; سنڌي شخصيتون: مير علي نواز علوي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

15 April, 2011

مير علي نواز علوي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مير علي نواز علوي
[ 1853ع – 1920ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شڪارپور جي مشهور علوي خاندان جو چشم و چراغ، مير حفظ الله المعروف علي نواز ولد مير فخرالدين علوي، 17 شوال 1270هه مطابق 24 مارچ 1853ع تي شڪارپور ۾ تولد ٿيو. سندس مؤرث اعليٰ حاجي فقير الله علوي رح (1688ع – 1780ع) هو. سندس پنجون نمبر پٽ مسيح العافين مولانا حفظ الله رح (اول) هو، جيڪو پڻ وڏو عالم، فاضل ۽ صاحب – ڪشف و ڪرامت هو. کيس چار فرزند هئا، جن مان ٽيون نمبر مير فخرالدين علوي هو. سندس ٻه پٽ : مير شاهنواز (ولادت 1268هه) ۽ مير حفظ الله عرف مير علي نواز هئا . مير فخرالدين اعليٰ درجي جي انساني عظمت ۽ لياقت جو مالڪ هو. سندس شمار شڪارپور جي برگزيده شخصتن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ هزهائين مير علي مراد خان ٽالپر وٽ وڪيل به ٿي رهيو هو. هڪ اعليٰ درجي جو حڪمي، علم ادبي ۽ سائنس جو دلداده هو. بنا استاد جي انگريزي زبان لکي پڙهي ويندو هو. وضع قطع ۽ پوشاڪ مان پڇاڙيءَ تائين ”افغان“ پيو لڳندو هو. کيس وڏي جاگير به مليل هئي – 7 جمادي الثاني 1271هه مطابق 31 آڪٽوبر 1854ع تي راه رباني ورتائين .
اهڙيءَ ارباب ڪمال شخصيت مان مير علي نواز علويءَ نالي شڪارپور جي چمنستان ۾ اُڀريل هي گل، پنهنجي لازوال مهڪ سان پوريءَ سنڌ کي معطر بڻائي ڇڏيو. سندس ننڍپڻ واري زماني تي طائرانه نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ ولادت کان هڪ سال اندر يتيم بڻجي ويو؛ جنهن ڪري زندگيءَ جو باقي سهارو سندس والده ماجده جو مٿس وڃي رهيو؛ جنهن پنهنجي لاڏلي جي تعليم و تربيت لاءِ حتيٰ الوسيع موقعا ميسر ڪيا. ان وقت جي رواج مطابق عربي ۽ فارسي پڙهيل جو وڏو مان ليکيو ويندو هو؛ جنهن ڪري هن نينگر به سنڌي تعليم سان گڏ ديني تعليم طرف به توجہ ڏنو. هن سلسلي ۾ سندس استاد آخوندزاده افغاني هو . وٽانئس جوانيءَ تائين ڪافي ڪتاب پڙهي، معقول ۽ منقول جو جيد عالم بڻيو. خاص ڳالهه؛ جنهن مير صاحب کي علمي دنيا ۾ ناميارو بڻايو، اهو سندس خانداني شهره آفاق ڪتبخانو هو؛ جنهن جي سهاري سان پنهنجو شمار هندستان ۾ صف– اول جي عالمن ۽ ڪابرن ۾ ڪرايائين.
سندس وقت جا همعصر عالم ۽ بزرگ : مولانا عبدالغفور ”مفتن“ همايوني رح، مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ امام بخش ”خادم“ بدويءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. شڪارپور جي سياسي زندگيءَ ۾ مير صاحب ”رئيس“ جي حيثيت رکندو هو. مگر سندس طبيعت اڄ جي اميرن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان بالڪل مختلف هئي. حالانڪ 1910ع کان اڳ ڪيئي سال شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو. شهر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وسان ڪين گهٽايائين. آڪٽوبر 1916ع ۾ برطانوي سرڪار طرفان سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪورٽون قائم ٿيون. شڪارپور جي ڪورٽ ۾ مير صاحب کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سيپٽمبر 1917ع ۾ مسلسل برساتين سببان شڪارپور ۽ ان جي آس پاس وبا، انفلوئنزا، پليگ ۽ موسمي بخارن اچي منهن ڪڍيو. نتيجي طور وڏي تباهي اچي ويئي. گهٽين ۽ رستن تي موت جا ماتمي دل ڏاريندڙ آه و فعان ڪندا رهيا. مگر هن عظيم انسان هڪ سرپرست جي حيثيت ۾ پنهنجي جان جي به ڪا پرواه نه رکي، رات ڏينهن عوام جي خدمت ۾ رڌل رهيو. لاوارثن جو وارث بڻجي سندن چڱيءَ طرح پرگهور لڌائين. مطلب ته اهڙي مونجهاري جي وقت ۾ به مير صاحب مڙس ٿي پنهنجون ملڪوتي خصلتون ڏيکاريندو رهيو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران، جڏهن دنيا اقتصادي بدحاليءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي. هر طرف قحط ۽ مصيبت اچي منهن ڪڍيو هو. اهڙن آزمائشي ڏينهن ۾ هن مخير انسان پنهنجي خداداد ملڪيت جو انبار سستن دوڪانن ۾ اچي لڳايو، جتان غريبن کي نالي ماتر ملهه تي ان ارزان پئي مليو. انهن ئي خدمتن عيوض انگريز سرڪار کي 1918ع ۾ ”بينچ ڪورٽ جو چيئرمن“ مقرر ڪيو هو. حالانڪ هي عهدو آءِ-سي-ايس (I.C.S) آفيسرن لاءِ محدود هو. سندس دوستيءَ جو دائرو به وسيع هو. وٽس دوست ۽ دوستيءَ جو پورو پورو احترام هو. انهيءَ حلقي ۾ ڏيهي خواه پرڏيهي شخصيتون : آخوند محمد قاسم هالائي، احمد خان ”احمد“ قلاتي، امير حبيب الله بن امير عبدالرحمان (تاجدار افغانستان) پير احمد شاه جيلاني، پير حزب الله شاه ”مسڪين“، پير خميس الله شاه (گمبٽ)، پير رفيع الدين سرهندي، پير صالح شاه جيلاني (راڻيپور)، پير محبوب شاه (گهوٽڪي)، حافظ عبدالله ”بسمل“، حافظ محمد اجمل صاحب دهلوي، حافظ محمد حيات شاه، حافظ محمد صديق سميجو (ڀرچنڊي شريف)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، خانبهار الله بخش سومرو، خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ (سلطان ڪوٽ)، خانبهادر حسن علي مغل، خانبهادر سول بخش ”راهي“، خواجه حافظ حسن جان سرهندي، خواجه عبدالباقي ”باقي“ سرهندي، خواجه عبدالرحمان جان سرهندي، ديوان بهادر مرليڌر (وڪيل، شڪارپور)، ڊبليو - ايڇ - ليوڪس سيد امير علي شاه (ڪلڪتو)، سيد حسن شاه لکوي، سيد علي اصغر شاه راشدي، سيد غلام محمد شاه ”گدا“ سيد فاضل شاه ”فاضل“، سيد مير محمد تقي ”تائب“ (قنڌاري)، سيد ميران محمد شاه (اول)، شمس الدين ”بلبل“ قاضي اسدالله شاه ”فدا“ (ٽکڙائي)، قاضي عمرالدين، لارڊ هارڊنج (وائسراءِ هند)، مخدوم الله بخش کهڙائي، مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح، مخدوم عطا محمد کهڙائي، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ مسڪين ٺٽوي، مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولوي الله جيوايو، مولوي عبدالحڪيم قنڌاري، مولوي عبدالحميد، مولوي عبدالرحمان (سکر)، مولوي غلام رسول چشتي شڪارپوري، مولوي غلام محمد، مولوي محمد اشرف پشاوري، مولوي محمد عاقل ”عاقلي“، مولوي محمد حيات شاه قريشي شڪارپوري، مولوي محمد صديق حنفي، مولوي محمد عثمان نورنگزاده (ڪور واهي)، مولوي محمد قاسم (ڳڙهي ياسين)، مولوي لعل محمد عثمان نورنگزاده (ڪور واهي)، مولوي محمد قاسم (ڳڙهي ياسين)، مولوي لعل محمد قنڌاري، مولوي محمد هاشم (ڳڙهي ياسين)، مولوي نظام الدين رنگپوري، مير امام بخش خان ٽالپر، مير چاڪر خان ڊومبڪي، مير عبدالحسن ”سانگي“، مير نظر علي خان ٽالپر ”خاڪي“، ميمڻ محمد هاشم ”مخلص“، نواب حاجي امير علي خان لاهوري ۽ هزهائينس مير فيض محمد خان ٽالپر وغيره شامل هيون.
مير علوي صاحب حنفي سني مذهبي رکندو هو. اڪثر سندس اوطاق تي علمي مجلسون ۽ ادبي محفليون ٿينديون رهيون. پاڻ جيد عالم جي حيثيت ۾، پنهنجي مطالعي کي سامهون رکي، ”الشارة لاهل الاشارت“ ”الصارم المسلول عليٰ منڪر علم الغيب الرسول“ ، بياض علوي ۽ ”ڪليات علوي“ .... هزارين ڪتابن جي حوالن ۽ معتبر روايتن سان قلمبند ٿيل آهن. جعلي ٽي شاديون ڪيائين، مگر آخري گهر (بيگم بقا، وفات 10 ڊسمبر 1969ع) مان نياڻي ڄايس، اُها به ڄمڻ سان ئي خدا کي پياري ٿي ويئي. پاڻ 68 سالن جي عمر ۾ 23 جماديل الاول 1239هه مطابق 2 جنوري 1920ع تي پيوند خاڪ ٿيو . سندس تربت، شاه فقير الله علوي رح جي مقري جي اوڀارين طرف آهي.
مير علي نواز علوي صاحب، هڪ مخير انسان، قومي همدرد، مسيح الزمان حڪيم، مهربان طبيعت جو مالڪ، مصنف، محقق، فلسفي ۽ قادرالڪلام شاعر هو؛ جنهن سموري زندگي اخلاص، رواداريءَ ۽ نهايت سنجيدگيءَ سان گذاري هئي. شاعريءَ جي سلسلي ۾ شروعاتي تخلص ”مجرم“ ۽ پوءِ ”علوي“ اختيار ڪيائين. ظاهري طرح حسن ۽ نزاڪت جو قائل هو. جوانيءَ ۾ مجازي چوٽ آيل هيس؛ جنهن ممٽ سندس دل ۾ هيجان پيدا ڪري، منجهس جذبن ۽ امنگن کي اڀاري، هجر ۽ وصال جي آه و فغان کي سوز و فراق، عشق و محبت، درد ۽ الفت جي پيغام سان ظاهر ڪيو. فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئائين. ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت جو پڇاڙيءَ تائين شوق هيس. عقيدت ۾ سندس مشهور ”ڪافي“ هيٺ ڏجي ٿي:-
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي شان برابر شاه نه ڪو، تنهنجي سونهن سندو مٽ ماه نه ڪو،
تنهنجي خيال کان خالي ساه نه ڪو، خواهان هزارين مان نه رڳو،
قرآن سراسر شان تنهنجو، آهي واصف خود رحمان تنهنجو،
ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو، حيران هزارين مان نه رڳو.
ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا، ڪن سهسين سڪ سان سلام تنهنجا،
ٿيا حلقه بگرش غلام تنهنجا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا مداح ميڪائيل جهڙا، ڪيئي عاشق اسرافيل جهڙا،
تنهنجي در تي جبرئيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رڳو.
توتان پاڻ فدا ڪن شاه و گدا، ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا،
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندس، خاقان هزارين مان نه رڳو.
ناهي ”علوي“ هڪ مفتون تنهنجو، آهي، عالم سڀ ممنون تنهنجو،
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو، قربان هزارين مان نه رڳو.

(1) – سندسن سلسله – نسب امام عالي مقام حضرت علي المرتضيٰ رضه (599ع – 661ع) جن سان وڃي ملي ٿو. انهيءَ ڪري پاڻ کي ”علوي“ سڏائين ٿا.
(2) – سيد حاجي فقير الله ولد سيد عبدالرحمان شاه، وقت جو ولي، عالم ۽ ڪامل انسان هو. هجرت جو کيس ”الهام“ ٿيو هو؛ جنهن ڪري ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ غالباً 1150هه (1737ع) ڌاري پنهنجي 17 پٽن سميت جلال (افغانستان) مان لڏي، شڪارپور (سنڌ) ۾ آيو هو [”بياض علوي“ – مير جمال الدين علوي – بحواله : ماهوار ”الرحيم“ (حيدرآباد) سيپٽمبر 1971ع، ص 27].
(3) – مير علي نواز علويءَ تي ڏاڏي جو نالو ورايو ويو هو؛ جنهن کي مؤد بانه مخفي رکي، ”علي نواز“ سڏڻ لڳا؛ جنهن نالي سان پڇاڙي تائين سڏبو آيو [شجره خاندان علوي (قلمي) بحواله : ”مير علي نواز علوي شڪار پوري ۽ سندس ڪلام“ بي ايڇ-ڊي لاءِ لکيل ٿيسز؛ 1978ع – ڊاڪٽر عبدالخاقل ”راز“ سومرو].
(1) Prnted Recard, Government of Bombay. 1855: P.P 44
(2) – سندس والده سڳوري پشين (بلوچستان) جي بخاري ساداتن مان هئي.
(1) – آخوند زاده اصل جلال آباد جو رهاڪو هو،جيڪو سنڌي، عربي ۽ فارسي زبانن سان گڏ علم حڪمت جي به خاصي ڄاڻ رکندو هو. ازانسواءِ اردو، انگريزي ۽ سرائڪيءَ تي به چڱي دسترس هيس. مير علويءَ جو ساڻس پڇاڙيءَ تائين نياز منديءَ وارو رستو رهيو.
(1) – سندس نالي سان سکر ۾ ”ليوڪس پارڪ“ مشهور آهي، جيڪو اڄ ”محمد بن قاسم باغ“ سڏجي ٿو.
(1) – هي ڪتاب علمي دنيا ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. ڇاڪاڻ جو حنفي فقہ متعلق ”التحيات“ پڙهڻ ۾ ”اشهد آڱر“ سان اشاري بابت پابندي ڄاڻائڻ کي رد ڪيو ويو آهي (مسئله تشهدين تي افغان حڪومت بل پاس ڪيو هو، ته جيڪو شخص ”التحيات“ ۾ آڱر کڻندو، ته ان جي آڱر ڪپي ويندي) 130 معتبر عالمن جي سندن سان لکيل هن ڪتاب ۾ امام رباني مجدد الف ثاني رح (1564ع – 1624ع) جي پڻ تائيد ڏيکاريل آهي. مير صاحب جي هيءَ تصنيف ڄڻڪ افغان حڪومت لاءِ چتاءُ هو. ان کان پوءِ افغان سرڪار پنهنجو عمل واپس ورتو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ 17 چوٽيءَ جي عالمن جون تقريظون پڻ درج ٿيل آهن.
(1) – چئن قلمي جلدن ۾، 1636 صفحات تي مشتمل آهي. منجهس قرآن پاڪ ۽ حديث بابت شهادتون، اصحاب سڳورن ۽ تابعين جا اقوال، فقہ حنفي ۽ امام صاحبن جا فرمودا، حضور صلعم جن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ڄاڻ بابت عالمن جا اعتراف ۽ سندن وضاحتون شامل آهن.
(2) – 1916ع ۾ مير صاحب پنهنجي شاعريءَ (سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو) جو هي مجموعو ليٿر ۾ ڇپايو هو، جيڪو اڄ بالڪل ناياب آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي ٻيهر عام ڪرڻ لاءِ سنڌي جي مياري قلمڪار ۽ محقق، اڪٽر عبدالخالق ”راز“ ..صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.
(3) – سندس وفات متعلق مختلف روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون. ڪن مٿس فالج جو حملو ڄاڻايو آهي. ڪن سندس ذاتي نوڪر هٿاران زهر ڏيارڻ ڏيکاريو آهي، ته ڪن وري (خانداني روايتن مطابق)، هندو ڊاڪٽر موهن لال هٿاران زهر پياري، شهادت ٻڌايو آهي (والله اعلم باالصواب).

No comments:

راءِ ڏيندا