ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز، حــُـسن ۽ مجاز جو گهر رهيو آهي. روهڙيءَ جي قدرتي ۽ فطرتي حــُـسن ۾ ڪشس ۽ دلڪشي رهندي آئي آهي. هن شهر جي باري ۾ فقير ميان علي بخش “ڪمتر” (1) ڪهڙو نه سچ چيو آهي:
عجائب آهي روهڙيءَ جو شهر، درياء جي ڀر تي،
رجسٽر ۾ حسن جي، نانءُ آيس پهرئين نمبر تي.
هلي ٿي عاشقي هڪڙي طرف، ٻئي طرف معشوقي،
اُڃيا عشاق اُتِ آهن، ڪناري حوض ڪوثر تي ...الخ
رجسٽر ۾ حسن جي، نانءُ آيس پهرئين نمبر تي.
هلي ٿي عاشقي هڪڙي طرف، ٻئي طرف معشوقي،
اُڃيا عشاق اُتِ آهن، ڪناري حوض ڪوثر تي ...الخ
روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي صوفي درويشن، پيرن ۽ فقيرن جو آستان پئي رهيو آهي. هن شهر جي سرزمين ڏاڍي مردم خيز آهي. هتان جي خاڪ جي ذرڙن مان وقت جا ڪيترائي املهه ماڻڪ پيدا ٿيا. ڪو وقت هو، جو جڏهن روهڙيءَ جو هر گهر “خانه علم” ۽ هر مجلس “بزم ادب” هوندو هو، ليڪن هاڻي اهي علمي محفلون ۽ مجلسون اُجڙي ويون آهن. قديم زماني جي عالمن، اديبن، شاعرن، صوفين ۽ نظرباز دلبرن جا تفصيلي احوالَ، سندن پونيرن کي به معلوم نه آهن. اسان هتي روهڙيءَ جي هڪ اهڙي گمنام اديب ۽ شاعر جو احوال پيش ڪيون ٿا، جو پنهنجي وقت جو هڪ نيڪ نام شخص ٿي گذريوآهي. فارسي ۽ سنڌي زبان جي اُن باڪمال اديب ۽ شاعر جو نالو آهي، آخوند ميان فيض محمد. سندس تعلق، روهڙيءَ جي “آخوند” گهراڻي سان هو. آخوند ميان فيض محمد کي پنهنجي وقت ۾ “روهڙيءَ جو سعدي” به ڪري چوندا هئا.
آخوند فيض محمد جو خانداني پس منظر:
آخوند ميان فيض محمد جي خانداني حالات جي باري ۾، سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ يا تذڪره نگار ڪوبه احوال نه ڏنو آهي. سنڌ جا اڪثر تذڪرا ، آخوند صاحب جي احوال کان خالي نظر اچن ٿا. سنڌ جي پوئين دؤر جي تذڪره نويسن، جهڙوڪ: مولانا دين محمد وفائي ۽ پروفيسر لطف الله بدويءَ پڻ هن اديب ۽ شاعر کي پنهنجن تذڪرن ۾ نظر انداز ڪيو آهي. پروفيسر گل محمد گلاڻي، روهڙيءَ ۾ ڪافي وقت رهيو ۽ “تذڪره شعراء روهڙي” نالي هڪ ڪتاب تاليف ڪيائين. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن صاحب به پنهنجي تذڪري ۾ آخوند ميان فيض محمد کي ڪنهن به طرح سان ياد نه ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو “تذڪره شعراءِ سکر” پڻ هن بي بدل شاعر ۽ اديب جي احوال کان خالي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
آخوند ميان فيض محمد کي هڪ شاعر جي حيثيت ۾، سڀ کان پهريائين محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي هڪ مضمون “مرتضائيءَ جو ديوان” (1) ۾ نروار ڪيو آهي.(1) سيد غلام مرتضيٰ شاهه “مرتضائي” ٺٽويءَ پنهنجي هڪ غزل ۾، پنهنجي دؤر جي ڪيترن همعصر شاعرن کي سندن نالي يا تخلص سان ياد ڪيوآهي.”مرتضائي” ٺٽويءَ، اُن غزل ۾ ايڪٽيهين نمبر تي آخوند ميان فيض محمد روهڙيءَ واري(2) جو نالو ڳڻايوآهي. اسان جي خيال موجب، “مرتضائي ٺٽوي اهو پهريون شخص آهي، جنهن آخوند صاحب کي هڪ شاعر جي حيثيت سان ياد ڪري، سندس نالي جي نشاهدي ڪئي آهي.
آخوند ميان فيض محمد، “ناله راز” نالي هڪ فارسي ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هــُـن پنهنجي حياتيءَ جو غمزده احوال ۽ پنهنجي خاندان جو مختصر تذڪرو بيان ڪيو آهي. آخوند صاحب پنهنجي خاندان جي متعلق لکي ٿو:
“پنهنجي والدين کان ٻڌو اٿم ته اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پهريون بزرگ، شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو. هو اصل ۾ روهڙي شهر جو هندو هو. هن بزرگ پنهنجي والده سان گڏ اسلام قبول ڪيو هو.”(2)
آخوند صاحب جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ تاڃي پيٽي سنڌي هو. سندس وڏو ڏاڏو پهريائين هندو ڌرم جو پوئلڳ هو، ليڪن آخوند صاحب سندس اصل هندڪو نالو ڪونه ڄاڻايو آهي. شيخ دين محمد کي مذهب تبديل ڪرڻ کان پوءِ، جيڪي دنيوي تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش آيون، تن متعلق آخوند صاحب لکي ٿو:
“انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽ مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، يعني مٽن مائٽن جي جدائي، روزگار جي تنگي، فقر فاقو وغيره، شيخ دين محمد ۽ سندس والده اهي سڀ تڪليفون دين محمديءَ خاطر، سچيءَ دل سان، همت ۽ بهادريءَ سان برداشت ڪيون.”(3)
شيخ دين محمد مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۾، ڪنهن به قسم جي تعليم ڪانه پـِـرائي هئي. مگر اسلام جي دائري ۾ اچڻ کان پوءِ، کيس ديني تعليم پرائڻ جو شوق دامنگير رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ هن ڏاڍيون رياضتون ڪيون ۽ ڪشالا ڪڍيا، ته جيئن کيس ديني واقفيت حاصل ٿئي. ان باري ۾ آخوند ميان فيض محمد لکي ٿو:
“شيخ دين محمد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ جي درگاهه وار مبارڪ تي وڃي، ڏاڍيون عاجزيون ۽ نيزاريون ڪندو هو ۽ حضور نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ مولود ۽ مداحون پڙهندو هو. آخرڪار، روهڙيءَ جي ڀرسان ديهه “ڇهار لياريءَ” جي هڪ ڪامل درويش ۽ مجذوب، عمر نانگي (؟) جي ذريعي ديني ۽ دنيوي تعليم سان گڏ روحاني تعليم جو بهرو حاصل ٿيس. هن درويش جي دعا سان شيخ دين محمد جي اندر جي ڪـَـلـِـي کــُـلي پيئي ۽ پاڻ سڀني علمن ۾ يگانه روزگار عالم بڻجي پيو.”(4)
شيخ دين محمد ان کان پوءِ ديهه “ڇهار لياري” جي هڪ ڳوٺ جي مسجد شريف جو پيش امام ٿي رهيو ۽ اُتي ديني مدرسو پڻ کوليائين، جنهن ۾ طالبن کي قرآن پاڪ ۽ ديني علمن جو درس ڏيڻ لڳو. ان ڳوٺ جو زميندار، “ڌاريجا” قوم جو هو. هن “مغل” قوم مان شيخ دين محمد جي شادي ڪرائي. شادي ڪرڻ کان پوءِ شيخ صاحب ٻيهر روهڙيءَ ۾ اچي رهيو. کيس ان گهر واريءَ مان ڪافي اولاد ٿيو، جو روهڙيءَ ۾ وڌيو” ويجهيو. آخوند ميان فيض محمد جي قول موجب، شيخ دين محمد جي يارهينءَ پشت مان سندس حقيقي جد امجد شيخ محمد اڪرم هو.(5) آخوند صاحب، شيخ محمد اڪرم جي والد جو نالو ڪونه ڄاڻايو آهي.
