; سنڌي شخصيتون: مخدوم بصرالدين صديقي

15 April, 2011

مخدوم بصرالدين صديقي

مخدوم بصر الدين صديقيؒ سيوهاڻي

(۱۸۶۶ع ــــ۱۱ جنوري ـ ۱۹۳۴ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



حضرت ابوبڪر صديقؓ جي نسبي سلسلي مان رڪن الدين عرف مخدوم بصر الدين ولد مخدوم احمد صديقي، سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو، جنهن جو سلسله عمل ۽ فيض دور دراز زماني تائين پشت به پشت مسلسل قائم هو. (ميمڻ، ۱۹۸۰: ۲۸۹)


تعليم

حضرت بصرت الدين رح ابتدائي تعليم ۽ عربي فارسي پنهنجي ڏاڏي “محمد” کان حاصل ڪئي. جڏهن ته ان علم جي تڪميل پنهنجي عزيز، مجدد ۽ محقق مفتي اعظم، قاضي القضاه، شيخ الوقت، فقيهه الفقهاءِ في السند حضرت مخدوم حسن الله پاٽائي الصديقي رح( المتوفي ۱۹۲۰ع) کان ڪئي. پاڻ انگريزي تعليم بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سندس ذهانت ته پينگهي ۾ ئي پڌري ٿي چڪي هئي. سڀاءٌ جو حليم هجڻ جي باوجود طبيعت ۾ تجسس گهڻو هوندو هئس. ذهين هئڻ ڪري هميشه ذهن کوجنا ۾ رڌل رهيس ٿي. منجهس اجتهادي قوت به اتم درجي جي موجود هئي. سرڪاري ملازم به رهيا. ڪجهه عرصو مختيارڪار ٿي رهيا. کيس. Evidence act گهڻي ڀاڱي ياد هوندو هو. (صديقي، ۲۰۰۳: ۲۶)

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ قومپرست اڳواڻ جنب گذاريم جن سين جو مصنف جي ايم سيد لکي ٿو ته: “ڪيترائي ماڻهو سندس علمي گفتگو ٻڌڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. آءُ به انهن مان هڪڙو هوس. مون سان گهڻي محبت هوندي هئس. مون کيس ٻه ٽي دفعا عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته سياسي مها ڄار مان نڪري حق جي راهه ڳولڻ طرف راغب ٿيان، هن دفعي اهو جواب ڏنائين ته تنهنجي سياسي زندگي به عبادت آهي، تنهن ڪري ان مان نڪرڻ نه گهرجئي. (سيد، ۲۰۰۹: ۳۴)

“معلوم ٿئي ٿو ته موصوف نه فقط ديني علوم جي فاضل شخصيت ۽ علم و عرفان ۾ يگانو هو، پر ان سان گڏوگڏ هو جديد علوم جو پڻ ڄاڻو هو. کيس انگريزي ٻوليءَ جي صلاحيت ايتري ته سرس هئي جو فرنگي ٻولي ۾ شاعري به ڪندو هو. انگريزي ۾ سندس چيل ڪيئي سَو شعر موجود آهن. مخدوم صاحب جي هڪڙي ٻي اهم وصف جنهن ۾ هو پنهنجي همعصر شخصيتن کان نمايان هو، ان موضوع تي سندس لکيل “البصائر” ڪتاب فلسفي جي دنيا جو اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو”. (ڀٽو، ۲۰۰۳: ۱۶)

سنڌ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:”سنڌ ۾ مخدوم بصر الدين پهريون عالم هو جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ قاضي کي عطا ٿي.” (بلوچ، ۲۰۰۳: ۴)

جهڙا گل گلاب جا، جو مصنف لکي ٿو ته”حاجي مولابخش سومرو (شهيد الله بخش سومرو جو ڀاءُ) مون کي ٻڌايو ته حڪيم بصر الدين عربي ۽ انگريزي جو وڏو عالم هو. اهو ٻڌي شوق ٿي پيم ته سندس ڪتاب پڙهان. سيوهڻ ۾ حڪيم بصر الدين جي اولاد مان حڪيم محمد مراد سان وڃي مليس، پاڻ قرب ڪري، حڪيم بصر الدين جو هڪ عربي ڪتاب مون کي ڏنائين. عربي مون کي ڪانه اچي،. سو مون اهو ڪتاب حيدرآباد ۾ عربي ۽ سنڌي ڄاڻندڙ هڪ بزرگ کي ترجمي لاءِ آڇيو، ته مهراڻ ۾ ڇپائيندس، بزرگ جيڪا رقم گهري ان جي ادا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه هئي. حڪيم صاحب جي ڪتاب پڙهڻ جي حسرت دل ۾ رهجي وئي. اوچتو مون کي ياد آيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ خدا جي وحدانيت تي انگريزي ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ مقالو ڏٺو هئم. اهو مقالو مون لاءِ هميشه ڪشش ۽ مونجهاري جو باعث رهيو، ڇو ته مٿس مصنف جو نالو لکيل ڪونه هو، “حاجي صاحب جي ڪاپي” مون کي اچي شڪ جاڳيو ته اها پڪ ئي پڪ حڪيم بصر الدين جي تحرير هئي ۽ حاجي صاحب مان مراد حاجي مولابخش سومرو هو. اڃا جو جانچ لڌم ته منهنجي گمام جي سورنهن آنا تصديق ٿي، پر ان وچ ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي آيو هئس. ائين ڀانيم ته حڪيم صاحب جي تحرير پڙهڻ جي سعادت منهنجي قسمت ۾ ڪانه هئي.” (آگرو، ۲۰۰۷: ۳۰۹)

حڪمت

مخدوم بصر الدين سيوهاڻي مخدوم صاحب پنهنجي ڏاڏي وانگر علاج در حق بعضي ڪڏهن اهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو، جو هر ڪو حيرت ۾ پئجي ويندو هو. تاريخ ۽ سياست جو به وسيع مطالعو ڪيو هئائين. ديني، روحاني ۽ طبي علوم کان علاوه علم جفر، نجوم، ۽ ڪيميا جو به وڏو ماهر هو. اهڙي طرح تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ سندس عربي ڪتاب شاندار حيثيت رکن ٿا. (صديقي، ۲۰۰۳: ۴۶)

مخدوم صاحب کي طب سان فطري لڳاءُ هو ڪن حالتن ۾ سندس علاج ڪرامتن جهڙا ڪرشما ڏيکاريا، “زمرد اخضر” “طب اڪبري” ۽ مفردات سودي” جهڙا ناياب ۽ ڪامياب نسخا وٽس موجود هئا. جن جي وسيلي لاعلاج مريض به وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا. انهيءَ نيڪيءَ مخدوم صاحب جو نالو ڏيهان ڏيهه پڌرو ڪيو. ڪوڙهه، بگُ، گردي جي سور جو وٽس بي مثال علاج هو. (ميمڻ، ۱۹۸۰: ۲۹۰)

حڪيم بصر الدين وٽ ڪيئي غريب، امير، حڪمران دعا ۽ دوا لاءِ ايندا رهندا هئا. سستو علاج ڪندو هو، سندس حڪمت سنڌ کان ويندي بلوچستان تائين به ڇانيل هئي. سردار بهادر خان گولو به بلوچستان مان اچي دعا ۽ دوا وٺندو هو.

مخدوم بصر الدين صديقي وٽ سردار واحد بخش ڀٽو، سائين جي ايم سيد، حاجي مولابخش سومرو، ڪريم بخش چنا، مير علي نواز علوي لاڙڪاڻوي، سرشاهنواز ڀٽو (شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) ٻيا ڪيئي دعا لاءِ سيوهڻ ايندا هئا.

سندن همعصر ويجهڙا تعلقات رکڻ وارو به کوڙ هئا. تاج محمود امروٽي، مفتي عبدالغفور همايوني مفتون، مولوي غلام احمد ملڪاڻي، مرحوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي سميت ٻين ڪيترن بزرگن، عالمن، سان سندس واسطا هئا. جنب گذاريم جن سين جو مصنف لکي ٿو ته:

“پاڻ هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي هئائين، جنهن جي کائڻ سان زندگي تمام وڏي ٿي ويندي، پر کيس خيال آيو ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهن کي موت جو خوف لهي ويندو ۽ وڏي عمر جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون ڏسڻيون پونديون ۽ بيروزگاري وڌي ويندي. ان ڪري اها دوا اڇلائي ڇڏيائين ۽ نسخو ڦاڙي ڇڏيائين. چيائين ته “اها ڳالهه مشيت ايزدي جي خلاف آهي.” (سيد، ۲۰۰۹: ۳۴)

ڪتاب ۽ شاعري

(البصائر)

مصنف هن ڪتاب جو نالو “البصائر” پنهنجي نالي بصرالدين جي منااسبت سان رکيو بصائر جمع آهي “بصيرة” جو، جنهن جو بنيادي اشتقاقي مادو “بصر” ئي آهي. بصيرت جي معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڄاڻن جي نرت، نظر ۽ پروڙ آهي. (بلوچ، ۲۰۰۳: ۶)

سندس ڪتاب “البصائر” ۾ فلسفيانه نظريات ۽ ڪليات جو تت ۽ مختصر خلاصو لکيو اٿن، تنهن مان سندن فلاسافي جو معيار جو اندازو ٿئي ٿو ۽ اها به ڄاڻ ٿي ته کين قديم فسلفيانه نظريات ۽ معقولات متعلق ڪيتري نه معلومات هئي. ان کان علاوه ابن سينا جي ڪتاب تي سندس حاشيا وڏا قيمتي آهن، جيئن “القانون” الجزءُ الاول ۽ الثالث تي لکيل سندس حاشيا اڄ به موجود آهن. (صديقي، ۲۰۰۳: ۳۰)

مخدوم بصر الدين سيوهاڻي انگريزي ٻولي جو ڄاڻو هو. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيڪسپيئر جي شاعري سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. شيڪسپيئر جي شاعري جي طرز تي پاڻ انگريزي زبان ۾ به شاعري ڪيائين. ان کان علاوه انگريزي ۾ ڪيئي مضمون به لکيائين. عربي زبان تي به عبور هئس، پنهنجو مشهور ڪتاب “البصائر” عربي زبان ۾ لکيائين. ۽ سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪيائين.

مٺو محمد مرسل، معراج ٿيس مان،

ربّ مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهنجو شان،

کيڪاريو خوشيءَ مان، کيس مالڪ مهربان،

ٿيون ڳجهه اندر ڳالهڙيون ڪل پئي ڪنهن ڪانه،

دان گهران ٿو تو دان، ڏي تون ئي ڏي دان،

ٿيو احمد تي احسان، ڪهڙو بصر الدين بيان ڪري.

“مخدوم بصر الدين هن پوئين زماني جو جنيد بغدادي، امام غزالي، ابن رشد، اندلسي ۽ شاهه ولي الله دهلويؒ جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع هو، سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو پڇاڙيءَ تائين ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، پر صفحا به برزبان ياد هوندا هيس. (ميمڻ ۱۹۸۰ :۷۰). مخدوم بصر الدين صديقي عربي، انگريزيءَ، سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. البصائر مان لکت جو نمونو ڏجي ٿو:

“اما بعد! هي منهنجي مقالي جو ٽيون مسودو آهي، جيڪو مون هن نظريي جي سمجهائڻ لاءِ لکيو آهي ته علاج معالجي ۾ اصل شئي عارضي جي سبب جو خاتمو آهي. جيئن ته مقالو طويل هو، ان ڪري هينئر ان کي مختصر ڪري پيش ڪيو اٿم، جيڪو الله تعاليٰ جي مدد سان پنهنجي پڙهندڙن سان ڪتاب جو نالو “البصائر” رکيو اٿم. منهنجو رب ئي سئين واٽ جي توفيق ڏيندڙ آهي. آءٌ ان کان ئي مدد پنان ٿو.

بصيرت: توهان کي ڄاڻ آهي ته هر شئي جو وجود سندس ذات کان آهي، يا ان جو وجود سندس ذات کان نه آهي، پهرئين قسم جو وجود ظاهر به آهي ته باطن به آهي ۽ هر شئي کي ڄاڻندڙ به آهي. جيڪا شئي ايئن نه آهي، ان جي ذات يا عدم ۽ فنا جي تقاضا ٿي ڪري. ان صورت ۾ ان جو وجود يا ته ممڪن نه هوندو يا ان جو وجود ممڪن هوندو. يعني ان جي وجود ۽ ان جي عدم وارا ٻيئ پاسا هڪجهڙا هوندا..

بصيرت: مٿي جيڪو (اصول) ڄاڻايوسين، ان ۾ اوهان غور ڪندا ته هن حقيقت تائين پهچي ويندا ته جنهن ممڪن شئي جي ذات وجود ۽ عدم ۾ هڪجهڙي آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن ترجيح ڏيڻ واري سبب جي ضرور محتاج آهي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پاسن ۾ برابري يعني عدم کان بعد ۾ وجود يا وجود کان بعد ۾ عدم اهڙو معاملو آهي‏، جيڪو محال ۽ مشڪل آهي.

بصيرت: ڪنهن ممڪن شئي جي ٻن هڪجهڙن پاسن مان هڪ پاسي جو ٻئي پاسي جي ڀيٽ ۾ رائج هجڻ، بلڪل اهوئي “سبب” آهي ۽ ان کي “سبب” هن ڪري چئجي ٿو ته ان جو وجود ٻي شئي لاءِ لازم ملزوم جي حيثيت رکندو آهي ۽ وري ان شئي کي “مسبب” يا “معلوم” چئجي ٿو. يعني اها شئي اها شئي جيڪا ڪنهن ڪارڻ يا سبب ڪري وجود ۾ آئي هجي. (صديقي ۲۰۰۳ع ۲)

هن مقالي جو لکندڙ حيران آهي ته هن کان اڳ ڪنهن مولوي صاحب جو اهڙو فلسفيانه بيان ڪٿ نه پڙهيو آهي، جنهن ۾ ڪائنات جو ڪنهن سبب جي ڪري ظاهر ٿيڻ، وجود ۾ اچڻ فلسفيانه انداز ۾ سمجهايو ويو هجي.

وصال

سيد قطب الزمان، باعمل فاضل بزرگ، حڪيم، صالحين جو صالح، جاءِ نشين، پرهيزگار، خليق، خوش مزاج، سخي، سچار، ايماندار، نيڪ نيت ۽ خدا ترس ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ اڱاري جي آڌيءَ رات ۸ ذوالقعد ۱۳۶۶هه مطابق ۱۱ جنوري ۱۹۳۸ع تي قاضي محله سيوهڻ ۾ وفات ڪري ويو. سندس تربت اباڻي قبرستان (لڳ ڇٽو امراڻي) سيوهڻ ۾ آهي. اباڻي قربستان ۾ سندس ٻيا خاندان جا بزرگ مدفون آهن. مخدوم محمد، مخدوم عارف، قاضي محمد مراد، پروفيسر فتح الله صديقي جي (وفات ۲۰۱۶ع) قبر پڻ ان قبرستان ۾ آهي، سندس وفات تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿوته:

“نهايت دلي درد ۽ قلبي قلف سان هي خبر معلوم ڪئي ويندي ته علوم اسلاميه جو آفتاب عالمتاب سنڌ مان غروب ٿي ويو، يعني حضرت بابرڪت قطب الزمان مخدوم دوران، عالم باعمل، فاضل بي بدل، مخدوم قاضي ميان بصرالدين رح گذريل هفتي سيوهڻ شريف ۾ وفات فرمائي. پنهنجي پسماندن ۽ متعلقين کي داغ مفارقت ڏيئي ويو. حضرت مخدوم صاحب جو وجود مسعود نادر روزگار هو. پاڻ فنون مشرقيه و مغربيه جا بي نظير فاضل ۽ علوم عقليه ونقليه جا بي مثل عالم هئا. سندن زندگي جو وڏو حصو خلوت ۽ ياد الهي ۾ گذريو. پاڻ وڏا حڪيم ۽ زبردست فيلسوف هئا. پاڻ انگريزي جا جا زبردست ماهر هئا. پاڻ عربي جا صاحب تصانيف عالم هئا. سندن بزرگ هستي مجسم فيض وبرڪت هئي. سندس صحبت زنگ باطل لاءِ هڪ صيقل هئي. پاڻ هن زماني ۾ سلف صالحين جو بهترين نمونو هئا. پاڻ اجتهادي قوت ۽ استنباطي ملڪ جا ماهر هئا. پاڻ صاحب الراءِ هوندا هئا. سنڌ ۾ ته سندين صفات جو ڪو بزرگ ڪونه هو پر هندستان ۾ به ڪو شاذو نادر هوندو. (سيوهاڻي، ۲۰۰۳: ۴۹)

مخدوم بصر الدين وٽ فلسفي جي وڏي ڄاڻ هئي. پاڻ گهڻن علمن جو ماهر هو. حڪمت ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هو. سنڌ جو جيد عالم هو. قلندر لعل شهباز جي شهر جو رهواسي هو. هي به هڪ قلندر هو جنهن سرڪاري نوڪري ڇڏي، ملڪيت کي به ڌڪاريو، سادي طبيعت جو مالڪ هو، دعا به ڪندو هو ته، دوا به ڪندو هو.

حوالا:

ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي، ۱۹۸۰: عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو.

صديقي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۳: مرتب، مخدوم بصرالدين جي سوانح ۽ رسالو، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

سيد، جي، ايم، ۲۰۰۹: جنب به گذاريم جن سين، روشني پبلشن ڪنڊيارو.

بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

ڀٽو، محمد موسيٰ، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين ۽ سوانح رسالو، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

آگرو، غلام رباني، ۲۰۰۷: جهڙا گل گلاب جا، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

صديقي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۳: مخدوم بصدر الدين جي سوانح ۽رسالو، مرتب، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي، ۱۹۸۰: عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو.

بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

صديقي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين صديقي جي سوانح ۽ رسالو، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

صديقي، بصر الدين‏، مخدوم، ۲۰۰۶: سيوهڻ صدين کان، خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، مراد پبليڪشن سيوهڻ.

ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي ۱۹۸۰: عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو.

صديقي، بصر الدين مخدوم، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد، ۲۰۰۳: مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو، مرتب مخدوم سليم الله صديقي، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

مخدوم بصرالدين صديقي

خير محمد ٻرڙو

مخدوم بصرالدين صديقي سيوهاڻي وڏو عالم، درويش بزرگ ۽ حاذق حڪيم هو. سندس حسب نسب، حضرت ابوبڪر صديق رضه سان وڃي ملي ٿو. پاڻ محمد بن ابوبڪر جي پشت مان آهن. مخدوم صاحب جو اصل نالو ”رڪن الدين“ ۽ والد صاحب جو نالو مخدوم محمد بن مخدوم محمد صديقي هو. سندس وڏو ڏاڏو مخدوم محمد حسن صديقي قاري (وفات ۱۲۲۰هه مطابق ۱۸۰۵ع) پنهنجي وقت جو عارف، فاضل ۽ ڪامل بزرگ هو. هن خاندان مان ڪافي عالم متقي، مغل بادشاهن جي طرفان ”قاضي القضات“ جي اعليٰ درجي تي فائز هئا. جيڪي شرعي ۽ فقهي مسئلن بابت فتويٰ جاري ڪندا هئا. انهيءَ ڪري” قاضي“ سڏجڻ لڳا. ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ پڻ وٽن اهڙا عهدا هئا. سندن تقرر ناما مخدوم خاندان وٽ محفوظ آهن.

مخدوم بصرالدين جي ولادت ۲۹ رمضان المبارڪ سن ۱۲۸۲هه بمطابق ۱۷ سيپٽمبر ۱۸۶۳ع تي سيوهڻ شهر ضلعي دادو ۾ پنهنجي مامي خليفي حڪيم غلام محي الدين عباسيءَ جي گهر ۾ ٿي. ان ريت مولانا حڪيم فتح محمد صغير سيوهاڻي (۱۸۸۲ع -۱۹۴۲ع) سندس ماروٽ هو. مخدوم صاحب ابتدائي فارسي، عربي ۽ ديني تعليم سيوهڻ ۾ ڏاڏي کان ورتي. وڌيڪ تعليم پنهنجي سؤٽ مخدوم عالم حاجي حسن الله صديقي پاٽائي (۱۸۵۰-۱۹۲۰ع/ ۱۳۳۹ ھ) کان ورتائين.  مخدوم حسن الله، جيد عالم هو. هن بزرگ جي سڄي زندگي، درس و تدريس ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ گذري. وٽانئس هيٺين نامور علامن فيض حاصل ڪيو ۽ فارغ التحصيل ٿيا.

مولوي محمد صديق سيتائي، مخدوم محمد دائود درٻيلائي، مولوي خير محمد جوڻيجو، مخدوم بصرالدين سيوهاڻي، مخدوم معين الدين سيوهاڻي، مولانا ابوالفيض غلام عمر جتوئي، مولوي سيد شهاب الدين هالائي ۽ پيرزادو غلام مجدد متعلوي.

مخدوم بصر الدين صاحب جو والد، ڪراچيءَ ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. جنهن پنهنجي فرزند کي انگريزي تعليم ڏيارڻ خاطر، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. جتان مخدوم صاحب قانون جي سند اعليٰ اعزاز سان حاصل ڪئي. ان بعد سندس والد کيس ڪراچيءَ ۾ سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏني. مخدوم صاحب آزاد طبيعت وارو هو. جنهن ڪري سندس طبيعت سرڪاري نوڪريءَ سان نه لڳي.

ڪجهه عرصي بعد نوڪري ڇڏي، سيوهڻ ۾ اچي ياد الاهي کي پنهنجو اصل مقصد بنائي، گوشه نشيني اختيار ڪيائين.

مخدوم صاحب ڄاڻو ۽ ماهر حڪيم پڻ هو. سندس ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا، پشت به پشت حڪيم هئا. سندس وڏي ڏاڏي حڪيم مخدوم محمد حسن قاري حڪمت تي هڪ املهه ڪتاب ”سديدي“ لکيو هو. جنهن ۾ نهايت مجرب ۽ آزمايل نسخا لکيل هئا. انهن ناياب نسخن، مخدوم صاحب جي ڄاڻ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان کان علاوه سندس خاندان جا لکيل ڪامياب نسخا کيس ورثي ۾ مليل هئا. جن جي آڌار تي پاڻ مريضن جو علاج تسليءَ سان ڪندا هئا. جنهن ڪري ڪيترا مايوس ۽ لاعلاج مريض سندس علاج سان شفاياب ٿيندا هئا. سندس درويشيءَ ۽ بزرگيءَ وارن خيالن، طبي علاج کي ڪرامت جهڙو بنائي ڇڏيو. ويتر زمرد اخضر، طب اڪبر ۽ مفردات سودي جهڙن مجرب ڪامياب طبي نسخن ذريعي لا علاج مريضن جي شفاياب ٿيڻ، سندس نالو روشن ڪري ڇڏيو.

ڪوڙهه (بگ)، گڙدي جي سور ۽ نانگ جي ڏنگ جو وٽس هڪ ٽڪ ۽ اڪسير علاج هو. گردي جي سور لاءِ سنا ۳ تولا، سنڍ ۲ ماسا ۽ وڏڦ هڪ تولو ڦڪي ٺاهي، رات جو سمهڻ مهل کير يا پاڻيءَ سان استعمال ڪرڻ سان گردي جو سور هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو هو. کين لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا چڱا مڙس دعا ۽ علاج لاءِ وٺي ويندا هئا.

مخدوم صاحب روحانيت جو صاحب هو ۽ پڻ تاريخ، سياست، تصوف، تفسير، علم جفر، علم ابجد، علم نجوم، سيميا، ڪيميا، فلسفي ۽ ديني علم جي وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. پاڻ هميشه مطالعي هيٺ آيل ڪتابن جي حاشين ۽ صفحن تي پنهنجي طرفان ڪاري مس سان عربيءَ ۾ هدايت ناما ۽ سمجهاڻيون لکندا هئا. اهڙا ڪتاب اڄ به حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيءَ جي لائبريري ۾ موجود آهن. مثال طور ابن سينا جو لکيل ڪتاب القانون عربي الجزء الاول، الثاني ۽ الثالث تي مخدوم صاحب جا لکيل هٿ اکر اڄ به چمڪي رهيا آهن. ايئن لڳندو آهي ڄڻ تازو لکيل آهن. سندس انهن هٿ اکرن جو عڪس سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي رسالي مهراڻ، شايد ۱۹۹۰ع جي ڪنهن نمبر، ۾ شايع ڪيو آهي.

مخدوم صاحب عربيءَ ۾ به ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن مان ”البصائر“ نالي ڪتاب نهايت مشهور آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي ديني ۽ دنوي مسئلن تي نظريا پيش ڪيا اٿن. پاڻ چوندا هئا ته؛ نبي سڳورن جي اتباع کان سواءِ حياتيءَ جو حقيقي مقصد ماڻي نه ٿو سگهجي. پاڻ حضور‏ﷺ جن جي شان ۾ ڪافي شعر چيائون. نموني خاطر هڪ بند هيٺ لکجي ٿو:

مٺو محمد مرسل، معراج ٿيس مان،

رب مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهن جو شان،

کيڪاريو خوشي مان، کيس مالڪ مهربان،

ٿيون ڳجهه اندر ڳالهيون، ڪل پئي ڪنهن ڪان،

دان گهران ٿو تون دان ڏي، دان تو ئي دان،

ٿيو احمد تي احسان، ڪري ڪهڙو بصرالدين بيان.

شاهه جو رسالو کين گهڻي ڀاڱي ياد هوندو هو. تنهن کان سواءِ شيڪسپيئر جي شاعري به کين ياد هوندي هئي.

مخدوم صاحب، دين جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هو. ياد داشت ۽ حافظو تمام قوي ۽ تيز هو، جيڪا به ڳالهه يا واقعو سندن نظر مان گذرندو هو ته هميشه لاءِ ياد ٿي ويندو هو. آخري عمر تائين به ڪتابن جا نالا، صفحا، قصا ۽ ليکڪ کين ياد هوندا هئا. حيرت ٿي ٿئي ته سندس سينو ڪيڏو نه ڪشادو هو. سچ پچ ته اها کيس رب تعاليٰ طرفان ڏات مليل هئي. درويش، طبيعت جو ماٺيڻو، پرهيزگار، خليق، نيڪ نيت، خدا ترس، خوش مزاج، سخي ۽ سچار هو. گهڻو ڪري اٺين پهر کاڌو کائيندو هو. اڪيلائي، پسند ڪندو هو ۽ جهيڻو ڳالهائيندو هو. اڪثر ڪري ذڪر فڪر ۽ عبادت ۾ رهندو هو. سادي ۽ اڇي رنگ جي پوشاڪ پائيندوهو. وڏو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ هٿ ۾ ڊگهي لٺ کڻندو هو. قد وچولو، منهن سونهارو ۽ ٻهڪندڙ، رنگ ڪڻڪائون، سونهاري مٺ برابر، ڪاري ۽ سفيد هوندي هئس. راقم جو والد صاحب مرحوم حبيب الله ٻرڙو ٻڌائيندو هو ته؛ پوئين عمر ۾ مجذوبانه ڪيفيت طاري ٿيڻ سان عجيب غريب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪندو هو. مسلمان ۽ هندو، سندس ڳالهيون ٻڌڻ ايندا هئا ۽ دعائون گهرائيندا هئا. هڪ ملاقاتيءَ کي چيائين ته؛ ”مون هڪ ڀيري خواب ۾ بهشت ڏٺو آهي. اتي ڏاڙهون پٽي کاڌم، اهڙو ته لذيذ هو جو ڪيئي ورهيه مون کي اڃ ڪا نه لڳندي هئي.“ هڪ ڀيري مجذوبانه انداز ۾ حاضرين کي چيائين ته؛ ”مون هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي آهي، جنهن جي کائڻ سان حياتي ڊگهي ٿي وڃي ٿي پر اهو ڊپ اٿم ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهن مان موت جو خوف لهي ويندو ۽ گهڻو وقت زنده رهڻ ڪري ڏک ڏاکڙا به وڌيڪ ڏسڻا پوندن، بيروزگاري به وڌي ويندي. تنهنڪري مون اها دوا پاڻ وڃي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ نسخو به ضايع ڪري ڇڏيم، آخر الله جو خوف به سر تي سوار آهي.“

هڪ ڀيري پاڻ فجر جي نماز کان پوءِ لعل شهباز تي فاتحه لاءِ پئي ويو ته هڪ سونو ٽڪر هٿ آيس جو کڻي کيسي ۾ وڌائين. زيارت ڪري واپس ٿيو ته اهو سونو زيور آڻي ساڳي جاءِ تي رکي ڇڏيائين، جتان لڌو هئاين ۽ چيائين ته ان ۾ ڪيترن ته يتيمن جا به حصا هوندا. جيتوڻيڪ آئون سيدن کان به وڌيڪ غريب ۽ مستحق آهيان پر ڪنهن غريب جو سون کائي ڪيترو زنده رهندس.

مخدوم صاحب جي دعا اگهامندي هئي ۽ پاڻ ڪرامت وارو هو. جنهن ڪري پري پري کان سائل ۽ مريض وٽس دعا ۽ دوا وٺڻ ۽ علمي گفتگو ٻڌڻ ايندا هئا. اهڙن عقيدتمندن ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايوني، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مفتي غلام عمر جتوئي، مولوي غلام احمد ملڪاڻي، مير علي نواز علوي، محمد عثمان چاڪي، ميان جان محمد فدا عباسي ٻورڙائي، جناب جي ايم سيد، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، خانبهادر حاجي امير علي خان لاهوري، نواب غيبي خان چانڊيو، خان بهادر يار محمد جوڻيجو، محبت خان گولو، مولانا عبدالڪريم ڪورائي، حاجي مولا بخش سومرو(شڪارپور) وغيره شامل هئا. اڄ به انهن جا پونئير سيوهڻ ۾ پڇا ڪري، سندس قبر تي وڃي دعائون گهرن ٿا. جن مان سومرا خاندان جا فرد نهايت مشهور آهن.

۱۹۲۴ع ۾ برسات نه پوڻ ڪري سخت ڏڪار پيو. فصل تباهه ٿي ويا هئا ۽ مال مري رهيو هو. مخدوم صاحب لاڙڪاڻي آيل هو. باران نماز لاءِ شهر ۽ آسپاس جا ماڻهو ۽ چوپايو مال اچي گڏ ٿيو. (هاڻوڪي چانڊڪا اسپتال وٽ استسقاءَ نماز لاءِ ڪيترا ئي عالم ڪٺا ٿيل هئا) نماز مولانا سيد تاج محمود امروٽي (آزاديءَ جي امام) کي پڙهائڻي هئي. امروٽي صاحب اٿي وڃي مخدوم بصرالدين کي نماز پڙهائڻ لاءِ چيو. مخدوم صاحب سادو ۽ پٺي اگهاڙو هو. ماڻهو کيس ڏسي وائڙا ٿي ويا ته ڇا هي درويش، امروٽي صاحب کان به وڌيڪ الله وارو آهي.

مخدوم صاحب مصلي تي بيهي پٺتي نهاريو ته کيس پهرين صف ۾ وڏا وڏا ماڻهو، جهڙوڪ محمد ايوب کهڙو، خانبهادر حاجي امير علي، نواب غيبي خان چانڊيو، خانبهادر يار محمد جوڻيجو ۽ وڏا عملدار بيٺل نظر آيا. پاڻ مصلي تان هٽي چيائين ته؛ اميرن کي پوئين صف ۾ ۽ غريبن کي پهرين صف ۾ بيهاريو وڃي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ غريبن، يتيمن، پوڙهن ۽ ٻارن جي دانهن جلدي ٻڌندو. سندس صلاح تي وڏا ماڻهو پوئين صف ۾ هليا ويا ۽ غريب، محتاج، اٻوجهه، يتيم، پوڙها ۽ جڏا پهرين صف ۾ اچي بيٺا. مخدوم صاحب استسقاءَ نماز پڙهائي ۽ دعا گهريائين ته اچي مينهن لٿو ۽ لاڳيتو چار ڏينهن وسندو رهيو.

هڪ ٻي روايت موجب ۱۹۳۵ع ۾ مخدوم صاحب، نواب غيبي خان چانڊيو جو مهمان ٿي لاڙڪاڻي آيل هو. سخت ڏڪار هو، باران نماز لاءِ نمازي گڏ ٿيل هئا. نماز مولوي احمد عرف مولوي ٺوڙهو پڙهائي ۽ دعا مخدوم صاحب گهري. دعا گهرڻ سان مينهن اچي ڪڙڪيو. چوڌاري پاڻيءَ جا تلاءُ ٺهي ويا.

مخدوم صاحب جا ڪيترا ئي طبي ۽ ديني تعليم جا شاگرد هئا، جيڪي کانئس مستفيض ٿي وڏا نالي وارا ٿيا. انهن مان سندس ڏوهٽو حڪيم مخدوم محمد حسن ولد حڪيم مخدوم محمد نصير الدين صديقي وڏي نالي وارو حڪيم ۽ عالم هو، (وفات ۱۹۵۶ع)، جنهن جو دوا خانو اڄ به دارالشفاءِ مفيد عام سيوهڻ جي نالي سان عوام الناس جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ان جون ڏهه شاخون ملڪ جي ڌار ڌار شهرن ۾ هلندڙ آهن.

مخدوم صاحب جي زندگيءَ جو آخري وقت مجذوبيءَ ۾ گذريو. کيس سيني ۾ هڪ ڦرڙي نڪتي، ان جي علاج لاءِ سندس معتقدن وڏا وس ڪيا پر جواب ۾ چوندو هو ته؛ ڦرڙيءَ جي سور ڪري الله تعاليٰ کي هر وقت ياد ڪيان ٿو. ڦرڙي ڇٽي وڃڻ کانپوءِ متان ياد ڪرڻ ۾ غفلت ٿي وڃي. ان ڪري مون کي علاج جي ڪا ضرورت ڪانهي. مخدوم صاحب بلڪل اڪيلائيءَ ۾ هڪ ڇڳل کٽ تي ويٺو هوندو هو ۽ رياضت الاهي ۾ مشغول هوندو هو.

هي قطب الزمان، باعمل عالم، فاضل بزرگ، حڪيم سلف، صالحين جو صالح جاءِ نشين، پرهيزگار، خليق، خوش مزاج، سخي، سچار، ايماندار، نيڪ نيت ۽ خدا ترس ۷۵ ورهين جي ڄمار ۾ اڱاري جي آڌي رات ۸ ذوالقعد سن ۱۳۵۶هه بمطابق ۱۱ جنوري ۱۹۳۸ع قاضي محله سيوهڻ ۾ وفات ڪري ويو. سندس تربت اباڻي قبرستان (لڳ ڇٽ امراڻي) سيوهڻ ۾ آهي. جتي سندس معتقد فاتحه ۽ دعا لاءِ ايندا رهن ٿا.


 

مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح

[۱۸۶۵ع – ۱۹۳۷ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي نسبي سلسلي مان، رڪن الدين عرف مخدوم بصرالدين ولد مخدوم احمد صديقي رح، ۲۹ رمضان المبارڪ ۱۲۸۲هه مطابق ۱۷ سيپٽمبر ۱۸۶۵ع تي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو؛ جنهن جو سلسله- عمل ۽ فضل دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم رهيو.

