عبدالستار ڀٽي
خانبهادر محمد ايوب کهڙي بابت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو هڪ پڪي وڏيرڪي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اهو وڏيرڪو گهراڻو جنهن جي تعليم ۽ سياست ۾ ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي. حڪومت جي معاملن سان ڪو به واسطو ڪو نه هيو. سندس والد ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هيو. وڏيرو ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاري، هٿ جي ڪنايت سبب علائقي ۾ تمام گهڻي زمين ٺاهي. هن بنجر زمينون آباد ڪري وڏي جائداد ۽ دولت گڏ ڪئي. سنڌ جي وڏيرڪي سماج ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن وڏيري وٽ ڪجهه زمين آباد ٿي ۽ ڏوڪڙ مليو ته پوءِ رڇ ڪتا مقابلا، ڏاندن جي گوءِ، اوطاق تي نوڪر چاڪرن جا فالتو ٽولا، شراب، ڪباب ۽ شباب کان علاوه ڪي دعوتون ٿينديون. وڏيري جي هر طرف هاڪ هوندي. واه واه وڏا جا ٻول ۽ خوشامندڙيا هوندا. ڪي جهيڙا ٿيندا ڪي پلاند ٿيندا. اوطاق تي نوڪر چاڪر حاضر هوندا چاهي وڏيرو قرضي ٿي وڃي پر اوطاق ۽ وڏيري جو شان قائم دائم هوندو. گهڻو ڪري وڏيرا هندن واپارين جا قرضي هوندا هئا پر ان ئي سماج ۾ وڏيرو شاهه محمد کهڙو به هيو. جيڪو انهن سڀني وڏيرڪي صلاحيتن کان واجهايل هيو. هن پنهنجي جدائداد به وڌائي ته وري پونيئرن لاءِ به گهڻو پئسو ڇڏيو. هٿ جي ڪفايت سبب وڏيري شاهه محمد بابت ڪيترا ئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور هيون جيڪي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌايون وينديون هيون. ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن. محمد ايوب کهڙو صاحب آگسٽ 1901ع ۾ ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڳوٺ عاقل سنڌو درياهه جي ڪناري تي آهي. جنهن زماني ۽ ماحول ۾ کهڙو صاحب پيدا ٿيو. اهو صدين کان قائم وڏيرڪي سوسائٽي جو عروج وارو دور هيو. تعليم حاصل ڪرڻ کي اجايو وقت جو زيان ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هيو. خاص طرح وڏيرا پنهنجي اولاد کي ته پڙهائيندا ئي ڪو نه هيا ۽ سندن چوڻ هيو ته پٽ ڇا لاءِ پڙهي؟. پٽ کي ڪا نوڪري ته ڪرائڻي ڪونهي. رب پاڪ جو سڀ ڪجهه ڏنل آهي. جوان ٿي زمينداري ۽ جائداد سنڀاليندو، جڏهن ته عام ماڻهو جي اولاد خاطر تعليم جي سهولت ڏيارڻ، اسڪول قائم ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو. غريب جي اولاد کي تعليم وٺڻ گناهه هيو. هي اهو دور هيو جڏهن مڊل ڪلاس اڃا وجود ۾ ڪو نه آيو هيو. يا ته غريب هوندو يا وري وڏيرو هوندو هيو. بس ٻه ڪلاس يا طبقا هيا. عزت ۽ شان جو معيار صرف دولت هئي، دولت ئي عزت وارو سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو نيڪي جو ڪم ڪنهن وڏيري کان ٿي سگهندو هيو ته ڳوٺ ۾ مسجد قائم ڪيائين ۽ تعليم لاءِ به ڪو مولوي رکندا هئا ته جيئن ماڻهو ا ا ڪن. اخبارن کي ان دور ۾ گلا ڪرڻ وارو ادارو ۽ صحافين کي گلاخورن جو ٽولو سمجهيو ويندو هيو. ملڪ ۽ قومي مسئلن ۾ شريڪ ٿيڻ کي وڏيرا فسادي ٽولي جو ساٿ ڏيڻ سمجهندا هيا. سياست، نظريا يا شعور وارا شاعر اديب ميدان ۾ ڪو نه هيا. جيڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪا انگريز سرڪار وٽ ڪچهري ۾ ڪرسي ملي يا اقتدار جو ڪو ننڍڙو حصو نصيب ٿيو ته اهو وڏيرو هوش کان نڪري ويندو هيو. پاڻ کي وڏو حاڪم سمجهڻ لڳندو هيو. اهڙي سماج واري صورتحال صرف سنڌ سان نه پر برصغير ۾ موجود هئي. اهڙي ماحول ۾ ڪير پاڻ کي ڪيترو تبديل ڪندو. پنهنجي شخصيت کي ڪيترو خوبصورت يا ذهن کي وري روشن خيال ڪندو. ان بابت تاريخ ۽ تاريخدان ئي ڄاڻيندو هوندو. اهڙي ئي جهالت، تڪبر ۽ غرور واري معاشري ۾ محمد ايوب کهڙو صاحب پرورش پائڻ لڳو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.
هي اهو دور هيو جڏهن برصغير ۾ خلافت تحريڪ جو زور شور هيو خاص طرح سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ته مسلمانن جي هن تحريڪ جو عروج هيو. مسلمانن جا جذبا جوان ۽ حوصلا بلندا هيا، خلافت تحريڪ جو عملي طرح قائد ۽ هجرت ڪميٽي جو چيئرمين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به لاڙڪاڻي جي سرزمين جو ڄائو هيو. بئريسٽر جوڻيجي جي سربراهي ۾ انگريز سرڪار خلاف مسلمانن جي خلافت ڪانفرنس ۾ برصغير جا وڏا وڏا مسلم اڳواڻ شريڪ ٿيڻ ايندا هئا ۽ لاڙڪاڻو شهر خلافت تحريڪ جو ڳڙهه هوندو هيو. محمد ايوب کهڙي صاحب پڻ بنيادي طور پنهنجي گهريلو ماحول ۾ اسلامي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. جنهن ڪري خلافت تحريڪ جي پر جوش ماحول مٿس گهڻو اثر وڌو هو ان اسلامي تحريڪ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ اڳتي هلي جڏهن سياست ۾ پير داخل ڪيائين تڏهن کهڙي صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز هيو. آخر سنڌ اندر خانبهادر کهڙو صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز جو هڪ وڏو علمبردار ثابت ٿيو. خانبهادر کهڙي پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو. جيئن ته خانبهادر کهڙي ۾ قائدانه صلاحيتون تمام گهڻيو موجود هيون ۽ پاڻ سنڌ جي مسلمان جي ڏکن ۽ تڪليفن کان ڀلي طرح ڄاڻ رکندو هيو. سنڌ جي مسلمانن جا حق کيس گهڻو عزيز هيا. مسلمان تعليم نه هئڻ ڪري قانون کان اڻ واقفيت ۽ اڻ ڄاڻائي سبب پاڻ کي وڏين تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هيو. کاتيدارن ۽ هاري جي حالت گهڻي پريشان ڪندڙ هئي. ان وقت انگريز جو راڄ هيو ۽ هندو واپاري وري پنهنجين چالاڪين سان سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو غلام بڻايو ويٺا هئا. قانون کان اڻ واقفيت ۽ هندن جي چالاڪين ڪري مقامي ماڻهو زمينون ڦرايون ويٺا هوندا هيا. زمينن تي ڪڻڪائي جي زماني ۾ قرض کڻڻ جي بيماري ننڍن وڏن وڏيرن ۾ عام هئي. سنڌ جا گهڻا هاري ۽ وڏيرا هندن جا قرضي هيا. قانون مطابق هندن کي اختيار هو ته هو قرض جي بدلي زمين يا جائداد تي قبضو ڪن. اهو قبضو آبادگار جي غير موجودگي ۾ به هندن کي عدالت مان ملندو هيو. غير حاضري لاءِ ڏوڪڙ هلائي هندو قبضو حاصل ڪندا هيا. سنڌي مسلمانن سان اهڙي ظالماڻي رويي کي خانبهادر کهڙو ويجهڙائي سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو رهيو نيٺ کهڙي صاحب جي سياست جو بنياد ئي هندو مخالف سياست بڻيو. هن پنهنجي سياست جو آغاز اهڙي مسلم بنيادن تي شروع ڪيو.
خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا. کهڙي صاحب جو ابتدا ۾ اليڪشن کٽڻ ثابت ڪري ٿو ته هو ڪيترو نه هر دلعزيز ۽ مضبوط سياستدان هيو. اسيمبلي ۾ پهچڻ کهڙي صاحب لاءِ ڏاڍو ضروري هيو ڇاڪاڻ ته بمبئي اسيمبلي جي ايوان تان هو سنڌي مسلمانن لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪري ۽ جدوجهد شروع ڪري سگهيو پئي. آخر اهو ئي ٿيو جو کهڙي صاحب اسيمبلي ۾ پهچندي سنڌي مسلمانن سان مختلف مسئلن خاص ڪري ملازمتن ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ۽ سندس مدلل ۽ مفصل تقرير بمبئي جي ايوان ۾ هڪ خاموش جمود کي ٽوڙيو ۽ هندن ۾ مانڌاڻ مچي ويو. نيٺ کهڙي صاحب پاران پيش ڪيل انگ اکرن جي روشني ۾ حڪومت ڌيان ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وئي آخر سنڌي مسلمانن کي ملازمتن ۾ حصو ملڻ شروع ٿيو.
سال 1923ع کان برصغير ۾ هندو مسلم فرقيوارانه فساد شروع ٿيا ۽ اهي مذهبي جهڳڙا تمام گهڻي عروج تي پهتا، سڄو معاشرو انهن فسادن جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هندستان ۾ هندن ”شڌي“ ۽ ”سنگهٽن“ تحريڪون شروع ڪيون ۽ مسلمانن کي زوري هندو بڻائڻ شروع ڪيو. اهڙين حالتن ڪري مسلمانن مٿان سخت مصيبتون ۽ عذاب نازل ٿيا. سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هندو عورت پنهنجو مذهب مٽائي مسلمان سان شادي ڪئي. هندن کي ان خبر تي وڏو غصو آيو ۽ هنن ڪورٽ ۾ ان عورت جي واپسي لاءِ گهر ڪئي جنهن جي انگريز انتظاميا حمايت ڪندي هندن جو ساٿ ڏنو ۽ ان عورت کي واپس هندن حوالي ڪيو ويو. رد عمل ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن کي گهڻو نقصان پهچايو. انگريز سرڪار سخت رويو اختيار ڪندي وڏي تعداد ۾ مسلمانن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون، سنڌ ۾ صرف خانبهادر کهڙو ئي اهڙو ليڊر هيو جنهن کلم کلا سنڌي مسلمانن جي حمايت ڪندي کين قانوني، مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. سنڌي مسلمانن کي وڪيل ۽ ضمانتون ميسر ڪري آزادي ڏياري پاڻ ملهائيو. کهڙي صاحب جي مجاهداڻي عمل سنڌي مسلمان ۾ کيس گهڻو مقبول بڻائي ڇڏيو ۽ هو سنڌي مسلمانن جو هيرو سڏجڻ لڳو.
جيئن ته سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ خانبهادر عظيم خان پاران ننڍن کاتيدارن کي زرعي مقصد لاءِ واپارين کي واپار وڌائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪو آپريٽو بئنڪ شروع ڪئي وئي هئي. مقصد اهو هيو ته سنڌي مسلمان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. خانبهادر کهڙي ان تحريڪ ۾ پڻ گهڻو حصو ورتو ۽ پراونشل ڪو آپريٽو بينڪ جو ڊائريڪٽر به رهيو. سال 1928ع ۾ سنڌ زمينداري بئنڪ لاڙڪاڻو قائم ڪئي وئي. جنهن جو کهڙو صاحب اٽڪل چاليهه سالن تائين چيئرمين هيو. هي بينڪ به زميندارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيندي هئي. هڪ وقت اهڙو به هيو ته هر ٻيو زميندار ۽ وڏيرو سنڌ زميندار بينڪ جو قرضي هوندو هيو. بينڪ جي عاليشان بلڊنگ پير قائم شاهه بخاري جي سامهون هوندي هئي. جنهن کي هاڻي ڊاهي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ بڻايو وڃي پيو.
خانبهادر سکر مان سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ پڻ جاري ڪئي جنهن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کهڙو صاحب پاڻ هيو. جڏهن ته اخبار جو ايڊيٽر آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي هيا. هن اخبار ۾ معروف محقق پير حسام الدين راشدي به گهڻي عرصي تائين ڪم ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ نڪرندڙ ڪل ٻه سنڌي مسلمانن جي ترجمان سنڌي اخبارون هيون. هڪ ”الوحيد“ ۽ ٻي اخبار ”سنڌ زميندار“ هئي. انهن ٻنهي اخبارن انگريز راڄ ۾ هندن جي پروپيگنڊه خلاف هڪ محاذ طور ڪم ڪيو. گهڻي عرصي تائين کهڙو صاحب بمبئي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. وٽس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي بورڊ ۽ سنڌ ڪالج جي بورڊ جي ميمبري پڻ رهي. بمبئي سرڪار جي ڪميٽين ۽ بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن سليڪشن ڪاميٽين تي ميمبر هيو ان ڪري کهڙي صاحب کي انتظامي صلاحيتن ۽ سرڪاري معاملن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ، هلائڻ جو وڏو تجربو هيو. اسيمبلي ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان تقرير ڪرڻ جو وٽس ڏانءُ هيو. کهڙو صاحب ثبوتن، صبر، تحمل سان تقرير ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت ڪيترن ئي بحث مباحثن دوران ڪڏهن اسيمبلي ۾ ڪو به اهڙو غير پارلياماني لفظ يا جملو نه ڳالهايائين جو ڪاروائي تان خارج ڪرڻو پوي. کهڙو صاحب کي هڪ هوشيار ۽ ڏاهو پارليامينٽرين سڏيو ويندو هيو. پير علي محمد راشدي جهڙو ذهين شخص کهڙي صاحب جو پرائيويٽ سيڪريٽري هوندو هيو. ان کان علاوه سنڌ جي سياستدانن ۽ زميندارن پاران ٺهندڙ اتحاد ”محمدن ايسوسيئيشن“ جو 1926ع ۾ ميمبر ۽ پوءِ نائب صدر مقرر ٿيو.
جڏهن ته هندستان جي آئيني سڌارن بابت صورتحال جو آئيني جائزو وٺڻ لاءِ برطانيا سرڪار هڪ اعلى سطحي ”شاهي قانوني ڪميشن“ مقرر ڪري موڪلي ته ان ڪميشن وٽ کهڙي صاحب پنهنجن دوستن سان گڏجي سنڌ جي بمبئي کان عليحده حيثيت بابت گهڻي ڪوشش ورتي. هن تحريڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جي صدر ٿيڻ کان پوءِ وري وڌيڪ عروج ۽ اهميت اختيار ڪئي پر شروع ۾ خانبهادر کهڙو، سائين جي ايم سيد ۽ مسٽر محمد علي جناح هن ڏس ۾ بنياد وجهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا دين محمد وفائي به هن تحريڪ جا روح روان هيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي در اصل سنڌي مسلمان جي لاءِ هڪ طاقت جي حيثيت رکي پئي ڇاڪاڻ ته سندن مسئلن جو حل صرف انهن جي صوبي ۾ خودمختيار حڪومت هئي. کهڙي صاحب ان موقعي تي هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ لکرائي تقسيم ڪرايو. سال 1929ع ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانس انڪوائري ڪميشن اڳيان ڀرپور دليل پيش ڪيا. جولائي 1933ع ۾ کهڙي صاحب مسئلن کي نبيرڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم ايف، ايل، برائين جي سربراهي ۾ سڏايل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بمبئي سرڪار جي ڏاڍاين جا ثبوت پيش ڪيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحده صوبي لاءِ 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت آرڊر نڪتو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پهرين اپريل 1936ع تي جڏهن سنڌ هڪ آزاد صوبي جي حيثيت ماڻي پوءِ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي جنهن ۾ کهڙي صاحب کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال 1936ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان لاءِ 60 سيٽن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻن وڏين ڌرين يا گروپن جو پاڻ ۾ سياسي دنگل ٿيو. 31آڪٽومبر 1936ع تي ٻن اتحادن جو وجود عمل ۾ آيو هڪ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سر عبدا هارون ۽ محترم جي ايم سيد خاص اڳواڻ هيا. هن جماعت جو پروگرام سنڌ ۾ رهندڙ تمام مذهبن ۽ قومن وچ ۾ ڀائيچارو پئدا ڪرڻ هيو. ٻي ”مسلم ڪانفرنس“ هئي جنهن جا اڳواڻ سر غلام حسين هدايت اللھ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو هيا. هن جماعت جو پروگرام سڌو سنئون مسلمانن جي حاڪميت ۽ حقن جي ڳالهه کان علاوه هندو مخالفت هئي. جيئن ته سنڌ جا مسلمان تمام گهڻا جذباتي ۽ هندن جا ڏکايل ستايل هيا انهن هن اليڪشن ۾ مسلم ڪاز جي لاءِ ڪم ڪندڙ اڳواڻن کي کٽائڻ جو فيصلو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ کهڙي صاحب جي جماعت جي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو کي هارايو. سر عبدا هارون جهڙو اڳواڻ پڻ اليڪشن هارائي ويٺو. سنڌ اسيمبلي جي هيءَ اليڪشن سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۾ پهريون ڀيرو قائم ٿيندڙ اتحاد کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ هي اليڪشن سنڌي مسلمان وڏيرڪي سياست ۾ گروپ بندين جو بنياد پئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين انهن جي اولاد ورثي ۾ سنڀاليو پئي اچي.
پهرين اپريل 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کهڙي صاحب کي سنڌ مالڪاڻي حقوق لاءِ ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جتي هن صاحب سنڌ جي آبادگار کي بچاءُ ڏيارڻ ۽ زمين جي وڪري يا مٽاسٽا واري قانون ۽ قائدي بابت گهڻو پاڻ پتوڙيو. جيئن ته کهڙي صاحب جي پارٽي اڳواڻ سر غلام حسين هدايت اللھ کي اليڪشن ۾ اڪثريت ڪو نه هئي ۽ مخالف پارٽي جو قائد سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر عبدا هارون اليڪشن ۾ هارائجي ويا هيا. سر شاهنواز ڀٽو ته سياست تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي رهيو هيو تنهن ڪري لاڙڪاڻي جي سياسي طاقت کهڙي صاحب ڏي رخ موڙيو. کهڙي صاحب جي مسلم ڪانفرنس اتحاد کي اسيمبلي ۾ ساڳي سال يعني 1937ع ۾ ئي شڪست ملي. سر غلام حسين هدايت اللھ وڏو وزير ۽ کهڙو صاحب مخالفت وارين بينچن تي ويٺا.
سال 1938ع ۾ سنڌ اندر مسلم ليگ جو چرچو پڻ شروع ٿيو، جيئن ته خلافت تحريڪ کانپوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۽ وري سنڌ جي بمبئي کان الڳ صوبو ٿيڻ واري تحريڪ سبب لڳاتار سال 1920ع کان 1938ع تائين سنڌ ۾ مسلم ڪاز جو پرچار ٿيندو رهيو. تنهن ڪري عام ماڻهو ۽ سنڌي سياستدانن جي گهڻي اڪثريت مسلم تحريڪن ۽ جماعتن جي حامي هئي، ڪراچي ۾ مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس 1938ع ۾ ٿيو جنهن جا سربراهه سر عبدا هارون، محترم جي ايم سيد، خانبهادر کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي هيا. سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سر عبدا هارون ٿيو. جڏهن ته 1939ع ۾ خانبهادر مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر چونڊيو جنهن تي مسلسل 1942ع تائين فائز رهيو. هو سندس سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ باني اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس هن دور ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪانگريس جي حمايت سان خانبهادر ا بخش سومرو وڏو وزير هيو. سنڌ ۾ مسٽر محمد علي جناح جو جلسو صرف لاڙڪاڻي جي تجرباغ (هاڻوڪي هوشو باغ) ۾ ٿي سگهيو جيڪا کهڙي صاحب جي ڪوشش هئي. کهڙو صاحب پهريان سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ پوءِ سر عبدا هارون جي انتقال بعد سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. پاڻ 1943ع کان 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو.
سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ مسلم ليگ طرفان 1939ع ۽ 1940ع ڌاري شروع ٿي، درياهه جي ٻيٽ ۾ هندن جو ”ساڌ ٻيلو“ مندر هيو جنهن جي سامهون مسجد هئي. انگريز سرڪار تعمير ٿيل مسجد جي عمارت کي دنيا جي وهنوار لاءِ ڪتب آڻيندا هيا. مسلمانن جو مطالبو هيو ته اها مسجد اسان کي ڏني وڃي. هندن اها مسجد پنهنجي لاءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مسجد منزل گاهه واري تحريڪ هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين به کهڙي صاحب کي مقرر ڪيو ويو. کهڙي صاحب هن تحريڪ ۾ پڻ پاڻ ملهائيندي هندن ۽ انگريز سرڪار پاران مسلمانن مٿان نازل ٿيندڙ مصيبتن کي انتهائي دليري سان منهن ڏنو. هن تحريڪ ۾ هنگامن هندن کي ڪمزور ڪيو ۽ هو وقتي طور ڊڄي ويا.کهڙي صاحب کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ نظر بند ڪيو ويو. ڪانگريس مارچ 1940ع ۾ خانبهادر ا بخش سومري کي هٽائي مسلم ليگ جي سهڪار مير بنده علي ٽالپر کي وڏو وزير مقرر ڪيو. جنهن ۾ کهڙو صاحب به وزير مقرر ٿيو. هندن حڪومت تي ڪجهه شرط لاڳو ڪيا هيا پر کهڙو صاحب پنهنجي فطرت کان مجبور مسلمانن جي مدد ڪرڻ کان ڪو نه مڙيو نيٺ هندن کهڙي صاحب کان تنگ ٿي ڏيڍ سال بعد مسلم ليگ کي حڪومت مان هٽائي وري خانبهادر ا بخش سومري کي ٻيهر وڏ وزارت ڏني. سال 1940ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ قرارداد پاڪستان بابت مسلم ليگ جي تاريخي اجلاس ۾ به کهڙي صاحب ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. آگسٽ 1942ع ۾ بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي ۾ کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪوشش ڪئي پر ان کي به نه قبوليو ويو.
14 مئي 1943ع تي خانبهادر ا بخش سومري جو قتل ٿيو ۽ هن قتل ڪيس ۾ کهڙي صاحب کي حڪومت 62 سيپٽمبر 1944ع تي گرفتار ڪيو. هي هڪ سازش تحت ڪيس ٺهيل هيو تنهن ڪري ججن ڪو به سرڪاري دٻاءُ نه قبوليندي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڏيندي کهڙي صاحب کي 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمانن سندس شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو. هي سال کهڙي صاحب جي زندگي ۾ سڀ کان گهڻي عزت، شهرت ۽ مقبوليت جو سال ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جو هيرو بڻجي ويو. هي اهو دور هيو جڏهن کهڙي صاحب کي سنڌ جو ”مرد آهن“ ۽ ”سنڌ جو اورنگزيب“ سڏيو ويندو هيو. 21 جنوري 1946ع تي ٽيون چونڊون منعقد ٿيون، سر غلام حسين هدايت اللھ وڏ وزارت ٺاهي ۽ خانبهادر وزير طور حلف کنيو. اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هئڻ سبب 9 ڊسمبر 1946ع تي يارنهن مهينن بعد نيون چونڊون ٿيون ۽ وري به سر غلام حسين هدايت اللھ وڏو وزير ٿيو جڏهن ته خانبهادر کهڙو ڊپٽي چيف مسٽر مقرر ٿيو.
سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح سر غلام حسين هدايت اللھ کي سنڌ جو گورنر ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي بنا مقابلي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيڻ جو اعزاز به کهڙي صاحب کي آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪراچي مقرر ٿيو. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي ۾ فساد شروع ٿيا ۽ تازو هندستان کان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن تي حملا ڪري وڏو نقصان پهچايو. هن خونريزي ۽ ڦرلٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو وزير کهڙو صاحب هڪ سپاهي ساڻ ڪري هنگامن واري جڳهه تي پهتو ۽ پنهنجي بهترين انتظامي صلاحيتن سان هنگامن تي ڪنٽرول ڪيائين، جنهن جي قائد اعظم مسٽر محمد علي جناح پڻ تعريف ڪئي. ڪراچي جي هندن کان بدلو وٺڻ ۽ انهن کي ڪراچي مان لڏائڻ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ جو هڪ مڪمل منصوبو ٺاهيو ويو پر کهڙي صاحب هندستان مان آيل مهاجرن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ۽ حالتن تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو. هندستاني مهاجرن کي وزيرراعظم لياقت علي خان جي ڀلي ڪار هئي تنهن ڪري وڏي وزير کهڙي صاحب ۽ وزيرراعظم لياقت علي خان وچ ۾ اختلافات وڌي ويا. جلد ئي پاڪستان جي وزيراعظم نوابزاده لياقت علي ملڪ جي دارالحڪومت ڪراچي جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت کان وٺي مرڪز کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر کهڙي صاحب ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري حڪم جي مخالفت ڪئي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ گورنر صاحب کيس وزيراعلى جي عهدي تان هٽائي پير الاهي بخش مرحوم کي مقرر ڪيو. جنهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري انتظام مرڪز حوالي ڪيو. کهڙو صاحب خودمختيار، طاقتور ۽ ضدي سياستدان هيو. هو وڏ وزارت وارري وقت ۾ گورنر سر غلام حسين هدايت اللھ جي حڪمن کي به ڪونه مڃيندو هو. حڪومت ۾ وزير ٿيڻ کان وٺي هو پنهنجي ڪندو ۽ پنهنجا حڪم هلائيندو هيو. ڇاڪاڻ ته هو عهدي کان وڌيڪ پاور واري شخصيت هوندو هيو. سندس پويان سڄي سنڌ جا مسلمان هوندا هيا پر آخر ڪمال کي به زوال هوندو آهي. هڪ وقت ۾ گورنر سنڌ ۽ وزيراعظم پاڪستان سان اختلاف کهڙي صاحب کي تمام گهڻو مهانگو پيو.
هڪ سج ٻه پاڇا واري چواڻي مطابق هاڻي کهڙي صاحب کي غير مقامي مسلم ليگ جي مالڪن ۽ حاڪمن سياست مان ٻاهر ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کهڙي صاحب جي موجودگي ۾ انهن جا جي حضوري ڪامياب ڪو نه پئي ٿي سگهيا، مرڪزي حڪومت نوابزاده لياقت علي خان جي قيادت ۾ پنهنجي جماعت ۽ سنڌ جي مسلمانن جي حقيقي اڳواڻ، مسلم ليگ جي محسن کي انتقامي ڪارواين جو نشانو بنائڻ شروع ڪري چارج شيٽ ڏني ۽ ان بنياد تي ٽريبونل ويهاريو. مرڪزي حڪومت هڪ نئون قانون پرودا لاڳو ڪري کيس ٽن سالن لاءِ ملڪي سياست مان خارج ڪري ڇڏيو. کهڙو صاحب پهريون سياستدان هيو جيڪو ان جو شڪار بڻيو. مٿس ٻه ڪيس جوڙيا ويا هڪ ته هن هڪ لاوارث موٽرسائيڪل پنهنجي بنگلي ۾ بيهڻ ڏني ۽ ٻيو هڪ ڇپائي جي ننڍڙي ٽريڊل مشين سستي قيمت تي سنڌ آبزرور پريس کي ڏياري، کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو ۽ ٽربيونل سزا ڏني، کهڙو صاحب لڳاتار ٻه سال هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهندو رهيو ۽ لکين رپيا وڪيلن کي فين جي روپ ۾ ادا ڪيا ڇاڪاڻ ته سندس وڪيل الهه آباد هاءِ ڪورٽ جو رٽائر چيف جسٽس سر اقبال احمد هيو. کهڙي صاحب آزادي ماڻي ۽ هاءِ ڪورٽ کيس باعزت بري ڪيو. مارچ 1951ع ۾ کهڙو صاحب ٻيهر سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو. مارچ 1951ع ڌارري ٿيندڙ چونڊن ۾ کهڙي صاحب پهريون ڀيرو ڌانڌلي، انتقامي ڪارروائي ۽ ڏنڊي جو استعمال شروع ڪيو. شايد هاڻي هن فيصلو ڪيو ته وفاداري نالي ڪا به شيءِ ناهي، حڪومت آهي ته سڀ سلامي آهن ۽ ڪرسي حاصل ڪرڻ، پاور قائم دائم رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو. کهڙي صاحب پنهنجي مخالف پير الاهي بخش کي به نااهل ڪرايو ۽ ضمني اليڪشن ۾ پنهنجي سالي ميان عبداللطيف پنهور کي ساڳي سيٽ تي بيهاريو. (ان وقت دادو ضلعو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هڪ حصو هيو) پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هئڻ باوجود سول سرجن کان نابالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو ويو. آخوند شفيع محمد کي فارم ڀرڻ کان هڪ رات اڳ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. صبح جو ڪليڪٽر جي دروازي تان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي اغوا ڪري پوليس 20 ميل هڪ بيابان ۾ ڦٽو ڪري آئي ۽ تاج محمد صحرائي صاحب جو فارم رد ڪري کهڙي صاحب جي سالي کي بنا مقابلي چونڊرايو ويو. قمبر علي خان لاڙڪاڻي ۾ مير محمد خان چانڊيي جي انتقال سبب اسيمبلي جي سيٽ خالي ٿي جنهن جي جڳهه تي سندس نابالغ پٽ نواب سلطان احمد چانڊيي صاحب کي سول سرجن هٿان بالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏياري اميدوار بيهاريو. سندس مقابلي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀريو. سڄي سنڌ ۾ هاري ڪميٽي جو زور هيو ۽ هاري پارٽي ورڪر اليڪشن ۾ قمبر علي خان پهتا پر حيدر بخش جتوئي صاحب ۽ سندس هاري ورڪرن جي گاڏين جا ٽائر ڦاڙيا ويا. انهن کي مارڪٽ ڪرائي وئي. حيدر بخش جتوئي صاحب کي هارين هٿان پٿر هڻايا ويا ۽ ڪيترن هاري ورڪرن کي ڏوراهين علائقن ۾ ڦٽو ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ جهڙا واقعا دهرايا ۽ نواب سلطان احمد خان چانڊئي کي کٽايو ويو. اهڙي غير جمهوري طريقن تي عمل ڪرڻ سبب کهڙي صاحب جي عزت، شهرت ۽ وقار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ هو عام ماڻهن ۾ پنهنجي شخصيت کي برقرار رکي نه سگهيو. هاڻي ڪجهه وڏيرڪي سياست جو جمود به ٽٽو هيو ۽ مسلم ليگ کانپوءِ هاري تحريڪ خاص سياسي ورڪرن جي جماعت وڏيرڪي نظام ۽ غير جمهوري اپائن خلاف ڀرپور قوت اختيار ڪري ورتي هئي. کهڙي صاحب کي تمام گهڻو تنقيد ۽ بدنامي ساڻ منهن ڏيڻو پيو. هڪ دفعو وري کهڙي صاحب خلاف فائيل کليا ۽ نئين سر ايبڊو ڪيس هلائي کيس وڌيڪ ٽن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. سال 1953ع ۾ چونڊون ٿيون ۽ پيرزاده عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت قائم ٿي. کهڙو صاحب هن اليڪشن ۾ نااهلي سبب عمل دخل ڏئي ڪو نه سگهيو. هاڻي کهڙو صاحب سياست کان ٻاهر رهڻ لڳو. سندس طاقت به گهٽجندي وئي ۽ بنگلي تي وڏيرن ڪامورن ۽ ڪم ڪار لاءِ درخواست ڏيندڙن جو تعداد به نه هئڻ برابر رهيو. سنڌ جي سفيد ۽ ڪاري جو مالڪ، سڄو ڏينهن آرڊر ڪرڻ، حڪم هلائيندڙ هاڻي مجبورن واند ڪائي جا ڏينهن گهارڻ لڳو، سنڌ جي وڏيرڪي سياست ۾ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هلندڙ جهيڙي ۾ غير سنڌي سياستدانن ڀرپور فائدو ورتو ۽ سنڌ جي تمام مور جهڙن سهڻن سياستدانن، باهمت وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سڀني کي استعمال ڪيو ۽ سڀ سنڌي وڏيرا سياستدان ڪمزور ٿيندا ويا. ايستائين جو 1954ع ۾ سڀئي ايبڊو جي قانون تحت نااهل ٿي گهر ۾ ويهي پنهنجي عروج ۽ وزارتن واري دور جا خواب ڏسڻ ۽ ڪچهرين ۾ ڊاڙون ڊڇون هڻڻ تائين محدود هيا.
هڪ دفعو وري پاڪستان جي ڊڪٽيٽر گورنر جنرل غلام محمد خان سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار صاحب کي ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو. سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جي پيرزادي صاحب سخت مخالفت ڪئي. انهن ون يونٽ خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ به پاس ڪرايو. سياسي پارٽين مخالفت ڪئي. گورنر جنرل غلام محمد ان صورتحال تي سخت ڪاوڙيو ۽ هن خانبهادر کهڙي تان ايبڊو جي بندش ختم ڪري، اسيمبلي ميمبر نه هئڻ باوجود پيرزادي عبدالستار کي برطرف ڪري کهڙي صاحب کي ٽيون دفعو سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو. کهڙو صاحب پنهنجي مٿان بندش سبب گهڻو مايوس ۽ ناراض هيو ٻيو وري پيرزادي عبدالستار جي ڪابينا مان خارج ڪيل ٻه وزير قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ پير علي محمد راشدي صاحب جهڙا ناراض سياستدان به اچي خانبهادر کهڙي ساڻ گڏيا، جن پڻ پنهنجي ذهانت، قلم ۽ علم استعمال ڪندي کهڙي صاحب کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. راشدي صاحب ۽ قاضي صاحب وڏي عقل ۽ انتظامي جذبي جا مالڪ هيا.
ان وقت جي ڳالهه آهي ته وڏي وزير پيرزاده عبدالستار ون يونٽ خلاف مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو. هن صاحب عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بئراج ڪالوني سکر ۾ ون يونٽ خلاف هڪ وڏو عام جلسو منعقد ڪيو. جنهن ۾ ون يونٽ ٺهڻ مان سنڌ کي ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل ٻڌايا ۽ عوام ”ون يونٽ مرده باد“ جا نعرا هنيا وري جڏهن کهڙو صاحب وڏو وزير ٿيو ته ساڳي هفتي ۾ ساڳي جڳهه تي ون يونٽ جي حمايت ۾ جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ عوام کي ون يونٽ ٺهڻ جا فائدا ٻڌايا ته عوام وري ”ون يونٽ زنده باد“ جا نعرا هنيا.
گورنر جنرل وٽ کهڙي صاحب کي وڏو وزير ڪرڻ جو مشورو پير علي محمد راشدي صاحب ڏنو هيو. کهڙو صاحب به ٿڪل جهنگلي شينهن وانگر شڪار جي انتظار ۾ ويٺو هيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪري ويو. ون يونٽ جو بل اسيمبلي ۾ 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبلي جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن جي حمايت سان پاس ٿيو.
آڪٽومبر 1955ع جي آخر ۾ ون يونٽ قائم ٿيو جنهن ۾ کهڙو صاهب وزير مقرر ٿيو. جڏهن مسلم ليگ ٽٽي وئي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي حڪومت وجود ۾ آئي ته کهڙو صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ 1956ع کان 1957ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ سرڪار وٽ موجود 22 ڪروڙ رپيا ناڻو به وفاق حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اسيمبلي جي جدا حيثيت به ختم ٿي وئي هئي. سنڌ کي بمبئي کان ڌار صوبو ٺاهيندڙن هڪ دفعو وري پاڻ ئي سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو. اهو تاريخ ٻڌائي ٿي ته وقت تي ڪيئن نه ڪهڙا انسان ڪجهه فائدن خاطر بدليو وڃن.
1958ع جي آغاز ۾ سر فيروز خان نون مرڪز ۾ وزارت ٺاهي ۽ کهڙي صاحب کي وزير دفاع مقرر ڪيو پر وري 7 ۽ 8 آڪٽومبر 1958ع واري رات جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳايو ۽ 14 آڪٽومبر 1958ع تي وزير دفاع خانبهادر کهڙي کي گرفتار ڪري سي ڪلاس جيل ۾ داخل ڪيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو ته هن هڪ مرسڊيز ڪار جي پرمٽ وڪڻي پنج هزار رپيا ڪمايا. ان ڪيس ۾ کيس ٻه سال سزا ملي.
ون يونٽ خلاف سنڌ جي سياستدانن ۾ هڪڙو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هيو جيڪو جدوجهد جاري رکيو آيو پوءِ وري سياستدانن ون يونٽ خلاف سنڌ متحد محاذ جوڙيو جنهن جو صدر خانبهادر کهڙو کي ڪيو ويو. هن محاذ ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم آف هالا، پيرزادو عبدالستار، مير غلام علي خان ٽالپر، حاجي مولا بخش سومرو، قاضي فضل ا، خانبهادر غلام محمد وساڻ، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا ون يونٽ جا حامي ۽ مخالف سياستدان هڪ دفعو وري گڏ ٿيا پر هاڻي وقت انهن جي هٿان نڪري ويو هيو. هاڻي انهن جو گڏجڻ ڪنهن کي به پريشان ڪو نه ڪري سگهيو. ان محاذ تان سڀني جهونن سياستدانن 1970ع جي اليڪشن ۾ حصو به ورتو پر سڀئي سياستدان اليڪشن ۾ هارائجي ويا. صرف مخدوم آف هالا کٽيو ڇاڪاڻ ته سندس واسطو پاڪستان پيپلز پارٽي سان هيو. خانبهادر کهڙو 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان قومي اسيمبلي مقابلي ۾ بيٺو پر هن کي زبردست شڪست ملي. ڀٽو صاحب کان 1970ع واري اليڪشن هارائڻ بعد کهڙي صاحب عملي سياست تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ووٽ واري سياست عوامي سياست جو روپ اختيار ڪري وئي.
خانبهادر کهڙي بابت جڏهن مون مضمون لکيو ته سندس حمايت ۽ مخالفت ۾ سڀ مضمون پڙهيا. مان پاڻ 1970ع واري اليڪشن ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ سندس خلاف حصو ورتو. پنهنجو غير جانبدارانه تجزيو آهي ته سندس سياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سندس عروج ۽ ڪمال وارو دور آهي جنهن ۾ هو سنڌ جو اورنگزيب ۽ هيرو هيو، جڏهن ته ٻيو دور غلط فيصلن سبب کيس سنڌ جو غدار لقب به ٻڌڻو پيو. کهڙو صاحب بنيادي طرح سان هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس شخصيت به ان نظام جي عڪاسي ڪري وئي. هو ڪنهن عوامي سياست يا شخصيت جو مالڪ نه هيو. سياست ۾ فن، فنڪاري، سچ، ڪوڙ واري ڊرامي بازي کان اڻ واقف هيو. سڌو سنئون زمينداري سياست ڪندو هيو. مخالفت ۾ اچبو ته هر طريقو استعمال ڪبو. هو رعب ۽ دٻدٻو پسند ڪندو هيو. سندس نظرياتي سياست ڪا نه هئي. بس جهڙو ديس تهڙو ويس سندس پهريون دور هندو مسلم سياست ۾ مسلم ڪاز کي تحريڪ جو روپ ڏيڻ، مسلمانن لاءِ ڪورٽ، رستن ۽ اسيمبلين ۾ محاذ ٺاهي وڙهندو رهيو. هن هڙان ۽ وڙان سنڌ ۾ مسلمانن جي تحريڪن کي ساٿ ڏنو ايتري تائين جو ملسم تحريڪن جو ”مرد مجاهد“ لکيو ويندو هيو. سنڌ جي مسلمانن هندو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف کهڙي صاحب کي پنهنجو رهبر بڻايو. جيلن مان آزادي بعد سندس شاندار استقبال ڪيا. جلسا جلوس منعقد ٿيا. سنڌي مسلمانن کهڙو صاحب کي هر اليڪشن کٽرائي. سندس انگريز ۽ هندو راڄ خلاف جدوجهد جي هر هنڌ واکاڻ هئي. ان عروج واري دور ۾ وري مسلم تحريڪن جي ڪاميابين بعد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ پڻ خانبهادر کهڙو تحريڪ جي قائد سر شاهنواز ڀٽو سان شانه بشانه جدوجهد ڪندي نظر آيو.
ٻيو دور مسلم ليگ جو آهي، 1936ع کان پوءِ سر شاهنواز خان ڀتو جي سياست تان رٽائرمينٽ ۽ سنڌ مان لڏي بمبئي رهڻ ڪري لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي سياست ۾ خانبهادر سندس جڳهه والاري، مسلم ليگ جي شروعات کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين کهڙو صاحب مسلم ليگ سنڌ جو قائد ۽ اسيمبلي ۾ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر هيو جيڪو سنڌ جي سياستدانن وڏيرن نوابن ۽ سندس هر دلعزيز يا مقبول شخصيت جو ثبوت ڏئي ٿو. پاڪستان تحريڪ ۾ به هو سنڌ اندر مسلم تحريڪ جو جهنڊو کنيو بيٺو آهي. هو ايترو ته مضبوط ۽ مقبول آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد مسٽر محمد علي جناح سنڌ لاءِ پهريون وزيراعلى خانبهادر کهڙي کي ڪري ٿو. پاڪستان ٺهڻ بعد وزيراعلى سنڌ جي حيثيت ۾ کهڙو صاحب بهترين ايڊمنسٽريٽر ثابت ٿيو. وڏيرڪي انداز، محدود گفتار، اعلى انتظامي صلاحيتن، بهترين ڪردار سبب سنڌ جي ڪاموري تي سندس پورو ڪنٽرول رهي ٿو. ڪنهن به ڪاموري جي اها مجال ڪونهي ته کهڙي صاحب جي آرڊر تي عمل نه ٿئي سخت ترين ايڊمنسٽريٽر هيو، هر قسم جي هنگامن ۽ بحران کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو مالڪ هيو. نيڪ نمازي ۽ صاف شفاف زندگي گذارڻ جو عادي هيو. محفلن ۾ يارن دوستن سان ڪچهرين جو قائل نه هيو. ڪم جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو قائل هيو. پنهنجي حڪم تي هر حال ۾ عمل چاهيندو هيو.
سندس اهڙي رعب ۽ مقبوليت واري سياسي زندگي ۾ پهريون دفعو هڪ ٽڪراءُ اچي ٿو. وزيراعظم لياقت علي خان جي حمايت سان هندستان مان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ هندن جي جائداد کي نقصان پهچايو ۽ هندو مسلم فساد ڪرايو. کهڙو صاحب سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ پاڻ ذاتي طور نگراني ڪري فساد ختم ڪرايا ۽ فسادي مسلمان هندستاني مهاجرن کي گرفتار ڪيو. جيڪا ڳالهه وزيراعظم لياقت علي خان کي ڪو نه وڻي. ٻنهي درميان اختلاف ٿيا. کهڙي صاحب کان سياسي طور ڪراچي جو ڪنٽرول کسڻ لاءِ ڪراچي کي مرڪزي جي ماتحت ڪرڻ لاءِ لياقت علي خان صاحب مهم هلائي. کهڙو صاحب مخالفت ڪئي پر آخر کهڙو صاحب کي هٽائي پير الاهي بخش کي وڏ وزارت ڏئي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪيو ويو.
ٻيو دور کهڙي صاحب جڏهن ڏٺو ته طاقت جي زور تي سنڌ جي اسيمبلي ۽ مسلم ليگ جي هر دلعزيز قيادت کي هٽائي وڏيرن ۽ زميندارن جي هڪ ٽولي کي اقتدار حوالي ڪيو ويو. کهڙي صاحب کي ايبڊو تحت نااهل ڪيو ويو. تڏهن سندس اندر جو هڪ حڪمران وڏيرو زخمن بعد تڙپندي نظر اچي ٿو. 1920ع کان 1948ع تائين حڪم هلائيندڙ وڏيرو سياستدان هاڻي گهر ويهي ا کي ياد ڪري ۽ ٻنيون سنڀالي، خاموشي سان پير الاهي بخش صاحب جهڙن وزيرن وڏيرن پاران تڪڙبازي وسيلي حڪومت حاصل ڪرڻ کي تقدير جي ستمگري سمجهي ويهي رهي. ڪامورا، وڏيرا ۽ ٻيا سڀ جي حضوري ۽ سوالي سندس بنگلي تي نه اچن. اهو سڀ ڪجهه کهڙي صاحب کان برداشت ڪو نه ٿيو ٻيو وري پير علي محمد راشدي صاحب جهڙي هر فن مولا شخصيت خانبهادر کهڙي جي ويجهو هئي. ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ گهربو آهي. اهو اعزاز سر شاهنواز خان ڀٽو کي آهي. جنهن 1936ع ۾ اليڪشن هارڻ بعد سنڌ جي سياسي وڏيرن دوستن کي خدا حافظ چئي مرڻ گهڙي تائين ٻيهر سنڌ جي سياست ۾ پير نه پاتو. يا وري نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي جنهن قاضي صاحب، کهڙو صاحب جي عروج ۾ اسيمبلي سيٽن تي مقابلا ڪيا ۽ هر مقابلو کٽيو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪا به اليڪشن ڪو نه هرائي. هو ناقابل شڪست هيو پر هڪ وقت اچڻ تي سياست تان رٽائر ڪيو ۽ اڄ تائين وري ڪنهن سياسي پارٽي تان نظر ڪو نه آيو. در اصل اقتدار جو نشو، طاقت ۽ غرور ۾ مزو آهي، جيڪو اگر هڪ دفعو لڳو ته پوءِ ڪو نه ويندو چاهي جان هلي وڃي. کهڙو صاحب ان طاقت ۽ اقتدار جي مزي کان محروم رهي نه سگهيو ۽ هن صاحب به پير علي محمد راشدي صاحب جهڙن ذهنن جي مشورن کي قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ملاکڙي ۾ اصل اهميت ٻي ملهه جي آهي ۽ هو به کيڏندو. سنڌ جي ابن الوقت وڏيرن کي مزو چکائيندو اهڙي طرح ملاکڙي جي ٻي ملهه خانبهادر کٽي ورتي هڪ وقت ڪراچي مرڪز حوالي مخالفت ڪندڙ صاحب سڄي سنڌ ون يونٽ خاطر مرڪز حوالي ڪري ڇڏي، جيئن خانبهادر کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کان غلط ڪم ورتو ويو تيئن وري پيرزاده عبدالستار جهڙي ون يونٽ مخالفت وڏي وزير کي هٽائي خانبهادر کي وڏو وزير بڻائي ون يونٽ جهڙو فيصلو ڪرايو ويو. هاڻي کهڙي صاحب محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. وارو نعرو هنيو. ڪرسي کي قائم دائم ۽ جلا بخشڻ لاءِ کهڙي صاحب سنڌ ۾ مخالفن مٿان ڏنڊو وسايو. جيل موڪلڻ، انتظامي ڪارروايون ڪرڻ، مخالفن کي هر حال ۾ ايوان ۽ اقتدار کان پري رکڻ ته وري وڏيرن خلاف هاري جي حق جي آواز کي به ناپسنديده ڳالهه سمجهي ڪچلڻ سندس سياسي وهنوار رهيو. هو سنڌ ۾ ان راند ۾ اڪيلو ڪو نه هيو پر تمام وڏيرا جيڪي اسيمبلين ۾ هيا سڀ شامل هيا. ڪنهن سائين مسلمانن کي ڌار وطن ڏيڻ لاءِ جذبي ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان ۾ شموليت جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته ڪنهن پير فراخدلي ڪندي ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪئي ته پوءِ خانبهادر به اهڙن ئي سحر انگيز جذبن جو مالڪ ثابت ٿيو ۽ ون يونٽ ٺاهي ويٺو.
کهڙو صاحب تاريخ جو شاگرد ڪو نه هيو، هو سڀاڻي جي تاريخدانن جي قلم جي فيصلي کان واقف ڪو نه هيو، تنهن ڪري سڀ سٺا ۽ سڀ غلط فيصلا ڪري ويٺو ڇاڪاڻ ته وٽس فيصلي ڪرڻ ۽ سياست ۾ جنگ نه هارائڻ جي طاقت ۽ سوچ هئي. بهرحال کهڙو صاحب لاءِ سندس ٻيو دور تمام گهڻو تڪليف وارو تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن هو 1970ع وارين اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقابلي ۾ بيٺو. ان وقت اخبارن، تقريرن ۽ تحريرن ۾ کهڙي صاحب جي پاڪستان ٺهڻ بعد ٻئي دور جون داستانون ظاهر ٿيو. جيڪي هن صاحب پاڻ به ٻڌيون ۽ پڙهيون. ڪلهه جي حڪومتي، اقتداري فيصلن بابت اڄ جي تاريخ کهڙي صاحب لاءِ هڪ اڻوڻندڙ باب جوڙيو.
سياست ۾ بدلا پڻ ٿيندا آهن. هڪ وقت هيو ته خانبهادر محمد ايوب کهڙي مسلمانن جي سياست ڪندي سال 1936ع ۾ سنڌ جي هيري سر شاهنواز ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙي نومسلم ورڪر هٿان شڪست ڏياري. وري هڪ وقت اهڙو آيو جو سنڌ جو مرد آهن خانبهادر کهڙو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سال 1970ع وارين اليڪشن ۾ مسلمان، اسلام ۽ پاڪستان جا زوردار نعرا هڻندي به سر شاهنواز ڀٽو جي پٽ سوشلزم جي حامي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کان شڪست کاڌي، کهڙي صاحب ۾ هڪ ڳالهه تمام ڀلي هئي ته هن وقت جي سياسي وهڪرن ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو پر هن پنهنجي زندگي ۾ صرف هڪڙي پارٽي مسلم ليگ ۾ رهڻ پسند ڪيو. هو مسلم ليگ ۾ شموليت کان وٺي آخر تائين پڪو ۽ سچو مسلم ليگي هيو. برساتي سياستدانن وانگر سياسي پارٽين جا تبديل ٿيندڙ ويس وڳا نه پاتا اها الڳ ڳالهه آهي ته مسلم ليگ وارن ساڻس ڪهڙي وفا ڪئي يا ڪهڙو حشر ڪيو.
کهڙي صاحب لاءِ مشهور هيو ته هو مغرور ماڻهو آهي، در اصل هو فيوڊل ڪلاس جو ماڻهو هيو، سندس انداز انگريز وارو هوندو هيو. سخت مزاج نه پر سخت ايڊمنسٽريٽر هيو. وزارت يا ڪنهن به عهدي کان وڌيڪ پاڻ کي سمجهندو هيو يا وڌيڪ اختيار استعمال ڪندو هيو. جڏهن وڏو وزير هيو ته هر هڪ ڪم پاڻ ڪندو هيو. چون ٿا ته وفاقي وزير دفاع جي ڏينهن ۾ چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل محمد ايوب خان کي ڪلاڪ ٻه انتظار گاهه ۾ ويهاري ڇڏيائين ۽ جڏهن جنرل محمد ايوب خان مارشل لا لڳايو ته هن کهڙي صاحب کي گرفتار ڪري بدلو ورتو. کهڙي صاحب جي ياري دوستي گهڻو ڪري تمام گهٽ هئي، هو عوامي انقلابي ليڊر ڪو نه هيو. سندس سياست صرف هلندڙ وقت مٿان گردش ڪندي هئي. هو صرف اڄ جي سياست ڪندو هيو وٽس سڀاڻي جي سياست ڪرڻ، ايندڙ وقت کي سامهون رکڻ ۽ فيصلا ڪرڻ واري فلسفي بابت گنجائش نه هئي. حڪومت ۾ سخت ايڊمنسٽريٽر هئڻ ڪري اڪثر وڏيرا، وزير ۽ ڪامورا کهڙي صاحب کان ڊڄندا هيا. جڏهن اقتدار مان لهندو يا جيل ويندو هيو ته خوش ٿيندا هيا وري جڏهن ٻاهر نڪرندو هيو ته سڀ هار گلن جا کڻي استقبال ڪرڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيس. کهڙو صاحب علم، ادب، فن، شاعري ۽ فلسفي جي ڄاڻ وارو سياستدان نه هيو نه ئي وري تاريخ تحقيق جي خبر هيس پر هو نيڪ نمازي، روزا رکندڙ ۽ حج پڙهندڙ انسان هيو. شراب، شباب، ڪباب جي محفل ڪو نه مچائيندو هيو. رڇ، ڪتن ۽ سوئرن جي بڇ ۽ شڪار کان پري هيو. ويس وڳا سٺا پائيندو هيو. اسيمبلي ۾ تياري ڪري ويندو هيو. تقرير ۾ دليلن جو ماهر هيو. ڪنهن کي اڄ جي وزيرن ۽ سياستدانن وانگر دم دلاسو ڪين ڏيندو هيو. ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته ڪم ڪندو نه ته رخو جواب موقعي تي ڏيندو. ڪنهن به مخالفت جي پرواهه ڪا نه هيس، حمايت مخالفت کلم کلا ڪندو هيو. سندس دوستي گهٽ دشمني گهڻي هوندي هئي.
کهڙي صاحب پنهنجي زندگي جي 79 سالن مان اٽڪل پنجاهه سال سياست ۾ گذاريا. سندس 1920ع کان 1948ع تائين شاندار ڪارنامن جا باب ۽ 1948ع کان 1970ع تائين تنقيد ڀريا صفحا تاريخ ۾ شامل آهن. هڪ تاريخ جي تنقيد نگار يا سياسي ورڪر لاءِ لازم آهي ته هو هڪ شخصيت بابت قلم کڻڻ مهل سندس خوبيون ۽ خاميون ظاهر ڪري. فيصلو پڙهندڙ ڪري ته قوم ڪيئن ۽ ڪٿي نفعا ۽ نقصان حاصل ڪندي آهي.
پاڻ روزن واري عيد جي رات 9 وڳي تاريخ 20 آڪٽومبر 1980ع تي انتقال ڪري ويو. انتقال وقت سندس عمر 79 سال هئي. کيس اولاد ۾ شاهه محمد پاشا کهڙو، شاهه زمان، مسعود احمد ۽ خالد محمود پٽ آهن. سندس نياڻي محترمه رشيده کهڙو قومي اسيمبلي ميمبر رهي آهي، ۽ محترمه حميده کهڙو سياست ۾ سرگرم آهي.
مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن اهي شينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر ۽ رسالو سنڌ دوست.
لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل
No comments:
راءِ ڏيندا