آخوند فيض محمد جي ڏاڏي، شيخ محمد اڪرم جو روهڙيءَ جي مشهور “خالدي قاضين واري مسجد”(1) ۾ ديني مدرسو قائم ٿيل هو. انهيءَ مدرسي ۾ قاضي ميان فيض الله(2) ۽ قاضي ميان جان محمد(3) وٽانئس ديني علمن جي تحصيل حاصل ڪئي. شيخ محمد اڪرم پنهنجي سموري حياتي، انهيءَ مسجد شريف جي حجري ۾، زهد ۽ عبادت،درس ۽ تدريس ۾ پوري ڪئي. شيخ محمد اڪرم هن خاندان جو پهريون بزرگ آهي، جو “آخوند” جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ کانئس پوءِ سندس سمورو خاندان “آخوند” ڪري سڏجڻ ۾ آيو. شيخ صاحب کي ستر ورهين جي ڄمار تائين صرف چار نياڻيون ٿيون ۽ کيس نرينو اولاد ڪونه ٿيو. آخر، خداوند تعاليٰ کيس وڏيءَ عمر ۾ پٽ جي اولاد سان نوازيو ۽ اُن جو نالو فتح محمد رکيائين، جو پوءِ “آخوند فتح محمد” جي نالي سان سڏجڻ لڳو. شيخ محمد اڪرم قريباً هڪ سئو ورهين جي ڄمار ۾ سن 1233هه/ 1818ع ۾ وفات ڪئي.(6)
آخوند فتح محمد:
آخوند فتح محمد بن شيخ محمد اڪرم سن 1205هه/ 1791ع ۾ ڄائو. آخوند صاحب جنهن زماني ۾ هن دنيا ۾ اک کولي،ان وقت سنڌ ۾ڪلهوڙن جي اقتدار جي روشن شمع گـُـل ٿي چڪي هئي ۽ سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جو دؤر هو. جيئن ته سندس والد خود هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت بزرگ هو، ان ڪري هـُـن پنهنجي فرزند کي روهڙيءَ جي وڏن عالمن جي زير نگرانيءَ ان وقت جي مروج تعليم ڏياري. آخوند ميان فتح محمد پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو. علم طب، رياضي، ابجد، نجوم ۽ تعويذات جي علمن ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. آخوند صاحب پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس جي مشغلي ۾ گذاري. روهڙيءَ جا ماڻهو کيس عزت ۽ احترام وچان “وڏو آخوند” ڪري چوندا ها.
آخوند ميان فتح محمد جو روهڙي شهر ۾ مدرسو هو. پاڻ ان مدرسي ۾ ديني علمن جو درس ڏيندو هو. روهڙي شهر جا مسلمان خواه هندو، وٽس مروج سنڌي ۽ فارسي پڙهندا هئا. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. روهڙيءَ جي هندن مان صوفي پارو شاهه(1)، آخوند صاحب وٽان فارسي علمن جو درس ورتو هو. (7) آخوند فتح محمد نهايت ئي نيڪ نفس، انصاف پسند، حيا ۽ تقويٰ جو صاحب هو. آخوند صاحب “نقشبندي” طريقي ۾ شيخ نظام الدين سرهندي رحه(2) جو مريد هو. پاڻ انهيءَ بزرگ جي هٿ تي طريقت جون سڀئي منزلون طيءِ ڪيون هئائين.(8) آخوند فتح محمد 13- محرم الحرام 1286هه/ 25- اپريل 1869ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي (9) ۽ “آخوندن جي قبرستان”(3) ۾ مدفون ٿيو.
آخوند فيض محمد جو جنم:
آخوند فتح محمد، روهڙيءَ جي مشهور عالم ۽ بزرگ مولوي محمد سعيد ڀـُـٽي(1) جي وڏي نياڻيءَ، غلام فاطمه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ ٻه پٽ ٿيا. ليڪن، اهي سڀ ننڍڙي هوندي ئي فوت ٿي ويا. اولاد جي فوت ٿيڻ ڪري، آخوند صاحب ڏاڍو غمگين رهڻ لڳو ۽ اڪثر رئيس مَسو خان جي مشهور باغ، “مَسـُو باغ” ۾ اڪيلائيءَ ۾ رهندو هو. انهيءَ دوران پاڻ روهڙيءَ جي “گلال” (ڪـُـنڀر) قوم جي هڪ نيڪ سيرت ۽ خوبصورت عورت جي زلفن جو اسير ٿي پيو ۽ نيٺ هن سان عقد ڪيائين. آخوند صاحب جي اها گهرواري، هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏيئي، وفات ڪري ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ اها نياڻي به رحلت ڪري ويئي. ان بعد، آخوند فتح محمد کي پهرئين گهرواريءَ مان هڪ نياڻي ڄائي ۽ ان کان پوءِ کيس هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو “فيض محمد” رکيو ويو.
“ناله راز” جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته آخوند ميان فيض محمد، شعبان المعظم 1244هه/ فيبروري 1829ع ۾ اربع جي ڏينهن تولد ٿيو. سندس ڄمڻ جي تاريخ “اميدوار فيض محمد” مان نڪري ٿي.(10) انهيءَ سلسلي ۾ آخوند ميان فيض محمد لکي ٿو:
“مخفي نه رهي ته هيءُ راقم، الله تعاليٰ جي حڪم سان، شعبان مهيني جي اربع ڏينهن سن 1244هه ۾ ڄائو. والدين جي گهر ۾ تمام گهڻي خوشي ٿي. درويشن ۽ الله وارن فقيرن کي نذر نياز ڏنو ويو ۽ دعائون گهرايون ويون.”(11)
تعليم ۽ تربيت:
آخوند ميان فيض محمد پنهنجي ابتدائي زندگيءَ جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو:
“ڏهه سال ته ائين ئي بي خبريءَ ۾ پورا ٿي ويا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ والد صاحب، شيخ وريي فقير وٽ موچڪي ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو ۽ اهو ڪم استاد جي عنايت ۽ مهربانيءَ سان، ٻن ورهين ۾ سکي ڀـَـڙُ ٿي ويس.”(12)
انهيءَ وقت آخوند ميان فيض محمد جي عمر سورهن ورهين جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن جو اشارو آخوند صاحب “ناله راز” ۾ پڻ ڏنو آهي. اهو زمانو سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ انگريزن درميان سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو. جلدئي انگريزن فريب ۽ مڪاريءَ سان، ٽالپرن جي حڪومت جو خاتمو آڻي، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.
آخوند فتح محمد پنهنجي فرزند ميان فيض محمد کي موچڪي ڌنڌي سکڻ کان پوءِ، عربي ۽ فارسي پڙهڻ لاءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ ڇڏيو. آخوند ميان فيض محمد پنهنجي تعليم جي باري ۾ڪوبه تفصيلي احوال نه ڏنو آهي. البت ،”ناله راز” جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏ علم رياضي، رمل ۽ نجوم، جفر، ابجد، صرف و نحو، تواريخ ۽ جاگرافي وغيره ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي هئائين. انهن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي ، نظم خواه نثر ۾ پڻ وڏو عبور حاصل هو. پاڻ خوش نويسيءَ جي فن ۾ پڻ وڏي ڪماليت رکندڙ هو. خط نسخ ۽ نستعليق ۾ وقت جو بينظير استاد هو. کيس انگريزي زبان جي به چڱي خاصي ڄاڻ هئي.(13).
ملازمت ۽ معاش:
آخوند ميان فيض محمد تعليم جي فراغت کان پوءِ، درس ۽ تدريس جو مشغلو اختيار ڪيو. سڀ کان پهريائين مختلف جاين تي خانگي طور پڙهائڻ جو ڪم ڪيائين. 7 - رمضان المبارڪ 1267هه/ 6- جولاءِ 1851ع تي روهڙيءَ جي ويجهو،وڏيري جانب ڌاريجي جي پـُـٽ، ميان الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ، سندن ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. پوري هڪ سال کان پوءِ اها ملازمت ڇڏي، روهڙيءَ جي “ڪوٽ مير يعقوب عليءَ” ۾ سيد مشتاق علي شاهه(1) بن سيد امير بخش شاهه رضويءَ کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڇهن روپين جي پگهار سان استاد ٿي رهيو.سنڌ ۾ اهو زمانو، انگريزن جي حڪومت جو شروعاتي دؤر هو. انگريزن پنهنجي دؤر ۾ سنڌ اندر ڪيترن ئي قسمن جا نوان انتظامي سڌارا ۽ ترقياتي ڪم شروع ڪيا. ان دؤر ۾، ٽپال کاتي جو سرشتو به باقاعدي شروع ٿيو. آخوند ميان فيض محمد خانگي نوڪري ڇڏي، روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾ “چالان نويس” مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان بعد، روهڙيءَ بندر تي “ناڪي منشي” مقرر ٿيو.(14)
“ناله راز” مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آخوند صاحب جا انگريز عملدارن، جهڙوڪ: سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آر - ڪــُـوپر وغيره سان سٺا دوستانه تعلقات قائم هئا. سر بارٽل فريئر، آخوند صاحب جي علميت ۽ انشاپردازيءَ کان ڏاڍو متاثر هو. سن 1855ع ۾ سندس ئي سفارش سان کيس ناڪي منشيءَ جي عهدي تان بدلي ڪري، روهڙي شهر ۾ نئين قائم ڪيل سنڌي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر ڪري رکيو ويو ۽ آخر ۾ پاڻ انهيءَ عهدي تان پينشن تي لٿو(1).(15) ملازمت دوران خواه پينشن تي لهڻ کان پوءِ به انگريزن عملدارن سان سندس خوشگوار تعلقات قائم رهيا، جنهن جي تصديق “ناله راز” مان ملي ٿي. سرڪاري ملازمت کان پوءِ، روهڙي شهر ۾ “چاندني چوڪ” کان اتر ويندڙ گهٽيءَ ۾ مڪتب کوليائين. ڪجهه وقت روهڙيءَ جي سول ڪورٽ جي ڀرسان “عريضي نويسيءَ” جو ڪم به ڪيائين. هڪ انگريز مئجسٽريٽ کيس اهڙو سرٽيفڪيٽ به ڏنو هو.
طريقت جو سلسلو:
آخوند ميان فيض محمد پنهنجن وڏن بزرگن وانگر پهريائين “نقشبندي” طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو، پر پوءِ پاڻ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سجاده نشين، پير ميان مدد علي شاهه جي مريدي اختيار ڪيائين. آخوند صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترين ئي جاين تي پنهنجي روحاني رهبر ۽ مرشد جي مدح سرائي ڪئي آهي. “ناله راز” جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سندس والدين اهل سنت هئا ۽ “نقشبندي” طريقي جا پيرو هئا. اهڙيءَ طرح، پاڻ به انهيءَ طريقي تي هلندڙ هو. پر ان سان گڏ، اهل بيتن سان به کيس وڏي عقيدت هئي. پاڻ کي هميشه جاءِ بجاءِ “خادم اهل بيت” ڪري لکيو اٿائين، مثلاً: “ناله راز” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
“اسان پنهنجو ڪم، خداوند ڪارساز جي حوالي ڪيو. اسان کي ڇو غم ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته اسان جا سفارشي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي پاڪ آهن. اسان جو سڀ ڪم ساقيِ ڪوثر جي حوالي آهي.”(16)
شادي ۽ اولاد:
آخوند ميان فيض محمد پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته سندس نينهن جو ناتو، روهڙي شهر جي هڪ نهايت خوبصورت عورت سان ٿي ويو. ان عورت جو نالو”ڪوڙي” هو ۽ هن جا مائٽ شهر ۾ ڪاسائڪو ڌنڌو ڪندا هئا. آخوند صاحب ان عورت جي محبت ۾ پوريءَ طرح ڦاسجي ويو هو. آخوند صاحب کي پنهنجن عزيزن ۽ دوستن ڏاڍو سمجهايو ته اها عورت نڀاڳي ۽ بدبخت آهي ۽ اوهان جي لائق نه آهي، مگر مٿس ڪنهن به نصيحت جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. آخوند صاحب ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي، “ناله راز” ۾ لکي ٿو:
“مسمات ڪوڙي، ذات ڪاسائڻ سان نينهن جو ناتو ٿي ويو. پهاڪوآهي ته جڏهن تقدير ايندي آهي، ته اکيون انڌيون ٿي پونديون آهن. سڀني عزيزن، قريبن ۽ دوستن چيو ته اها عورت بدبخت، نڀاڳي ۽ مڪار آهي، پر لکئي تي لک لعنت آهي. ان ڪري منهنجي والدين مجبور ٿي ، اُن عورت سان منهنجو نڪاح ڪرايو. جيتوڻيڪ انهن کي خبر هئي، ته اها عورت فائدي بجاءِ نقصان ڏيندي.”(17)
شادي ڪرڻ کان پوءِ، آخوند ميان فيض محمد جو اُن عورت سان نباهه ٿي نه سگهيو. آخرڪار، آخوند صاحب ان عورت کي طلاق ڏيئي، پنهنجي جان آزاد ڪرائي. آخوند صاحب کي انهيءَ گهرواريءَ مان نرينو اولاد ڪونه ٿيو. پاڻ پنهنجي اولاد جي سلسلي ۾، ڪن نياڻين جي ڄم ۽ وفات جون تاريخون “ناله راز” ۾ ڏنيون اٿائين:
“تاريخ 14- ذوالقعد 1272هه/ 17- جولاءِ 1856ع، خميس جي رات سومهڻيءَ جي نماز مهل، حليمان عرف جان بيبي ڄائي ۽ 3- ربيع الثاني 1284هه/4 آگسٽ 1867ع تي وفات ڪري ويئي.
- 16- محرم الحرام 1279هه/14- جولاءِ 1862ع، صبح جو ڏهين بجي صاحب خاتون ڄائي ۽ 2 - ربيع الثاني 1284هه/ 3 - آگسٽ 1867ع تي وفات ڪري ويئي.
- 27- رجب المرجب 1281هه/ 26- ڊسمبر 1864ع، آچر ڏينهن دولت خاتون ڄائي ۽ 29- ربيع الثاني 1284هه/ 30-آگسٽ 1867ع تي وفات ڪري ويئي.”(18) (1)
انهن ٽن نياڻين جي ڄم ۽ وفات جي تاريخن بيان ڪرڻ کان پوءِ، آخوند ميان فيض محمد پنهنجي ٻيو نمبر نياڻيءَ، بيبي حرمت خاتون عرف بهار خاتون جو احوال ڏنوآهي. آخوند صاحب کي انهيءَ نياڻيءَ سان ڏاڍو پيار هو. بيبي بهار خاتون، آخوند صاحب سان زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين گڏ رهي ۽ پيرسنيءَ ۾ سندس ڏاڍي خدمت ڪيائين. آخوند صاحب پنهنجي انهيءَ نياڻيءَ جي شادي، روهڙيءَ جي مشهور “باکرو قاضي” خاندان جي قاضي ميان غلام حسين(1) سان ڪرائي هئي. آخوند صاحب پنهنجي انهيءَ نياڻي جي متعلق لکي ٿو:
“الله تعاليٰ چار نياڻيون عطا ڪيون، جن مان ٽي فوت ٿي ويون، باقي هڪ ٻيو نمبر نياڻي حال حيات آهي. اُن نياڻيءَ جو نالو حـُـرمت خاتون عرف بهار خاتون آهي ۽ قاضي ميان غلام حسين جي گهرواري آهي. الله تعاليٰ سندس حياتي ۽ اولاد ۾ برڪت وجهي! امڙ (المتوفي: 20- رمضان المبارڪ 1290هه/11 نومبر 1873ع، عمر اٽڪل 82 ورهيه) ۽ ڀيڻ(2) جي رحلت ڪرڻ کان پوءِ، منهنجي نياڻي ۽ قاضي غلام حسين جي والده ماني ٽــُـڪر ڏينديون آهن. پٽ جي بجاءِ نياڻي آهي.”(19)
جيئن ته هيءَ دنيا ڏکن ۽ ڏاکڙن جو گهر آهي. هن دنيا ۾ اهو وڻ ئي نه آهي، جنهن کي زماني جي هوا نه لوڏيو هجي! آخوند ميان فيض محمد کي پنهنجن ويجهن عزيزن، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن ڏاڍو ستايو هو. پاڻ “ناله راز” ۾ لکي ٿو:
“نياڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه وارث ڪونهي. نه گهرواري، نه دوست، نه پنهنجو عزيز، جنهن سان ويهي دل وندرايان. ان ڪري پنهنجي اندر جو احوال يادگار طور ’ناله راز‘ جي عنوان سان لکان ٿو، ته من ڪو منهنجو هيءُ داستان پڙهي نصيحت وارو ٿئي، ته الله تعاليٰ کان سواءِ هن دنيا ۾ ٻي ڪابه شيءِ بقادار ۽ وفادار نه آهي. جيئن مون کي منهنجي مرشد نصيحت ڪندي فرمايو ته بغير ياد خدا هرچه هست برباد است، يعني: الله تعاليٰ جي ذڪر کان سواءِ ٻيو سڀ اجايو ۽ فاني آهي.”(20)
وفات:
آخوند ميان فيض محمد جي حياتيءَ جا پويان ڏينهن، دنيا جي ڏُکن ۽ ڏوجهرن، عزيزن جي وڇوڙي ۽ بيمارين جي تڪليفن ۾ گذاريا. پاڻ ان ڳالهه جو اشارو ڏيندي، “ناله راز” ۾ لکي ٿو:
“والدين، ڀيڻ ۽ ٽن نياڻين جي فوت ٿيڻ کان پو”، گهر ۾ اڪيلو، ڏُکايل ۽ غمگين رهڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن والد بزرگوار جي اوطاق تي وڃي، ســَـوَ ڏُکن سان بي يارو مددگار، توڪل علي الله، يتيمن ۽ مسڪينن وانگر رهندو آهيان. نه دوست، نه شاگرد-- سڀ اندر جا ڪارا، ظالم ۽ بي وفا آهن.” (21)
ان عبارت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي واقعات ۽ اهڃاڻ سندس زندگيءَ جي آخرين دؤر، يعني سن 1300هه/1883ع جي لڳ ڀڳ جا آهن. انهن مٿين حقيقتن هوندي به آخوند صاحب علمي مشغولي، شعر و سخن، تصنيف ۽ تاليف کان منهن نه موڙيو ۽ پنهنجي علمي ڪم ۾ مشغول رهيو. انهيءَ ڏکن ڀري زندگيءَ ۾، اها ئي ته سندس وندر ۽ ورونهن باقي وڃي رهي هئي!
آخوند صاحب جي وفات جي تاريخ ۽ سن وغيره معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پاڻ ابجد جي حساب جو وڏو ماهر هو. تاريخي مادن ڪڍڻ ۾ به پنهنجي وقت جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ڪيترن ئي شاعرن جي وفات جا تاريخي مادا ڪڍيا هئائين. پاڻ پنهنجي وفات جي ماده تاريخ جي باري ۾ لکي ٿو:
“آءٌ چاهيان ٿو ته پنهنجن عزيزن جي وفات جي تاريخن لکڻ سان گڏ، جيڪر پنهنجي وفات جي تاريخ به لکان! پر جيئن ته اهڙو اظهار، يعني: مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي وفات جو ٻڌائڻ شريعت جي منع آهي. انهيءَ ڪري، شريعت محمديءَ جو لحاظ رکي، پنهنجي وفات جي تاريخ ٻڌائڻ ۽ لکڻ کان هٿ جهليان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي ذات ۽ فضل ڏانهن، صبر ۽ شڪر سان متوجهه ٿيان ٿو.”(22)
چوڻ ۾ اچي ٿو ته آخوند صاحب پنهنجي همراز دوست، قاضي ميان محمد بخش”عاجز”(1) جي هنج ۾ وفات ڪئي هئي. آخوند صاحب وفات کان اڳ ۾، پنهنجن ڪتابن جي هڪ ڀريل پيتي پڻ قاضي صاحب جي حوالي ڪئي هئي. هڪ اندازي موجب، آخوند ميان فيض محمد سن 1903ع ڌاري هن فاني جهان مان رحلت ڪئي! آخوند صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي قبر جي باري ۾ چيو هو:
بر مزارِ من مزاريد، اي عزيزان زينهار،
طالبِ حق خود بخود، خوابيد در دارالقرار.
تن بخاک و جان بکاخ - لامکان موجود حق،
تو نمي بيني ولي مي بينمت ليل و نهار.
طالبِ حق خود بخود، خوابيد در دارالقرار.
تن بخاک و جان بکاخ - لامکان موجود حق،
تو نمي بيني ولي مي بينمت ليل و نهار.
(يعني: اي عزيزو! منهنجي مزار تي نه رُئو، جو حق جو طالب دائمي آرام واريءَ جاءِ تي جاڳيل آهي. سندس جسم خاڪ ۾ ، مگر روح لامڪاني محل ۾ حقي موجود آهي. تون مون کي نه ٿو ڏسين، پر مان توکي ڏينهن رات پيو ڏسان.)
آخوند صاحب نهايت ئي بردبار ۽ ڌيرج وارو انسان هو. سيرت ۽ صورت جو به سهڻو هو. پاڻ هميشه اورچ ٿي رهيو. زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليائين. هر ڪنهن سان نرميءَ ۽ همدرديءَ سان پيش ايندو هو.
آخوند فيض محمد جو علمي ورثو:
آخوند ميان فيض محمد جو دؤر، ڏيهي حاڪمن جي حڪومت جي خاتمي ۽ پرڏيهي حڪمرانن جي اقتدار جو شروعاتي دؤر هو. سياسي لحاظ کان اهو غلاميءَ جو دؤر هو، ليڪن علمي ۽ ثقافت جي لحاظ کان روشن ۽ خوشگوار هو. روهڙي شهر جو هر هڪ گهراڻو، علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هتان جي هر هڪ علم دوست جي اوطاق علم جو مرڪز هئي. اُن زماني ۾ روهڙيءَ ۾ ڪيترائي بلند پايي جا شاعر موجود هئا. آخوند ميان فيض محمد کي ڪيترن اهڙن همعصر شاعرن جون علمي محفلون ۽ مجلسون نصيب ٿيون. آخوند صاحب سنڌ جي بلند مرتبي وارن شاعرن مان هڪ هو. سندس تخلص “فيض محمد” يا “فيض” هو. هن فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪلام چيو آهي. سندس فارسي ڪلام ايتري قدر پختو ۽ سنجيدو آهي، جو جيڪڏهن ڪو غير سنڌي پڙهندو ته ائين محسوس ڪري نه سگهندو، ته هيءُ شعر ڪنهن سنڌي شاعر جو چيل آهي! سندس فارسي غزل ۾ شاعراڻيون صلاحيتون موجود آهن.
جيتري قدر آخوند صاحب جي شاعراڻي فني مقام جو تعلق آهي، افسوس آهي ته اڄ تائين ڪنهن به نقاد، اُن جو علمي ۽ فني لحاظ سان تنقيدي جائزو نه ورتو آهي. آخوند صاحب هر نموني جي اصنافِ سخن ۾ رنگين ۽ دِلنشين، فڪر انگيز ۽ رقت خيز، چـُـست ۽ برمهل، پـُـخته ۽ شسته ڪلام چيو آهي. سندس ڪلام ۾ ذوق جماليات جي لطيف کان لطيف خيالات، واردات، ڪيفيت ۽ زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو.آخوند صاحب فارسي غزل کان علاوه سنڌي ڪلاسيڪي اصناف، يعني: بيت ۽ ڪافي تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ زبان جي سلاست ۽ روانيءَ سان گڏ، بيان جي رنگيني ۽ شيريني پڻ آهي. سندس شاعري تصنع ۽ تڪلف کان پاڪ آهي.
آخوند صاحب جي ڪلام ۾ تصوف جي چاشني، هجر ۽ وصال، عشق ۽ جذب جا دلڪش نمونا ملن ٿا. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ محبت جي پاڪيزگي ۽ جذبن جي فراواني آهي. هن نعتيه ڪلام پڻ چيو آهي، جنهن ۾ سوز، درد، فراق ۽ اشتياق جي تصوير آهي. سندس نعتيه ڪلام فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ ملي ٿو.
آخوند ميان فيض محمد ابجد جي فن تي مهارت رکندڙ هو. سندس زماني ۾ جيڪي به اهم تواريخي واقعا ٿيا، انهن تي تاريخي قطعا چيا هئائين. پنهنجي همعصر شاعرن، اديبن، عالمن ۽ نامور شخصيتن جي وفات جا تاريخي مادا پڻ ڪڍيا هئائين. سنڌي شاعرن، تاريخ گوئيءَ جي فن ۾ فارسي شاعرن جي تقليد ڪندي، کانئن وڌيڪ قابليت جا جوهر ڏيکاريا آهن. آخوند صاحب به انهيءَ ڏس ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. مثلاً: ڀائي پارو شاهه جي وفات جي قطعه تاريخ هن ريت چئي اٿائين.
ز- زرگري ذکر گو خدا آگاهه، ز = 7
طالب حق فقير پارو شاهه.
غ- غـــوطه در بحر بيخودي خورده، غ = 1000
طرف دنيائي دون نه کرد نگاه.
ر- راحت روح بهر بر نابود، ر = 200
هم دعاگوئي خلق شاه و نگاه.
ق- قديم در راه لامکان برداشت، ق = 100
از سر ابيات سال فوتش خواه.
“فيض محمد” عالي آن درويش، 1307هه
باتو بادا بهر مکان همراه.
اهڙيءَ طرح، آخوند ميان فيض محمد روهڙيءَ جي حافظ ميان محمد صديق، ايسر فقير ۽ ان دؤر جي ٻين ڪيترن ئي نامور شخصيتن جي وفات جا تاريخي مادا ڪڍيا آهن. اسان جي خيال موجب، آخوند صاحب هن وقت تائين پهريون سنڌي شاعر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن انهيءَ نموني ۾ تاريخي مادا ڪڍيا هجن!
آخوند صاحب پنهنجي وقت جي ڪن بزرگن، نيڪ انسانن ۽ عالمن جي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ منظوم تعريف ڪئي آهي، مثلاً: سيد حزب الله شاهه پاڳارو، مرزا آصف صفوي(1) لاله ڀيرومل روهڙائي، ڊاڪٽر جان پالن (2) وغيره.
آخوند ميان فيض محمد شعر و شاعريءَ سان گڏ، نثر نويسيءَ ۾ به يگانه روزگار عالم هو. کيس سنڌي خواه فارسي نثر تي استادانه دسترس حاصل هئي. آخوند صاحب جي باري ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ پنهنجي سموري حياتي ڪتابن جي مطالعي، تصنيف ۽ تاليف ۽ ڪتابت ۾ گذاري هئائين. انهيءَ ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته هن فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا هوندا. پنهنجي شعر جي ذخيري کي به ضرور گڏ ڪري،”ديوان” يا “ڪليات” جي صورت ۾ مرتب ڪيو هوندائين! ليڪن، آخوند صاحب جو اهو سمورو علمي ۽ ادبي پورهيو، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي چڪو آهي. هن وقت سندس فارسي نثر ۾ لکيل سوانح حيات “ناله راز”، سنڌيءَ ۾ منظوم”ڪريما سعدي”، چند فارسي غزل، سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو ملي. هتي آخوند صاحب جي مٿين ٻنهي تصنيفن جو ذڪر ڏجي ٿو:
(الف) ڪريما سعدي(منظوم سنڌي):
آخوند ميان فيض محمد، “ڪريما سعدي” جو منظوم سنڌي ترجمو سن 1305هه/ 1888ع ۾ ڪيو. هيءُ منظوم ترجمو، سعدي رح جي “ڪريما” جي تصنيف آهي. آخوند صاحب هن ڪتاب جو عنوان هن طرح ڄاڻايو آهي: “ڪريما سنڌي تضمين - ساڻ ڪريما سعدي عليه الرحمته”. ڪريما سنڌي تضمين جي چوڻ ۽ پوري ڪرڻ جي تاريخ، هيٺينءَ ريت بيان ٿيل آهي:
جڏه سال هجري هو تيره سا پنج،
1305
تڏه هيءَ ڪريما جوڙي لاءِ سهنج.
ته هرڪو پڙهي فيض وارو ٿـِـئي،
جو سعديءَ ئي سعادت جو کوليو آءِ گنج.
1305
تڏه هيءَ ڪريما جوڙي لاءِ سهنج.
ته هرڪو پڙهي فيض وارو ٿـِـئي،
جو سعديءَ ئي سعادت جو کوليو آءِ گنج.
“ڪريما سنڌي تضمين” جو مذڪور قلمي نسخو 34 صفحن تي پکڙيل آهي. هر هڪ عنوان کي ڳارهيءَ مس سان نروار ڪيو ويوآهي. هر هڪ صفحي ۾ سٽن جو تعداد هڪ جهڙو قائم نه رکيو ويو آهي. هن قلمي نسخي جي ڪتابت، آخوند ميان فيض محمد پاڻ ڪئي آهي.
آخوند ميان فيض محمد، “ڪريما سنڌي تضمين” اُن زماني ۾ منظوم ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ هتي انگريزن جو راڄ جاري هو. سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ لاءِ نئين “الف – ب” وجود ۾ اچي، رائج ٿي چڪي هئي. فارسي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو رواج آهستي آهستي گهٽجي رهيو هو. ان دؤر ۾ “ڪريما سعدي”، سنڌ جي هر ننڍي خواه وڏي کي بر زبان ياد هوندي هئي. گهرن ۾ گهرڌياڻيون، خاص ڪري نماز وقت اُن کي پڙهنديون هيون. آخوند صاحب ان جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ته جيئن سنڌي ماڻهو ان جي مطلب کي پوريءَ طرح سان پروڙي سگهن. آخوند صاحب پهريائين پنهنجو سنڌي ترجمو ڏنو آهي ۽ پوءِ شيخ سعدي رح جي “ڪريما” جي سٽ ڏني آهي. اسان جي خيال موجب، “ڪريما سعدي” جو انهيءَ نموني ۾ هيءُ پهريون منظوم سنڌي ترجمو آهي.
(ب) ناله راز:
آخوند ميان فيض محمد جڏهن ملازمت کان فارغ ٿي پينشن تي لٿو، ته اُن وقت هـُـن پنهنجي حياتيءَ ۽ خاندان جي احوال تي مشتمل “ناله راز” نالي هڪ ننڍڙو رسالو تصنيف ڪيو، هيءُ رسالو فارسي نثر ۾ 36 صفحن تي ڦهليل آهي. آخوند صاحب هن رسالي جي نهايت سهڻي خط ۾ ڪتابت ڪئي آهي. هن رسالي ۾ جملي چار باب آهن ۽ هر باب کي “راز” جو عنوان ڏنو ويو آهي.
راز اول: هن باب ۾ آخوند صاحب پنهنجي خاندان جو شروعاتي احوال ۽ تواريخي پس منظر ڏنو آهي.
راز دوم: هن باب ۾ آخوند صاحب پنهنجي ڏاڏي شيخ محمد اڪرم جو تفصيلي تذڪرو ڏنو آهي.
راز سوم: هن باب ۾ آخوند صاحب پنهنجي والد آخوند فتح محمد جو احوال ڏنو آهي.
راز چهارم: هن باب ۾ آخوند صاحب پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ملازمت، شادي ۽ اولاد جو ذڪر ڪيو آهي.
افسوس آهي جو “ناله راز” جو آخرين حصو غائب آهي. ازان سواءِ، وچ ۾ پڻ ڪافي صفحا نڪتل آهن. انهيءَ ڪري، آخوند صاحب جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪافي پهلو اڃا اونداهيءَ ۾ رهجي ويا آهن، مثلاً: هن پنهنجي استادن، شعر و شاعري، تصنيف و تاليف وغيره جي باري ۾ ڪجهه به ظاهر نه ڪيو آهي.
آخوند ميان فيض محمد جو چونڊ ڪلام:
فارسي ڪلام
بردانه خال آمودهِّ پيچيده زلفِ دام را،
آري بحکمت بسته طير - عقل و افهام را.
اي باجمال - جلوه گر، اي باد و چشم - عشوه سر،
بـُـردي ز عشاقان مگر ، هم صبر و هم آرام را.
باپيکري خوش چون پري، دلها زمردم مي بري،
في الجمله در جادوگري، بنهادهِّ اقدام را.
باگيسوان تا فتنه، بر صبح رخ انداخته،
اي طرفه باهم ساخته، باري کفر و اسلام را.
نقد - سخن را شقستئه، دُرها بصنعت سـُـفتئه،
اشعار موزون گفتئه، ز آغاز تا انجام را.
اي باب علم- مصطفيٰ، اي حيدر-مشکل کـُـشا،
اي ساقي- روز - جزا، لبريز گردان جام را.
اي “فيض محمد” باخبر، غم از دل شيدا ببر،
رازق را کن در نظر، تاکي خيال - خام را.
آري بحکمت بسته طير - عقل و افهام را.
اي باجمال - جلوه گر، اي باد و چشم - عشوه سر،
بـُـردي ز عشاقان مگر ، هم صبر و هم آرام را.
باپيکري خوش چون پري، دلها زمردم مي بري،
في الجمله در جادوگري، بنهادهِّ اقدام را.
باگيسوان تا فتنه، بر صبح رخ انداخته،
اي طرفه باهم ساخته، باري کفر و اسلام را.
نقد - سخن را شقستئه، دُرها بصنعت سـُـفتئه،
اشعار موزون گفتئه، ز آغاز تا انجام را.
اي باب علم- مصطفيٰ، اي حيدر-مشکل کـُـشا،
اي ساقي- روز - جزا، لبريز گردان جام را.
اي “فيض محمد” باخبر، غم از دل شيدا ببر،
رازق را کن در نظر، تاکي خيال - خام را.
*
بر مزارِ من مزاريد، اي عزيزان زينهار،
طالب - حق خود بخود، خوابيد در دارالقرار.
تن بخاک و جان بکاخ - لامکان موجود حق،
تو نمي بيني ولي مي بينمت ليل و نهار.
مرحبا اي جان - من! تشريف آوردي بخير،
از تو منت و از منت بادا سلام - بار بار.
از خدا اميد ميدارم که نامش شد لطيف،
پنجتن درکار دارم، نيست ديگر انتظار.
با خدا بسپار خود را هم مرا هردم خوش است،
اين جهان و آن جهان، قائم بذکري کردگار.
ساغرِ کسرت که آب و خاک آتش و باد بود،
بر شکست آن باد نوش از دست خود بي اختيار.
من ز خوفِ مرگ رُستم سير بستان ميکـُـنم،
ذاکرم هم شاکرم و خورسند باصبر و قرار.
من دعاگوئي توام گر مرده ام هم زنده ام،
اي برادر تربتِ صاحبدلان زنده شمار.
“فيض محمد” ملک خاموشان خوش گويان گزيد،
در خموشي ميکنم سرِ تکلم آشکار.
طالب - حق خود بخود، خوابيد در دارالقرار.
تن بخاک و جان بکاخ - لامکان موجود حق،
تو نمي بيني ولي مي بينمت ليل و نهار.
مرحبا اي جان - من! تشريف آوردي بخير،
از تو منت و از منت بادا سلام - بار بار.
از خدا اميد ميدارم که نامش شد لطيف،
پنجتن درکار دارم، نيست ديگر انتظار.
با خدا بسپار خود را هم مرا هردم خوش است،
اين جهان و آن جهان، قائم بذکري کردگار.
ساغرِ کسرت که آب و خاک آتش و باد بود،
بر شکست آن باد نوش از دست خود بي اختيار.
من ز خوفِ مرگ رُستم سير بستان ميکـُـنم،
ذاکرم هم شاکرم و خورسند باصبر و قرار.
من دعاگوئي توام گر مرده ام هم زنده ام،
اي برادر تربتِ صاحبدلان زنده شمار.
“فيض محمد” ملک خاموشان خوش گويان گزيد،
در خموشي ميکنم سرِ تکلم آشکار.
سنڌي ڪلام
ديس ڇڏي پرديس تي آيس،
وحدت ڪثرت ۾ ٿي ظاهر، لا مقصود في الدارين اِلا هو، گاج، گوڙ، وِڄُ، بادل بـَنڪي، آدم عشق جو بارُ اُٺايو، آهي محيط سمايو سڀ ۾، دل ۾ ديرو يارَ سـُهڻي جو، ديهيءَ ۾ ديدار ڏنو تنهن، “فيض محمد” سان فضل الاهي، |
آهيان هت مهمان ميان!
آهيان سـِـرُ سبحان ميان! اهو دينُ ايمان ميان! آهيان خود باران ميان! مـَلـَڪـَن ڪيو ارمان ميان! عقل ٿيو حيران ميان! جيئن تخت اُتي سلطان ميان! ساميءَ سـُرت سبحان ميان! مدت (مدد) علي پهلوان ميان! |
*
سـَـٽي دنيا جي سور کي،
رزاق، راحم راهبر، 1. سـَتـُر پانهجو ڪر تون صحي، ڪلمو شهادت جو پڙهي، 2. مولا جي محبت مـَـنَ رکي، پيءُ نحن اقرب جو نشو، 3. فقراءَ جي ڪر چاڪري، سڀ ڪنهن ۾ ساجنُ ڪر صحي، 4. “فيض محمد”فرد ٿي، ناهي الله ريءَ ٻـيو اَجهو، |
الله ڏي تون ڪاهه ڪر،
وهلو وٺي همراهه ڪر. وحدت ۾ چـُست نگاهه ڪر. پنهنجي درد جي آهه ڪر. مرشد ۾ پنهنجو ساهه ڪر. ٻئي طرف ڪنهن نه نگاهه ڪر. سيد سندي ساڃاهه ڪر. درسن پسي وهه واهه ڪر. هـِـن هـُـن کان الا الله ڪر. سڪ سوز جو سـانباهـه ڪر. |
سرائڪي ڪلام
سـِکُ لاوڻ نينهن نڀاوڻ دِي،
1. ڇوڙ خودي تـُـون ٿيوين خالي، سـِڪُ صبر دي پـِيوين پيالي، 2. صبر شـُڪر هـِـن ڏونهين رهبر، سورٺ سوز اندر دا ڀــَر سـُر 3. منگتا در تيڏي تي آوي، راءِ ڏياچ وانگر ڪو رائي، 4. جيوين منصور هوئـِـي هڪ ٻولي، درد اندر وچ ڪر گـهن هولـِـي، 5. گهر طيموس زليخا ماندِي، شهر مصر وچ ڪـِـيتـُـس مـُـنادِي، 6. ويک خليل ڪـِـيتـِـيِ سر بازي، اُٿان وت دوست ڏِتـِـي ممتازي، 7. موسيٰ نـُـون جڏان آپ وِکايس، لا تذرني دا سانگ رَسايـُـس، 8. وچ وجود شهود نظارا، بــُـلبل ويک مـَـرَيندِي نعرا، 9. “فيض محمد”جڏهن مرشد ڪامل،
مولا حل ڪيتي هر مشـڪل،
|
سر بار برهه چـُم چاوڻ دِي.
نال حقيقت ٿيوين حالي، اِها ريت پريت پـَچاوڻ دِي. توڪل توڙ وِکاوي دلبر، راڻي راءُ رِيجهاوڻ دِي. درد اندر دا راڳ سـُڻاوي، سـِـرُ تـَـلـِـي تي چاوڻ دِي. سـُـولي تي چڙهه اوِلي گهولـِـي، سيني سوز سماوڻ دِي. مالڪ نـُـون جا اها ڳل ڀاندِي، يوسف يار وِڪاوڻ دِي. وچ آڙاهه دي رهيا راضي، گـُـل گلزار وِکاوڻ دِي. رب ارني دا سبق پڙهايـُـس، جبل جوش جلاوڻ دِي. باغ بهار کـُـليا جڳ سارا، سـُـر اُنهـِـين سـِـر ڳاوڻ دِي. لـُـطف لطيفي هويا شامل، جنت جــــــام پـِلاوڻ دِي. |
حوالا
(1) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: “مرتضائيءَ جو ديوان” (مضمون)، ڏسو ماهوار “عام راءِ”، ڪراچي سنڌ، آڪٽوبر 1950ع، ص 22
(2) آخوند فيض محمد: “ناله راز” (قلمي فارسي)، باب اول
(3) ايضاً
(4) ايضاً
(5) ايضاً، باب دوم
(6) ايضاً
(7) ايضاً، باب سوم
(8) ايضاً
(9) ايضاً
(10) ايضاً، باب چهارم
(11) ايضاً
(12) ايضاً
(13) ايضاً
(14) ايضاً
(15) ايضاً
(16) ايضاً
(17) ايضاً
(18) ايضاً
(19) ايضاً
(20) ايضاً
(21) ايضاً
(22) ايضاً
*
(ماهوار”شريعت” سکر سنڌ، سيپٽمبر - آڪٽوبر 1990ع
- سـَـنواريل ۽ وڌايل)
(1) فقير ميان علي بخش بن لال محمد، ذات جو مغل هو. سندس وڏا اصل ۾ دهليءَ جا رهاڪو هئا. سن 1857ع جي جنگ آزاديءَ واري هلچل وقت پاڻ پنهنجي چاچي محمد ابراهيم سان گڏجي، سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. پاڻ شروع ۾ روهڙيءَ جي “ڪوٽ مير جان شاهه رضويءَ” ۾ اچي رهيو، جتان پوءِ انگريزن کيس روهڙيءَ جي “گجواڻي محلي” ۾ رهڻ لاءِ جايون ڏنيون ۽ پني عاقل طرف ڪجهه زمين پڻ ڏني.
فقير ميان علي بخش فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر چوندو هو ۽ شعر ۾ “ڪمتر” تخلص استعمال ڪندو هو. پاڻ اعليٰ درجي جو خوشنويس پڻ هو. فقير ميان قادر بخش “بيدل” جي اڪثر سڀني ڪتابن جي ڪتابت ڪئي هئائين. “بيدل” سائينءَ جو فارسي ديوانُ سن 1321هه/ 1903ع ۾ لکي پورو ڪيو هئائين. پاڻ سڄي ڄمار مجرد رهيو. 15- محرم الحرام 1337هه/ 21- آڪٽوبر 1918ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين. (بحواله “تجمل” کاهوڙي، “روهڙيءَ جا اڻ ڄاتل شاعر” - مضمون، ڏسو ماهوار “شريعت”، سکر سنڌ، جنوري 1990ع، ص 15)
فقير ميان علي بخش “ڪمتر” جي وفات جي قطعه تاريخ، فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” هن ريت چئي آهي:
محبيم که دلم داشتي محبت او،
چو زين جهان شد روحش نمود فرقت او.
