; سنڌي شخصيتون: ميان حامد الله ”حامد حضوري“ تونيو رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

ميان حامد الله ”حامد حضوري“ تونيو رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ميان حامد الله ”حامد حضوري“ تونيو رح
[ 1798ع – 1873ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

زميني جو محتهد، روحاني رهبر، صاحب دل صوفي بزرگ، اهل الله ۽ جيد عالم، ميروخان  جو مور، ميان حامد الله ”حامد“ المعروف ”حامد حضوري“ ولد ميان روشن علي تونيو، پهرين شوال 1213هه مطابق 12 جنوري 1298ع تي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. سندس ابتدائي تعليم والد بزرگوار وٽان شروع ٿي؛ جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ خاص مهارت حاصل ڪيائين. بلوغت تي رسڻ سان پيري مريديءَ جو سلسلو وڌايائين؛ جنهن کان لغاري نوابن کي سخت چڙ لڳي؛ ۽ ساڻس اُچاٽ ڪرڻ شروع ڪيائون. نتيجي طور تونيه فقيرن جي زمين تي ناجزئ قبضا ڪرائڻ، وس پڄنديءَ آهر سندسن پاڻي بند ڪرائڻ ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري، سندس زمينون غيرآٻاد بڻائي ڇڏيائون. هي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ تي ميرن جي زوال جو سج اڀري چڪو هو. هوڏانهن بروهين جو وڏو ڪڻڪ نواب سهراب خان لغاريءَ تي چڙهائي ڪري آيو؛ جنهن ڪري سندن طاقت کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو، ويتر ميان حامد حضوريءَ جي دلي رنج، سندن نانءُ نشان به مٽائي ڇڏيو. 
هن رفيع الدرجات جي فيض ۽ ولادت جي واس چوڏس چانڊاڻ ڪري ڇڏي. سندس زندگيءَ جو مقصد ”الاهي عبادت ۽ خدا جي مخلوق جي اصلاح“ ڪرڻ هو. پاڻ اڪثر قرآن پاڪ ۽ مطالعي ۾ مصورف رهيو؛ ۽ واندڪائيءَ جي وندر، کيتيءَ جي نظرداري هو. سند نظر فيض اثر ۽ دعا سان ابڙا، ڀٽي، دايا، گهلجا، ماڇي، مڱريا، موچي، ميمڻ ۽ خود تونيه فقير به پري پري کان لڏي اچي ميرو خان ۾ مقيم ٿيا. مسلمان کان علاوه هندن جو به مٿس وڏو اعتقاد هو. زندگيءَ جو وڏو حصو درس و تدريس ۾ صرف ڪيائين. زماني جي حالت کي نهايت صبر ۽ استقلال سان سهندو رهيو. صوم صلوات جي پابندي ڪندي، 77 ورهين جي ڄمار سنبري، 5 شوال 1290هه مطابق 3 نومبر 1873ع تي خدا کي پيارو ٿي ويو. کيس ميرو خان شهر ۾ جاءِ ڏني وئي، جيڪو اڄ عام و خاص لاءِ زيارت گاه سڏجي ٿو. روزانو ڪيترائي معتقد هت اچي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪن ٿا.
ميان حضور بادشاه جي زندگي زهد ۽ عبادت، رشد ۽ هدايت ۾ گذري. سندس تيز بهدف هئي. زبان مبارڪ مان لفظ نڪتو مس، الاهي درگاه ۾ قبول پئجي ويندو هو. تفسير، حديث ۽ فقہ جي وڏي ڄاڻ هيس. طبيعت ۾ جلائي ۽ بي پرواهي حد درجي جي هيس. جوانيءَ ۾ شاعري به ڪيائين. فارسيءَ ۽ سنڌي زبانن ۾ سندس مداحون، مناجاتون، ٽيهه اکريون ۽ مولود چيل آهن. ازانسواءِ ڪافون، غزل ۽ مرثيا به مرتب ڪيا هائين. پاڻ شڪل شباهت جو سهڻو، قد و چٿرو، بت ڀريل ۽ پوري رنگ تي مائل هوس. ڏاڙه گهاٽي، سفيد ۽ چاپهين، وار شرعي ۽ هميشه سفيد پوشاڪ پهرندو هو. سندس چهري مان نور پيو ٻڪندو هو. چار چلا به ڪڍيائين.
(1) – ميروخان جو شهر، رئيس ميروخان ولد محمد يوسف لغاريءَ جو ٻڌايل آهي. ميرن جي پوياڙيءَ ۾، چانڊڪا پرڳڻي ۾ نواب سهراب خان لغاري سندس پاران ايلچي ٿي آيو. هن پنهنجي جدا دڻي قائم ڪئي، جيڪو “خان جوڳوٺ“ سڏجڻ لڳو. رئيس ميروخان سندس قريبي لڇ مان هو. کيس تعلقي شهدادڪوٽ ۾ ڪافي زمين هئي؛ جنهن جي وچ تي ”ميرو خان“ ٻڌرايو هئائين. نهايت غيرتمند ۽ جانٺو جوان هو. اڪثر منهنجي عزيزن جي عياشين تي غصو کائيندو هو. سندس ڀاءُ ميهر علي پڻ جوشيلو، جذباتي مڙس هو (جنهن جي نالي سان ”ميهڙ عليءَ جو مقام“ مشهور آهي). سنڌ 1916ع ۾ هن ڳوٺ کي تعلقو بڻايو آهي.
(2) – ميان صاحب، ٻنهي جهانن جي سردار جي ڪچهريءَ ۾ ويندڙ هو. انهيءَ سعادت سببان ”حضوري بادشاه“ سڏيو وڃي ٿو. [ميان حامد الله ”حامد“ تونيو رح – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”الرحيم“ (جلد 9، نمبر 3-4) سيپٽمبر – آڪٽوبر، 1979ع، ص 6].
(1) – چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ميرو خان جي آس پاس – سابن کان لغارين جا وڏا ڳوٺ ٻڌل هئا، جيڪي حضوري بادشاه جي پٽ پاراتن سببان جلد ئي نيست ۽ نابد ٿي ويا. اهوئي سبب آهي، جو اڄ تائين ميرو خان شهر ۾ نالي ماتر به لغارين جو ڪو گهر باقي نظر نه ٿو اچي.

No comments:

راءِ ڏيندا