ميان صاحبڏنو فاروقي درازي رح
[ 1697ع – 1778ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حضرت عمر فاروق رضه جي ستٽيهين پشت مان، خواجه محمد حافظ المعروف فقير صاحبڏنو موراڳي ولد عبدالوهاب فاروقي، صوفي درويش، سخن سنج ۽ اعليٰ پايي جو شاعر ٿي گذريو آحي. سندس ولادت 14 ربيع الثاني 1109هه مطابق 15 مئي 1697ع تي، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ گڏيجيءَ ۾ ٿي هئي. اُن زماني جي تقاضا موجب فارسي ۽ عربي علم جي تحصيل ڪري، ڪلهوڙن وٽ ملازم بڻيو. کيس ديهه مورهه جو ”فصلي نگهبان“ مقرر ڪيو ويو. هي عهدو ان وقت جي لحاظ کان اعليٰ منصب سمجهيو ويندو هو. پنهنجي ذميواريءَ جي سلسلي ۾ جيئن ئي هڪ ڀيري گهوڙي تي چڙهي گهمڻ نڪتو، ته واٽ ويندي ڪوٽڙي ڪبير ۽ ڏيوڻيءَ جي وچ ڌاري ”صفيه“ نالي هڪ مجذوبه عورت، گهوڙي جي واڳ ورائي ڪجهه بيت ڏنائينس؛ جنهن جو مطلب هو: ”خدا توکي ٿو ڳولهي؛ ۽ تون وري ڪنهن جي ڳولها ۾ آهين!“ خواجه صاحب اهو جواب ٻڌي واپس وريو. پوءِ نوڪري ڇڏي جهنگل وڃي وسايائين. اتي خوب چلا ڪڍيائين. آخر گهڻي زهد بعد سندس ملاقات پيران پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني رح جياولاد مان شاه عبيدالله جيلاني رح سان ٿي؛ ۽ کانئس فيضياب ٿيو.
پوءِ 1133هه (1720ع) ۾ باقبائل لڏي، درازن ۾ اچي آباد ٿيو. سندس اولاد مان شهنشاه– عشق، شمس العارفين سراج اللساڪين ۽ هفت زبان شاعر، عبدالوهاب المعروف ”سچل سرمست رح“ (1739ع–1829ع) آهي. پاڻ وڏو عابد، زاهد ۽ صوفي فقير هو. غالباً چاليهه چلا ڪڍيائين. بغدادي بادشاه غوث اعظم سيد عبدالقادر جيلاني رح (1087ع – 1166ع) جي بزرگيءَ، فضل ۽ ڪمال مان فيض حاصل ڪيو هئائين. سندس ڪلام اسلامي اخوت ۽ ساوات جو آئينه دار آهي؛ جنهن جي وسيلي سنڌ سونهاريءَ جي عام و خاص جي خاصي ترجماني نظر اچي ٿي. موسيقيءَ سان وڏو لڳاءُ هوس.
سندس طريقو ”قادري“ هو، مگر ”چشتي“ سلسلي موجب ”سماع“ کي به ترجيح ڏيندو هو. چنيه فقير ۽ سبڏنه فقير سندس خاص الخاص خليفن مان هئا. ايڪانوي ورهيه زنده رهي، 12 ذوالحج 1192هه مطابق 28 فيبروري 1778ع تي درازن ۾ لاڏاڻو ڪيائين. ميان صلاح الدين ۽ ميان عبدالحق سندس اولاد آهن. سندس ڪلام مان هڪ ڪافي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:-
ووڙيان ڇو وڻڪار – جيڏيون آهي جيءَ ۾.
صحي سڃاتم سرتيون – دل ۾ آهه دلدار.
ڪـاڪــيون آهي قلوب ۾ – ڪيچ ڌڻي ڪوهيار.
نـــــاحـق ونـدر ڇـو وڃـان – ڀاڪر ۾ آه ڀتار.
ونحن اقرب ويجهڙو – لڌم لعلن يار.
وفــــــــــي انـــــــــــفـسـکم تــــي – اديون ڪيم اعتبار.
سـاهـون اوڏو سـپـريـــــــــن – ڪوهه پڇان ٻيو پار.
”صـــــاحبڏنه“ سمجهو – تن اندر تڪرار.
(1) – ميان شاهه محمد ديدڙ (1830ع – 1892ع)، ميان صاحب جي درگاه جو پانڌيئڙو هو. اڪثر درگاهه تي راتيون ٽڪي جاڳر ڪندو هو. ميلي جي خاص منتظم هجڻ سببان کيس ”ميان“ جو لقب به مليو هوس.
(1) – شاه عبيدالله جيلاني رح ڪجهه وقت بعد اجمير شريف (هندستان) هلي ويو ۽ اتي وفات ڪيائن. خواجه معين الدين چشتي رح جي درگاه ۾ آرامي آهي [راز نامه (فارسي)–سچل سرمست رح].
(1) – ميان موراڳيءَ کي چلي ڪشيءَ دوران شاه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع – 17852ع) سان به خوب رهاڻيون ٿيون؛ ۽ کيس امانت بابت اهڃاڻ به ٻڌايا هائين. ويتر سيد عبيدالله جيلاني رح جي نظر فيض اثر سندس دل کي آفتابي قوت ڏيکاري ڇڏي؛ جنهن ڪري کيس روحاني رهبر ڄاڻي، خرقه خلافت ڍڪيائين. پوءِ باقاعده لوڙهي ۾ رهي، خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. انهن ڏينهن ۾ راڻيپور ۽ گمبٽ ۾ جيلاني خاندان جون ٻه گاديون مشهور هيون؛ انهن فقير صاحب جي فڪر جي واکاڻ ٻڌي. پهريائين ته کيس ڏوراپا ڏنا، پر پوءِ هو به پنهنجي وڏڙن جي چوڻ تي ساڻس ريجهي ويا.
No comments:
راءِ ڏيندا