چه طاقت است که وصف - ڪمال او گويم،
جــُـز اين که خون بفشانم ز غم هجرت او.
به نيم ماه محرم بروز سه شنبه،
نزول يافته از حق ز وصل خلعت او
بحق جملهِّ خاصان در گهت يا رب،
مدام بارش رحمت بود به تربت او.
ندا رسيد ز هاتف که بشنو اي “تارک”
“بهو قريب علي بخش” سن رحلت او.
1337هه
چو زين جهان شد روحش نمود فرقت او.
چه طاقت است که وصف - ڪمال او گويم،
جــُـز اين که خون بفشانم ز غم هجرت او.
به نيم ماه محرم بروز سه شنبه،
نزول يافته از حق ز وصل خلعت او
بحق جملهِّ خاصان در گهت يا رب،
مدام بارش رحمت بود به تربت او.
ندا رسيد ز هاتف که بشنو اي “تارک”
“بهو قريب علي بخش” سن رحلت او.
1337هه
(نجفي هدايت علي “تارڪ” فقير: “تاريخي مادا”، مرتب: ڊاڪٽر نواز علي “شوق”، ڏسو ماهوار “پيغام”، ڪراچي سنڌ، ڊسمبر 1986ع، ص 39)
(1) هن مقالي جي اشاعت کان پوءِ، آخوند فيض محمد جي باري ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو مقالو، ٽماهي “مهراڻ” حيدرآباد سنڌ ۾، سال 1990ع جي ٽئين پرچي ۾ شايع ٿيو.
(2) روهڙي شهر ۾ فيض محمد جي نالي سان ٻه ٻيا به عالم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن:
(الف) آخوند فيض محمد صديقي: هيءُ اصل ۾ روهڙيءَ جو رهاڪو هو، پر پوءِ لڏي وڃي سکر ۾ ويٺو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو هو. فارسيءَ جي تعليم سيد غلام مرتضيٰ شاهه رضوي روهڙيءَ واري وٽان ورتي هئائين. شاهه صاحب خود پاڻ به اعليٰ درجي جو اديب ۽ شاعر هو. آخوند فيض محمد علم طب ۾ مهارت رکندڙ هو. سکر جي وقف ڪاميٽيءَ جو ميمبر به هو. انگريزن جي طرفان کيس “جسٽس آف پيس” جو خطاب پڻ مليل هو. سن 1950ع ڌاري وفات ڪيائين.
(ب) مخدوم فيض محمد صديقي: مخدوم فيض محمد بن حاجي ميان محمد صديقي، درگاهه وار مبارڪ وارن مخدومن مان هو. مخدوم حاجي ميان محمد، آخوند فيض محمد بن فتح محمد جي نياڻي پرڻيل هو. هــُـن پنهنجي پــُـٽ تي پنهنجي سهري جو نالو رکيو هو. مخدوم فيض محمد فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. حڪمت جو ڌنڌو به ڪندو هو. پاڪستان جي سابق صدر، محمد ايوب خان جي دؤر حڪومت ۾ درگاهه وار مبارڪ واري ڪيس کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري، ان کي اوقاف کاتي کان آجو ڪرايو هئائين ۽ اها سموري لکپڙهه مخدوم صاحب پاڻ ڪئي هئي. مخدوم صاحب پاڻ شاعر به هو ۽ مولود ۽ مداحون چوندو هو. سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيا هئائين، جن مان هڪ ڪتاب”دلائل الخير” نالي معلوم ٿي سگهيو آهي. سندس ڪجهه فارسي تحريرون راقم وٽ محفوظ آهن.
(1) هيءَ مسجد شريف سن 1144هه/ 1731ع ۾ قاضي ميان محمد عمر “محتسب” تعمير ڪرائي هئي. هن مسجد کي هڪ وڏو ۽ ٻه ننڍا گنبذ آهن. سن 1344هه/ 1916ع ۾ قاضي ميان فقير محمد “قانع” هن مسجد ۽ حجري جي مرمت ڪرائي هئي. قاضي صاحب پاڻ اڪثر ان حجري ۾ رهندو هو. مسجد شريف جي مرمت جو ڪتبو هن ريت آهي: “تاريخ مرمت مسجد قدسي مرمتـه اقبال العباد عبدالمهدي، 1334هه.”
(2) قاضي فيض الله بن احمد بن محمد عمر بن جان محمد بن عبدالڪريم، روهڙيءَ جي خالدي قريشن مان هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت خالد بن وليد جي فرزند عبدالرحمان سان وڃي ملي ٿو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فقيـه ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. وقت جي ڪيترن ئي عالمن، وٽانئس ديني علمن ۾ فراغت حاصل ڪئي. خيرپور جي ٽالپرن جي درٻار ۾ به سندس وڏي رسائي هئي.
(3) قاضي ميان جان محمد، روهڙيءَ جي خالدي قريشن مان هو. خيرپور رياست جي واليءَ، مير علي مراد خان ٽالپر جي خاص صلاحڪارن مان هو. مير صاحب سان گڏجي، ڪيس جي سلسلي ۾ لنڊن پڻ ويو هو. سندس ڪتاب “سير لنڊن” هڪ بهترين تصنيف آهي. علم طب تي به ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا هئائين. پاڻ شاعريءَ جي مذاق به رکندڙ هو.
(1) ڀائي پارو شاهه، روهڙيءَ جي هندن مان هڪ وڏو فقير ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سندس پتا جو نالو ڀائي هنسراج هو. پڻس سونارڪي ڪرت ڪندو هو. ڀائي پارو شاهه سن 1830ع ۾ جائو. آخوند ميان فتح محمد جي مدرسي ۾ مروج سنڌي ۽ فارسي پڙهيو. ڀائي جهامنداس شڪارپوريءَ جي نياڻيءَ سري گنگا ٻائيءَ سان شادي ڪيائين. پاڻ شروع ۾ پوليس کاتي ۾ ملازم ٿي رهيو. فقير قادر بخش “بيدل” کان باطني علمن جو سبق وٺي، فقيري پاتائين ۽ پوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. سائين وسڻ رام، ميان ارباب علي شاهه ۽ ڀائي روچيرام سندس مکيه شش هئا. ڀائي پارو شاهه 26- جنوري 1890ع تي هن خاڪي دنيا جو چولو بدلايو. پاڻ سنڌيءَ ۾ صوفيانه شاعري ڪندو هو. سندس ڪلام جو نمونو، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ٿيل ڪتاب “قافيون”، جلد پهرئين ۾ ملي ٿو.
(2) شيخ نظام الدين سرهندي، حضرت خواجه مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان هو. سندس والد جو نالو خواجه محي الدين هو. شيخ نظام الدين سن 1204هه/1790ع ۾ پشاور ۾ جائو. پاڻ پنهنجي والد سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور ۾ اچي رهيو. شيخ نظام الدين، “نقشبندي” طريقي جو بزرگ هو. سندس مريدن جو حلقو وسيع هو. کيس حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان بيحد محبت هئي. پاڻ فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو 17- رجب المجرب 1273هه/1857ع تي رحلت ڪيائين. سندس وفات جي تاريخ “قطب جهان نظام الدين” مان نڪري ٿي. سندس مزار شڪارپور ۾ “لکي درن” وٽ آهي.
(3) “آخوندن جو قبرستان”، روهڙي شهر جي سٽي سروي نمبر (1) ۾ آهي. اهو قبرستان روهڙيءَ جي گئو شالا ۽ مرحوم عبدالقوي قريشيءَ جي اوطاق جي ڀرسان چوواٽي تي آهي. انهيءَ چوواٽي جي هڪ سڙڪ باغات ڏانهن وڃي ٿي، ٻي سڙڪ مختيارڪار آفيس طرف، ٽين سڙڪ روهڙي شهر ڏانهن ۽ چوٿين سڙڪ سکر بئراج ڏانهن وڃي ٿي. آخوندن جو قبرستان، سول ڪورٽ جي ٽڪر جي ڀرسان آهي. هڪ پاسي کان “ڀاون شاهه ڀــُـوري” جو قبو آهي، ٻئي پاسي کان آخوندن جو قبرستان ۽ وچ تي قاضي ميان ابوالخير وارن جا شڪسته حال قبا آهن. هيءُ قبرستان سمورو تباهه ٿي ويوآهي. باقي جيڪي ڪجهه بچيو آهي، ان کي قاضي ميان محمد مراد ۽ قاضي ميان محمد هاشم(جي آخوند فيض محمد جي ڏوهٽاڻ مان آهي) ڪچي ديوار ڏياري آهي. ان چوديواري اندر پهرئين قطار ۾ ٽي مزارون آهن، جن مان پهرئين مزار آخوند فتح محمد جي ۽ ٻي تربت آخوند فيض محمد جي آهي. ٻيءَ قطار ۾ ٻه الڳ الڳ مزارون آهن. ڪنهن به مزار تي ڪوبه تاريخي ڪتبو لڳل نه آهي.(بروايت انجنيئر عبدالحسين موسوي، ساڪن روهڙي سنڌ)
(1) مولوي محمد سعيد ڀـُـٽي جي باري ۾ ڪوبه تفصيلي احوال ڪونه ٿو ملي. البت “ناله راز” جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ روهڙيءَ جي وڏن عالمن ۽ باڪمال بزرگن مان هو. وڏو عابد ۽ زاهد شخص هو. سموري حياتي ذڪر الاهي، قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ درس ۽ تدريس ۾ پوري ڪيائين. پاڻ قادري طريقو رکندڙ هو ۽ حضرت صبغت الله شاهه پير پاڳاري جو مريد هو.
(1) سيد مشتاق علي شاهه ڪوٽائيءَ جي باري ۾ روايت آهي ته پاڻ علمي ۽ ادبي ذوق جو مالڪ هو. شعر و شاعريءَ جي مذاق به رکندڙ هو. سندس فرزند، سيد عزيز علي شاهه “لکڻ” (1898ع- 1955ع) بلند مرتبي جي شاعرن مان هڪ هو. (سيد لکڻ شاهه جي حالات ۽ ڪلام جي نموني لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب، “تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي”، ص 155 کان 160)
(1) پهرئين مئي 1861ع کان گولڊ سمٿ جي سفارش تي سندس پگهار 28 روپيا ٿيو. ان بعد 10 فيبروري 1873ع کان وري سندس ماهيانو پگهار 30 روپيا ٿيو.
(1) آخوند ميان فيض محمد پنهنجي ڪتاب “ناله راز” ۾ پنهنجن چئن ڌيئرن جو ذڪر ڪيوآهي، ليڪن آخوند صاحب جي ڏوهٽي قاضي ميان محمد مراد(ولادت: سن 1911ع) جو قول آهي ته آخوند صاحب کي ٽي ڌيئرون ٻيون به هيون:
-- آخوند ميان فيض محمد پنهنجي هڪ ڌيءَ برڪت خاتون، درگاهه وار مبارڪ روهڙيءَ جي مجاور، مخدوم حاجي ميان محمد کي ڏني هئي. مخدوم حاجي ميان محمد کي ان گهرواريءَ مان حڪيم فيض محمد، مخدوم عبدالغفور، مخدوم عزيز الله ۽ مخدوم عبدالحميد نالي فرزند ٿيا.
-- آخوند صاحب پنهنجي ٻي ڌيء نوشابه بيبيءَ جو سڱ روهڙي شهر جي آخوند ميان عبدالڪريم کي ڏنو هو. آخوند ميان عبدالڪريم، روهڙيءَ جي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر ٿي رهيو. کيس اُن گهرواريءَ مان عبدالرزاق نالي هڪ پٽ ٿيو. ميان عبدالرزاق ، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو هم ڪلاسي هو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو هئائين. پاڻ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو. سن 1930ع ۾ لنڊن مان پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جڏهن وطن واپس ٿي آيو ته رستي ۾ “مارسل بندر” تي بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪيائين. سندس مزار پڻ اتي ئي آهي. سندس فرزند محمد علي به جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿيو.
- آخوند صاحب جي ٽين ڌيءَ دُر بيبي، روهڙيءَ جي قاضي نجم الدين بن قاضي لعل بخش بن قاضي ابوالخير سان پرڻيل هئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا: قاضي محمد مراد، قاضي محمد صديق، قاضي محمد اسماعيل، قاضي واحد بخش ۽ قاضي محمد جمن. قاضي ميان محمد مراد (رٽائرڊ مختيارڪار) اڃا حال حيات آهي ۽ هن روايت جو راوي آهي.
(1) قاضي ميان غلام حسين روهڙي شهر جي باکرو قاضين مان هو. پاڻ چڱي سرنديءَ وارو هو. کيس پنهنجا باغ هئا. وڏن قاضين جي “قبا مسجد” جي خدمت چاڪري به ڪندو هو. سن 1930ع ۾ فوت ٿيو. کيس آخوند ميان فيض محمد جي نياڻيءَ مان ٽي فرزند ٿيا: قاضي علي حسن، قاضي عبدالغفور عرف علي احمد ۽ قاضي محمد صلاح. قاضي علي حسن کي قاضي عبدالرشيد، قاضي حافظ محمد نعيم ۽ قاضي عبدالمالڪ نالي ٽي پٽ ٿيا. قاضي عبدالرشيد اسسٽنٽ ڪئنال هو ۽ لاولد فوت ٿيو. قاضي حافظ محمد نعيم کي پنج فرزند آهن: قاضي ميان عبدالرحمان، قاضي محمد سعيد، قاضي محمد رفيق، قاضي حبيب الرحمان ۽ قاضي حفيظ الرحمان. قاضي محمد رفيق هن وقت اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر آهي. (بروايت قاضي ميان محمد هاشم بن محمد عثمان، ساڪن روهڙي سنڌ)
(2) آخوند صاحب جي انهيءَ همشيره جو نالو بيبي جيوڻ عرف شفاعت خاتون هو ۽ اها کانئس هڪ سال اڳ ۾ سن 1243هه/ 1828ع ۾ ڄائي هئي. شفاعت خاتون جي خاوند جو نالو قاضي ميان خالق ڏنو هو. بيبي صاحبه 48 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1291هه/ 1874ع ۾ فوت ٿي. کيس هڪ نياڻي بيبي ٽڪيل نالي ڄائي، جيڪا وبا جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي، 2- ربيع الثاني 1284هه/ 3- آگسٽ 1867ع تي فوت ٿي ويئي.
(1) قاضي محمد بخش “عاجز” جي والد جو نالو ميان ابوالخير هو. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان پنج درجا انگريزي پاس ڪري، ريلوي کاتي ۾ سگنلر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ترقي ڪندي، اسسٽنٽ اسٽيشن ماستر ٿيو. پاڻ فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. سندس شاعريءَ جو بياض”گلدسته عشاق”جي نالي سان سندس پوين وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي. قاضي محمد بخش “عاجز” 23- جنوري 1918ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ روهڙيءَ جي قبرستان “عيد گاهه مير معصوم بکريءَ” ۾ مدفون ٿيو. کيس ٻه فرزند ٿيا: قاضي عبدالمنان ۽ قاضي محمد عثمان (بروايت قاضي محمد هاشم بن محمد عثمان، ساڪن روهڙي سنڌ)
(1) مرزا آصف صفوي، ايران جي “صفوي” خاندان جو چشم و چراغ هو. سندس نالو سيد محمد رضا حسيني هو. پاڻ اصفهان جو رهاڪو هو. ڪن خانگي ڳالهين ڪري، پنهنجن عزيزن کان ناراض ٿي پيو ۽ ايران کان ناتو ٽوڙي، سن 1287 هه/ 1870ع ۾ سنڌ ۾ اچي رهيو. پهريائين روهڙيءَ ۾ رهيو ۽ آخر ۾ سکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. آصف صفوي، هڪ وڏو عالم ۽ خوش نويس هو. کيس “ملڪ الڪتاب” ۽ “مشڪين قلم” ڪري سڏيندا هئا. آخوند ميان فيض محمد سان سندس دوستيءَ جو ناتو هو. سندس وفات جي سن ۽ مدفن جي باري ۾ ڪو به پتو ڪونه ٿو پوي.
(i) سيد عطا حسين موسوي: “صاحب ڏني شاهه جو ڪلام” (قلمي)، ص 10، 11 (ii) مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي: “تڪملـه مقالات الشعراء” (فارسي)، ص 36
(2) ڊاڪٽر جان پالن مشرقي علومن جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر هو ۽ جاگيرات سنڌ لاءِ خاص آفيسر مقرر ٿيل هو. “History of Allienation in the Province of Sindh” ٻن جلدن ۾ تيار ڪئي هئائين. پهرئين جلد ۾ جاگيرن متعلق قانون درج ٿيل آهن ۽ ٻئي جلد ۾ جاگيردارن جي مفصل تواريخ ڏنل آهي. تازو، انهيءَ ڪتاب جو حـُـسين بادشاهه، ائڊووڪيٽ “سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ” جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو سن 2005ع ۾ سنڌي جي نامور پبلشر، روشني پبلڪيشن ، ڪنڊياري طرفان شايع ٿيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا