وتايو فقير
واھ وتايا واھ
ڊاڪٽر اسد جمال
پلي
ھو تمام وڏو اصلاح ڪندڙ،
عقلمند انسان ۽ سندس عقل اتاھين درجي تي فائز ھو. عقل جو ھي اھو اتاھون درجو آھي
جتان انسان فنا کان بقا جون منزلون طئه ڪري اتاھين اڏام اڏامي سگھندو آھي. ھو عالم
به ھو ته فاضل به ھو. مخدوم محمد اسماعيل سومري اگھاماڻي واري جو شاگرد ھو. ھو پاڻ
نه صرف مخدوم صاحب وٽ پڙھندو ھو پر مدرسي جي شاگردن جا وار به ڪوڙيندو ھو ۽ سندن ڪپڙا
به ڌوئيندو ھو. سندس وڏي ڀاءُ جو نالو عبدالعالي ۽ سندس نالو عبدالمعالي ھو. ھو
شاھ ڪريم بلڙي واري کان ننڍو ۽ شاھ عنايت رضوي کان ڄمار ۾ وڏو ھو. مخدوم عبداللطيف
لنواري واري جي پٺيءَ کي چميائين جو کيس مخدوم محمد الزمان لنواري واري جي ولادت
جي مبارڪ ڏنائين ۽ شاھ حبيب کي دعا ڪيائين ته توکي اللھ پاڪ صاحبزادو ڏيندو ۽ سندس
نالو عبداللطيف رکجان. ھي اھو عبداللطيف ڀٽائي ٿيو جيڪو سنڌ جي شان، مان، عزت ۽
عظمت جو علمبردار آھي. سندس وڏو ڀاءُ خوش الحان ھو ۽ سندس ان ئي مٺي آواز ۽ مڌر لات
جي ڪري شيخ لحينڙو يا شيخ لھينڙو سڏيو ويو، جنھن جو مقبرو ٽنڊي الھيار شھر جي اولھ
۾ آھي ۽ قبو بس اسٽاپ سڏجي ٿو ۽ شيخ لحينڙي جي دامن ۾ شيخ عبدالمعالي جي مزار آھي،
جنھن جي ظاھري طور طريقن سبب کيس وتايو فقير سڏيو ويو.
