مولانا تاج محمود امروٽي رح
[ 1844ع – 1929ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
هن دنيا ۾ ڪي اهڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي حياتي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪئي هئي. اهڙن عظيم انسانن پنهنجي سک کي قوم جي سک تان قربان ڪندي، هميشہ هميشہ لاءِ امر ٿي ويا. اهوئي سبب آهي جو سالن گذرڻ بعد، اڄ به قومون کين ياد ڪنديون رهن ٿيون. سونهاري سنڌ به پنهنجي هنج ۾ وقت بوقت اهڙين عظيم هستين کي جنم پئي ڏنو آهي، جن پنهنجي زندگي اسلام جي بقا ۽ جيجل سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪئي آهي. اهڙن نيڪ ۽ نامور مردن مان تعلقي ڳڙهي ياسين (شڪارپور) جي ڳوٺ امروٽ شريف جو مولانا سيد تاج محمود ولد سيد عبدالقادر به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1844ع تي تعلقي روڙهيءَ (سکر) جي ڳوٺ ”ديواني“، لڳ ڳاڙهي موريءَ ۾ ٿي هئي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين. ان کانپوءِ پير ڳوٺ مان فارسيءَ جا ڪجهه ڪتاب به پڙهيو. اهڙيءَ طرح عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا، تعلقي روهڙيءَ جي جيد عالم، آخوند حاجي عبدالقادر پنهواريءَ وٽان حاصل ڪيائين. فارغ التحسيل ٿي، پنهنجي والد بزرگوار کان سلوڪ جون راهون معلوم ڪيائين. والد جي وفات بعد سندس وصيعت مطابق، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ڀرچنڊي شريف مان عرفان ۽ ايقان جي صاحب ۽ خلق – خدا کي فيض ڏيندڙ حافظ محمد صديق سميجو رح (1827ع – 1890ع) کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين. جتان کيس ”خليفي“ جو لقب به مليو هو. کانئس اجازت وٺي امروٽ ۾ اچي رهيو.
امروٽ ۾ مولانا صاحب جو فيض عام هو؛ جنهن ڪري سندس درس و تدريس مان وڏا وڏا عالم فارغ التحصيل ٿي، دستار – فضيلت ٻڌائون پاڻ هميشہ وعظ وسيلي شرعي احڪامن جي پرچار ڪندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي غير مسلم به مسلمان ٿيا. مطلب ته مولانا صاحب جي روحانيت واري تبليغ اسلام کي سر بلند ڪرڻ ۾، مدبرانه ۽ مفڪرانه صلاحيتن جو واضح اظهار هو.
مولانا امروٽيءَ جتي دين جي تبليغ ۾ سرگردان رهيو، اتي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به مرد مجاهد جي حيثيت سان پيش پيش رهيو آهي. کيس هر وقت ”جهاد في سبيل الله“ جي تمنا هئي – 1919ع ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو، ته پاڻ انهيءَ سلسلي ۾ ڪلڪتي، بمبئيءَ ۽ علي ڳڙه تائين به سفر ڪيائين. آخر تحريڪ جي جنم سان، سندس روح روان به پاڻ ئي بڻيو هو. انهيءَ جدوجهد ڪيترن ئي مسلمانن کي جيل – ڏيکاريا انگريزن کي انهيءَ تحريڪ، نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو.
پاڻ آزاديءَ جي جدوجهد سان گڏ هر وقت شرعي ڪمن تي به سر ڌڙ جي بازي لڳائيندو رهيو. اُن زماني ۾ سکر بئراج جو کيرٿر واه، سندس ڳوٺ جي سامهون کوٽجي رهيو هو. ان جي کوٽائيءَ لاءِ ڪي مسجدون به واه جي وچ تي ٿي آيون. مسجدن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پنهنجن مريدن ۽ طالبن سميت، انگريزن جي طاقت جو ڀرپور مقابلو ڪيائين. نتيجي طور مسجدون شهيد ٿيڻ کان بچي ويون.
مولانا امروٽيءَ جي شاعريءَ طرف به رغبت رهي آهي. عشق حقيقيءَ جا باريڪ نڪتا بيان ڪندي؛ ”يوسف زليخا“ نالي مثنوي به مرتب ڪيائين، جيڪا ”پريت نامه“ نالي سان پڌري آهي. ازانسواءِ ڏوهيڙن جي طرز تي قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جو منظور تفسير پڻ قلمبند ڪيائين. پاڻ 88 ورهين جي ڄمار ۾، اربع 3 جمادي الثاني 1348هه مطابق 6 نومبر 1929ع تي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. امروٽ شريف ۾ سندس درگاه عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. اهڙيءَ طرح خاص خليفن جي فهرست ۾: مولانا احمد علي لاهوري، مولانا حماد الله هاليجوي، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي، مولانا محمد ٻنوي، مولانا محمد عظيم ڪاڪيپوٽو ۽ مولانا محمد اسماعيل عودويءَ جهڙن عالمن سڳورن کي به وساري نه ٿو سگهجي.
(1) – انهن نو مسلم ماڻهن تان ساڻس سخت تڪرار به ٿيا، جن کي پاڻ نهايت حلم، اخلاق ۽ روحانيت سان طيءِ ڪيائين. ڳڙهي خيري جماليءَ جي شيخ عبدالله جو مسلمان ٿيڻ ۽ باگڙجيءَ جي هندو سوناري (جيڪو پوءِ مسلمانڪي نالي ”نورالحق“ سان مشهور ٿيو) بنسبت ڪورٽن جا ڪيس، انهيءَ ڏس ۾ واضح ثبوت آهي.
(2) – آخر سومر 21 شوال 1338هه مطابق 16 جولاءِ 1920ع تي افغانستان ڏانهن هجرت جو قافلو لاڙڪاڻي مان ريل رستي روانو ٿيو؛ جنهن جو سالار – ڪاروان، رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو (1886ع – 1921ع) هو.
(1) – سورت ”ياسين“ ۽ ”الرحمان“ جومنظو تفسير، سنڌي زبان ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. ازانسواءِ ”الهام القرآن“ نالي بامجاوره سليس سنڌي زبان ۾ ترجمو به ڪيل آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا