; سنڌي شخصيتون: مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

24 April, 2011

مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح [ 1739 – 1787 ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
هن برگزيدي مجتهد، عالم، صاحبِ شريعت ۽ شاعر، مخدوم عبدالرحيم ولد سعدالله مڱريو رح جي ولادت 22 ذوالقعد 1152هه مطابق 3 جولاءِ 1739 تي ڳوٺ گروهڙ، تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي آهي. ابتدائي تعليم گروهڙ جي اُترين طرف ڳوٺ چوٽيارين مان آخوند نور محمد مبين بن رد کان ورتائين. پاڻ ڄمنديئي ڄام هو. خداوند کيس ذهين ۽ عقل ۾ اڪابر بڻايو هو؛ جنهن ڪري ذڪائت سببان ننڍڙي ڄمار ۾ ئي وڏا وڏا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا هئائين. ايتري تائين جو بحث مباحثي ۾ به ساڻس ڪو برميچي نه ٿي سگهيو.

ميان عبدالرحيم صاحب جيتوڻيڪ ظاهري علم جا تمام ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، مگر سندس دلي رجحان باطني فيض حاصل ڪرڻ ڏانهن هو. انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪنهن روحاني رهبر جي تلاش ۾ رڌل رهيو؛ جنهن ڪري شاه سيد عنايت صوفي (1655ع – 1718ع) جي درگاه تان، خليفي ميان ابن سمي کان هدايت مليس، ته ”اوهان پنهنجي وڌيڪ عقده ڪشائيءَ لاءِ لواريءَ جي درگاه تي وڃو، ته بهتر آهي!“
مخدوم گروهڙي صاحب، جيئن ته پاڻ هڪ عالم ۽ عامل شخص هو؛ وقت جي پيرن فقيرن ۽ ساداتن تي اک به نه ٻڏندي هيس؛ ايتري تائين جو لواري شريف جي بزرگ، سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان رح (1713ع – 1774ع) جهڙن مڃيل بزرگن ۽ اهل الله صوفي درويش جي ڪاڻ به ڪين پيئي ڪڍيائين. حتيٰ ڪه مٿن ٽوڪون، ٺٺوليون ۽ خوب چٿرون به ڪندو آيو. بالاخر سندس مرتبي جو اعتراف ڪندي، وڃي معتقد بڻيو. پوءِ ته ڪامل مرشد جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ حقيت جون روشن راهون ڏسندي، وڏي واڪي چيائين، ته مون جهڙو عالم، فاضل، فقيہ مؤرخ، مفتي ۽ محدث ملڪن ۾ ڇڊو لڀندو، مگر جڏهن کان خواجه صاحب جن جي دست بيعت ڪئي اٿم، تڏهن کان سڀ ويڇا وسري ويم. بس، آءٌ ته پاڻ کي مرشد آڏو اهڙو ته هچارو سمجهندو آهيان، جهڙو جاهل، فاضل اڳيان!“ وقت جي حاڪم ميان سرفرا ڪلهوڙي، ڪن شرارتي ملن جي چرچ تي، مخدوم صاحب جي خلاف شرعي مناظرو به ڪرايو هو ؛ جنهن ۾ مخدوم صاحب تمام ملن کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. پوءِ ته حاضرين سندس ذهانت ڏسي، رفو چڪر ٿي ويا. هوڏانهن ڪلهوڙن حاڪمن کي پاراتو ڏيندي، پاڙان ئي پٽي ڇڏيون.
مخدوم صاحٻ دين جي دشمنن سان مقابلي کي وڏي اهميت ڏيندو هو. کيس معلوم ٿيو، ته هتان (ڳوٺ) کان سٺ ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏو بت خانو ”مهاڏيو جي مڙهي“ آهي؛ جنهن ۾ هر قسم جون برايون ۽ بڇڙايون ٿي رهيون آهن – ڪيئن به ڪري کيس تباه ڪجي. اها ڳالهه سندس اندر ۾ ڪنڊي جيان چپي رهي هئي. مگر وٽس ايترا ماڻهو ڪونه هئا، حالانڪ سندس مرشد به کيس روڪيو هو، ته ”مڙهيءَ جا محافظ گهڻا آهن ۽ تون بي ثمر آهين – بهتر آهي، ته بس ڪر!“ تنهن تي پاڻ وراڻيءَ ۾ چيائين، ته:
”جي هوءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي،
پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي.“
حالانڪ مخدوم صاحب ڀليءَ ڀت ڄاتو به ٿي، ته مقابلو بالڪل سخت آهي، مگر خدا تي ڀروسو ڀانئين، مٿس ڪاهي ويو. ڪامل ڪوريءَ جي رهبريءَ سان رستي جو سونهون ٿيون. بالاخر سخت مقابلي جي ضد ۾ اچي ”جهاد في سبيل الله“ ۾ سر ڏيندي، فتح سان گڏ چاليهن ورهين جي نو عمر ۾ جام- شهادت جو مرتبو ماڻيائين. هي واقعو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي چٽا ڀيٽيءَ واري دور دوران غالباً (1192هه = 1878ع) ۾ ٿيو هو. سندس آخرين آرام گاه ”گروهڙ“ بڻيو.
مخدوم صاحب شريعت توڙي طريقت جي سلسلي ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان گهڻا مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ وقت لڏ پلاڻ ۾ ضايع ٿي ويا. باقي سندس محفوظ ڪتاب ”فتح الفصل“، ”شرح ابات سنڌي“، ”مڪتوبات“ ۽ ”رساله گل نما“ چيا وڃن ٿا. سنڌي زبان ۾ سندس ڪافي ڪلام به آهي، جيڪو بيتن جي صورت ۾ تربيت ڏنل آهي. پاڻ ”الف اشباع“ جي نظم ۾ ديني ڪتاب به لکيائين. ازانسواءِ قرآن پاڪ جي ڪيترين سورتن جو سنڌي زبان ۾ پڻ ترجمو ۽ تفسير به لکيائين سندس سنڌي ڪلام جا هن وقت تائين صرف چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪي نواب ڪانڀو خان (ليٿو ۾ 1904ع)، مولوي عبدالرحيم مگسي (ليٿو ۾ 1931ع)، علي نواز حاجن خان جتوئي (ٽائيپ ۾ 1956ع) ۽ شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو صاحب (مصري ٽائيپ، 1956ع) “ پڌرا ڪيا آهن. هيٺ مخدوم صاحب جي ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-
ڪي اگهاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيا اگهاڙا؛
ڪي پيادا ئي پاتشاه، ڪي ڏوليءَ ۾ ڏکيا؛
ڪي سدا ڪسب قوت ۾، پوڄت پيٽ نه آه؛
ڪنين دائم ديڳ چڙهي، ڪسب ڪل نه ڪا؛
ڪي ستائي سرفراز ٿيا، ڪي روندائي رهيا؛
ڪا ڪتي ۽ ڪين وڻي، ڪي ستيائي سنڀاءِ؛
ڇڏيو اٽڪل عقل جي، ڪوزا قياسا؛
”ان الحڪم الا لله: همہ هٿ خدا؛
سبب جن سنڍ وريا، سي اڃان اوراهان.
مخدوم صاحب جا سنڌي ابيات مولوي ابوالحسن ۽ مخدوم محم هاشم ٺٽوي رح جن جي تنبع، تحرير، تسلسل ۽ روانيءَ جي نون رنگن ۽ ڍنگن سان سرشار نظر اچن ٿا؛ جن مان تصوف جي گونا گون گهراين جو پتو پوي ٿو.
(1) – سنسڪرت زبان ۾ ”مڱر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”باه“ روايتن پٽاندڙ معلوم ٿيو آھي ته مڱريان“، مڱر راءُ جي اولاد مان آهن [ڪلام گروهڙي – شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1956ع، ص 9].
(2) – ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، مخدوم گروهڙي رح جي ولادت ضلعي خيرپور رياست جو ڳوٺ ”راڻيپور“ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق دوران ڳوٺ ”واڙ“، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ لکيو آهي (والله اعلم باالصواب).
(1) – حالانڪ سندس همعصر عالمن جون جاري ڪيل ديني فتوائون ۽ تحريرون وغيره به سندس صحيح کان سواءِ نامڪمل ڄاتيون پئي ويون پاڻ سخت طبيعت وري اهڙو هو، جو شريعت جي حد اورانگهڻ ڪنهن کي به نه بخشائين.
(1) – هي مناظرو خداآباد (دادو) ۾، گهوٽڪيءَ جي سيد جمال شاه جي منصفيءَ ۾ ٿيو هو، جيڪو پوءِ مخدوم صاحب جي ظاهري خواه باطني علم، سچائيءَ ۽ دانائيءَ کان خوب متاثر، سندس معتقد بڻيو هو.
(1) هن مڙهيءَ جو بنياد ٻائي مهاڏيو پاٺا نالي مجوسي ڪافر 500هه (1106ع) ۾، ٿرپارڪر ۾ راڻا سر کان پرڀرو، ”هٿونگو“ رکيو هو. وقت بوقت ان جا مهنت بدلبا پئي آيا.

2 comments:

  1. ماشاء الله عزوجل سائين سنڌي ۽ ٻين عالم سڳورن جي سنڌي ۾ پهرين دفاء معلومات ڏسي ۽ پڙھي ڏاڊهي خوشي حاصل ٿي ۽ مان توهان جون تحريرون ڪوپي ڪرڻ تي مجبور آھيان هڪ بنا اجازت ڪري چڪو آھيان جنهن جي معافي جو طالب آھيان وڌيڪ ڪوپي لاء اجازت جو طالب آھيان الله عزوجل جزائ خير عطا فرمائي هن خوبيصورت محنت جي عيوض

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا! مھرباني جو اوھان مون ناچيز طرفان رکيل تحريرون پڙھيون، پسند ڪيون، ڪاپي ڪري محفوط ڪيون. اسان جي رکڻ جو ارادو به اھو ئي ھيو. يعني اسان جي مراد پوري ٿي. وڏي وڏي مھرباني

      Delete