; سنڌي شخصيتون: نواب سر غيبي خان چانڊيو - رحيم منگي

15 April, 2011

نواب سر غيبي خان چانڊيو - رحيم منگي


نواب سر غيبي خان چانڊيو
رحيم منگي
نواب سرغيبي خان چانڊيو، تعلقي قمبر جي تاريخ ۾ چانڊيا برادريءَ جو هڪ اهم سخي، نامور، نيڪ نفس سردار ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. جنهن انگريز سرڪار سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرايا. نواب غيبي خان جو ڇٺيءَ جو نانءُ علي نواز خان هو. جڏهن کيس پڳ ٻڌرائي وئي، تڏھن کان غيبي خان جي لقب سان مشهور ٿيو. 

 
نواب غيبي خان ولد سردار محمد خان چانديو 25 ڊسمبر 1872ع تي، تعلقي قمبر جي ڳوٺ غيبي ديري ۾ پيدا ٿيو. نواب غيبي خان کي 1893ع ۾ سندس والد ۽ وڏي ڀاءُ جي قتل کانپوءِ، 1894ع ۾ پڳ ٻڌرائي چانڊيا برادريءَ جو سردار ۽ چانڊڪا جاگير جو مالڪ ڪيو ويو. نواب غيبي خان جي ميزباني ۽ جاگير جي حوالي سان نامور سنڌي محقق پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”هوڏو ٿي هو ڏينهن 1977ع ۾ دلچسپ بيان لکيو آهي ته؛
نواب سر غيبي خان، 4 لک ايڪڙ جاگير، جهنگ ان ۾، پٽ ان ۾، ڍوريون ۽ ڍنڍان ان ۾، هيٺاهيون به ان ۾ ته جبل به ان ۾، ڪاٿنهن ساوڪ ته ڪاٿنهن سڪ، ڪٿي پاڻي ته ڪٿي واري، ڪٿي ويءُ ته ڪٿي واهڙ. چوندا آهن ته ڳيري جي وک تي زمين وَرِنُ بدلائيندي آهي، پر هتي ته ورن سان گڏ هر قسم جو ڍنگ ۽ رنگ موجود هو: تتر اتي- بگڙا خواهه ڪارا- ٻٽيرا به موجود ته پٽ تتر به جام. اسناف اڪيچار، ۽ بدڪون، نيرڳ، آڙيون، ڪارڙا ۽ ٻولاهيون به موجود. سرنهن ۽ ڪڻڪن ۾ ڪونجن جا به ولر اچي ويلا ڪن. واريءَ جي دڙن ۽ بٺن ۾ تلوريون به عام. هرڻ ڳاڙها به ته ڪاريهر به. ڦاڙها به ملندا ته پهاڙن تي سرهه ۽ گڊ به اچي سر ڏيندا. مطلب ته هر قسم جا چرند خواه پرند. دل جيڪي گهري سو موجود، جيڪي وڻي سو مار.
سيارو پوندو، ناتال جي موسم ايندي، ڪٽڪ صاحبلوڪن جا اچي ڪٺا ٿيندا، مِسيون ۽ مڊمان به ساڻ، بٽلر، بورچي، پٽيوالا ۽ اردلي به ڪڍ، تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ رانئتيون اچي وينديون، غيبي ديري ۾ منزلان لڳي وينديون، جهنگ جهر چانڊاڻ ٿي ويندو، اڄ ڪليڪٽر آيو، سڀان ڪمشنر آيو، پرينءَ آءِ. جي. اچي ٿو، پڇاڙيءَ بمبئيءَ مان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان گورنر صاحب به مهمانن جا پرا ڪاهي اچي پهچندو. مطلب ته جيسين شڪار جي سيزن هلندي، تيسين پيا گورا ڳاهٽ ڏيندا ۽ آفيسر ڪُتِر ٿيندا. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير، مکڻ، ماکيون نه ڪنهن کان کٽايا پڄن ته کاڌا پهچن- سڄو راڄ ۽ تـَـرُ گهرن کي ٻهاري ڏيو اتي پيو پهچائيندو. صاحبلوڪ قاعدي قانون جا ڏاڍا پابند هئا. ليتيءَ ڏيتيءَ کان صفا پري. نه ڪنهن کان وٺندا نه ڪنهن جو بار کڻندا. پئسا ڏئي سڀئي بل چڪتو ڪري ڇڏيندا. پنهنجي سر به مرحوم شاهوڙ شڪاري  هو ۽ ٻين کي به شڪار ڪرائيندو هو. (صفحا 74- 173)
نواب غيبي خان کي انگريز سرڪار پاران 1894ع ۾ چانڊين جو سردار مڃي، جاگيردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ کيس سر جو لقب ڏنو. جنهن لاءِ برطانيا جي راڻيءَ پاران بڪنگھم محل اچڻ جي دعوت مليس پر تن ۾ طاقت نه هئڻ سبب پرديس وڃي نه سگهيو. نواب غيبي خان، اڪثر ڪري راڄوڻي فيصلا پاڻ ڪندو هو. سندس ڪيل فيصلو حرف آخر هو. پاڻ شڪار جو ڪوڏيو هو. چار ڀيرا شينهن جو شڪار ڪيائين. بهتر توبچي ۽ سخي هو، بٺي سدائين پئي ٻرندي هئي. تعليم سان دلچسپيءَ سبب، پنهنجي پوٽي نواب سلطان احمد چانڊئي جي تعليم لاءِ خاص اُپاءَ ورتائين. نواب غيبي خان چانڊيو جي، نواب سلطان احمد چانڊيو سان بي انتها دل هئي. جنهنڪري پنهنجي جيئري کيس 16 نومبر 1954ع تي پڳدار ڪيائين. نواب غيبي خان کي، لاڙڪاڻي ۾ پڻ عمدو بنگلو هو، جيڪو سنڌ جي ڪمشنر ڊبليو ايڇ ليوڪس جي جوڙايل نقشي موجب 1907ع ۾ جڙي راس ٿيو. ان بنگلي ۾ فيبروري 1920ع ۾ چيو ٿو وڃي ته خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ جوڙيل هڪ سب ڪميٽيءَ جو اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. سياسي طور نواب غيبي خان جي، سر شاهنواز خان ڀٽي سان ويجهڙائپ هئي، روزاني الوحيد ڪراچي جي سنڌ آزاد  نمبر 1936ع جي ٻئي ڇاپي (سيپٽمبر 1979ع) جي صفحي 86ع تي نواب غيبي خان بابت لکيو ويو آهي ته؛ ”نواب غيبي خان جي فيصلي کي سڄي هندستان ۽ بلوچستان جي چانڊيا برادري آخرين سمجهندي آهي. جاگير ۾ هندو خواهه مسلمان، با آرام ميٺ محبت ۾ رهندا آهن ۽ ڪو به پاڻ کي دکي نه سمجهندو آهي. سندس درٻار، صبح شام لڳندي آهي. جنهن ۾ ڪو به عرضدار پنهنجو اهنج ايذاءُ ٻڌائي، تڪليف دور ڪرائي خوش ٿي ويندو آهي. هو صاحب هر ڪنهن انسان سان خوش اخلاقيءَ سان ملندو آهي. ٻارن سان ڏاڍو پيار اٿس. نواب غيبي خان ” چانڊيا مگسي“ خوني ويڙهه جو اهم ڪردار رهيو. جنهن جو فيصلو 6 جنوري 1920ع ۾ ٿيو، جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي اڳتي لکي ٿو ته؛ فيصلو ٿيو ٺاهه به ڪيو ويو پر ٻنهي برادرين جون دليون جيڪي ٽٽي چڪيون هيون سي ايامن تائين جڙي نه سگهيون. جيسئين وڏا جيئرا هئا تيسين دلين تان مير نه لٿو. چانڊين، مگسين واري چوڻي سنڌ ۾ انهيءَ واقعي جو يادگار آهي. جڏهن ٻن جي دشمني، ٺاهه جي حد کان مٿي چڙهي ويندي، تڏهن چئبو آهي؛ چانڊين، مگسين وارو وير اٿن. سنڌي ادب کي اها چوڻي سون انسانن جي ڪشت و خون جي ياد ڏياري ٿي. صفحو (295 کان 298)
نواب غيبي خان جي وفات 4 ڊسمبر 1954 تي ٿي. کيس غيبي ديري لڳ، تاريخي قبرستان رائنڪن ۾ دفنايو ويو.    

No comments:

راءِ ڏيندا