; سنڌي شخصيتون: ميان غلام صديق ميڪڻ رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

15 April, 2011

ميان غلام صديق ميڪڻ رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ميان غلام صديق ميڪڻ رح
[ 1844ع – 1905ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

عمدة العلماءُ مولانا غلام صديق ولد نور محمد ميڪڻ، 4 ربيع الاول 1260هه مطابق پهرين سيپٽبر 1844ع تي، قلات رياست (بلوچستان) جي ڀاڳناڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سندس والد جيد عالم فاضل ۽ قاضي القضات هو؛ جنهن سرائي پير بخش کهاوڙ جي اصرار ۽ ميروخاني بزرگ ميان حامد حضوري رح (1798ع – 1873ع) جي چوڻ تي باقبائل لڏي، اچي شهدادڪوٽ کي مسڪن بڻايو هو.

 
انهيءَ ڀلي ٻج مان، ميان صاحب جهڙو بلند پايه عالم، فياض، حاتم صفت ۽ فقيہ انسان پيدا ٿيو. سندس ابتدائي استاد، خود سندس والد بزرگوار ۽ سندس وڏو ڀاءُ مولانا گل محمد هئا. روحاني رهبر مولانا غلام حيدر ڪٽباري قادري رح (1820ع – 1882ع) کي ورتائين. سندس درس و تدريس کان گهڻا فيصياب ٿيا؛ انهن مان: علامه حسن الله صديقي پاٽائي رح، مولانا عطاءُ الله فيروز شاهي ۽ غلام احمد مهيسر جا نالا سر– فهرست آهن. سندس خاص خليفن ۾: مولانا غلام محمد ڪمالديرائي، ميان علي شير چانڊيو ۽ ميان عمرالدين چنو جا نالا ورتا وڃن ٿا. همعصرن ۾: مولانا عبدالرحمان ساکرو، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسينوي ۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جن کي وساري نه ٿو سگهجي. پاڻ 63 ورهين جي ڄمار ۾، 22 ربيع الاول 1322هه مطابق 16 اپريل 1905ع تي ”درگاه صديقيه شهدادڪوٽ“ ۾ عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس تصنيفات ۾ ”علميات صديقي“ (فارسي) ۽ فتوائن تي لکيل ڪتاب ”جنگ“ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. پير تراب علي شاه قنبراڻي (1857ع – 1938ع) سندس ناٺي هو.
ميان غلام صديق رح، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌي زبان تي به درڪ رکندو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس ڪافي نعتيه ڪلام چيل هو، جيڪو سندس پونيرن کان محفوظ ٿي نه سگهيو. هي نموني طور سندس ”مولود“ ڏجي ٿو:-
هاشمي حبيب جو ٿيون امت تي عطائون،
جلوو جنهن جو جڳ تي، ڪيو موليٰ مٿاهون.
چڙهي نه سگهان چوٽي، اڳيان مارڳ مٿاهون،
موٽج مير مريض تي، ور دوست سڻي دانهون.
حال ڪريان هوت سان، ڏيئي دردن جون دانهون،
سڻي مون سائل جون، شل آگو هي آهون.
پنان پاڪ رسول کؤن، وڃي دردن دوائون،
پرين کي پسڻ لئي، باسيم سکائون.
سرور! هن ”صديق“ کي ڪريو اڪمل عطائون،
معاف ڪريو مصطفيٰ، منهنجيون خاوند خطائون.
خدا جي هن پياري ٻانهي ۽ فياض جون ڪرامتون به آهن. غريبن جو واهرو ۽ مسڪينن جو مددگار هو سادگي سندس گڻ هئي. ديار - حبيب جي رهواسين جي وڏ ۾ وڏ عزت ڪندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته عربي زبان ۾ به سندس شعر چيل هو، جيڪو اڄ بالڪل ناپيد آهي. طب سان به گهڻو لڳاءُ هوس.

(1) – ”ميڪڻ“، اصل ۾ ”ابڙا قوم“ جي شاخ آهن [ميان غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ ”المدينه“ (رجب 1399هه)، مدرسه عربيه مدبيته العلوم ڀينڊه شريف، حيدرآباد، ص 22].
(1) – مذڪوره ڪتاب بابت فرمائيندا هئا، ته ”جنگ صرف ڪتاب ڪري نه سمجهو، بلڪ هڪ ڇوليون هڻندڙ درياه آهي.“

No comments:

راءِ ڏيندا