; سنڌي شخصيتون: حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

16 April, 2011

حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي


حافظ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

سنڌ جي سرزمين، صدين کان وٺي صوفي درويشن، عالمن ۽ الله وارن جو آستان پئي رهي آهي. سنڌ جي هر شهر، واهڻ ۽ وستيءَ، بلڪ هتان جي چپي چپي تي تصوف، عرفان، رشد ۽ هدايت  جا مرڪز قائم هئا. انهن قديم مرڪزن، جهڙوڪ: سيوهڻ، بکر، ٽلٽي، پاٽ، مٽياري، هالا، ٺٽي ۽ نصرپور ۾ صوفي درويشن ۽ الله وارن فقيرن جون خانقاهون قائم هيون، جتي نه صرف اخلاقي قدرن جي اصلاح ٿيندي هئي، بلڪ ان سان گڏ ايمان ۽ عمل جي قدرن کي به اُجاگر ڪيو ويندو هو.
برصغير هند و پاڪ ۾ سنڌ سڀ کان پهريون صوبو هو، جتي اسلام جي روشني پهتي.  سنڌ هڪ اسلامي مرڪز هئڻ ڪري، هر مذهبي تحريڪ ۽ سلسلي جو اثر قبول ڪيو. تصوف جي ابتدا عرب جي سرزمين کان ٿي ۽ ان جو اثر سنڌ تائين به پهتو. انهيءَ حوالي سان اسلامي تواريخ  ۾ سنڌ وڏو نمايان حصو ورتو آهي. تصوف جا جيڪي به سلسلا ۽ طريقا سنڌ ۾ رائج ٿيا، تن مان نقشبندي، قادري ۽ سهروردي طريقن تمام گهڻو زور ورتو. دراصل، سنڌ ۾ تصوف جي تعليم ۽ اصولن جي شروعات ٽين صدي هجريءَ ڌاري شيخ ابو علي سنڌي نالي هڪ نؤ مسلم عالم کان ٿي. شيخ ابو علي سنڌي، مشهور صوفي بزرگ، بايزيد بسطامي (المتوفي: 261هه/ 875ع) جو استاد هو. (1) اهڙيءَ طرح، تصوف سنڌ اندر ڪيترن ئي مختلف نمونن ۽ صورتن ۾ ظاهر ٿيو.


نقشبندي سلسلي جو باني، خواجه محمد تاليسوي (المتوفي: 512هه/1118ع) هو، جنهن کان پوءِ خواجه عبدالحق غجدوانيءَ (المتوفي: 575هه/1179ع) هن سلسلي کي اڳتي وڌايو. ان بعد، خواجه بهاءُ الدين نقشبنديءَ(1) هن سلسلي کي گهڻو زور وٺايو.يارهين صدي هجريءَ ۾
خواجه باقي باالله (المتوفي: 1012هه/ 1603ع) ۽ حضرت مجدد الف ثانيءَ (المتوفي: 1034هه/ 1624ع) هندستان اندر هن سلسلي کي تمام گهڻو زور وٺايو ۽ برصغير جي ڪيترن علائقن ۾ ان جي تبليغ ڪئي. انهيءَ ساڳئي زماني ۾
نقشبندي سلسلو سنڌ ۾ پڻ پهتو. انهيءَ ڏس ۾، حضرت مجدد الف ثانيءَ جي پوئلڳن مان شيخ موسيٰ ۽ سندس لائق فرزند شيخ اسحاق، سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جا وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. (2) ٺٽي جي وڏي عالم ۽ درويش، مخدوم آدم ٺٽويءَ حضرت مجدد الف ثانيءَ جي فرزند، خواجه محمد معصوم جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته مخدوم آدم ٺٽويءَ خواجه محمد معصوم جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند خواجه  سيف الدين (المتوفي: 1096/ 1685ع) جي هٿ تي پڻ ٻيهر بيعت ڪئي هئي. مخدوم آدم ٺٽويءَ جي مريدن مان حافظ مخدوم ابوالقاسم ، صوفي شاهه عنايت شهيد (المتوفي: 1130هه/ 1718ع) ۽ مخدوم ابوالحسن ڏاهري (المتوفي: 1181هه/ 1767ع) وڏا صاحبِ طريقت بزرگ، عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن.
مخدوم ابوالقاسم جي والد بزرگوار جو نالو ابراهيم هو ۽ پاڻ ذات جو درس هو. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ۾ حضرت شيخ بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جا مريد ۽ معتقد هئا. سندس خاندان مان سڀ کان پهريائين سندس والد، ميان ابراهيم ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. (3) مخدوم ابوالقاسم جي ولادت جي باري ۾ ڪابه صحيح  معلومات ميسر ٿي نه سگهي آهي. پاڻ ابتدا ۾ قرآن پاڪ ياد ڪري، ظاهري علمن کان فارغ ٿي ، ٺٽي جي مشهور عارف ڪامل بزرگ، مخدوم آدم ٺٽويءَ جي صحبت ۾ تصوف جو منزلون طيءِ ڪرڻ لڳو. مخدوم آدم ٺٽويءَ سندس قابليت ۽ استعداد کي ڏسي کيس حڪم ڪيو، ته توهان باقي روحاني منزلون خواجه سيف الدين سرهنديءَ جي خدمت ۾ وڃي پوريون ڪريو.(4)
مخدوم ابوالقاسم ان کان پوءِ، مخدوم آدم ٺٽويءَ جي ارشاد موجب سنڌ مان ڪـَـهـِـي سرهند ويو، جتي خواجه سيف الدين سان سندس ملاقات ٿي. خواجه صاحب مٿس ڏاڍي مهرباني ڪئي. مخدوم صاحب پنهنجي مرشد جي زيرِنظر رهي، سڀئي روحاني منزلون طيءِ ڪيون. ان متعلق، مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي لکي ٿو:
مخدوم ابوالقاسم، حضرت شاهه سيف الدين بن حضرت عروهِ الوثقيٰ خواجه محمد معصوم بن امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقيءَ وٽان فيض حاصل ڪيو.(5)
مخدوم ابوالقاسم انهيءَ سلسلي ۾ ٽي ڀيرا سرهند شريف جو پنڌ ڪيو ۽ آخري دفعي مرشد کيس فرمايو ته ، هاڻي توهان سنڌ ۾ وڃي نقشبندي سلسلي جي تبليغ ڪريو. انهيءَ تي مخدوم صاحب، مرشد جي خدمت ۾ ادب سان عرض ڪيو ته ،سائين! مون غريب کي ڪير ٻڌندو؟ اُن تي خواجه صاحب فرمايس ته ، هن پٿر جي طرف متوجهه ٿيو. مخدوم ابوالقاسم ان پٿر طرف اڃان توجهه ئي مس ڪيو، ته اُهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو. تنهن تي مرشد فرمايس ته ، جڏهن تو ۾ ايتري روحاني طاقت آهي، ته پوءِ ان ڪم ۾ دير ڇا جي آهي! (6)
انهيءَ سلسلي ۾ تڪمله مقالات الشعراء” وارو صاحب هڪ ٻيو واقعو بيان ڪندي لکي ٿو:
ان زماني ۾ مخدوم ميان عبدالباقي واعظ نالي هڪ وڏو جيد عالم، فاضل ۽ صاحبِ تقويٰ بزرگ مٽيارين ۾ رهندو هو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن مخدوم ابوالقاسم سرهند مان ويٺي، مٽياروي بزرگ ڏانهن توجهه ڪيو. عين ان وقت ميان صاحب وعظ ۾ مشغول هو، جو مٿس اهڙي ته ڪيفيت طاري ٿي ويئي، جو پنهنجي وجود جو ڪوبه سماءُ  نه رهيس.(7)
مخدوم ابوالقاسم پنهنجي مرشد جي اجازت سان سنڌ موٽي آيو ۽ ٺٽي ۾ پنهنجي خانقاهه جو بنياد وڌائين. سندس روحاني فيض جي درياء مان سنڌ جي ڪيترن ئي پياسن پنهنجي روحاني پياس اُجهائي. سندس خانقاهه جو خرچ غيب وسيلي هلندو هو. چون ٿا ته ضرورت وقت مخدوم صاحب پنهنجو هٿ هوا ۾ هلائيندو هو، ته مــُـٺ اشرفين سان ڀرجي ايندي هئي. کانئس اڳ ۾نقشبندي سلسلي جو اثر صرف ٺٽي ۽ ان جي آس پاس تائين محدود هو، مگر مخدوم ابوالقاسم ان کي سموريءَ سنڌ ۾ عام ڪيو ۽ ترقيءَ تي پهچايو. پاڻ ڪيترن ئي ڀٽڪلين کي نيڪيءَ ۽ هدايت واري رستي تي آندائين ۽ ڪيترائي انسان نيڪ ۽ الله جا صالح ٻانها ٿي پيا. سندس خانقاهه جو دروازو هر ڪنهن لاءِ کليل هوندو هو ۽ هرڪنهن کي پنهنجيءَ پــُـڄت، طاقت ۽ ٿانءَ آهر فيض جي ونڊ ۽ ورڇ ملندي هئي. سندس فيض جي پالوٽ، ٺٽي ۽ سنڌ جون حدون اورانگهي، هندستان تائين اثر ڏيکايو ۽ وقت جا ڪيترائي  بلند پايي جا عالم ۽ بزرگ سندس مريدن جي لڙهه ۾ اچي شامل ٿيا. مخدوم صاحب جي فيض، بزرگيءَ ۽ ڪماليت جي باري ۾ تحفته الڪرام وارو صاحب لکي ٿو:
مخدوم ابوالقاسم علمي خواه عملي ڪمالات جو صاحب ۽ حال ۽ قال جو ڌڻي هو. هن ڪيترن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪيو ۽ سندس صحبت ڪيترن گمراهن کي سڌو رستو ڏيکاريو.(8)
ميان محمد صديق، دهليءَ جي بادشاهه جو وزير، مخدوم صاحب جي روحاني ڪشش کان ڇڪجي ٺٽي آيو ۽ سموري حياتي مرشد جي خدمت ۾ رهي، پنهنجا آخرين دم به ٺٽي ۾ ئي پورا ڪيائين .(9) سيد گل شاهه دهلوي پڻ سندس مريد هو. سورت بندر ۽ احمدآباد ۾ به مخدوم صاحب جا مريد ۽ خليفا هئا.
انهيءَ زماني ۾، سنڌ جي قديم شهر عمرڪوٽ جي ڀرسان ميان ابوالحسن (خشت) نالي هڪ الله وارو نيڪ بزرگ رهندو هو. هن جي اها عادت هوندي هئي ته جتي به ڪنهن الله واري نيڪ بزرگ جو سـُـڻندو هو، ته اُن وٽ هلي ويندو هو ۽ وٽس رهي چلو ڪڍندو هو. پاڻ جڏهن مخدوم ابوالقاسم جي هاڪ ٻڌائين، ته وٽانئس روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مخدوم صاحب ٻن ٽن ڏينهن ۾ هن کي سڀئي روحاني منزلون طيءِ ڪرايون ۽ کيس خلافت جو خرقو عطا ڪري، رخصت ڪيو. ميان ابوالحسن جڏهن پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو، ته ماڻهن کانئس جلد ورڻ جو ڪارڻ پڇيو. ميان صاحب کين چيو ته انهيءَ درويشن جي هڪ گهڙي، ٻين وٽ ساري عمر رهڻ کان بهتر آهي.تڪمله مقالات الشعراء” ۾ انهيءَ بزرگ جا اهي لفظ هن طرح چيل آهن: اِتي جي هڪ گهڙي، ٻـِـين سڀ ڄمار. (01)
مخدوم ابوالقاسم پنهنجي خانقاهه جي جنهن حــُـجري ۾ رهندو هو، ان کي حجره حضوري ڪري چوندا هئا. مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي لکي ٿو:
هڪ ڀيري سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ، مخدوم صاحب  جي حــُـجري مان ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو. فقيرن اهو سمجهيو ته مخدوم صاحب ٺٽي جي ڪنهن ماڻهوءَ سان گفتگو ڪري رهيو آهي.  ٿوريءَ دير کان پوءِ مخدوم صاحب پاڻ حــُـجري کان ٻاهر آيو ۽ اچي تازو وضو ڪرڻ ويٺو. پاڻ پنهنجي هڪ فقير کي حـُـجري مان دستار کڻي اچڻ لاءِ چيائين. فقير جڏهن حــُـجري اندر ويو، ته سندس حيرت جي ڪا حد نه رهي ۽ خيال ۾ پئجي ويو، ته آخر مخدوم صاحب ڪنهن سان پئي ڳالهايو. نيٺ، هڪ ڏينهن اُن فقير، مخدوم صاحب کان ان ڏينهن جي واقعي جو راز پڇيو. پاڻ فرمايائون ته رسول الله صلي الله عليه وسلم  جن پاڻ تشريف فرما ٿيا هئا. ان بعد، اُن حــُـجري کي حـُـجره حضوري ڪري سڏڻ لڳا. (11)
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ (المتوفي: 1161هه/ 1748ع) جهڙو وڏي بلند مرتبي وارو عالم، مخدوم صاحب  جو معتقد ۽ مريد هو. مخدوم ابوالقاسم جون ڪرامتون ۽ خوارق عادتون هزارن  جي تعداد ۾ آهن، جن کي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جدا هڪ رسالي ۾ جمع ڪيو آهي. (12) سنڌ جو هڪ ٻيو وڏو جيد عالم ۽ فقيهه، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (المتوفي: 1174هه/ 1761ع) به مخدوم ابوالقاسم سان وڏي عقيدت رکندو هو ۽ هر روز مخدوم صاحب جي خانقاهه ۾ وڃي، ڪافي وقت تائين ساڻس روحاني خواه باطني ڪچهري ڪندو هو.(13)
        مخدوم ابوالقاسم 7 - شعبان المعظم 1138هه/ 10 - اپريل 1726ع تي هن فاني جهان جو جامو بدلائي، حياتِ جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. سندس مزار تي هيٺين قطعه تاريخ لکيل آهي:
بسال وصل او هاتف بفرمود،
ابوالقاسم سراسر نور حق بود.(14)
               1138هه
        چون ٿا ته مخدوم ابوالقاسم جي وفات کان پوءِ، سرهند جو بزرگ، حضرت شاهه ضياءُ الدين نقشبندي جڏهن ٺٽي ۾ مڪليءَ جي زيارت ڪرڻ آيو، ته هُن شيخ جِيئيء(1) جي مزار تي مراقبو ڪيو. مراقبي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ فرمايائين ته شيخ جيئو مڪليءَ جو چراغآهي. ان بعد، جڏهن مخدوم ابوالقاسم جي مزار تي مراقبو ڪيائين ته بي اختيار سندس زبان مان هي الفاظ نڪتا، ته هيءُ بزرگ مڪليءَ جو چمڪندڙ سج” آهي ۽ سج جي روشنيءَ هوندي چراغ جي روشنيءَ جي ڪابه ضرورت ناهي.(15)
        مخدوم ابوالقاسم جي فضيلت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو، ته جڏهن به سنڌ جو ڪو عالم يا بزرگ سرهند شريف ۾ خواجه سيف الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو، ته پاڻ ان کي مخدوم ابوالقاسم ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ چوندو هو. مخدوم صاحب جي روحاني فيض جي باري ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ شخص پير پــُـٺي(2) تي روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ اچي چـِـلو ڪڍيو، پر آخرين چاليهين رات تي پير پــُـٺي ان شخص کي نااميد ڪري واپس ڪيو. اهو شخص نهايت ئي غمگين ۽ ملول ٿي، مخدوم ابوالقاسم جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. مخدوم صاحب هن کي ٿوري ئي عرصي ۾ بلند مقام تي رسايو.(16) اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب جون ڪيتريون ئي ڪرامتون آهن، جي سندس تذڪري نگارن بيان ڪيون آهن.
        مخدوم ابوالقاسم جي فيض جي وهندڙ چشمي مان ڪيترائي بزرگ سيراب ٿيا. سندس خاص مريدن ۽ خليفن مان ڪن جا نالا مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشديءَ طومار سلاسل جي حوالي سان تڪمله مقالات الشعراء” جي فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايا آهن. انهن بزرگ مان اسان کي جن جو احوال ملي سگهيو آهي، اهو هتي ڏجي ٿو:
1. مخدوم محمد معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين بن مخدوم امين بن مخدوم طالب الله هڪ وڏو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو علامه ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد معين، مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو. پاڻ پنهنجي استاد کان ابن عربيءَ جي ڪتاب فصوص الحڪم جو درس ورتو هئائين. انهيءَ ساڳئي ڪتاب جو درسُ علي رضا جيلانيءَ کان به ورتو هئائين، جڏهن هو ٺٽي ۾ آيو هو. مخدوم صاحب پنهنجي تصنيف دراسات اللبيب ۾ حضرت شاهه ولي الله دهلوي ۽ شاهه عبدالقادر صديقيءَ کي به استاد ڪري لکيو آهي. شيخ جلال محمد(1) ۽ علامه مير سعد الله پوربيءَ(2) کان به علمي استفادو حاصل ڪيو هئائين.(17)
مخدوم محمد معين ٺٽوي، نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم ابوالقاسم ٺٽويءَ جو مريد ٿيو. پاڻ مخدوم ابوالقاسم جي خدمت ۾ ڪافي وقت رهي، باطني علم ۾ استفادو ڪندو رهيو ۽ پاڻ کي مرشد جي در جو غلام چوائيندو هو.
مخدوم محمد معين سن 1161هه/ 1748ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي قطعه تاريخ، سنڌ جي مشهور شاعر، محسن ٺٽويءَ  (1) هن طرح ڪڍي آهي:
قطره دُر بـِـبـَـحر واصل شـد (18)
1161هه
ايضاً
معين دين احمد رفت صد حيف.(19)
1161هه
2. مخدوم محمد مقيم: مخدوم محمد مقيم بن ميان سعد الله قادري، بٺوري پرڳڻي جي جهيجا ڳوٺ جو ويٺل هو. هيءُ بزرگ، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ۽ خليفو هو. ٻارهين صدي هجريءَ جي عارفن مان ٿي گذريو آهي. مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي ڪتاب تذڪره مشاهير سنڌ- جلد ٽئين ۾ سندس ڪرامتون بيان ڪيون آهن.(20)
3. ميان محمد يعقوب: ميان محمد يعقوب ذات جو سمو هو ۽ ڪبر ڳوٺ جو رهاڪو هو.  حال ۽ قال جو صاحب هو. نقشبندي طريقي کي ڏاڍو زور وٺرايائين(21)
4. شيخ يحيٰ: شيخ يحيٰ عرب جو باشندو هو. هن بزرگ، مديني پاڪ ۾ نقشبندي سلسلي کي جاري ڪيو. (22)
5. سيد سلطان شاهه هندي: هيءُ ٺٽي جي نواب، خليل خان جو ڀاڻيجو هو. پنهنجي مامي جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سندس جاگير ٺٽي ۾ اچي رهيو. مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ٿيو ۽ تمام وڏي مرتبي کي رسيو. بعد ۾ ٺٽي مان هجرت ڪري، بدين ۾ وڃي رهيو. سيد سلطان شاهه وڏي ڪرامت جو صاحب ۽ حال ۽ قال جو ڌڻي هو. وٽس ماڻهن جي رجوعات تمام گهڻي هئي.(23)
6. مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي: مخدوم ضياءُ الدين بن مخدوم ابراهيم سن 1091هه/1680ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. ٺٽي جي وڏي عالم، مخدوم عنايت الله وٽان علم جي تحصيل ڪيائين. مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم هو. ٺٽي ۾ سندس هڪ ديني مدرسو هو، جنهن مان سوين ماڻهو فيضياب ٿيا. پاڻ عام ماڻهن جي سهوليت لاءِ نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جا مسئلا سنڌي نظم ۾ لکيا هئائين، جنهن کي مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي(1)  سڏيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب 80 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1171هه/1758ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. (24)
7. سيد عبدالله شيرازي: سيد عبدالله بن سيد نعمت الله شڪراللهي شيرازي ڪمال جو صاحب هو. نقشبندي سلسلي سان تعلق هئس. وفات کان پوءِ، ڪوبه اولاد ڪونه ڇڏيائين.(25)
8. سيد محمد ناصر شيرازي: هيءُ بزرگ سيد عبدالله شيرازيءَ جو ڀاءُ هو. تقويٰ ۽ پرهيز گاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. نقشبندي طريقي جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.(26)
9. مخدوم عنايت الله واعظ ٺٽوي: مخدوم عنايت الله واعظ ٺٽوي هڪ وڏو عالم، متقي ۽ پرهيزگار بزرگ ٿي گذريو آهي. باطني شغل سبب اندر جي ڏاڍي صفائي حاصل ڪئي هئائين. سندس واعظ جي مجلس به ڏاڍي پـُـراثر هوندي هئي. پاڻ پنهنجي وقت جو هڪ ارشاد وارو استاد ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي سندس شاگردن مان آهن. مخدوم صاحب 1114هه/ 1702ع ۾ وفات ڪئي.(27)
10. مير مرتضيٰ رضوي: مير مرتضيٰ بن مير ڪمال الدين رضوي هڪ وڏو عالم ۽ بهترين خطاط هو. پاڻ ستن قسمن جا خط لکندو هو. فن سپاهگيريءَ کان به چڱو واقف هو. بادشاهه شاهه عالم جي دربار ۾ وڏو درجو حاصل ڪيو هئائين. سن 1120هه/1708ع ۾ عين جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين.(28)
11. سيد رحمت الله شيرازي: سيد رحمت الله عرف سيد مٺو بن سيد فضل الله شڪر اللهي شيرازي هڪ وڏو متقي ۽ ولي ڪامل بزرگ هو. نقشبندي سلسلي ۾ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. پاڻ پنهنجي پوئتان عقيدتمندن ۽ مريدن جي هڪ وڏي جماعت ڇڏيائين.(29)
12.ميان عبدالباقي واعظ: هيءُ بزرگ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو عالم ۽ خطيب ٿي گذريو آهي. پاڻ مٽيارين جو ويٺل هو. مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ وٽان فيض حاصل ڪيو هئائين. سندس وعظ ۾ وڏو تاثير هوندو هو. پاڻ ڪيترن ئي گمراهن کي نيڪيءَ ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريائين. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو قول آهي ته پاڻ هر مجلس ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي جناب مان اجازت وٺي، پوءِ وعظ ڪندو هو. سندس ڀاءُ، ميان عبدالولي پڻ مخدوم ابوالقاسم جي مريدن مان هو.(30)
13. مخدوم مئينڏنو نصرپوري:  هيءُ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو متبحر عالم ۽ ڪماليت وارو بزرگ هو. علم فـقه ۽ تفسير ۾ بي مثل هو. تصوف جي علم ۽ ان جي راهه رمزن کان واقف هو. مخدوم روح الله نصرپوريءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، شهر جو قاضي مقرر ٿيو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ڪتابن تحفته الڪرام (31) ۽ معيارِ سالڪانِ طريقت (32) ۾ سندس سهڻين خوبين ۽ خاصيتن جي وڏي ساراهه ڪئي آهي. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي ، مخدوم محمد صادق گچيرائي ۽ مخدوم محمد عثمان متعلوي سندس همعصر هئا. مير قانع ٺٽويءَ تحفته الڪرام جي تصنيف ٿيڻ وقت مخدوم صاحب کي ڏٺو هو. مولانا دين محمد وفائيءَ سندس وفات جو سن 1181هه/ 1767ع ڄاڻايو آهي، (33) جو تحقيق طلب آهي. مخدوم صاحب نصرپور ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مدفون آهي. مخدوم صاحب کي ٽي فرزند ٿيا: مخدوم عبدالله، مخدوم ميان عبدالحق (ثاني) ۽ مخدوم ميان نور محمد.(34)
14. بلال درس: هيءُ بزرگ آمريءَ جي آس پاس پراڻ واهه تي رهندو هو. مخدوم ابوالقاسم جي مريدن ۽ خليفن مان هو. وڏو صاحبِ ڪرامت بزرگ هو.(35)
15. شيخ محمد ابوالمساڪين ٺٽوي:  شيخ محمد بن مخدوم محمد اشرف بن مخدوم آدم ٺٽوي نقشبندي پنهنجي زماني جو وڏو روحانيت جو صاحب ٿي گذريو آهي. پاڻ ظاهري خواه باطني  علمن ۾ يگانه روزگار هو. مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مريدن مان هو. مخدوم ابوالقاسم کيس مماتيءَ ۾ روحاني فيض سان نوازيو هو. ان کان پوءِ، خواجه محمد زڪي نقشبندي سرهنديءَ وٽان پڻ روحاني فيض حاصل ڪيائين . پاڻ خواجه ابوالمساڪين جي لقب سان مشهور ٿيو. مير قانع ٺٽويءَ جو قول آهي ته پاڻ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي بزرگيءَ جي  آئيني کي روشن ڪندو رهيو.(36) سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لواريءَ وارو سندس مريد ۽ خليفو هو. شيخ محمد ابوالمساڪين سن 1149هه/1736ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي.

*

 
حوالا
(1) وفائي دين محمد، مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ- جلد پهريون،سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1974ع، ص 21 کان 23
(2) همايوني نياز: ملوڪ الڪلام، همايون پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، 1977ع، ص 35
(3) مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 579
(4) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص ، 132
(5) مخدوم محمد ابراهيمخليل ٺٽوي، تڪمله مقالات الشعراء” (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1958ع، ص 178
(6) ايضاً، ص 179
(7) ايضاً، ص 179 ۽ 180
(8) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 579
(9) ڏسو حوالو نمبر (5)، ص 180
(10) ايضاً، ص 181
(11) ايضاً، ص 183
(12) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 133
(13) ڏسو حوالو نمبر(5)، ص 44
(14) ايضاً، ص 186
(15) ايضاً، ص 183
(16) ايضاً، ص 182
(17) قدوسي اعجاز الحق، مولانا: تذڪره صوفياء سنڌ(اردو)، اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچي سنڌ، ڇاپو ٻيو 1975ع، ص 241
(18) ڏسو حوالو نمبر (5)، ص 242
(19) ايضاً
(20) وفائي دين محمد، مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ - جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1986ع، ص 276 کان 280
(21) ڏسو حوالو نمبر (5)، ص 246
(22) ايضاً
(23) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 414 ۽ 415
(24) ڏسو حوالو نمبر (20)، ص 96 ۽ 97
(25) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 487
(26) ايضاً
(27) ايضاً، ص 558
(28) مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون 1981ع، ص 121
(30) ايضاً، ص 443
(31) ايضاً، ص 401
(32) مير علي شير قانع ٺٽوي: معيارِ سالڪانِ طريقت (فارسي)، تصحيح: ڊاڪٽر سيد خضر نوشاهي، ادارهء معارف نوشاهيه، ساهن پال شريف، 2000ع، ص 646
(33) وفائي دين محمد، مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ - جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1985ع، ص 188
(34) قريشي حامد علي خانائي:تواريخ نصرپور (قلمي)، ص 119 ۽ 120
(35) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 421
(36) ايضاً، ص 578
*
 (ماهوارالرحيم حيدرآباد سنڌ، مئي - جون 1978ع،- سـَـنواريل ۽ وَڌايل)

 


(1) نقشبندي سلسلي کي سڀ کان پهريائين سلسله – خواجگان جي نالي سان ترڪستان ۾ خواجه محمد تاليسويءَ شروع ڪيو. خواجه عبدالخالق غجدوانيءَ پڻ هن طريقي کي اڳتي وڌايو. ليڪن، هن سلسلي کي خواجه بهاءُ الدين نقشبنديءَ (المتوفي: 790هه/ 1388ع) وڏي عروج تي آندو، ۽ هن ئي بزرگ جي نسبت سان هيءُ سلسلو سلسله – خواجگان مان ڦــِـري، نقشبندي سڏجڻ ۾ آيو.(ڏسو، همايوني نياز:  ملوڪ الڪلام، همايون پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، 1977ع، ص 35)
(1) شيخ جيئو، ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي آرامي آهي. الله وارن جي سـَـٿَ مان هڪ ولي ڪامل ۽ عارف بالله هو. سندس والد جو نالو شيخ نعمت الله هو، جو شيخ بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. هيءُ بزرگ سمن جي صاحبيءَ ۾ ٿي گذريو آهي. شيخ صاحب وڏين روشن ڪرامتن جو صاحب هو. سندس درويشيءَ ۽ بلند پايه بزرگيءَ جي ڪري کيس مڪليءَ جو ڏيئو ڪري سڏيندا آهن. حياتيءَ خواه مماتيءَ ۾ سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪيون وڃن ٿيون. سندس وفات جي تاريخ ۽ سن جي باري ۾ ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. (تحفته الڪرام - سنڌي، ص 610 ۽ تحفته الطاهرين - سنڌي، ص 37 ۽ 38)
(2) پير پــُـٺي جو اصل نالو حسين هو. پاڻ اپلان قوم مان هو. سندس ڪــُـنيت ابوالخير ۽ لقب شاهه عالم هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس نسب جو سلسلو هن ريت بيان ڪيو آهي:حسين بن راڄپار بن لاکو بن سخيره. سندس والده جو نالو سلطاني بنت مراد بنت شرفو آهي. پاڻ سنڌ ۾ شيخ يا پير پٺو جي نالي سان مشهور آهي. مير قانع ٺٽويءَ جو قول آهي شاهه جميل گرناري، جو سيد عبدالهادي بن سيد ابوالعطاس جي اولاد مان هو، به سندس مريد هو، جنهن جي مزار شيخ پــُـٺي جي مقبري جي ڀرسان آهي. پير پــُـٺي جهڙو ڪمال جو صاحب سڄيءَ سنڌ ۾ ڪو ڇڊو پيدا ٿيو هوندو. شروع ۾ پاڻ ان ٽڪريءَ جي غار ۾ رهندو هو،  جتي هن وقت سندس مدفن آهي. شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي چوڻ تي غار مان ٻاهر آيو ۽ سندس مريد ٿيو. پير پــُـٺي 646هه/ 1248ع ۾ رحلت ڪئي. (تحفته الڪرام - سنڌي، ص 19-618) سيد عبدالقادر نصرپوريءَ حديقـته الاولياء سنڌ ۾ سندس شان ۽ مدح ۾  هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي.
(1) شيخ جلال محمدڪڪراله جو رهاڪو هو. وڏو يگانه روزگار بزرگ هو. علم نجوم ۽ طب جو وڏو ڄاڻو هو. مخدوم محمد معين، سندس علميت جي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو. سن 1175هه/ 1761ع ۾ وفات ڪري ويو.
(2) مير سعدالله بن سيد غلام محمد سلوني 1099هه/ 1688ع ۾ الهه آباد جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. مير صاحب علم جو وڏو اڪابر هو. پاڻ ڪيترن ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي.
(1) محمد محسن ولد نور محمد، ٺٽي جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس خاندان وارا ريشم جو واپار ڪندا هئا. ٺٽي جي گورنر، مير لطف علي خان همت جي سرپرستيءَ ۾ شاعري جا ڏاڍا جوهر ڏيکاريائين. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ هو. سندس مجموعه ڪلام، ديوان محسن جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران سن 1963ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن 42 ورهين جي ڄمار ۾ 20- شوال المڪرم 1163هه/22- سيپٽمبر 1750ع تي رحلت ڪئي.
(1) مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، جديد صورتخطيءَ ۾، 1992ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا