاءِ موڪلائي، خدائي سڏ تي رمندو رهيو. سندس لاڏاڻي تي پوري هندستان ۾ غم جي لهر ڇانئجي وئي. خاص ڪري اڪبر بادشاه کي ته سندس ناقابلِ تلافي نقصان رسيو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ملا فيضيءَ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ چاليهه هزار ڇهه سؤ ڪتاب موجود هئا. سندس آخري آرامگاه آگري ۾ آهي.

(1) – شيخ مبارڪ ناگوري ولد شيخ خضر (ولادت 911هه = 1505ع) اصل ايراني باشندو هو. زماني جي انقلابن کيس سنڌ ۾ آندو، جتي سيوهڻ شريف ۾ رهندي ڳچ عرصو گذاريائين. برک عام ۽ مدرس هو.
(1) – پاڻ قرآن پاڪ جو تفسير عربي معريٰ ۾ يا غير منقوطه (بي نقطه) قلمبند ڪيو هئائين، جيڪو سندس لازوال ۽ مثالي ڪارنامو آهي [دائرة المعارف اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد 15)، 1975ع، 1088].
(2) – ملا فيضيءَ، اڪبر بادشاه جو پاڻ تي ايترو راز ڏسي، 1569ع ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ابوالفضل (6 محرم الحرام 957هه = 14 جنوري 1551ع/4 ربيع الاول 1014هه = 22 آگسٽ 1605ع کي به درٻار ۾ آندو.
(3) – اڪبر بادشاه سندس ڏاهپ کان متاثر ٿي، 1591ع ۾ کيس احمد ننگر ۽ خان ديش پرڳڻن ۾ سفير به مقرر ڪيو هوس.
(1) – هڪ اندازي مطابق سندس تصنيفات جو تعداد 101 چيو وڃي ٿو؛ جنهن کي سندس وفات بعد اڪبر بادشاهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو [دائرة المعارف اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد 15)، 1975ع، صفحو 1089].
(2) – ڪن ڪتابن ”لاهور“ ڄاڻايو آهي (والله اعلم باالصواب).

No comments:

راءِ ڏيندا