; سنڌي شخصيتون: سيٺ عبدالله هارون

03 April, 2011

سيٺ عبدالله هارون


سيٺ عبدالله هارون
(واپاري، سماجي ورڪر ۽ سياستدان)
هڪڙو ٻار شام جو سيڌو سامان وٺي جڏهن گهر پهتو، ته پنهنجي ماءُ کي حساب ڏيندي ڏٺائين ته هڪ پائي گهٽ هئي، هن چيو: ”امان! مون سموريون پايون ڳڻي کيسي ۾ رکيون هيون، الائي ڪيئن هڪ پائي ڪٿي ڪِري پيئي؟“ هن ور ور ڏئي ٿي کيسي ۾ آڱريون گُهمايون ۽ ماءُ جي آڏو پشيمان پئي ٿيو. ماءُ کيس چيو: ته ”پٽ! هاڻ ساڳئي رستي سان پائي ڳوليندو وڃ! تو ضرور ڪٿي اها ڪيرائي وڌي هوندي.“


ننڍڙو ٻار ويچارو ٿي ماءُ کي جواب ڏنو: ”امان! هاڻ ته سج لهي ويو آهي ۽ رستي تي اوندهه ٿي وئي هوندي.“
ماءُ چيو: ”تون هيءُ ڏيئو کڻ ۽ رستي تي ڪيرايل پائي ڳولي اچ.“
ٻار ڏيئو کڻي پائي ڳوليندو ويو، پر کيس پائي نه ملي ۽ هو نا اميد ٿي واپس وريو. آخرڪار تمام اداس ٿي گهر جي ڪنڊ ۾ اچي ويهي رهيو.
ماءُ ٻار کي اداس ڏسي چيو: ”ڇو ماٺ ڪيو ويٺو آهين ٻچا؟“
ٻار سُڏڪندي وراڻيو؛ ”مون کان غلطي ٿي وئي ۽ پائي الائي ڪٿي ڪيرائي وڌم!؟“
ماءُ چيو: ”پائي وڃائڻ جو خير آهي، مون تو کي ڏيئو اُن ڪري ڏنو، جيئن تو کي هڪ هڪ پائيءَ جي اهميت جو احساس ٿئي.“
ڇا توهان کي خبر آهي: اها ماءُ ۽ سندس ٻالڪ ڪير هئا؟ اسان توهان کي ٻڌايون ته اهو ٻار اڳتي هلي سنڌ جي سيٺ عبداللھ هارون ميمڻ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اها عورت سندن والده ”حنيفه ٻائي“ هئي. سيٺ عبدالله هارون جا وڏا اصل ڪڇ جي پاسي جا رهاڪو هئا. گهر ۾ ڪڇي ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا سنڌي ٻوليءَ جي ڄڻ جاڙي ڀيڻ آهي. ڪڇ ڪنهن زماني ۾ سائو ۽ ستابو علائقو هو. اتي ڪيترا ئي درياءَ، مثال طور: هاڪڙو، سرسوتي ۽ چتانگ وهندا هئا. ڪڇ تي گهڻو ڪري سنڌي بادشاهن سمن جي حڪمراني رهي. ان کان پوءِ سمن جي هڪ شاخ، جاڙيجن جون به اتي شهري رياستيون رهيون. مختلف سببن جي ڪري، ڪڇ جا ماڻهو لڏي پلاڻي سنڌ، خاص طرح ڏکڻ سنڌ: بدين، تلهار، ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ وسي پيا آهن. جيئن ته ڪڇ جا گهڻا ماڻهو واپاري رهيا آهن، ان ڪري عبدالله جو پيءُ هارون به واپار ڪندو هو.
هارون چار شاديون ڪيون هيون. انهن مان عبدالله جي والده ”حنيفه ٻائي“ جو نمبر چوٿون هو. جڏهن عبدالله چئن سالن جو ٿيو، ته سندس والد هارون ڀائيءَ جو انتقال ٿيو. سندس خاندان لاءِ اهي ڏکيا ڏينهن هئا، پر پوءِ به ڇهن سالن جي عمر ۾ عبدالله اسڪول وڃڻ لڳو.
هڪ ڏينهن اسڪول مان واپس وريو، ته سندس والده کيس هڪ وڏو ٿالهه ڏنو، جنهن ۾ ٻارن جا رانديڪا، رومال، جوراب، ڦڻيون، جوتن جا تسما وغيره رکيل هئا. ماءُ کيس چيو ته؛ ”شهر ۾ وڃي هيءُ سامان وڪرو ڪر.“ ان وقت جيئن عبدالله گجراتي اسڪول ۾ پڙهندو هو، تنهنڪري وڪري جو سامان ڏسي حيران ٿي ويو. مٿان وري سندس نانيءَ کيس چيو ته، ”تنهنجو والد  زنده ڪونهي. هاڻي تو کي پنهنجي گهر لاءِ ڪم ڪار ڪرڻو پوندو.“
اهڙيءَ طرح هو شهر ۾ ٻارن جي رانديڪن وارو سامان وڪرو ڪري رهيو هو، ته اوچتو هن جا اسڪولي دوست کيس ملي ويا، جن کيس چيو ته؛ ”اسان ته توکي راند لاءِ ڳوليو پئي پر تون هتي سامان وڪڻي رهيو آهين!؟“ هن وراڻيو ته: ”هاڻ آءٌ تجارت ڪندس ۽ ماءُ جو هٿ ونڊائيندس.“ سندس جواب تي دوست  کليا. عبدالله ۽ تجارت! هڪ دوست کيس چرچي ۾ چيو ته؛ ”هاڻ تون سيٺ عبدالله آهين!“ قدرت خدا جي جنهن ننڍي ٻار کي دوستن ٽوڪ وچان ”سيٺ عبدالله“ ڪوٺيو هو، سو واقعي وڏو ٿي سنڌ ۾ سيٺ بڻيو.
شروعات ۾ هو پنهنجي ڀيڻيوئي سيٺ صالح محمد وٽ چئن رپين جي ماهوار پگهار تي ملازم ٿي رهيو. مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ماءُ کي چار رپيا پگهار جا آڻي ڏيندو هو ۽ موٽ ۾ سندس ماءُ خرچيءَ لاءِ ٻه رپيا ڏيندي هئس. پر ان خرچيءَ جو به پائي پائيءَ جو حساب کانئس وٺندي هئي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ هو پهريائين فوٽ پاٿ تي ٻارن جا رانديڪا وڪڻندو هو، بعد ۾ سيٺ صالح محمد جي دڪان تي ڪم ڪري واپار جو تجربو حاصل ڪيائين. سيٺ صالح محمد سندس ڀيڻ زليخا جو مڙس هو.
سيٺ عبدالله زندگيءَ ۾ ڪُل ٽي شاديون ڪيون هيون. پهرين پندرهن سال جي عمر ۾، جيڪا گهڻو وقت هلي نه سگهي. سندس پهرين گهرواريءَ سان رشتو ختم ٿيڻ بعد هن جي اداسيءَ کي ڏسندي سندس والده حنيفه ٻائي، سن 1889ع ۾ پاڻ سان گڏ حج تي وٺي وئي، جتان موٽڻ کان پوءِ هو روحاني طور مضبوط ٿي ويو ۽ پنهنجي مامي سان گڏ ان جي جنس جو واپار ڪرڻ لڳو. هڪ ڀيرو هو پنهنجي مامي سان گڏ اُڙيسا ويو هو، جتي هن بليئرڊ راند ۾ دلچسپي ورتي ۽ ان ۾ ڀَڙُ ٿي ويو. انهيءَ راند کيس اڳتي هلي سماجي ۽ قومي خدمتن واري ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ڪجهه عرصي بعد سندس والده هڪ ڀيرو ٻيهر سندس شادي پنهنجي ڀاڻيجي ”رابعه ٻائي“ سان ڪرائي، جيڪا گهڻو وقت بيمار گذاريندي هئي. هن زال مان به کيس سُک ۽ دلي سڪون نه مليو. اها شادي به ختم ٿي وئي. بعد ۾ جڏهن هو مشهور سماجي، سياسي ۽ ڪاروباري ماڻهو بڻيو، ته هن هندستان مان ”حاجي خان“ نالي هڪ شهريءَ جي نياڻي ”نصرت“ سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 40 سال هئي. سندس اها گهر واري، سماجي ۽ قومي خدمت ۾ سندس ساٿياڻي بڻي ۽ ليڊي نصرت عبدالله هارون جي نالي سان مشهور ٿي. بيگم نصرت مان کيس 9 ٻار پيدا ٿيا هئا، جن ۾ چار نياڻيون ۽ پنج پٽ هئا. انهن سمورن ٻارن جي ٻنهي ڄڻن سٺي تربيت ڪئي ۽ اعليٰ تعليم ڏيارائون.
سيٺ عبدالله هارون جي تربيت سندس والده ڪئي، جيڪا هنرمند، سمجهدار ۽ ڪاروباري ذهن رکندڙ عورت هئي. هن جي والده جي تربيت عبدالله کي ايماندار، بهادر ۽ دلير بڻايو. عبدالله هڪ ڀيرو پنهنجي دڪان تي ويٺو هو ته هڪ فلاحي تنظيم کانئس چندو گهريو، هن دڪان جي پيٽيءَ ۾ پيل پنج سو رپيا ڪڍي کين ڏيئي ڇڏيا ۽ پوءِ ڊنو ته کيس ماءُ جا دڙڪا ملندا. پر جڏهن هن پنهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي، ته ماءُ کيس چيو ته: ”عبدالله! تنهنجي نيت کي ڏسجي ٿو، ته انهن 500 رپين جي بدلي تو کي 25000 رپيا ملندا.“ انهيءَ ڳالهه کان پوءِ کيس اوچتو کنڊ کپائيندڙ واپارين پاران هڪ وڏو آرڊر مليو، جنهن لاءِ هن حساب ڪيو ته کيس 25000 (پنجويهه هزار) رپيا نفع ٿيو. اهو واقعو هن پنهنجي ماءُ کي اچي ٻڌايو. هاڻ هو ويتر پنهنجي والده تي اعتماد ڪرڻ لڳو. هو غريبن جو هڏ ڏوکي هو ۽ هاڻ شهر جي چڱاين وارن ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ لڳو. هن پنهنجي واپار کي جاوا (انڊونيشيا) کان وٺي سڄي هندستان ۾ پکيڙي ڇڏيو. هن ڪئنيڊا مان مشينري گهرائي بهار (هندستان) ۾ کنڊ جو ڪارخانو لڳايو. ان ريت هو سڄي ننڍي کنڊن ۾ کنڊ جي واپار جو شهنشاهه (Sugar King) طور مشهور ٿي ويو.
سيٺ عبدالله هارون ڪانگريس ۾ هوندي عدم تعاون واري تحريڪ (Non Co-operation Movement) ۾ حصو ورتو. هو سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو پنجن سالن تائين صدر ٿي رهيو. سن 1920ع ۾ اخبار ”الوحيد“ جاري ڪيائين، جنهن 25 سالن تائين سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي بيداري پيدا ڪئي. سن 1923ع ۾  هن بمبئي قانون ساز اداري جي چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. سن 1925ع ۾ علي ڳڙهه مسلم ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي ڳالهه ڪيائين.
سن 1930ع ۾ کيس برطانيا حڪومت پاران هندستان جي واپارين جو نمائندو مقرر ڪري (اوٽاوا) ڪئنيڊا ۾ ”امپيريل اڪنامڪ ڪانفرنس“ ۾ موڪليو ويو. سن 1938ع ۾ هن سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو اجلاس سڏايو، جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. 9- آڪٽوبر 1939ع ۾ هن استقباليه خطبي ۾ هندستان جي مسلمانن جي الڳ تشخص ۽ الڳ رياست جي گهر ڪئي.
جڏهن مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت عليءَ تي ڪراچي جي خالقڏني هال ۾ بغاوت جو ڪيس هليو، ته ”علي بردان“ جي والده ”بي امان“ جڏهن به ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽن سان ملڻ ايندي هئي، ته رهندي عبدالله هارون جي گهر ۾ هئي. ان ريت سندس سڄو گهر، ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي متوالن جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو. هُن خاص طور سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
سيٺ عبدالله هارون سڄي سنڌ جي حاجين لاءِ ڪراچي ۾ مسافرخانو ٺهرايو. ڪيترا ئي اسڪول پنهنجي گهرواري نصرت ۽ پنهنجي نالي سان قائم ڪيا. سندن نالي پٺيان برپا ٿيل اهي اسڪول، اڄ به ڪراچيءَ ۾ قائم آهن. انهن ۾ لياريءَ جو مدرسو اڄ به علمي خدمت ڪري رهيو آهي. انهيءَ مدرسي جي سار سنڀار سندس نياڻيون ڪيتري عرصي تائين ڪنديون رهيون. عبدالله هارون، ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. شروعاتي دور ۾ هو آل انڊيا ڪانگريس جو ميمبر هو، پر بعد ۾ هن پنهنجو سڄو ڌيان مسلم ليگ تي ڏنو. پاڻ پاڪستان جي بانين ۾ به شمار ٿئي ٿو. هن پاڪستان جي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان بهرو ورتو ۽ مسلم ليگ جي مالي مدد به ڪندو رهيو. هو پاڪستان ٺهڻ کان ٻه سال اڳ 1945ع ۾ گذاري ويو. سندس آخري آرامگاهه، لياريءَ ۾ سندس قائم ڪيل مدرسي جي اَڳنڌ ۾ اڄ به موجود آهي.
ٻارو! ڏسو ماءُ جي خدمت ۽ اُن جي نتيجي ۾ مليل دعائن سان هڪ يتيم ٻار ايتري ترقي ڪئي، جو هو ننڍي کنڊ جو وڏو واپاري بڻجي ويو ۽ الله جي ٻاجهه ۽ ماءُ جي دعا سان هن سماجي خدمت ۽ سياست ۾ به نالو ڪمايو. صنعت ڪار ۽ واپاري ڪرت ۾ مشغول رهندي به هِن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي وڏي خدمت ڪئي هئي. سيٺ صاحب جي زندگيءَ تي نظر وجهندي سبق ملي ٿو ته جيڪو به ماڻهو پنهنجي وڏن جو چيو مڃيندو ۽ الله جي بندن جي خدمت ڪندو ته الله سائين اُن شخص کي ڪيل خدمت ۽ نوڙت جو اجورو ضرور ڏيندو.


No comments:

راءِ ڏيندا