مخدوم بصرالدين شروعات ۾ دينيات ۽ عربيءَ جا ڪتاب پنهنجي شفيق ڏاڏي وٽان پڙهيو؛ ۽ باقي درس (ڪتابن جي تڪميل) پنهنجي سوٽ، شيخ الوقت حضرت عارف باالله، مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحه (وفات ۱۳۳۹هه = ۱۹۲۰ع) وٽان ورتائين. سندس والد بزرگوار سرڪاري عهدي تي فائز هو؛ جنهن هن نينگر کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو، جتان خداداد لياقت ۽ پنهنجي اورچائيءَ سان قانون جي سند وٺي، دنيا کان قطع تعلقات ڪري، هميشہ لاءِ گوشهء- نشين رهيو.

طب جي ڄاڻ کيس ڏاڏنگ ۽ ناننگ مان ورثي طور مليل هئي؛ جنهن ڪري سندس ڏاڏي طرفان مليل ڪتاب ”سديدي“ مان خاصو استفادو ڪيائين. گوشهء- نشينيءَ واري زماني ۾ ئي مخدوم صاحب ڪيترن مايوس مريضن جي علاج ۾ گهري دلچسپي ورتي. خاص ڪري ورثي ۾ مليل ”زمرد اخضر، طب اڪبر“ ۽ ”مفردات سودي“ جهڙن ڪامياب نسخن کيس پري پري تائين پڌرو ڪري ڇڏيو. مطلب ته مخدوم صاحب جو فنِ طب سان هڪ فطري لڳاءُ هو، بعض حالتن ۾ ته سندس علاج، ڪرامت جهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو. (ٻيو ته ٺهيو، پر خود منهنجي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ميمڻ (حال عمر اٽڪل ۸۰ ورهيه) کي جوانيءَ ۾ گردي جو سور پوندو هو. هڙ حيلا هلايائين، مگر ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ڪيس. لاچار ٿي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن لاءِ داخلا ورتائين. اڃا آپريشن وارو سج سامهون مس آيس، ته ڪنهن بهاني ڀؤ کان لڪي اچي لاڙڪاڻي پهتو، جتي ساڳئي ڏينهن مخدوم بصرالدين رح جي زيارت جو شرف حاصل ڪندي، کيس اندر جي اونهاين سان پنهنجو سمورو سماچار سڻايائينس. مخدوم صاحب مشڪندي چيس، ته ”ميان! چڱو ٿيو جو ڊاڪٽرن جي ور نه چڙهين، ورنه پيٽ ڦاڙي ڇڏني ها!! فائدو ته فائدي جي ماڳ، ويتر سر به سهائين ها!!!“– پوءِ پاڻ هڪ ڪاغذ جي ٽڪر تي ٽن معمولي ڦڪين جي فهرست لکي، فوري استعمال جو امر ڪيائينس. چاچي سائينءَ کي پهرين ڦڪيءَ مان ئي ايترو ته فرق پيو، جو اڄ تائين هي موذي مرض، ٻيهر نه ڏٺو اٿس، ڦڪي ته خير معمولي هئي، مگر مخدوم صاحب جي دعا ۽ درست نسخي، ڪرامت جهڙو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو. سندس ئي دعا سان اڄ به جيڪو شخص هن نسخي کي استعمال ڪري ٿو، اهو نجات حاصل ڪري ٿو. - راقم)

جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مخدوم صاحب خلوت نشيني ۽ ياد - خدا ۾ مشغول ٿي رهڻ سان گڏوگڏ تاريخ ۽ سياست جو ايڏو ته وسيع مطالعو ڪيو، جو ساڻس ڪلام ڪرڻ سان وڏا وڏا مدعي به دنگ رهجي ويندا هئا. روحاني ۽ ديني علمن کان سواءِ علم جفر، رمل، نجوم، ڪيميا ۽ سيميا وغيره جو وڏو ماهر هو. عربي زبان ۾ سندس تصنيفات ايڏيون ته بلند پايي جون آهن، جو حيرت ٿي لڳي، ته دنيا کان لاڳاپن لٿل ماڻهوءَ جو سينو ايترو ته ڪشادو آهي، جو علومن جا سمنڊ اُن ۾ سولائيءَ سان ماپي سگهيا ٿي.

هت انهيءَ لکڻ ۾ شايد مبالغو نه ٿئي، ته مخدوم بصرالدين هن پوئين زماني جو جنيد بغدادي، امام غزالي، ابن رشد اندلسي ۽ شاه ولي الله دهلوي رح جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع هو. سندس حافظو بالڪل تيز هو، جو پڇاڙيءَ تائين ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، پر صفحا به بر زبان ياد هوندا هيس. سنڌ جي هن نامور بزرگ ۽ عارف ڪامل، عالم فاضل، مخير قلبي ذڪر ڪندڙ، ۲۴ ورهين جي ڄمار ۾، اڱاري جي آڌيءَ رات، ۸ ذوالقعد ۱۳۵۶هه مطابق ۱۱ جنوري ۱۹۳۷ع تي سيوهڻ شريف ۾ رحلت ڪئي. سندس متعلق روايتون مليون آهن، ته پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪجهه نعتيه ڪلام به چيو اٿس.

No comments:

راءِ ڏيندا