; سنڌي شخصيتون: مولانا الله بخش ”اٻوجهو“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولانا الله بخش ”اٻوجهو“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولانا الله بخش ”اٻوجهو“
[ 1826ع – 1901ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مولانا الله بخش ”اٻوجهو“ ولد خير بخش مٺڻ، صوبي پنجاب جي شهر ميانواليءَ ۾، 17 شوال 1242هه مطابق 4 اپريل 1826ع تي ڄائو هو. ابتدا ۾ عربي ۽ فارسي مولانا محمد فاضل جنجوعه وٽان پڙهيو هو؛ ۽ ڪجهه وقت سرڪاري درسگاهن ۾ به پڙهيو هو. سندس والد فوج ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هو ۽ متقي انسان هو. هن پنهنجي پٽ کي ديني تعليم ڏياري، دستار بندي ڪرائي.

 
مولوي ”اٻوجهو“، نهايت ذهين ۽ اورچ انسان هو. هميشہ مطالع ۾ منهن رکيائين. شروعات ۾ فوجي آفيسرن کي مشرقي زبانن جي سکيا ڏيندو رهيو؛ پر پوءِ 1888ع ۾ باقبائل لڏي ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي باني، خانبهادر حسن علي خان آفندي (1830ع – 1896ع) سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. آفندي صاحب، جيڪو پاڻ به هڪ لائق انسان هو ۽ وٽس عالمن جو وڏو قدر هو؛ تنهن کي مولانا ”اٻوجهي“ جي صحبت مان ڪافي خط حاصل ٿيو. پوءِ ته 1889ع کان مدرسي ۾ ”پرشن ٽيچر“ (Persian Teacher) جي جاءِ کيس ڏياري. انهيءَ عهدي تي تاحيات رهيو. دوران ملازمت ”معاون – مجمع محمدي“ نالي هفتيوار اخبار به ڪڍندو رهيو.
خانبهادر آفنديءَ جي مشوري موجب قائم ڪيل ”مجمع محمدي“ جون شاخون شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. مولانا صاحب جي صلاحيتن مان فائدو وٺندي، وڏيءَ پگهار وارا به کيس عهدا آڇيا ويا، مگر جيئن ته هن مسلمانن جي هڏ ڏوکي مرد مجاهد کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو شوق جنون جي حد تائين هو؛ انهيءَ ڪري مدرسي جي خدمت کي عبادت جو درجو ڄاڻي، سهنج ٺڪرائي ڇڏيا هئا. پاڻ رات ڏينهن پنهنجو آرام ڦٽائي، خدمت – خلق لاءِ پتوڙيندو رهيو.  زندگيءَ جا 74 سيارا سنبري، 9 ذوالحج 1319هه مطابق 14 نومبر 1901ع تي اربع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون.
حالانڪ مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ جي مادري زبان سرائڪي هئي، مگر سنڌ ۾ رهڻ ڪري کيس سنڌي زبان مان مادري زبان جيان محبت هئي. ”اٻوجهو“ تخلص اختيار ڪندي، اردو زبان جي ”مسدس حالي“  جو ”مسدس اٻوجهو“ نالي منظوم سنڌي ترجمو ڪيائين.  پاڻ قومي نظم به جهجها چيا هئائين، مگر هن قسم جو طويل نظم سنڌي ادب ۾ بنيادي ۽ مثالي حيثيت جو حامل آهي. البته عقل جي آڌار تي ڪجهه پنهنجي طرفان منجهس اضافا به ڪيائين.

(1) – چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ مشرقي ٻولين جو زبردست ماهر هو؛ انهيءَ اعتبار کان کيس اٺن زبانن (عربي، فارسي، اردو سنڌي، سرائڪي، ترڪي، انگريزي ۽ هندي) تي خاصي دسترس حاصل هيس. خاص ڪري انگريزيءَ ۾ ”جانسن“ واري مڪمل لغت بر زبان ياد هيس [نئين زندگي (ڪراچي)، سيپٽرمبي 1960ع، صفحو 11].
(2) – مارچ 16، 1884ع تي مسلمان شاگردن جي مالي مدد لاءِ جيڪا ”مجمع محمدي“ نالي 63 تي مشتمل تعليمي ڪائونسل قائم ڪئي وئي هئي؛ تنهنجي فروغ لاءِ هفتيوار ”معاون“ جو اجراءُ ٿيو. نتيجي طور مسلمان شاگردن جي ذهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ ”معاون“ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. هيءَ اخبار ڇپبي ئي مدرسه پريس مان هئي.
(1) – ايتري تائين جو مولانا جي ذاتي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ بخاري مسجد جي پٺيان پهريون زنانو اسڪول قائم ٿيو؛ جنهن ۾ پنهنجي نياڻي ”شاه بيبي“ کي نگهبان مقرر ڪيو هئائين.
(2) – ”مسدس حالي“ جو مصنف، براعظم جو نامور شاعر ۽ اديب، پاڻي پٽ جو رهاڪو، غياث الدين بلبن جي پشت مان مولانا الطاف حسين ”حالي“ ولد ابزد بخش انصاري (1837ع–1914ع) آهي. دهليءَ ۾ مرزا غالب جي صحبت مان خاصو پرايائين – 1879ع ۾ سر سيد جي ترغيب تي ”مسدس مدوجزر اسلام“ قلمبند ڪيائين، جيڪو ”مسدس حالي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ازانسواءِ ”مجالس النساءِ“، ”حيات سعدي“، ”مقدمه شعر و شاعري“، ”يادگار غالب“، ”حيات جاويد“، ”ترياق“ ۽ ”شواد الهام“ سندس تصنيفون آهن.
(1) – ”مسدس اٻوجهو“، 80 صفحن جي وڏي (رائل) سائيز تي ڦهليل آهي؛ جنهن کي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي سهڪار سان 1149ع ۾، مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي عام ڪيو ويو آهي.
(2) – مولانا صاحب پنهنجي هن طويل نظم ۾، پياري دوست خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ کي ”سٻوجهو“ سڏيو آهي. ساڳئي وقت پنهنجي ٻئي رفيق، مولانا حميد الدين ”فراهي“ کي به نه وساريو اٿس. مولانا فراهي، هندستان جو مشهور عالم ۽ قرآن پاڪ جو مفسر ٿي گذريو آهي – 1907ع کان 1916ع تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو استاد به رهي چڪو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا