وتايو فقير
خاڪ سان خاڪ ٿي
رهندڙ
قائم سولنگي
وتايو فقير هن ڌرتي جو اهو الله لوڪ درويش
هو جنهن عام ماڻهن کان وٺي خاص تائين جي دلين ۾ سرت ساڃاهه ۽ شعوري آگاهي جا گس ٺاهي
ڏنا جيڪي اڄ به سندس چوڻين ۽ قولن جي آڌار تي ماڻهون سبق حاصل ڪري کيس محبت ۽
عقيدت سان ياد ڪن ٿا، وتائي فقير جي قولن گفتن ۽ نقلن ۾ فڪر ۽ ذڪر سوچ ۽ لوچ عبرت
۽ عمل جو وکر سمايل آهي ۽ هو مام ۾ اهڙيون ڳالهيون چوي ٿو جن سببان عقل کي مهميز
ملي ٿي، هن جي خوش طبعي ۽ ظرافت ۾ دانائي آهي وتائي فقير جي گفتن ۾ ڌيان ۽ گيان ،
دعا شفا سخن وري ۽ سخن فهمي سمايل آهي سندس عام فهم سلوڪن ۽ سمجهاڻين جو اثر نامور
شاعرن تي به پيو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ طنزو مزاح واري انداز ۾ انمول نصيحتون ڪيون آهن جيئن پنهنجو پورهيو
پاڻ ڪرڻ لاءِ قول سان هيءُ شعر هڪجهڙائي
رکي ٿو.
ٻانها ٻي ڇڏ پنهنجي ٻار، ٿي نه ڀري ڪنهن ٻئي
تي بار،
سکي هنر ٿي هل هوشيار، پني پنهنجو پيٽ نه
پار،
دائم دل رک ڌنڌي ساڻ، ڪوهه ڪڍين ٿو ٻئي جي ڪاڻ.
محقق محمد حسين ڪاشف لکيو هو ته وتائي نيوٽن
وانگر سمنڊ تان حسين ڪوڏيون نه چونڊيون آهن پر زندگي جي بحر عميق ۾ ٽٻيون ڏنيون
آهن سندس هر لفظ ۾ ان وقت جي جاگيرداري ۽ سرمائيداري سماج جي تصوير لڪل آهي ته ساڳي
وقت وتائي فطرت جي اٽل طاقت تي جرح به ڪئي آهي، ته ڇا اهي تنهنجا بندا جن کي سڃاڻپ
جي اک ڪانهي جو پنهنجي پالڻهار جي تصور خدا پرستيءَ بجاءِ شخصيت پرستي جو شڪار
بنجي رهيا آهن.
آءٌ ڪريم بخش خالد جي انهي حوالي سان متفق
آهيان جنهن لکيو ته جيڪو انسان خدا سان بحث ڪري ۽ شڪوه شڪايت ڪندي نظر اچي ان جي
پنهنجي عبديت جي به ڪا منزل هوندي. سندس ظرف ڪيترو بلند هوندو، ذهني رفعت ۽ قلبي
وسعت جو ڇا عالم هوندو. هڪ دفعي وتائي ڪنهن کي اجاين وهمن، وسوسن ۽ ڌاڳن ڦيڻن کان
پليو ۽ نصيحت ڪئي هئي ان ڳالهه جي شاعر مستان فقير هن بيت ۾ چٽائي ڪئي آهي ته
نه ٻڌ ڇوڏو، نه ٿي روڏو، نڪي ڀڃ گهر اڳيان
گوڏو،
ڇو ٿو پوڄين پٿر ڪنهن کي، ته ڏيهه هٿ ڄاڻ ڏاڙهي
۾.
ڪيترن نامور شاعرن به وتائي فقير جيان
پنهنجن گفتن ۾ طنزيه انداز اختيار ڪريو آهي شمس الدين بلبل ۱۸۶۰ع کان ۱۹۳۴ع تائين محمد هاشم
مخلص، مولوي احمد ملاح ۱۸۷۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين ائين پر سرام ضياءَ ۱۹۱۱ع کان ۱۹۵۸ع تائين نور نظاماڻي ۽ احمد
فقير مستان پڻ طنزو مزاح جا شعر چيا آهن. خاص طور حمل فقير لغاري جي ٻولن ۾ اظهار
جي بيمثال فني سونهن ۽ حسناڪي به ڏسجي ٿي.
اهڙي طرح وتائي جو نقل جيڪو ٻن زالن واري همراهه بابت آهي شاعر احمد مستان جي نظر
۾ هيءُ بيت مشابهت رکي ٿو.
ٻنهي ٻيڙي ڇڏي پوڙي، ٻڌو ٻائتال ٻن زالن،
ڏنا سؤ سور سچ مون کي، سڄي
هن سال ٻن زالن،
نڀائي نينهن هڪ ناري، گهڻين زالن ڪنان زاري،
رکي آگو عمر ساري، شدت کان شال ٻن زالن.
ڪنهن هندوءَ وتائي سان رهاڻ پئي ڪئي کانئس
سوال پڇيائين ته ڀائي وتو، توهان ڪهڙي اهنج کان هندو ڌرم ڇڏي مسلمانن جو مذهب
اختيار ڪيو، وتائي چيو ته مسلمانن جو رڳو هڪ خدا آهي سندن خيال ۾ خدا واحد لاشريڪ
آهي انلاءِ لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏي ٿڙ کي وٺيو ويٺا آهيون. ولي محمد طاهر زادو رقم تراز
آهي ته، عام اعتقاد هو ته جيڪو ماڻهو ساڱري واهه جي تري مان ٽي ڀتر کڻي وتائي فقير
جي تربت مٿان رکي قل پڙهي ختمو بخشيندو ته ان جي من جون مرادون پوريون ٿينديون ان ڪري
وتائي درويش جي قبر مٿان ڀتر رکندي مٽي جو دڙو ٺهي ويو تنهن ڪري ڪنهن به ماڻهون
مزار ٺهرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي شايد هن ڍير ڌڻي کي خاڪ سان خاڪ ٿي رهڻ پسند هو، پر
جڏهن ساڱرو واهه لٽجي ويو سکر بيئراج نڪرڻ ڪري اڳوڻا واهه ۽ ڀڏا لٽجي ويا بلڪ کيڙ
جي پوک هيٺ اچي ويا ته اهو پراڻو دستور به ختم ٿي ويو ويجهڙائي ۾ معتقدن هن فقير
تي چوڪنڊي ٺهرائي هئي، پر هاڻ ضلعي انتظاميه ٽنڊو الهيار مٿس پختو قبو ۽ گيٽ ٺهرائي
ڇڏيو آهي هاڻ ڪو به ماڻهون ساگري واهه جا ڀتر رکي ختمو ڪونه ٿو ڏئي بلڪ قل پڙهي
زيارت ڪريو هليو ٿو وڃي .
فقير وتايو حياتي ۾ ملن ۽ مجاورن تي به
مهرباني رهيو ۽ سندس دلپذير گفتا ڳوٺن ۾ ڪچهرين ۾ ورجائجن ٿا ميان صاحب ڏني جو بيت
جنهن ۾ ملان مجاور ۽ ڪانءَ جي نفسيات سمايل آهي
ملان مجاور ڪانءُ، ٽيئي اکر هيڪڙي،
هو ويجهو نه ٿئي وصال کي، هو نينهن نه ڳنهي
نانءُ،
هو واجهائي واٽن تي، ڀريل اچي ڪو ٿانءُ،
جت گرڙ پکي جو گانءُ، ات ڪنگ رڙندو ڪيترو.
هڪڙي ڀيري وتائي جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي
وتائي کي پڪ ٿي ته امان مري ويندي سو ان جي سيراندي کان ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳو
وتائي جي جيجل توکان سواءِ هن دنيا ۾ چرئي جو ڪو به مائٽ ڪونهي وتائي کي اڪيلو ڇڏي
نه وڃجان هن جي آلاپن تي پاڙي جون ڪيتريون زالون اچي ڪٺي ٿيون، انهن مان هڪ ڪراڙي
وتائي جي مٿي تي هٿ رکي چيو ته ٻچڙا هلڻو هر ڪنهن کي آهي ماءٌ مٿان ڪروڌ نه ڪر،
اسين تنهنجون هيتريون مائرون ويٺيون آهيون وتائي چيو ته آءٌ انهن گشن تي ڪيئن
اعتبار ڪريان جڏهن منهنجي زال مئي ته ڪنهن به نه چيو ته ڳڻتي نه ڪر، اها امڙ هئي
جنهن چيو ته پٽ روءٌ نه آءٌ تنهنجي ٻي شادي ڪرائيندس سو امان جهڙيون دلداريون ٻيو ڪير
ٿو ڏئي سگهي؟ انهي گفتگو تي ماڻس اکيون پٽيون ته فقير خوش ٿيو.
ائين وتائي جي چيل دنيا دم گذر واري ڳالهه
جيان هيءُ مستان لغاري جو بيت ته
هت نه رهندو هميشه هيڪڙي هادي بنا،
منجهه دنيا هر ڪو مثل مهمان آخر سڀ ختم.
رئيس ويا راجا ويا، راڻيون ويون راڻا ويا،
تن سندي آڪهه اندر، ارمان آخر سڀ ختم.
قلندر شاهه لڪياري پنهنجي راءِ لکي ٿو ته هن
فقير جي ٽو ٽڪن مان مونکي شفا جو سڳنڌ
حاصل ٿيو آهي هڪ ماهر نبض شناس وانگر هو انسان کي سندس سموري پيڙا جي اصل سبب کان
آگاهه ڪري ٿو ۽ ان جو ڪامل ۽ شافي علاج به ڏسي ٿو ڪهڙي نه وڏي ڳالهه ڪهڙي نه سادي
پيرائي ۾ ڪري ٿو تنهن ڪري وتائي ولي جون ڳالهيون ٻڌي سگهڻ ۽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ همت
گهرجي جيئن وتائي جو هي ٽوٽڪو ته ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو گذاري ويو سو سڀ ماڻهون اچي ڪانڌي
ٿيا وتايو به مقام تائين گڏجي آيو جنازي نماز بعد ملان قرآن بخشائڻ لاءِ هڪ عزيز
کي ويهاري دعا گهري وتائي چيو ته جي بخشائڻي ۾ ملان کي مينهن ڏيندين ته وڏيرو سڌو
بهشت ۾ ويندو جي گهٽ وڌ ڏيندين ته ٽنگيو پيو هوندو|| اهو بهشت منٿون ڪري ملن الله
کان ٺهرائي ورتو آهي تڏهن هام هڻيو بيٺا
آهن جڏهن سڌ اٿن ته ائين پاڻ به بهشت ۾ ڪونه ويندا سو سندن هٿان وڏيرو وري بهشت ۾ ڪيئن
ويندو. شاعر خليل کوسي جي چواڻي ته جنهن به سچ جو سندرو ٻڌو ان لاءِ ته ڄڻ تڪليفن
جا ڪارخانا قائم ٿي ويا ان سان اهڙو ته ويڌن ڪيو ويندو آهي جو ان جا وڻ ئي وڄي
ويندا آهن وقت جي انڌن کي حق سچ چوڻ لاءِ دنيا جي ماڻهن مختلف مورچا استعمال ڪيا ڪن
تير ۽ تلوار ذريعي پنهنجو ڪم ڏيکاريو ڪن وري عقل ۽ اٽڪل سان پر اسان واري فقير
وتائي وري مزاح جي مورچي مان بيهي مت جي موڙهين تي لفظن جي گولاباري ڪئي
اڄ ڪلهه جي مهانگائي ۾ پنهنجو پيٽ پالڻ به ڇا
ڇا نٿو ڪرائي؟ رستا سڀ کليا پيا آهن
توتڙيون، طبلا، تنبورا ۽ ستارون سرمنڊل،
سارنگيون، سرندا پٽن تي، ساڙهيون
ٻڌائي پيٽ ٿو.
حاصل مطلب ته جڏهن تنگ نظري بي راهه روي ۽
انسانيت جي توهين ٿيندي ۽ مذهب کي ڍال طور استعمال ڪيو ويندو تڏهن وتائي فقير جهڙا
الستي سالڪ پيدا ٿيندا آهن هونئن به سچي صحبت ۽ فرحت فقيري ۾ سمايل آهي سوال ٿو
پيدا ٿئي ته هنن الله لوڪ درويشن جي پرک ڪيئن پئي ؟ انهن جي ڄاڻ اک کولي ڏسڻ سان
نه پر اک بند ڪرڻ سان جڙيل آهي.
گفتگو ۾ عبدالحفيظ لغاري جو ڪارائتو جملو ته
هينئر جڏهن انسان ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ته اهڙي شدت بيزاري ۾ وتائي
فقير جهڙن ڏاهن جي ڏاهپ ڄڻ ته سمورن مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ مدد گار ٿيندي ائين شبير
جان جسڪاڻي وتائي جي ڪردار کي شيخ چلي ۽ ترڪي جي ملا نصير الدين سان تشبيهه ڏيندي
چئي ٿو ته وتائي جي صوفياڻي ڏاهپ وارين ڳالهين اخلاقي ۽ روحاني رمزن ذريعي انسانيت
جي شعور جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچي ٿو. قابل ديد ڪاوشون ضلع انتظاميه ٽنڊو
الهيار جون جنهن هر سال ڪا نه ڪا جدت ۽ نوان رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جناب محمد
عباس بلوچ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي دلچسپي ۽ هينئر ويجهڙائي ۾ ڊي سي ٽنڊ والهيار
جي مسند تي براجمان ولي محمد بلوچ ۽ جاکوڙي اي ڊي سي (ون) عبدالحفيظ لغاري سموري ٽيم
سان سرگرم رهندو آهي ان ڏس ۾ اڳوڻي ڊي سي
عبدالرشيد زرداري کي وسارڻ آسان نه ٿيندو، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ هر سال
جشن وتائي فقير ملهائڻ ۾ سهڪار ڪري ٿو جيڪا خوش آئيندهه ڳالهه آهي.
هرڪو پنهنجي حصي جون يادگار يادون ڇڏيو ٿو وڃي
اميد ته ڏاهپ جي ڏاتار فقير وتائي کي ياد ڪرڻ
جو سلسلو جاري رهندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا