; سنڌي شخصيتون: شهيد هوش محمد شيدي

25 June, 2019

شهيد هوش محمد شيدي

شهيد هوش محمد شيدي
عنايت کٽياڻ


سنڌ سونهاريءَ جي تاريخ ۾ ڪيئي بهادر پٽ، سرويچ ۽ سالار ٿي گذريا آهن جن سنڌ جي آزاديءَ جي علم کي اونچو رکڻ لاءِ حملا آورن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪيو آهي جن مان ڪن سوڀون ماڻيون آهن ڪي وري سر گهوري سرخرو ٿيا آهن انهن ارڏن ۽ اڙٻنگ جوڌن جي مک ناليوارن مان هڪ شهيد هوش محمد شيدي (قمبراڻي) به آهي.


هوش محمد قمبراڻيءَ جو والد ايراني نار جي علائقي مان غلام بڻائي اچي ڪراچي بندر تي وڪرو ڪيو ويو هيو جنهن کي مير فتح علي ٽالپر پاڻ وٽ ملازم طور رکيو. مير فتح علي خان ٽالپر جو پٽ مير صوبدار خان ۱۷۹۱ع ۾ پيدا ٿيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هوش محمد سندس هم عمر دوست ۽ ساٿي هئو وڏو ٿيو ته کيس فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو جتي هن بندوق جي نشاني بازيءَ جي تربيت ورتي ۽ بهترين نشاني باز هئڻ ڪري کيس توبخاني جو انچارج مقرر ڪيو ويو. مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ سندس پڳدار پٽ مير صوبدار خان جا پنهنجن چاچن سان اختلاف ٿي پيا، هوش محمد به بخانو ڇڏي سندس اطاليق/مشير بڻجي ويو. صوبدار خان هوش محمد جي مدد سان پنهنجو فوجي جٿو تيار ڪيو ليڪن مير مراد علي خان ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏيئي قيد ڪري وٺي اچي نظربند ڪيو ۽ هوش محمد به حڪومتي ۽ فوجي معاملن کان پاسيرو ٿي ويهي رهيو.
ٽالپر حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان اختلافن جو فائدو وٺندي انگريزن بهاولپور جي نواب، قلات جي نواب ۽ جوڌپور جي راجا کي جابلو علائقا تحفي ۾ ڏيئي پنهنجو ڪيو ۽ اتر سنڌ ۾ مير مراد علي خان ۽ لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي به خريد ڪري پاڻ سان ملايو ته جيئن سنڌ تي ڪاهه ڪجي ته ٽالپرن کي ٻاهرين مدد به نه ملي سگهي. اندران به غداري ڪرائي وڃي، ٽالپرن جي فوج مان ڌاريا اهلڪار توبخاني جو انچارج جان هاويل ۽ ٻيو فوجي آفيسر سائمن کي به خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. (دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب سنڌين جي فوجي مهارت صفحو ۷۸-۷۹)
۱۸۴۳ع ۾ انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته خيرپورميرس جي حڪمرانن ساڻن معاهدو ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ۽ انگريز فوج جيڪا بمبئي جي ڇاوڻيءَ مان چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ آئي اها اچي سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ٻاهران اچي مياڻيءَ جي ميدان تي پهتي انگريز فوج جو تعداد ۲۸۰۰ اٺاويهه سو هئو ۽ هنن وٽ ۱۲ ٻارهه توبون هيون ۽ سندن مدد لاءِ ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي چانڊين جو سردار پنهنجي ۱۰۰۰۰ ڏهه هزار ويڙهاڪن جي لشڪر سميت اچي پهتو ۽ ڇاوڻي هڻي ويٺو.
حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران مير نصير خان شهداداڻي پنهنجي لشڪر سميت ۱۶ فيبروريءَ تي اچي مياڻيءَ جي ميدان تي پهتو جنهن جي لشڪر ۾ سپاهه جو تعداد ۲۲۰۰۰ ٻاويهه هزار هئو ۽ هنن وٽ ۱۵ پندرهه عدد توپون هيون. ۱۷ فيبروريءَ تي جنگ لڳي جنهن جي شروعات ۾ ئي توبخاني جي انچارج جان هاويل توبن سان انگريزن جي فوج تي گولا هلائڻ بجاءِ توبن جا منهن مٿي ڪرائي هوا ۾ فائر ڪرائيندو رهيو. سندس اها چال بازي ظاهر ٿي پئي ته هن بارودخاني کي باهه لڳرائي ڇڏي ڇو ته هو اندروني طور انگريزن سان مليل هئو هن غداري ڪري انگريزن کي توبخاني تي قبضو ڪرايو. سنڌي فوج جا گهوڙي سوار ۽ پيادا بهادريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ انگريزن جي بندوقن ۽ توبن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندا رهيا اهڙي صورتحال ڏسي سنڌي فوج جو سالار مير نصير خان شهداداڻي هلندڙ جنگ مان ۱۱۰۰ يارنهن سو سپاهي وٺي ميدان مان کسڪي ويو جنهن کان پوءِ انگريز فوج بيدرديءَ سان سنڌي سپاهه کي قتل ڪيو ۽ جيڪي سج لهڻ تائين بهادريءَ سان وڙهندا رهيا. ٻئي ڏينهن ۱۸ فيبروريءَ تي مير نصير خان پنجن ميرن سميت پيش پئي پنهنجون تلوارون انگريز جرنيل جي اڳيان زمين تي رکيون ۽ کيس ساٿين سميت قيد ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح انگريزن چالبازي ۽ مڪاري سان سنڌ جو مرڪز فتح ڪيو.
ميرپور جو ٽالپر حڪمران مير شير محمد ماڻڪاڻي پنهنجو لشڪر گڏ ڪري حيدرآباد کان ۶ ڇهن ميلن جي مفاصلي تي دٻي (دو آبو) وٽ اچي ڇانوڻي هڻي ويٺو مياڻيءَ جي جنگ هارائڻ کان پوءِ جيڪي سنڌي سپاهي بچيا اهي به اتي اچي ساڻس مليا نواب احمد خان لغاري به پنهنجي سپاهه سميت اچي پهتو هوش محمد قمبراڻي به سنڌ جي آزادي ۽ ناموس جي بچاءَ لاءِ پنهنجي ساٿين سميت اچي مير شير محمد خان سان گڏيو هن بهادر سپاهيءَ کي سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيڻ برداشت نه ٿي پئي سگهيو.
مير شير محمد جي وڌندڙ طاقت ڏسندي انگريزن ۵۰۰۰ پنج هزار فوج وٺي اچي دٻي وت پهتا. مير شير محمد وٽ ۲۵۰۰۰ پنجويهه هزار سپاهي موجود هئا. ۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع تي جنگ لڳي جيڪا ۳ کان ۴ ڪلاڪ جاري رهي هن جنگ ۾ هوش محمد توبخاني جو سالار هئو ۽ هن وڏي بهادري ۽ حڪمت عمليءَ سان جنگ وڙهي انگريزن جو سنڌي توبخاني تي گهڻو توجھ هئو ڇو ته هوش محمد سندن گهڻو نقصان ڪري رهيو هيو، نيٺ انگريزن ڇتي گوله باريءَ ڪري هوش محمد جي بارودخاني کي باهه لڳي ويئي سنڌي فوج دوبدو تمام بهادريءَ سان وڙهي رهي هئي بارود خاني سڙي وڃڻ کان پوءِ به هوش محمد وڙهندو رهيو ۽ مير شير محمد کي ٻي جنگ جي تياريءَ لاءِ ميدان مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ سنڌي فوج جي سڌي طرح سالاري هوش محمد ڪئي سنڌي سپاهه بهادريءَ ۽ بيخوفيءَ سان سنڌ وطن لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ هوش محمد به آخر ۾ تلوار سنڀالي ڇو ته سندس بارود سڙي تباهه ٿي ويو هو ۽ انگريزن جون توبون سنڌي سپاهين کي ناس ڪري رهيون هيون، هوش محمد “مر ويسون مر ويسون سنڌ نه ڏيسون” جا نعرا هڻندي هڻندي نيٺ هڪ آئرش سپاهيءَ هٿان شهيد ٿيو، جنهن کان پوءِ جنگ ختم ٿي ويئي ۽ سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي هارائڻ جو سبب اندروني مخالفتون، گڏجي حڪمت ٺاهڻ جي اڻهوند، پنهنجن ۽ خاص ڪري ڌارين فوجي آفيسرن جي غداري هئو باقي طاقت ۽ بهادريءَ ۾ سنڌي گهٽ ڪونه هئا.
ٻنهي جنگين ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ جيڪي ذاتيون ۽ قيبلا هئا انهن ۾ ٽالپرن ۾ شهداداڻي، ماڻڪاڻي، خاناڻي، شھواڻي ۽ ٻين ذاتين ۾ نظاماڻي، لغاري، جوکيا، کٽياڻ، پتافي، جمالي، بوزدار، مري، چانگ، لاشاري، ڪپري ۽ شيدي شامل هئا. (صفحو ۷۴. سنڌين جي فوجي مهارت-دادا سنڌي)
مياڻي جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد ۲۰۰۰
انگريز فوجي مارجي ويل جو تعداد صرف ۳۹ هئو،
دٻي جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد ۵۰۰۰ هئو.
شهيد هوش محمد جو پونئرن ۾ سندس پٽ داد ڪريم، پوٽو بچل ۽ ٻيا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ آباد آهن. (ڪتاب قديم سنڌ، ليکڪ مرزا قليچ بيگ)
شهيد هوش محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن لاش کڻائي اچي، مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان، پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو. جتي هاڻي سنڌ ثقافتي کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه صاحب خاص اُپاءَ ورتا کيس جس هجي ته هن سنڌ جي بهادر سالار هوش محمد شيديءَ (قمبراڻي) جو شانائتو مقبرو جوڙايو جتي سنڌ جا عاشق هن بهادر سالار کي سلام پيش ڪندا رهندا آهن.

(روزاني ايڪتا - ۱۳ جون ۲۰۱۹ع جي ٿورن سان)



شھيد ھوش محمد شيدي
سنڌ جو عظيم ڪردار
عنايت قمبراڻي
سنڌ جي تاريخ ڪيترن ئي عظيم سورمن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. جن پنهنجي ڌرتي تان غلامي جا پاڇا هٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين مهاڏو اٽڪايو. اهڙن سنڌ جي انمول هيرن مان شهيد هوش محمد شيدي به هڪ آهي، جنهن سنڌ تي قابض ٿي، سنڌ کي غلام بڻائڻ جي سوچ رکندڙ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي انهن کي اهو ٻڌايو ته؛
”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“
”جنگ ڪريسون، پٺ نه ڏيسون،
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“
۽ واقعي ئي حقيقي طور تي شهيد ٿي هوش محمد شيدي نه رڳو پنهنجي قول ۽ فعل تي قائم رهيو پر هن سنڌ دشمن فرنگين کي جنگ جي ميدان ۾ ئي شڪست قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏينهن ثابت ٿيو جنهن ڏينهن انگريزن سنڌ تي راتاهو هڻي سنڌ کي هميشه لاءِ غلام بنائي حڪمراني ڪرڻ جي سوچ کڻي ميدان ۾ لٿو پر سنڌ جي سورمن سندن ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا ۽ کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.
سنڌ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ جي سوچ کڻي ايندڙ انگريز پنهنجي حق ۾ چالاڪي سان ڪي غدار سنڌي پڻ شامل ڪيا جن لالچ ۾ اچي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ٺيڪ انهي وقت جڏهن جنگ مڪمل اوج تي هئي ته انهي وقت ميرن جي هڪ ڇاڙتي غداري ڪندي سنڌي فوج جي بارود کي به باهه ڏيئي ڇڏي.
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها،
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي،
ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
بارود سڙي وڃڻ کانپوءِ سنڌي سپاهين جا حوصلا خطا ٿي ويا مير نصير خان جيڪو سنڌي فوج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو تنهن کي پنهنجي شڪست سامهون نظر اچي رهي هئي هن هوش محمد سان مشورو ڪري جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر وقت ۽ حالتن مطابق هوش محمد مير نصير خان کي اهو چئي ميدان مان نڪري وڃڻ جو مشورو ڏنو ته هتان جو انتظام مان پاڻ ٿو سنڀاليان توهان وڃي بارود ۽ سپاهين جو بندوبست ڪريو. هوش محمد پاران ڪافي زور ڀرڻ بعد مير نصير خان جنگ جي ميدان مان نڪري ويو ۽ فوج جي ڪمان هوش محمد پنهنجي هٿ ۾ کنئي، جيڪو بقول تاريخدانن جي ته هي توبخاني ۽ جنگ جو ماهر هو. هن هڪدم توبفاني جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي، ۽ وڏي ڏاهپ سان توبن ۾ ٺڪر ڀتر وجهي دهماڪا ڪري جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. بارود سڙي وڃڻ باوجود ڌماڪن جي آوازن انگريز سپاهين کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ فتح جي ويجهو پهتل فرنگي بوکلائجي پوئتي هٽڻ لڳا ۽ کين اها پڪ پڻ ٿي ته سنڌين وٽ بارود اڃا به موجود آهي.
انگريز ٻڏتر ۾ هئا ته هوش محمد موقعو ڏسي شينهن وانگر گجگوڙ ڪندو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندو پنهنجن ساٿين سميت انگريزي فوج جي صفن ۾ ڪاهي پيو، اوچتو حملو ٿيڻ سبب فرنگين ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ سنڌ جي سپوتن انگريزن جون وايون بتال ڪري وڌيون ۽ اڳتي وڌندا وڙهندا شهيد ٿيندا رهيا پر ڌرتي جو هڪ انچ به دشمن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيا.
ائين ئي هوش محمد شيدي به هڪ انگريز سپاهي جي گولي جو نشانو بڻجي ويو پر سندس ارادو پختو هو. پاڻ هرگز هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو. آخري دم تائين دشمن کي ڪيرائيندو ۽ للڪاريندو، موت کي ٻکين پوندو جام شهادت نوش فرمايائين. ساهه جو سڳو ٽٽي وڃڻ بعد، سندس بي سُت بڻيل وجود جي ويجهو وڃڻ جي پڻ سگهه باقي نه رهي. کين اهو خوف ٿي رهيو هو ته ڪٿي هي مرد مجاهد هڪ دفعو ٻيهر نه مٿن حملو ڪري وجهي. هوش محمد شيدي جي شهادت پڻ فاتعانه انداز ۾ ٿي آهي. پاڻ ساهه جو سڳو ٽٽڻ باوجود زمين تي نه ڪريو. سندس هٿ ۾ تلوار جنهن جي نوڪ زمين ۾ کُتل هئي ۽ گوڏن ڀر زمين تي ويٺل رهيو، جنهن خوف سبب انگريز ٻڏتر جو شڪار هئا ته هي زنده نه هجي ۽ حملو نه ڪري وجهي. ڪافي دير بعد انگريز، شهيدن جي بي وس وجود وٽ پهتا ۽ کيس هٿ لڳائي زمين تي ڪيرايو ته اچرج ۾ پئجي ويا. حيرت مان هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندا رهيا. مجبورًا هنن کي شهيد جي جرئت ۽ بهادري تي داد ڏيڻو پيو ۽ هنن کيس سلوٽ ڪيو. سندس مڙهه کي مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو ويو. تاريخ ۾ اهڙو عمل ڪٿي به نه ٿو ملي جو دشمن فوج پاران، دشمن فوج جي ڪنهن سپاهي کي اعزازن سان نوازيو وڃي.



شهيد هوش محمد شيدي
ارشاد لغاري/چمبڙ
شهيد هوش محمد شيدي، هڪ بهادر جرنيل هو، جيڪو پنهنجي شهادت واري وقت به انگريز سامراج کي للڪاري رهيو هو. مختلف تاريخدان پنهنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا ته، شهيد هڪ ماهر جنگي جرنيل هو. مشهور انگريز ماهر ايڇ ٽي لئمبرڪ به شهيد هوشوءَ کي هڪ ماهر جرنيل طور تسليم ڪيو آهي. شهيد هوشوءَ جو والد، مير فتح علي ٽالپر وٽ ڪم ڪندو هو، شهيد هوشو، مير فتح علي ٽالپر جي پٽ مير صوبدار خان جو دوست ۽ عمر ۾ هڪ جيترو هو، مير صوبدار خان سان گڏ شهيد هوش محمد شيدي، مير شير محمد ٽالپر جي بارود خاني جو انچارج هو، ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته، شهيد انگريز سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ گوريلا اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي آرام پسند اميرن ۽ سردارن کي انگريز سامراج خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو. پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ محقق لکي ٿو ته، شهيد هوشو، هڪ آفريڪي سپهه سالار هو ۽ چارلس نيپيئر جڏهن خيرپور رياست جي مير رستم خان کي هٽايو ۽ خانڳڙهه جي قلعي کي تباهه ڪيو ته سنڌي ماڻهن ۾ تمام گهڻو غم ۽ غصو ڇانئجي ويو، مير شهزاد جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي فوج، انگريز فوج تي حملو ڪري ڏنو، اهو حملو سنڌي ماڻهن ۽ انگريز فوج وچ ۾ جنگ جو آغاز هو. ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع تي دٻي وٽ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي فوج ۾ گهمسان جي جنگ لڳي، هن جنگ ۾ شهيد هوش محمد شيدي، پنهنجي ساٿين سان گڏ وطن جي دفاع لاءِ نهايت بهادريءَ سان وڙهي رهيو هو، جنهن ڪري انگريز فوج جي شڪست يقيني هئي ته ٺيڪ ان موقعي تي وطن جي ڪجهه غدارن جي مخبريءَ جي ڪري سنڌ جي فوج جي بارود خاني کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ته شهيد هوشو گجگوڙ سان دشمن جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو ۽ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪيو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو، تاريخدان لکن ٿا ته، اها شهيد هوشوءَ جي جنگي مهارت هئي، جو هو سنڌ جي فوج جو بارود تباهه ٿيڻ باوجود پٿرن ۽ ٺڪرن سان به وڙهندو رهيو.۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع جي شام سنڌ لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، ڇو ته سنڌ جو هي بهادر سپوت شهيد ٿي چڪو هو. هوشوءَ جي شهادت کانپوءِ، سموري انگريز فوج شهيد جي لاش مٿان پهتي ته حيران ٿي ويئي، ڇو ته شهيد هوشوءَ شهادت باوجود پنهنجي تلوار کي هيٺ ڪرڻ نه ڏنو، جنهن تي سموري انگريز فوج شهيد کي جهڪي سلام پيش ڪيو. شهيد هوشوءَ جي مزار ڪٿي آهي، ان بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته، شهيد شهادت واري ميدان تي مدفون آهي، جڏهن ته، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، شهيد جي مزار پڪي قلعي ۾ آهي، شهيد هوش محمد شيدي، سنڌ واسين ۾ هميشه پنهنجي انقلابي نعري، ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ سان زندهه رهندو.



هوشوءَ جي شهادت جا سنڌ جي مزاحمتي تاريخ تي پيل اثر
عثمان راهوڪڙو
هوشو شيدي سنڌ جو اهڙو جرنيل هو، جهڙو ويٽنام جي جنگ آزادي ۾ جنرل گياپ هو. جنرل گياپ ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ آمريڪي فوجين سان جيڪا ويڙهه ڪئي، کيس ويٽنامين عوامي هيرو ڪوٺيو، هو اڄ به ويٽنام جو عوامي هيرو آهي ۽ دنيا کيس سندس بهادري تي کيس اڄ به سلام ڪري ٿي. ويٽنام جي گوريلا جٿن جو گوريلو هو، کيس ڪنهن آمريڪي فوجي چيو هو ته  تون ڪيڏو بهادر آهين ته کيس موٽ ۾ جنرل گياپ چيو ته بهادري اسان جو ورثو آهي ۽ هتي دٻي جي ميدان تي جنرل هوش محمد شيدي به جنرل گياپ جيان وڙهي رهيو هو. هوشو به سنڌ جو عوامي هيرو آهي، کيس درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي. هو ميرن جو نوڪر هو، سو وڙهيو ۽ ماڳ تان نه موٽيو، جنهن ميدان جنگ ۾ دشمنن کي للڪاريندي اهو نعرو ڏنو ته ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ وارا لفظ سنڌ ۾ نعرو بڻجي گونجيا، جن جي گونج اڄ به گونجي پئي. دٻي جي ميدان تي ۱۸۲۴ع مارچ جو سج ڇا اڀريو، اهڙو سج اڀريو جهڙو سج ۱۰ محرم تي ڪربلا ۾ حسين ۽ سندس ساٿين لاءِ اڀريو هو. اُتي ڪربلا ۾ به حق ۽ باطل جي ويڙهه هئي ۽ هتي سنڌ جي دٻي واري ميدان تي به حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ ويڙهه هئي. هڪ پاسي ست سمنڊ پار کان آيل انگريز سپاهي هئا، ٻئي طرف کان ميرپور خاص وارو مير شير محمد ۽ حيدرآباد واري ميرن جو نوڪر هوشو شيدي هو. دٻي ۾ ان قتل صبح جي ٻنپهرن جو جڏهن پنهنجن جي ئي مخبري تي انگريز لشڪرين ديسي سپاهين جي بارود کي باهه ڏئي ڇڏي ته فضا رت رنو هو ۽ ناريجن جي ڳوٺ وارا گلابن جا گل ڪومائجي ويا هئا. انهيءَ ويل جنگ جي ميدان تي مير شير محمد اٻاڻڪو ٿي ويو، کيس دلداري هوشو ڏيندي چيو ته اوهان ٻي حملي لاءِ وڃي تياري ڪريو ۽ جنگ جي ميدان مان هليا وڃو. اهڙي حڪمت عملي تي مير شير محمد جنگ جي ميدان مان نڪري ويو ۽ جنگي سربراهه هوشو کي مقرر ڪري ويو. هوشو سڙي ويل بارود جي رک تي بيهي دشمنن جي لشڪر سان تاريخ جي ان تاريخي شام جو ايئن وڙهيو، جيئن ڪربلا ۾ حر وڙهيو هو ۽ ويٽنام ۾ جنرل گياپ وڙهيو هو. هن وٽ هٿيار کٽي ويا ها ۽ بارود ساڙي رک ڪيو ويو هو. چيو ٿو وڃي ته مير شير محمد جڏهن ميدان جنگ مان هليو ويو ته بلوچ سردارن ۽ انهن جي لشڪري سپاهين هوشو جي ڪمان ۾ وڙهڻ ۽ پيش قدمي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان دليل ۾ ڪيتري صداقت آهي بهرحال هوشو شيدي جي اڳواڻي ۾ جيڪي سنڌي وڙهيا ۽ ڌرتي ۽ وطن تان شهيد ٿي ويا، تن جون قبرون اڄ به دٻي جي ميدان تي موجود آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ميرن جي پاليسين سبب سندن لشڪر ۾ شامل وڌ ۾ وڌ ٻروچ قبيلا هئا ۽ ميرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت سبب ئي انگريز واپارين جا پير سنڌ ۾ مضبوط ٿيا ۽ واپاري بڻجي آيل انگريزن جي لشڪرين سنڌ جي سرزمين تي دٻي واري ميدان تي هار ۽ جيت جي جنگ جوٽي هئي، ان جنگ ۾ ۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع جي نما شام جو هوشو وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ آزاد سنڌ جي نيرون ڪوٽ واري قلعي تي ۽ دٻي جي ميدان تي فاتح سر چارلس نيپيئر فرنگي جهنڊو کوڙي وائسراءُ هند کي سنڌ جي فتح بابت خط لکيو. ان خط ۾ گوري فاتح پڻ هوش محمد شيدي کي خراج پيش ڪيو ۽ سنڌي قوم جنهن جي آزادي لاءِ هو وڙهندي شهيد ٿيو، اها قوم دٻي جي ميدان تي يادگار قائم ڪري نه سگهي آهي ۽ دٻي واري ميدان تي قبضو ٿي ويو پر ڪنهن نه ڪڇيو ته ڇو؟ دٻي واري ميدان تي مري ويل انگريز سپاهين جو ته انگريزن يادگار قائم ڪيو پر سنڌ جا ڪيترا جوڌا ان جنگ ۾ شهيد ٿيا ان بابت مڪمل ريسرچ نه ڪئي وئي. انگريزن سان سنڌ خاطر وڙهندي شهيد ٿيل شهيد هوش محمد شيدي ۽ حر تحريڪ جي باني ۽ انگريزن سان وڙهندي ۱۰۰ سالن کانپوءِ شهيد ٿيل شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ هوشو شيدي سنڌ جا ٻه اهڙا شهيد آهن، جيڪي وطن خاطر انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيا. سنڌ جا هي ٻئي اهڙا شهيد آهن، جيڪي انگريز سامراج سان سنڌ خاطر وڙهندي شهيد ٿيا. انهن جي شهادت جا عظيم باب آهن. انهن ٻنهي کي هيرو ڪري سائين جي ايم سيد پيش ڪيو. برصغير ۾ ۱۶ صدي ۾ انگريزن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون ۽ آهستي آهستي برصغير تي قبضو ڪري ويا، ساڻس برصغير ۾ مرهٽا، سک ۽ ميور جو حيدر علي جو پٽ ٽيپو سلطان وڙهيا ۽ سنڌ ۾ هوشو ۽ حر تحريڪ جو باني شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ سندس حر وڙهيا ۽ عذابن ۾ رهيا ۽ آخر ۾ ساڻن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ سياسي جنگ وڙهي. ان وقت عالمي صورتحال اهڙي پيدا ٿي وئي جو ۱۹۴۷ع جي ۱۴ ۽ ۱۵ آگسٽ تي انگريزن هندستان جوورهاڱو ڪري هندستان ۽ پاڪستان جا نقشا جوڙي پاڻ هليا ويا ۽ برصغير ٻن اڌن ۾ تقسيم ٿي ويو. سنڌ وارو حصو جتي حر ۽ هوشو دٻي ۾ وڙهندي شهيد ٿيا ۽ صبغت الله شاهه کي قيد ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو. اُهي علائقا ۽ سنڌ پاڪستان جي الحاق ۾ آيا، قيام پاڪستان بعد انگريزن خلاف ويڙهه ۽ سياسي جدوجهد جي جيڪا سرڪار طرفان تاريخ لکرائي وئي، ان تاريخ ۾ شهيد صبغت الله شاهه راشدي، حر تحريڪ ۽ دٻي واري ميدان تي هوشو شيدي جي شهادت بابت ڪوبه باب نه آهي. اڄ ۲۳ مارچ آهي، جيڪو ڏينهن هوشو شيدي جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع تي اڄوڪي ڏينهن جڏهن سنڌ چارلس نيپيئر فتح ڪري آزاد سنڌ جو جهنڊو نيرون ڪوٽ کان لاٿو، جيڪو وري نيرون ڪوٽ تي ڦڙڪي نه سگهيو آهي



جنرل هوش محمد شهيد
خادم حسين سومرو
۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع جي نما شام، ڪا رواجي نما شام نه هئي. اولهه طرف عرش کي ڄڻ باهه جا ڀنڀٽ ورائي ويا هئا. سنڌ جي آسمان تي لهندڙ سج رت جي لام ڇڏي ڏني هئي. هيٺ، ڌرتيءَ کي سنڌڙيءَ جي سپوتن ۽ سرڪش جوڌن رت جو ريج ڏنو. ماحول موت وانگر ماٺ ۽ ڳنڀير هو. سج اڳ به لهندو هو، پر اُن شام جھڙو اُداس ۽ المناڪ نه لڳندو هو. شهيدن جي شام ڇا آئي، ڄڻ غيب مان روحن جي آخري سفر جي صدا آئي. فلڪ ۽ مَلڪ حيرت وچان دُٻي ۾ اکيون اٽڪائي ويهي رهيا.
دُٻي جو ميدان، جتي ٽپهريءَ تائين موت ۽ زندگي جو معرڪو لڳو هو، اُتي نما شام تائين مڪليءَ جهڙيءَ ماٺ اچي واسو ڪيو. سڄو ميدان ڪوس گهر هو. هر طرف لاشن جا انبار هئا. منظر اهڙو، جو دلير دهلجي وڃن ۽ ڏونگر ڏري پون! قبرستان جھڙي خاموشي وايو منڊل کي اُڳري ويئي. هوائون ساهه روڪي بيهي رهيون.
. . . . . . تڏهن، ميجر جيڪب جي ڪئمپ ۾ سر چارلس نيپئر جو ڪٽڪ اچي پهتو. نيپئر فتح جو سهرو پنهنجي سر تي رکڻ لاءِ آتو هو. هن اچڻ شرط جام چپن تي آندو، ۽ بِگل وڄائڻ جو حڪم ڏنو. چار سپاهي ميجر جيڪب جي تنبوءَ ٻاهران اچي بيٺا. بِگلن جو رخ رت آلود آسمان ڏانهن ڪري، ڦڦڙن ۾ ساهه ڦوڪي، فتح جو آواز آلاپيائون. آواز تکو ۽ طويل هو، ۽ سنگينن وانگر سنڌ جي سيني ۾ لهي ويو.
بِگل پاسو ورايو. موت جو فرشتو امان گُهري پري ٿي بيٺو. هوشوءَ رت ـــ هاڻيءَ مٽيءَ مان منهن مٿي ڪيو ........
بِگل جو آواز ٻڌي، سندس اُتاولو روح ساوڻ جي سنڌوءَ وانگر اڻ جهل ۽ شهزور ٿي پيو. هن کاٻي ٻانهن وڌائي، هڪ ڪهاڙي کڻي ورتي. ڪهاڙيءَ جي ڳن کي قابو ڪري، کوڙي، آهستي آهستي، هو ڪارڙو ۽ ڪوجھڙو، طاقتور ۽ قدآور جوڌو، لاشن جي وچ ۾ آُٿي بيٺو. هن جو سڄو جسم رت ۾ رڱيل هو. وارن کان پيرن تائين، عضوو عضوو زخمن سان چچرجي چور ٿي چڪو هوس. ماس لڱن کان ڌار ٿي ويو هوس. ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڪپجي، مشڪن جي هڪ تند ۾ لٽڪي رهي هيس. تيرن ۽ تلوارن، بڙڇين ۽ ڀالن، بندوقن ۽ سنگينن سندس سنَڌ سَنڌ پروڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي جسم تي چونجاهه گَهرا گهاءَ هئا.
هو اٿي بيٺو، ته عذاب جو احساس هيري جي ڪڻ وانگر سندس وجود مان پار ٿي ويو. ڪنڌ ۾ ڪُنڍي تير جي هيٺان تلوار جو اونهو گهاءُ هوس، جيڪو مشڪن کي ڪپيندو، مغزي ڏوريءَ تائين وڃي پهتو هوس.
هن آهستي آهستي اکيون کوليون. پنبڻين ۾ سڪل رت جا ذرڙا ياقوت جي داڻن وانگر پوتل هئس. تڪليف جي ڪري مغز ڦيٿي وانگر ڦرندو محسوس ٿيس. اکين آڏو اونداهه اچي ويس. ڇپر ڇِپُن وانگر ڪِري پيس. گوڏا وڃي رت ــ هاڻيءَ مٽيءَ سان لڳس. هن نرڙ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي رکي ڇڏيو، ۽ سندس رڳ رڳ مان رت ٽمندو رهيو.
پوءِ، گهڙي کن رکي، سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي، ٻيهر اٿي بيٺو. ڦٽ کُلي پيس. اندر ۾ عذاب جا آرا هلڻ لڳس، پر هن آهه کي دل جي قيدخاني مان نڪري چپن تي اچڻ نه ڏنو ــــــــــــــــ دانهن نه ڪيائين. گُهنڊ وجهي، ميجر جيڪب جي ڪئمپ ڏانهن ڏٺائين. سنڌ جي آزاد هوائن ۾ انگريزن جو رنگارنگي جھنڊو جھولندو ڏسي، سندس وجود ۾ نفرت ۽ حقارت جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. وڙهڻ لاءِ وک واڌايائين، پر وڌائي نه سگهيو. هو نهائينءَ وانگر کامندو ۽ جيءَ ۾ جلندو رهيو.
پوءِ اڪيلي سر، جتي سندس سورهيه سرويچ ساٿي سنڌڙيءَ تان جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هوشوءَ زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري دشمن کي للڪاريو، پڪاريو .......... رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
بِگل جو آواز نڙيءَ ۾ ڀانءَ ته پلي جو ڪنڊو اٽڪي پيو. سر چارلس نيپئرکان ڇرڪ نڪري ويو. ميجر جيڪب جي چپن تائين فتح جو جام ايندي ايندي ڇلڪي پيو. هو ٻيئي ۽ ڪئپٽن رچرڊسن تنبن مان ٻاهر نڪري آيا.
هوشوءَ کاٻي هٿ ۾ ڪهاڙيءَ جو ڳن مضبوط ڪري، هڪ ڌڪ سان لڙڪندڙ ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڌار ڪري ڇڏي.
انگريزن کان دانهن نڪري ويئي. سر چارلس نيپئر حيرت مان، وچ ميدان ۾ بيٺل سورمي ڏانهن ۽ پوءِ ميجر جيڪب ڏانهن ڏٺو.
ميجر جيڪب چيو، ”هيءُ هوشو آهي. اڄوڪيءَ جنگ ۾، هڪ ڊيميٽرس کان سواءِ، رئيل برٽش آرميءَ جا سڀئي جوڌا هوشوءَ سان زور آزمائي، مري مات ٿيا آهن.“
جنگنجو پهلوان ڊيميٽرس مٿي کان پيرن تائين لوهه جي زرهه ۾ جهنجهيل هو. هو ٽنهي وٽ اچي بيٺو.
ميجر جيڪب چيو، ”مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي، سندس بي پناهه بهادري ڏسي، مون کي ساڻس نفرت ٿي ويئي آهي.“
ڊيميٽرس ماٺيڻي لهجي ۾ چيو، ” هوشو جيڪڏهن آسماني ڪتابن کان اڳ پيدا ٿئي ها ته سندس نالو حضرت شمعون سان گڏ لکيو وڃي ها. هن جي دليريءَ جا داستان ڏندڪٿائن وانگر سنڌ ۾ صدين تائين ٻُڌايا ويندا.“
”مون کي خبر آهي.“ سر چارلس نيپئر چيو، ”مونکي اها به خبر آهي ته اڄ رڻ تتي جڏهن هوشوءَ جي توپ جو بارود ختم ٿي ويو هو، تڏهن هن لوهي توپ ڀاڪر ۾ ڀري، اسانجن سپاهين تي اُڇلائي هئي.“
ميجر جيڪب ڪئپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسندي چيو، ” ڪئپٽن، هوشوءَ اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ اسانجا ايترا ته جوڌا ماريا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر آهن. مان توکي حڪم ٿو ڏيان ته کيس ماري، سندس سر سنگين تي چاڙهي، سر چارلس نيپئر آڏو اچي پيش ڪر.“
ڪئپٽن رچرڊسن، پنهنجي جنگجو پهلوان ڊيميٽرس کي وٺي، ميدان ۾ ڪاهي پيو. هو ٻيئي لاشن کي اورانگهيندا، ڀڳل هٿيارن کي لتاڙيندا، وچ ميدان ڏانهن ڌوڪيندا ويا، جتي هوشو هماليا جبل وانگر ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو.
اڃا هو ٻيئي هوشوءَ کان ڪجهھ پرڀرو هئا ته زرهه ۾ جهنجهيل ڊيميٽرس چيو، ” ڪئپٽن رچرڊسن، هوشوءَ جي بهادريءَ جو ذڪر منهنجي بزدليءَ جو اعتراف ته نه آهي.“
ڪئپٽن رچرڊسن منهن ورائي ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو.
ڊيميٽرس چيو، ” اڄوڪيءَ جنگ ۾ هوشوءَ جتي جتي پير رکيو ٿي، اُتي اُتي ڌرتي ڌُٻي ٿي، ڪنبي ٿي. تلوار جو وار ڪيائين پئي ته آسمان لرزيو ٿي.“
”تنهنجن حواسن تي هوشوءَ جو خوف ڇانئجي ويو آهي.“ ڪئپٽن رچرڊسن چيو،” هينئر هو زخمي آهي.“
”مون اڄ ڏينهن تائين فقط خوف جو نالو ٻڌو هو،“ ڊيميٽرس چيو، ” اڄ جڏهن هوشوءَ کي وڙهندي ۽ وار ڪندي ڏٺو اٿم، تڏهن خوف جو مفهوم سمجهيو اٿم.“
ڪئپٽن رچرڊسن کي منهن ۾ گُهنڊ پيو. هو ٻِيئي هوشوءَ ڏانهن وڌندا رهيا، ڳالهائيندا رهيا. نيٺ هوشوءَ کان سڏپنڌ تي اچي پهتا.
ڪئپٽن رچرڊسن پنهنجي جنگجو پهلوان جي دل مٿي ڪرڻ لاءِ چيو، ”ڊيميٽرس، تون عهدِ روم جي گليڊيئٽرن جھڙو بهادر آهين. تنهنجا جنگي جوهر عظيم رچرڊ جي ڪارنامن سان ڀيٽڻ لائق آهن. تنهنجو وار آدمخور چيتي جي اُڇل آهي. ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر!“
ڊيميٽرس هوشوءَ ڏانهن ڏٺو. هوشوءَ هٿ سان پنبڻين ۾ اٽڪيل سُڪل رت جا ذرڙا، مهٽي، لاهي ڇڏيا. اڃ کان ٺوٺ ٿيل چپ ڏري پيا هئس. ڳيت ڏنائين، ته رت ٺينڊيون ڪندو ڦڦڙن ۾ وڃي ڦاٿس. هن ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو. ڪهاڙيءَ جي ڳن تي سندس مٺ لوهه وانگر قابو ٿي ويئي. آهستي آهستي ڦِريو، ۽ ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس کي دوبدو ٿي بيٺو.
”ڊيميٽرس“ ڪئپٽن رچرڊسن رڙ ڪئي، ”ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر.“
ڊيميٽرس ڪئپٽن رچرڊسن کان عمر ۾ وڏو هو. هن ڪئپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسڻ بنا چيو، ”ڪئپٽن، هيءُ هوشو، جنهن جو سَنڌ سَنڌ زخمن کان چور آهي، جيڪو وارن کان پيرن تائين رت ۾ رڱيل آهي، سو اڄ جڏهن اسان جي فوج تي وڄ وانگر ڪڙڪيو هو، اسان جي صفن ڏانهن وڌيو هو ته طوفان وانگر وڌيو هو، جيئن جيئن ڀڙڇيون ۽ ڀالا لڳس پئي، تيئن تيئن گجيو ٿي. ڪئپٽن رچرڊسن، ياد رک، هوشوءَ جو آواز صدين تائين سنڌ ۾ گونجندو رهندو.“
ڪئپٽن رچرڊسن اٽڪلي هو، حرفتي هو. هن پنهنجي جملي تي زور ڏيندي چيو، ” ته پوءِ ايڏي وڏي جرنيل کي مارڻ جو فخر حاصل نه ڪندين؟“
ڊيميٽرس پنهنجو فولادي ٽوپ مٿي ڪري ڪئپٽن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هوشوءَ کي ڪوبه ماري نه سگهندو! “
ڪئپٽن رچرڊسن کي پنهنجي جنگجو پهلوان جو جواب ناگوار محسوس ٿيو. هن کهري لهجي ۾ ڊيميٽرس کي چيو، ” ڊيميٽرس، مان رائيل برٽش آرميءَ جو ڪئپٽن تو کي حڪم ٿو ڏيان ته هوشوءَ تي حملو ڪر! “
ڊيميٽرس سڌو ٿي بيٺو. مياڻ مان تلوار ڪڍندي چيائين، ” مان رائيل برٽش آرميءَ جو معمولي پگهاردار سپاهي، تنهنجو حڪم مڃان ٿو. مان پنهنجي قيامت ڪاري ڪريان ٿو. هڪ گهايل ۽ زخمي سورمي تي وار ڪري، مان پنهنجيءَ ماءُ کي لڄايان ٿو.“
ڊيميٽرس وک کڻي هوشوءَ ڏانهن وڌي آيو. هڪ پگهاردار سپاهيءَ وانگر، تلوار سڌي ڪري هوشوءَ تي وريو.
هوشوءَ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي مٺ مضبوط ڪري، رهيل سهيل طاقت بدن ۾ ڀري، ٻانهن اُڀي ڪري، ڪهاڙي ڊيميٽرس کي اُڇلائي هنئي. ڪهاڙي کنوڻ وانگر کِوندي، زرهه کي ڪاغذ وانگر ڪپيندي، ڦَرَ سميت، اڌ ڳن تائين ڊيميٽرس جي سيني ۾ لهي وئي. ڊيميٽرس جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي ويئي. وات وحشت مان ڦاٽي پيس، پر رڙ نه نڪتس. هو ڪري پيو. مٽيءَ جي بوتي وانگر ڀُري پيو.
ڪئپٽن رچرڊسن بنا دير جي، اک ڇنڀ ۾ ، زهريلو ڀالو زخمي ۽ بي هٿيار هوشوءَ کي سموريءَ سگهه سان اُڇلائي هنيو. ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو، پٺيءَ تائين پار ٿي ويو. ڀالو هوشوءَ جي سيني ۾ کپي پيو.
هوشوءَ جي وات مان صدا بلند ٿي:
”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“
هوشوءَ پنهنجو هٿ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي، سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو.
ڪئپٽن رچرڊسن جو ساهه خوف کان سڪي ويو. هن هوش نه سنڀاليو هو جو هوشوءَ اُهو چتائي ۽ کپائي، ڪئپٽن رچرڊسن جي کوپڙيءَ تي وهائي ڪڍيو. ڪئپٽن جي ڪيپراٽي ذريون ذريون ٿي ويئي. هو رڙ ڪري، پهڻ وانگر ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ برف وانگر ٺري ويو.
هوشوءَ اُجهامندڙ اک سان آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي لهندڙ سج رت ـــ هاڻي لام ڇڏي ڏني هئي.
هوشوءَ ڌرتيءَ تي دان ڏنو. سندس هانءَ مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ڏسي، لڪيءَ جا چشما بند ٿي ويا. سنڌو نديءَ جو وهڪرو ماٺ  ۽ سانت ۾ سڪندو ويو. کير ٿر جون سربلند چوٽيون جھڪنديون ويو ـــــــــ هڪ طويل رڪوع ۾ نمنديون ويون.
هوشو ٿڙندو، ٿاٻڙندو، وک کن وڌيو. اکين اڳيان اونداهه اچي ويس. اکين آڏو ماحول ڌنڌ ۾ ٻڏندو ويس. هو آهستي آهستي، گوڏا کوڙي، رت ڀِنيءَ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو. روح اڻ ــ ڪٿ پولار ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس، ڪائنات جي بي انت پکيڙ ۾ پکيءَ وانگر پرڙا هڻندو رهيس. ڪرنگهو ڪمان ٿيس. هو ابدي سجدي ۾ ڌرتيءَ تي جھڪي آيو. پنهنجا رت ــ هاڻا چپ سنڌ جي مِٽيءَ سان ملائيندي چيائين،
”سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون پيتو جامِ شهادت پيتو.
اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس:
صدين جا رُخ موڙي،
حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهجي ماءُ،
جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سَين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جِيئندس،
جتان وري مان ورندس.“      
هوشوءَ پنهنجيءَ بي پناهه بهادريءَ ۽ بيمثال حب الوطنيءَ سان دُٻي جي شڪست کي سنڌ جي سڀ کان وڏيءَ فتح ۾ بدلي ڇڏيو.
جنهن وقت ڪائنات مڪمل اونداهه ۾ گم ٿي رهي هئي، ۽ جنهن وقت انگريزن جي ڪئمپ مان ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس جي موت تي ٽرمپيٽ جي دردناڪ صدا بلند ٿي رهي هئي، تنهن وقت جرنيل هوش محمد شيديءَ پنهنجي زندگي جا آخري ساهه کنيا. . . . . . ۽ پوءِ، ٿڪل ٽُٽل ٻار وانگر، جيجل سنڌ جي هنج ۾ منهن رکي سمهي پيو.



هوش محمد شيدي
سنڌ جو سورهيه سپه سالار ۽ شهيد
ارشاد لغاري/چمبڙ
تاريخ ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع جو ڏينهن، سنڌ جي حاڪميت ۽ وراثت لاءِ هڪ نڀاڳي ڏينهن هو. اُن ڏينهن هڪ پاسي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت بچائڻ لاءِ، سنڌ جي فوج هئي ته ٻئي پاسي، سنڌ تي قابض ٿيڻ خاطر جنگ لاءِ، جديد هٿيارن سان برطانوي فوج تيار هئي. دٻي جي ميدان تي سنڌ جي فوج ۽ انگريزن جي فوج ۾ زبردست جنگ لڳي. جنهن ۾ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيڻو هو. هن جنگ ۾ سنڌ جو سپه سالار جرنيل هوش محمد شيدي، انگريزن فوج سان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو.
جنگ ۾ جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ بهتر جنگي حڪمت عملي جي ڪري، هڪ موقعي تي انگريز فوج کي شڪست ٿي رهي هئي پر ڌرتي جي غدارن جي مخبري سبب، سنڌ جي فوج جي جنگي بارود کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو. ان موقعي تي جرنيل هوش محمد شيدي، پاڻ سنڌ جي فوج جي ڪمان سنڀالي ۽ اهو امر نعرو بلند ڪيو ته ”مر سون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“ جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويو.
سنڌ جا تاريخدان لکن ٿا ته؛ شهيد، هڪ حبشي غلام هو. شهيد جو والد، مير فتح خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو هو ۽ ايران جي منڊيءَ کان ڪراچي جي بندرگاهه ڏانهن موڪليو ويو هئو.
وليم نيپيئر پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته؛ شهيد هوشو، فوجي سکيا فرينچن کان حاصل ڪئي هئي.
هڪ محقق مهر ڪاڇيلوي لکي ٿو ته؛ شهيد هوشو، آفريڪي ملڪ تنزانيه جو رهاڪو هو. شهيد هوشو نيپولين جي فوج سان گڏ، مصر جي جنگ ۾ به انگريز فوج خلاف وڙهيو هو. دٻي جي جنگ جي شام، سنڌ لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، جڏهن سنڌ جو هي بهادر سپه سالار شهيد ٿي چڪو هو ۽ آزاد سنڌ جو جهنڊو لاٿو ويو هو.
شهيد هوشو شهيد ٿيڻ باوجود، تلوار کي هيٺ نه ڪرڻ ڏنو. جنهن تي کيس سموري انگريز فوج سلامي به ڏني ۽ جهڪي سلام ڪيو. شهيد هوش محمد شيدي، اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي امر انقلابي نعري سان زنده آهي.







 [ ۱۸۰۷ع – ۱۸۴۳ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو عظيم فرزند، شهيد هوش محمد عرف ”هوشو شيدي“ ولد دوست محمد قنبراڻي، اصل آفريڪا جو رهاڪو هو؛ ۽ ”حبشي خاندان“ سان سندس تعلق هو. سندس ولادت ۱۳۲۲ھ مطابق ۱۸۰۷ع ڌاري، دارالاسلام شهر ۾ ٿي. سندس وڏا گهاٽن جهنگلن ۾ جهوپڙيون جوڙي، زندگي گذاريندا هئا. هاٿي، ببر شير، گينڊا، شتر مرغ، زيبرا، زراف، ۽ باندر وغيره پڪڙڻ سندن خاص مشغلو هو. هتان جا ماڻهو زرخريد وڪامندا هئا.
هوش محمد به اُنهيءَ رواج مطابق چند ڊالرن تي وڪاڻو. آخر زر خريد غلام (ٻانهو) بڻجي، سنڌ ۾ مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان وث پهتو مير فتح علي خان، سنڌ ۾ ميراڻي صاحبيءَ جو پايو وجهندڙ هو.
جيئن ته هوش محمد، هڪ ٻانهو ٿي سنڌ ۾ آيو هو، ان ڪري نمڪ حلاليءَ جو واضح ثبوت ڏيندي، پنهنجي زندگيءَ جو مول مقصد، ”پنهنجي آقا (مالڪ) تان پاڻ قربان ڪرڻ“ بڻايو هو. مير صوبدار خان، اُن وقت انگريزن سان سازباز هو، جا ڳالهه هوشوءَ کي پسند نه آئي؛ جنهن ڪري مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ حيلا هلائي، مير شير محمد ماڻڪاڻيءَ وٽ وڪامي ويو.
تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ جا سردار، ميريا حاڪم هميشہ پنهنجي پڳ پڌري ڪرڻ لاءِ جنگيون جوٽيندا رهيا آهن. اهڙي ئي منصب سان مير شير محمد ماڻڪاڻي به دٻي جي جنگ ۾ للڪار ڪئي. پوءِ ته ڪافي ڪونڌر ڪسندي ڏسي، پڙ ڇڏي وٺي ڀڳو. سندس ڀاڄ بعد، هوشو ميدان تي نڪري آيو. هوشوءَ کي ڪنهن به قسم جي لالچ ڪا نه هئي؛ جنهن ڪري هن سنڌ کي پنهنجو ديس ڄاڻي، ڌارين جي هٿ ڏيڻ نه پئي چاهيو. نتيجو اهو نڪتو، جو انگريزن جي توبن آڏو بيهي، ڪيترن ئي ڪونڌرن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيائين. سندس ساٿي به هڪ هڪ ٿي ميدان خالي ڪندا رهيا. پوءِ پاڻ وڏي واڪي اِئين چوند رهيو، ته ”مر ويسون، سنڌ نه ڏيسون“. هوڏانهن فرنگين جي سڀني ڦندن سان منهن ڏيندو آيو. آخر نستو ٿي پيو؛ ۽ ۲۴ جمادي الاول ۱۲۵۹ھ مطابق ۲۵ مارچ ۱۸۴۳ع تي ميدان جنگ ۾ مارجي ويو.
هوشو، سنڌ ۾ اچڻ سان سنڌي بڻجي ويو هو. کيس سنڌ مان وڌ ۾ وڌ پيار هو. اهو ئي سبب هو، جو پاڻ دل و جان سان پڇاڙيءَ تائين وڙهندو رهيو، پر سنڌ دشمنن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هوڏانهن انگريزن، بهادري جي ڪري سوڀ ڪانه پاتي هئي، بلڪ هٿيارن وسيلي پنهنجي طاقت کان ڪم پئي ورتو.
(۱)– عام طرح سنڌ ۾ ”حبشين“ کي ”شيدي“ سڏيو ويندو آهي. ”شيدي“، دراصل ”سيدي يا سدي“ جي بگڙيل بناوت آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عزت ماب“ (وڏيءَ عزت وارو). عرب دنيا ۾ هي لفظ اڃا تائين معزز ماڻهن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مصر ۽ اُتر آفريڪا ۾ به هن لفظ جو عام استعمال آهي.
“]History of Arabs-by Philips.K.Hitti, London, 1953 :P.P 544[
خود مراقش جو بادشاه اڃا تائين پاڻ کي ”سدي“ سڏائي ٿو. اهڙيءَ طرح الجزائر، لبيا ۽ تيونس جا حاڪم به پاڻ کي ساڳئي لقب سان ڪوٺائين ٿا. اهو دين اسلام جي تبليغ جو اثر آهي؛ جنهن ”غلام“ کي ”آقا“ بڻائي ڇڏيو هو. خود لقمان حڪيم به سوڊان جو ”شيدي“ هو. [قصص الانبياء – فيض محمد، الله بخش ۽ محمد صديق ”مسافر“– ۱۹۴۰ع، صفحو ۲۶۳]
(۱) – تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته هوشو اصل ۾ فرينچ سپهه سالار، نيپولين بونا پارٽ جي فوج ۾ هو؛ ۽ مصر ۾ انگريز جي خلاف به وڙهيو هو [ارض القرآن ”- سيد سليمان ندوي، دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه، ۱۳۴۲هه (۱۹۲۳ع)، جلد–۱، صفحو ۳۱۱]. اُتان پوءِ مسقط ۾ پهتو. سنڌ جي ميرن جڏهن مسقط جي واليءَ وٽان ڪجهه اسلح (توبون وغيره) گهرايو هو، ته هو هوشوءَ هٿاران پهچايو ويو هو. هوشو سنڌين جي مهمان نوازي، بهادري، سچائي، خوش اَخلاقي، صاف دلي، فراخ دلي ۽ حاضر جوابي ڏسي، هتي ئي رهڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. [سنڌ جا مير – راءِ بهادر ديوان هوتچند چانڊو مل ٿڌاڻي ۽ پرمانند ميوارام، ڇپايل ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد سنڌ، ۱۹۳۸ع، ص ۷۷].
(۱)– مير شير محمد جي لشڪر جو سالار – اعظم، مير جان محمد خاناڻي هو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين ڦليليءَ جي پيٽ ۾ انگريزن سان ڇتي ويڙهه ۾ وڙهندي، ڪئپٽن مئڪمرڊو هٿاران، تلوار جي دوبدو جنگ ۾ شهيد ٿيو هو؛ ۽ ”شير - سنڌ“ جو لقب حاصل ڪيائين.
]Life & Opinions of Sir Charles Napier. London 1849 : P.p 245[
(۱)– جنرل هوش محمد شيدي، هڪ عظيم توبچي هوه مياڻيءَ جي ميدان تي سندس بهادريءَ کان انگريز به خوب متاثر ٿيا هئا. مرڻ وقت سندس لاش کي عزت ۽ اهٽرام سان پنهنجن سرويچ جنرلن سان گڏ، حيدرآباد جي قلعي ۾ دفنايائونس.
“ ]Sir Charles Napier & Sind- Lambrick: London 1847: P.P164[





هوشوءَ جي للڪار
مَرسُون مَرسُون سِنڌ نه ڏيسُون
جميل گاد
اسان جي محققن جيڪو ڪجهھ ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع تي شهيد ٿيل سنڌ جي هڪ سورمي جرنيل هوش محمد شيدي بابت لکيو آهي. انھن به پنھنجو وسيلو انگريزن جي لکيل ڪتابن کي ئي بڻايو آهي. هوشو بابت جيڪا معلومات انگريزن ڏني آهي ان مان اندازو لڳائي اسان جي محققن هوشوءَ تي طبعه آزمائي ڪئي آهي. ۱۸۴۳ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ته ان جنگ ۾ هڪ شيدي نسل جو سورمو وڙهندي سنڌ مٿان قربان ٿيو. اهو ذات جو قمبراڻي هو، سرچارلس نيپيئر هوشوءَ بابت لکيو آهي ته “هوشو جنگ ائين وڙهي رهيو هو ڄڻ هن کان سڀ کان پياري شيءِ کسي ٿي وئي، هوشو پنھنجي والد وانگر مير فتح علي خان ٽالپر جي حويلي ۾ پيڙهين کان ملازم ضرور هو پر هو هڪ ذهين ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ جوان هو جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ سڄي سنڌ هوشوءَ جا گيت ڳائڻ بجاءِ ڪنھن مير ۽ ٽالپر جا گيت ڳائي ها! ڇو ته جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ان وقت حڪمران ٽالپر هئا.
ڌرتيِءَ ماءُ لاءِ هوشو شيدي جي ويڙهه ڏسي انگريز ليکڪ وليم نيپيئر پنھنجي ڪتاب “دي ڪانڪيوسٽ آف سنڌ” ۾ لکيو آهي ته هوشو نھايت منظم طريقي سان جنگ وڙهي رهيو هو، جنگ جي فن ۾ ڪنھن به انگريز جنرل کان گھٽ نه هو. هوش محمد شيدي جي بهادري بي مثال هئي، جنرل جان جيڪب به سنڌ ۾ ٿيل سمورين جنگين ۾ حصو ورتو هو، جيڪو دٻي واري ويڙهه ۾ پڻ شامل هو. ان لکيو آهي ته؛ “آئون سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان پر مون هوشوءَ جهڙو بي ڊپو ۽ سَرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي” هوشو سنڌ ڌرتيءَ مٿان پنھنجو ساهه صدقو ڪيو هو آخري گھڙين ۾ انگريزن جهڙي وڏي طاقت آڏو بيٺل رهيو، هوشو سان ڪُل هڪ سئو سپاهي گڏ هئا پر پوءِ به هو هِڪَ انچ به پوئتي نه هٽيو.
سنڌ کي پنھنجي غلامي هيٺ رکڻ لاءِ جڏهن انگريزن پنھنجون اکيون هر وقت سنڌ ڏانھن کتل رکيون هيون انھن سڀ کان اول ميرن مان انھن شهزادن کي ڳولهي پنھنجي اثر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي پئسي ۽ اقتدار جي هوس هُئي، اهڙي طرح ٻين شهزادن سان گڏ انگريزن هوشوءَ جي ننڍ پڻ جي دوست مير صوبدار کي به پاڻ سان گڏڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. هوشوءَ هڪ دوست جي حيثيت ۾ مير صوبدار کي ڏاڍو سمجھايو ته انگريز اسان جا سڄڻ ناهن انھن جي چالن ۾ نه اچي، سنڌ کي خطرو آهي هن مهل سڀ اختلاف وساري ڇڏ پر انگريزن سنڌ جي فتح کان پوءِ مير صوبدار کي اقتدار جا جيڪي خواب ڏيکاريا هئا ان لالچ جي ڪري مير صوبدار انگريزن سان هر قسم جو تعاون ڪندو رهيو، مير صوبدار ۽ ٻين ٽالپر شهزادن جي غداري سبب انگريز ۱۱ جنوري ۱۸۴۳ تي حملو ڪري امام ڳڙهه وارو قلعو فتح ڪري ورتو جيڪو خيرپور جي ميرن جو هو. ۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي حيدرآباد کان ست ميل پري مياڻي واري جنگ لڳي. اها جنگ انگريزن فتح ڪئي ته مير صوبدار حيدرآباد واري قلعي اندر مَڻ مٺائي جا ورهايا. مياڻيءَ واري جنگ جي چئن ڏينھڻ بعد ۲۱ فيبروري ۱۸۴۳ع تي انگريز سپاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي ويا. اُتي پهچي انگريزن مير محمود خان سميت پنھنجي وفادار مير صوبدار کي به قلعي مان ڪڍي قيد ڪيو. هن گھڻيون ئي سندن آڏو دانھون ڪيون ته آئون اوهان جو وفادار آهيان پر انگريزن کيس هي لفظ چئي قيد ڪري ڇڏيو ته “جڏهن تون پنھنجن جو وفادار ناهين ته اسان سان ڇا وفا ڪندين؟”.
اهڙيون حالتون ڏسي هوشوءَ جي دل ۾ انگريزن لاءِ نفرت ۽ حڪارت اڃا وڌي وئي، هوشو غُصي ۾ سپاهي ساڻ ڪري ميرپور خاص مير شير محمد ڏانھن هليو ويو. مير شير محمد به هوشوءَ وانگر سنڌ جو سچو سپوت هو، هن کي هوشوءَ جهڙي دلير ۽ بهادر جي ته ضرورت هئي هوشو هن وٽ پهتو ته هن جي همت ۽ قوت اڃا وڌي وئي. مير شير محمد ۱۰ مارچ ۱۸۴۳ع تي فوج وٺي حيدراباد روانو ٿيو، ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع تي سرچارلس نيپيئر به پنھنجي فوج وٺي ڦليلي واهه ٽپي آيو ۽ هيڏانھن مير محمد ۽ جرنيل هوشو به فوج وٺي حيدرآباد کان ۸ ميل پري ٽنڊي الهيار روڊ تي دُٻي جي ميدان تي پھچي ويا. ۲۳ مارچ تي سنڌي فوج ۽ انگريز فوج وچ ۾ دوبدو ويڙهه شروع ٿي وئي. سنڌي فوج جي مقابلي ۾ انگريز وٽ جديد ترين هٿيار هئا. سنڌي جوان پنھنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ لاغرض ٿي وڙهندا ۽ ڪرندا رهيا، هوشو جيڪو جنگي گُرن کان سٺي ريت واقف هو هن جنگ دوران جيڪا صف بندي ڪئي هئي ان انگريزن کي پريشان ڪري وڌو هو. کاٻي پاسي سپاهين جي جٿي پويان ڪيولري بيهاري وئي هئي. ساڄي پاسي کان سپاهين جي جٿي پويان دُٻو ڳوٺ هيو جتي به ماڻهن کي گڏ ڪري بيهاريو ويو هو ۽ گھرن کي سوراخ ڪيا ويا هئا کاٻي پاسي توبون هيون جيڪي ٻئي نمبر ناليءَ جي پويان هيون، سڀني جي آڏو سمورو جھنگ ڪاٽي صاف ڪيو ويو هو.
سر چارلس غدارن ذريعي هوشوءَ جي لشڪر جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ حملي جو حڪم ڏنو، ان کان پوءِ انگريز فوج به پنھنجي پوري قوت سان حملو ڪيو پر سنڌي لشڪر سندن حملي کي ناڪام ڪري ڇڏيو، ان مهل انگريز محسوس ڪيو ته سنڌي فوج کين کاٻي پاسي کان گھيري ۾ آڻڻ لاءِ جھنگ اندران اڳتي وڌي رهي آهي. ته انگريزن پنھنجي توب خاني کي سنڌي فوج مٿان بارود جي مينھن وسائڻ جو حڪم ڏنو. ان دوران هوشو شيدي، مير شير محمد کي صلاح ڏني ته فوج کي پٺتي هٽائي سپاهين کي هڪ ڏينھن جو آرام ڏيو ۽ پوءِ نئين سر مورچابندي ڪنداسين ته جيئن ٻئي ڏينھن وڌيڪ توانائيءَ سان وڙهي سگھون پر انگريز جديد هٿيارن سبب هنن کي اهو موقعو ئي نه ڏنو.
هوشو شيدي سنڌ جي آزادي برقرار رکڻ واري جذبي سان ايترو سرشار هيو جو آخر تائين سنڌي سپاهين کي سورهيه ٿي سوڀ ماڻڻ لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ انتهائي مشڪل گھڙين ۾ به سپاهين ۾ قومي جذبو برقرار رکڻ لاءِ هوشو اهو ئي نعرو هڻندو رهيو ته “مَرسُون مَرسُون سنڌ نه ڏيسُون” هي هوشوءَ جون هڪلون ئي هيون جو انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ توبن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي سپاهي تلوارن سان وچ ميدان ۾ لهي آيا، سرن مٿان سر ڪرندا رهيا پر سنڌي وڙهندا رهيا ان دوران هوشو مير شير محمد کي جنگ مان نڪري وڃڻ جو چيو ۽ کيس اٺ تي ويهاري موڪلي ڇڏيو ان کان پوءِ هوشو زندگي جي آخري هڏڪي تائين ماتر ڀومي لاءِ وڙهندو رهيو ۽ ۲۳ مارچ تي دُٻي واري ويڙهه ۾ ئي هوش محمد شيدي شهادت جو جام پيتو.
ان حوالي سان اڄ ۲۳ مارچ تي جرنيل هوش محمد شيدي جي ۱۷۴هين ورسي آهي، هوشو جي آخري آرام گاهه لاءِ هڪ رايو اهو آهي ته انگريزن دُٻي جي لڙائي کان پوءِ سنڌ جي شهيد ٿيل سپاهين کي دٻي جي ميدان تي ئي دفن ڪري ڇڏيو هو پر ٻي راءِ اها آهي ته پڪي قلعي اندر جنھن قبر تيOne of the Meer’s Soldiers  لکيل هو اها هوشو شيديءَ جي قبر هئي پر ان قبر مٿان ۱۹۴۷ع ۾ هندستان کان هجرت ڪري آيل ۱۹۸۴ع ۾ بسڪوٽن ٺاهڻ جي بيڪري ٺاهي ڇڏي هئي.

هوش محمد شيدي
اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سوير جو!
آصف رضا موريو
سترهين، ارڙهين ۽ اڻويهين صدي سنڌ هنڌ ۾انگريزي حڪمرانن جي تاريخ لاءِ گهڻي بختاور هئي. ان عرصي ڌاران هنن پنهنجي “ڌڙا ڪري حڪومت ڪرڻ” واري پاليسي ۽ سازشي جوڙ ٽوڙ سان اڌ دنيا تي قبضو ڪري ورتو هيو. انگريزن جي ڪاميابي جو راز سندن محنت، حرفت ۽ همٿ کان سواءِ سندن فريبي ڦندن، علائقي جي قوم فروش غدارن ۽ بزدل ڌرتي ڌڻين جي ٻانهن ٻيلائپ ۾ پڻ هيو جن مان گهڻا پنهنجي پنهنجي قومن خلاف “شيم، شيم” جا خطاب هڻي ڀوتار، وڏيرا، نواب ۽ جاگيردار بڻيا.
جتي جتي ڌرتي تي غدار هوندا آهن اتي محبِ وطن مانجهي مرد به جنم وٺندا آهن. سنڌ ۾ جن مجاهد سورمن ۽ ڏاهي ڏوٿين مٿي تي ڪفن ويڙهي فرنگي سازشن ۽ سندن ڪروڌي ارادن سان مهاڏو اٽڪايو انهن مان جنرل هوش محمد المعروف هوشو شيدي پڻ هڪ هيو.
هوشو شيدي جي پيدائش پيران کوڙ سارا رايا ۽ نظريا پکڙيل آهن پر مصري محقق مبارڪ سعيد جي تحقيقي ڪتاب “همٿ جي تاريخ” ۾ سندس ڄم ۲ مئي ۱۷۸۶ ع (ياد رهي ته ڪن تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس جنم تاريخ ۲ مئي ۱۸۰۱ع پڻ ڄاڻايل آهي) بمقام آفريڪا وارو رنجبار ٽانگا نيگا ٻيٽ لکيو آهي جيڪو اڄڪلهه تنزانيه ملڪ جو حصو آ ۽ پوري دنيا ۾ لونگن جي پيدائش لاءِ مشهور آهي.
تاريخي ڪتابن جو سرسري جائزو ٻڌائي ٿو ته “هوشو پنهنجي قبيلي جي ڪجهه نوجوانن سان گڏ نيپولين بونا پارٽ (۱۸۷۳ع-۱۷۰۸ع) جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ سان پنهنجي جنگي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن مصر ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ بهادري سان ويڙهاند ڪندي عسڪري حڪمت عملين جا سمورا گر ۽ اٽڪلون سکي ورتيون. ۲۱ آڪٽوبر ۱۸۰۵ع ڌاري ٽرافيلگر جي جنگ ۾ برطانيا جي امير البحر نيلسن هٿان نيپولين جي شڪست کانپوءِ جنرل هوشو مسقط جي امير وٽ فوج ۾ نوڪري ڪئي. گهڻو پوءِ سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر مسقط جي امير کان ڪجهه توپون گهرايون هيون جن جي ٽريننگ لاءِ امير طرفان هوشو کي به ماهر توبچي طور سنڌ نيو ويو هيو.
ٽالپر ذات بلوچن جي هڪ شاخ آهن جيڪي ڇهين صدي عيسوي جي آخر ڌاران ايران جي علائقي ڪرمان ۾ رهندا هئا پر صدين جا سفر ڪندي اتان لڏي سنڌ ۽ مڪران ۾ جهڳا جوڙيندا ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات، سيوهڻ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ آباد ٿيندا رهيا ۽ وقت سان گڏ مٿيرڙا ٿيندا رهيا ته سنڌ ۾ انهن ڪلهوڙن کان حڪومت ڦري پاڻ کي “مير” سڏائڻ شروع ڪيو. ٽالپرن جي ڏاڏي ڪڪي خان کي اٺ پٽ هئا جن مان ماڻڪ خان جي اولاد (ماڻڪاڻي) سنڌ جي علائقي ميرپور ۾ حڪومت ڪئي جڏهن ته هوت خان جي اولاد حيدرآباد ۽ خيرپور ڏانهن وڌي وئي.
مير ڪرم خان کي هوشو جي فوجي ڄاڻوگري، بهادري، سياڻپ، حرفت ۽ سادگي دل ۾ گهر ڪري وئي، ان لاءِ سندس مالڪ مسقط جي امير جي اجازت سان کيس پنهنجي صغير پٽ مير صوبدار خان جو نگران مقرر ڪيو، جيڪو ان وقت اٺن ورهين جو مس هيو. ننڍڙي شهزادي جي پيءُ جي وفات کانپوءِ ملڪيت جي ورهاست جي مسئلي تي صوبيدار خان جا چاچن سان اختلاف ٿي پيا ته هوشو، شهزادي جو ڀرپور ساٿ ڏيندي اسلام ڪوٽ ۾ هڪ ويڙهاڪ فوج تيار ڪئي پر ان وچ ۾ چاچن ۽ ڀائٽي جو ٺاهه ٿيو ته ڳالهه آئي وئي پر هوشو ڏينهون ڏينهن ويو حاڪمن کي ويجهو ٿيندو.
ان دور ۾ به پنهنجا اقتداري پر پکيڙيندڙ انگريزن جي لوڀي نظر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڪاروبار جو بهانو ڪري چڙهائي ڪئي. سنڌ تي سندن حملي ڪرڻ جا ٻه اهم سبب اهي به هئا ته افغانستان سان جنگ دوران سنڌ هڪ بهترين فوجي بڻياد مهيا ڪري ها ۽ ٻيو ته سنڌوندي وڻج واپار جو بهترين رستو هيو جنهن کي انگريزن پنهنجي قبضي ۾ رکڻ پئي گهريو.
۱۸۴۳ع ڌاري انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ “مياڻي” جي ميدان تي خطرناڪ جنگ لڳي جنهن ۾ انگريزن جي جديد هٿيارن سان ليس فوج کي فتح ملي. ان جنگ ۾ مير صوبدار خان نه رڳو پاڻ ڪو نه وڙهيو هيو پر هن هوشو ۽ ٻين ساٿي ڪمانڊرن کي به وڙهڻ نه ڏنو هيو ڇو ته انگريزن کيس جنگ کٽڻ کانپوءِ سنڌ جي حاڪميت جي لالچ ڏني هئي.
ٽالپرن جي جنگ ۾ شڪست ۽ مردن جي گرفتاري کانپوءِ انهن جي عورتن هوشو هٿان هڪ غيرت ڀريو پيغام خيرپور رياست جي والي ميرصوبدارخان کي موڪليو ته “اسان جي عزت جا محافظ هن وقت انگريزن وٽ باندي آهن، هتي لوئي ۽ لڄ لاءِ ترار کڻڻ وارو ڪو به مرد آزاد ڪو نه بچيو آهي هاڻي توهان ۾ ئي مظلوم ڀينرن جو آسرو آهي، ترت ڪا واهر ڪيو” هوشو اهو پيغام کڻي پهريون ميرصوبدار خان وٽ ويو پر ان کي ان مسئلي تي غيرت ڪونه آئي ته هوشو ساڻس ساٿ ڇڏيندي شير محمد خان وٽ ويو جنهن نياڻين سندو نياپو اکين تي رکي هوشو کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي فوجي توبخاني جو نگران مقرر ڪيو.
۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع ڌاران مير شير محمد خان جي لشڪر ۽ انگريزن جي فوج وچ ۾ حيدرآباد ڀرسان ناريجا ڳوٺ ويجهو وٽ دٻي وٽ جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌي لشڪر طرفان هوش محمد شيدي، غلام علي خان ماڻڪاڻي، مير علي خان ٽالپر، نبي بخش مري، رحيم خان ٽالپر ۽ لوهاڻي ٻروچ اهڙي ته بهادري سان وڙهيا جو انگريزن جا ڏند کٽا ڪري وڌائون. ان کان اڳ جو انگريز پنهنجي لشڪر سان ڀاڄ کائن هڪ غدار نواب محمد خان ٽالپر انگريزي فيلڊ مارشل چارلس نيپيئر (۱۸۹۰ع-۱۸۱۰ع) کي سنڌي لشڪر جي بارود ۽ هٿيارن رکڻ واري لڪل هنڌ جي نشاندهي ڪئي جنهن تي نيپيئر سنڌي فوج تي ڪاري وار ڪندي سندن بارود جي ذخيري کي باهه ڏئي اڏائي ڇڏيو. بارود جي تباهي کانپوءِ ميرن جي لشڪر ۾ ڦڙ ڦوٽ پوندي ڏسي سپهه سالار اميد علي لغاري مير شير محمد خان کي صلاح ڏني ته هو ميدان ڇڏي وڃي ته جيئن ڪجهه وقت کان پوءِ نئين سر تياري ڪري انگريزن سان پلاند ڪجي پر هوشوشيدي مير کي تنبيهه ڪندي خبردار ڪيو ته “ميدان مرد ناهن ڇڏيندا توهان جي پٺي ڏيڻ سان ميرن جي تاريخ تي چٽو لڳي ويندو” پر هنياءَ هاريل مير پنهنجي سالارن سان گڏ ڀاڄ کائي جان بچائي. انهن جي وڃڻ کانپوءِ لشڪر جي اڳواڻي هوشوشيدي سنڀالي توبچين کي حڪم ڏنو ته بارود جي کوٽ سبب ڪاٺيون، پٿر، ڦوڙ ۽ ڀتر وغيره جيڪو ڪجهه به ملي توپن ۾ وجهي دشمن جي لشڪر تي وسائيندا رهو ته جيئن کين بارود ختم ٿيڻ جي ساڃاهه نه پوي. پر آخر ڪيستائين.دوبدو جنگ شروع ٿي، انگريزن وٽ بندوقون، تير ۽ توپون هيون ته مسلمانن وٽ رڳو تلوارون ۽ خالي هٿين اڻ ميا حوصلا پر ڌارين کان ڌرتي آجي ڪرڻ جي جذبي سان ڀرپور مجاهدن جي حوصلن ۾ ڪا گهٽتائي ڪونه ٿي. هوشو جون هڪلون جنگ جي ميدان ۾ ڪانئرن جي حوصلن جا هنياوءَ ڳاري رهيون هيون ته؛
“دشمن ڪون هڻ مار ڪڍيسون
“مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”
هوشو نعرا هڻندو انگريزن جي فوج کي وڍيندو رهيو ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پنهنجي ساٿين سان وڙهندي وڙهندي دشمن جي لشڪر کي ٻه ميل پوئتي ڌڪي ڇڏيائين......سندس هڪلون ۽ هوڪرا ٻڌي دشمن دهلجي پوئين پير ڀرڪي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گولي هوشوءَ جو سينو چيريندي پار ڪري وئي ۽ سنڌ جي تاريخ جو هي موڀي مڙس پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ شهادت جو مرتبو ماڻيندي امر ٿي ويو. سندس ساهه پر واز ٿيڻ کانپوءِ به تلوار جي هٿئي تي هن جي پڪڙ مضبوط هئي.....“ اٿي ويا اوٺار، کڻي ساٿ سويل جو”. جنگ کانپوءِ انگريزن پنهنجي هن بهادر دشمن جي مهانتا کي مڃتا واري سلامي ڏيندي وڏي احتشام سان حيدرآباد جي قلعي ۾ دفنائي سندس تربت مٿان هڪ ڪتبو ۽ توپ پڻ يادگار رکرائي هئي.
زندهه قومون پنهنجي ڌرتي، عزت ۽ وقار جي حفاظت لاءِ جان ارپيندڙ سورمن کي ڪونه وسارينديون آهن. هوش محمد شيدي سنڌ جي سينڌ جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان سان ان جي بنجر کيڙين کي رت جو ريج ڏئي سرهو ڪيو. افسوس آهي جو اڄ ان عظيم يوڌي کي اسان نه رڳو پنهنجي تاريخي ۽ نصابي ورقن مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو آهي پر سندس تربت جو نشان به وڃائي ويٺا آهيون جنهن کي سندس بهادري جي موٽ ۾ ان جي ڪٽر دشمن چارس نيپيئر به فوجي دستور موجب انگريز سرڪار طرفان عزت ڀري سلامي پيش ڪئي.
پراڻي انگريزي تاريخن جي مستند ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هوش محمد شيدي کي سندس دشمنن حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ وڏي طمطراق سان دفن ڪرايو هيو. جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ بلاول زرداري ڪجهه سرڪاري هرڪارا جهڙوڪ مولا بخش چانڊيو، شرجيل ميمڻ وغيره ساڻ کڻي ان تاريخي غداري جي دستاويز تي گويا آخري ڌڪ هڻڻ ويو جيڪو ڪيئي سال اڳ حيدرآباد جي هڪ مهاجر ڊپٽي ڪمشنر (جنهن جو نالو هن وقت ياد ڪونه آهي) نبي بخش بلوچ کان لکرايو هيو ته “هوشو شيدي جي تربت حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ نه پر حيدرآباد کان ڏهه ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻڍي سيال ۾ آهي”.
اهو وقت اڃا ايترو پراڻو ڪونه ٿيو آهي جڏهن سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز يا حيدربخش جتوئي وغيره جهڙا ڪامريڊ ڪو ٻارڻ ٻاريندا يا ڪو ڪٺ ڪڍندا هيا ته پوسٽر ۾ لکندا هيا ته “ريلي هوشو شيدي جي مزار کان شروع ٿيندي..” ۽ اها ريلي حيدرآباد جي پڪي قلعي وٽان نڪرندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هيءَ خبر پڻ اخبار دنيا ۾ پکڙي هئي ته “پڪي قلعي ۾ موجود هوشو جي تربت مٿان ڪا بُٺي ٺهي آهي جنهن تي سنڌي قومپرستن ۽ سماجي ميڊيا پڻ واويلا ڪئي پر پوءِ ساڳي خاموشي.”
مان تاريخي ڪتابن جي ان ڳالهه سان به متفق ڪونه آهيان ته هوشو شيدي تنزانيه ۾ ڄائو هوندو. صدين کان سنڌين لاءِ بهادري جي منزل مقرر ڪرڻ وارو هي ارڏو ڪردار جنهن انگريز حملي آورن کي خون جا ڳوڙها ڳاڙائي، ننڊون ڦٽائي ڏند کٽا ڪيا ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڌارين جي يلغارن خلاف اورچائي جي مضبوط علامت سمجهيو ويندڙ هي سورهيه سپوت جنهن پنهنجي پيرن هيٺان موجود مٽيءَ تان ظلم جا انڌيرا ڪڪر اڪلائڻ لاءِ شهادت جو جام پيتو سو جوڌو منهنجي خيال ۾ سنڌ ڌرتي مان جنم وٺندڙ ئي ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ سچائي سان سائنسي ۽ اخلاقي بڻيادن تي ڪنهن ڏاهي، ارڏي ۽ اڻ وڪئي محقق پاران نئين سر تحقيق ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. قلم جنين جي هٿ ۾ سي جي قرب ڪن.


ھوش محمد شيدي

سنڌ جو ھيرو - شھادت جو ڏينھن

صدام جوکيو

عام رواجي زندگي گذارڻ وارا انسان وقت جي وهڪري هيٺ اچي مِٽجي ۽ ميسارجي ويندا آهن، دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو نه نالو رهندو آهي نه نشان، پر ساڳيءَ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا سرويچ، سپوت، سڄاڻ ۽ بهادر انسان به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪندي، پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ضمير ۽ وجود جو مان مٿاهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتيءَ تي ته به اهڙا ڪيترا ئي جوڌا جوان پُٽ پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سنڌ خلاف اُٿندڙ دشمن حملاآورن سان بهادريءَ سان مقابلا ڪندي ڪڏهن، فتح حاصل ڪئي ته ڪڏهن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان وڙهندي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو ۽ سنڌ جو شان ۽ مان وڌايو آهي. اهڙو ئي برجستو بهادر ڪردار، سنڌ جو هيرو شهيد هوش محمد شيدي به آهي. جنهن سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سر گهور ڪري، پنهنجي وطن جي حقيقي مجاهد هئڻ وارا پورا فرض نڀايا، سندس مشهور نعرو هو ته “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”. شهيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ هوشو شيدي سنڌ جا ٻه اهڙا شهيد آهن، جيڪي وطن خاطر انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيا. هوش محمد جي شهادت واري تاريخ بابت ٻه رايا ملن ٿا، ڪجهه ليکڪن لکيو آهي ته هي ۲۳ مارچ جي شام تي شهيد ٿيو ۽ ڪجهه جو رايو آهي ته هي ۲۴ مارچ تي شهيد ٿيو.

هوش محمد جا وڏا ايران جي علائقي نار جا هئا، اُتان هوش محمد جي والد کي غلام جي صورت ۾ ڪراچي بندر تي وڪري لاءِ آندو ويو هو، جنهن کي مير فتح علي ٽالپر پاڻ وٽ ملازم طور رکيو هو. مير فتح علي خان ٽالپر جو پٽ مير صوبدار خان ۱۷۹۱ع ۾ پيدا ٿيو ڪجهه حوالن تحت هوش محمد اُن جو هم عمر دوست ۽ ساٿي هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا، هوشو شيديءَ جي جنم جو سال ۱۸۰۱ع لکيو آهي. رچرڊ برٽن مطابق هوشو شيدي ماءُ پاران شيدي ۽ پيءُ پاران قمبراڻي هو. جڏهن جوانيءَ کي پهتو ته هن کي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو، جتي هن بندوق جي نشاني بازيءَ جي تربيت ورتي ۽ بهترين نشاني باز هئڻ ڪري کيس توبخاني جو انچارج مقرر ڪيو ويو. وليم نيپيئر موجب، هوشو، توبچيءَ وارو هنر فرينچ فوجين کان سکيو، جيڪي ان دور ۾ هندستان جي ميسور ۽ پنجاب سوڌو مختلف رياستن ۾ فوجي تربيت ڏيندڙ مکيه يورپي لوڪن مان هئا. تارخ لکي ٿي ته ٽالپر حڪمرانن جي وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا هئا، ان وقت انهن اختلافن جو فائدو وٺندي انگريزن بهاولپور جي نواب، قلات جي نواب ۽ جوڌپور جي راجا کي جابلو علائقا تحفي ۾ ڏئي پنهنجو ڪري ورتو هو ۽ اتر سنڌ ۾ مير مراد علي خان ۽ لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي به خريد ڪري پاڻ سان ملايو هئائون، ته جيئن سنڌ تي ڪاهه ڪجي ته ٽالپرن کي ٻاهرين مدد به نه ملي سگهي. اندران به غداري ڪرائي وڃي، ٽالپرن جي فوج مان ڌاريا اهلڪار توبخاني جو انچارج جان هاويل ۽ ٻيو فوجي آفيسر سائمن کي به خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو.

۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع تي انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ جنگ لڳي جيڪا “دٻي واري جنگ” طور مشهور آهي، اُها جنگ حيدرآباد جي ٻاهران ديهه ناريجا ۾ دٻي واري هنڌ تي لڳي هئي. هن جنگ ۾ هوشو شيدي جرنيل جا فرض سر انجام ڏيندي وڏي بهادري ۽ سچائيءَ سان وڙهندو رهيو. جڏهن جنگ باقاعدي شروع ٿي ته سنڌي فوج وڏيءَ بهادري سان وڙهي رهي هئي، پر نواب خان محمد جي غداريءَ سبب نيپئر بارود کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هوش محمد شيديءَ جي لشڪر وٽ بارود ختم ٿي ويو. اهڙين حالتن ۾ اڪثر فوجون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون آهن، پر هن سنڌ جي سپوتن ۽ بهادرن هڪ انچ به سنڌ ڌرتيءَ جو ڌارين کي ڏيڻ پسند نه ڪيو ۽ همٿ سان وڙهندا رهيا، جرنل هوش محمد به پنهنجي صلاحيت ۽ فوجي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ آخري دم تائين سنڌي فوج جو حوصلو، همت ۽ جذبو وڌائڻ خاطر وڙهندو رهيو، بارود جو آسرو ختم ٿيڻ کان پوءِ هن چيلهه سان ٻڌل تلوار هٿ ۾ جهلي ۽ انگريز فوج تي ڪاهي پيو. ان وقت سندس زبان تي اهي لفظ شدت سان ورجائجي رهيا هئا ته “مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون” اڀ ڏاريندڙ اهي نعرا هڻندي هڻندي سنڌ جو هيرو هڪ آئرش سپاهيءَ هٿان شهيد ٿي ويو.

عنايت قمبراڻي لکي ٿو ته “پاڻ ساهه جو سڳو ٽٽڻ باوجود زمين تي نه ڪريو. سندس هٿ ۾ تلوار جنهن جي نوڪ زمين ۾ کُتل هئي ۽ گوڏن ڀر زمين تي ويٺل رهيو، جنهن خوف سبب انگريز ٻڏتر جو شڪار هئا ته هي زندهه نه هجي ۽ حملو نه ڪري وجهي. ڪافي دير بعد انگريز، شهيدن جي بي وس وجود وٽ پهتا ۽ کيس هٿ لڳائي زمين تي ڪيرايو ته اچرج ۾ پئجي ويا. حيرت مان هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندا رهيا. مجبورن هنن کي شهيد جي جرئت ۽ بهادري تي داد ڏيڻو پيو ۽ هنن کيس سلوٽ ڪيو. سندس مڙهه کي مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو ويو. تاريخ ۾ اهڙو عمل ڪٿي به نه ٿو ملي جو دشمن فوج پاران دشمن فوج جي ڪنهن سپاهي کي اعزازن سان نوازيو وڃي”. شهيد هوش محمد شيدي بابت ميجر جيڪب چيو، “مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي

دادا سنڌي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ تاريخن ۾ هن بهادر سپاهيءَ ۽ دٻي واري جنگ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي هارائڻ جو سبب اندروني مخالفتون، گڏجي حڪمت ٺاهڻ جي اڻهوند، پنهنجن ۽ خاص ڪري ڌارين فوجي آفيسرن جي غداري هو. ٻنهي جنگين ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ جيڪي ذاتيون ۽ قيبلا هئا انهن ۾ شهداداڻي، ماڻڪاڻي، خاناڻي، شھواڻي ۽ ٻين ذاتين ۾ نظاماڻي، لغاري، جوکيا، کٽياڻ، پتافي، جمالي، بوزدار، مري، چانگ، لاشاري، ڪپري ۽ شيدي شامل هئا. شهيد هوشوءَ جي مزار ڪٿي آهي، ان بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شهيد شهادت واري ميدان تي مدفون آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته شهيد جي مزار پڪي قلعي ۾ آهي، عنات کٽياڻ لکي ٿو ته “شهيد هوش محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن لاش کڻائي اچي، مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان، پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو. جتي هاڻي سنڌ ثقافت کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه خاص اُپاءَ ورتا کيس جس هجي ته هن سنڌ جي بهادر سالار هوش محمد شيديءَ (قمبراڻي) جو شانائتو مقبرو جوڙايو جتي سنڌ جا عاشق هن بهادر سالار کي سلام پيش ڪندا رهندا آهن. شهيد هوش محمد جي پونئرن ۾ سندس پٽ داد ڪريم، پوٽو بچل ۽ ٻيا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ آباد آهن. هوش محمد شيديءَ جي شخصيت تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ منصور قادر “جرنل هوش محمد شيدي”، محمد حنيف مهر “شهيد سنڌي جنرل هوش محمد شيدي”، نصير اعجاز “جنرل هوش محمد شيدي” شامل آهن. هوش محمد شيدي سنڌ جي ماضيءَ حال ۽ مستقبل جو اهڙو اُتم ڪردار آهي، جيڪو سنڌين جي لاءِ بهادريءَ جو هميشه هڪ اعليٰ مثال رهندو. کيس ويٽنامين جي عوامي هيرو جنرل گياپ جيان سنڌ جو عوامي هيرو آهي سندس ياد ۾ حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي شهباز بلڊنگ ڀرسان هڪ “فلاءِ اوور پل” منسوب ڪئي وئي آهي ۽ سندس يادگار حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ نسب ٿيل آهي.


شھيد ھوش محمد شيدي

سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي دلير ۽ بهادر انسانن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي هن سرزمين جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ جان قربان ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده ٿي ويا آهن. اهڙن محب وطن ۽ دلير انسانن ۾ شهيد هوش محمد شيدي به هڪ آهي. جنهن انگريزن جي خلاف بهادريءَ سان وڙهندي سِرُ ڏنو.

شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد ۱۸۰۱ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو ته هوشوءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نه اچ، پر هو نه مڙيو.

اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ۱۸۴۳ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاهه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاهه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون ته ۱۱ جنوري ۱۸۴۳ع تي انگريزن حملو ڪري خيرپور جي ميرن جو ”امام ڳڙهه“ وارو قلعو فتح ڪري ورتو.

۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي مياڻي جي جنگ لڳي ته انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت به مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو ته ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو ته ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“

انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ ۲۱ فيبروري ۱۸۴۳ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.

هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن به ساراهيو آهي.

۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع سنڌ جي سورمي جنرل هوشو شيديءَ جي شهادت جو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.

 

(سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي پيج تان ۲۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

 

هوش محمد شيدي

۲۴ مارچ۱۸۴۳ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي مير حڪمرانن جي فوج جو بهادر سپاهي هو، جنهن کي پنهنجي بيپناهه بهادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ باعث اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي. مرويسُون سنڌ نه ڏيسُون جو مشهور نعرو هوشوءَ سان منسوب ڪيو ويندو آهي. هوش محمد ۱۸۰۱ع تي پيدا ٿيو.

چارلس نيپيئر جي سربراهيءَ ۾ برطانوي فوج سنڌ جي مير حڪمرانن سان جنگ ڪئي، جيڪا دٻي جي ميدان تي لڳي، جنهن کان پوءِ سنڌ تي برطانيه جو باقاعده راڄ شروع ٿيو.

۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع جو ڏينهن سنڌ جي حاڪميت جو هو. هڪ پاسي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي فوج هئي ته ٻئي پاسي جديد هٿيارن سان برطانوي فوج هئي. دٻي جي ميدان تي ڌرتي ڌڻين جي فوج ۽ انگريزن جي فوج ۾ زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيڻو هو، پر موقعي پرستن ۽ وطن جي غدارن جي مخبريءَ سبب سنڌ جي فوج جي بارود کي به ساڙيو ويو. جڏهن سنڌ جي سپهه سالار هوش محمد محسوس ڪيو ته غدارن جي وطن دشمني جي ڪري سنڌ جي فوج وٽ بارود نه آهي ته پاڻ زبردست جنگي حڪمت عمليءَ سان انگريز فوج سان اهڙي ته دليري سان وڙهيو جو انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هو اهو نعرو هڻندو رهيو ته، ”مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. اهو نعرو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو آهي. سنڌ جا تاريخدان لکن ٿا ته، شهيد هوش محمد جو والد، مير فتح علي ٽالپر وٽ ڪم ڪندو، جيڪي ايران جي منڊي مان ڪراچي بندرگاهه ڏانهن موڪليا ويا. وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، شهيد هوشو جنگي مهارت فرينچ فوج کان حاصل ڪئي هئي. دٻي جي جنگ جي شام سنڌ جي لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، جڏهن سنڌ جي فوج جو سپهه سالار هوش محمد شيدي شهيد ٿي چڪو هو. شهيد هوشو جي شهادت کانپوءِ چارليس نيپئر انگريز فوج جي فتح جو اعلان ڪيو ۽ نيرون ڪوٽ تان آزاد سنڌ جو جهنڊو لٿو، جيڪو وري جهولي نه سگهيو. دٻي جي جنگ ۾ جڏهن هوشو شهيد ٿيو ته به هن پنهنجي تلوار کي هيٺ ڪرڻ نه ڏٺو. تلوار هٿ ۾ ڏسي انگريز فوج تمام گهڻي حيران ٿي ۽ شهيد هوشو کي جهڪي سلام ڪيو ويو. شهيد هوشو سنڌ جو هڪ اهڙو قومي هيرو آهي، جنهن جي جرئت جي انگريز فوج به معترف آهي پر افسوس جو اسان اهڙي قومي هيرو جو ڪوبه قدر نه ڪيو آهي. انگريزن برطانيا ۾، دٻي جي جنگ ۾ مارجي ويل پنهنجن فوجين جا يادگار تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن پر سالن جي تاريخ ۾ به سنڌ جو نوجوان نسل پنهنجي قومي سورمي کان اڻڄاڻ آهي. اڄ شهيد هوش محمد لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي گهرجي ته سنڌ جي قومي سورمي سپهه سالار شهيد هوشو کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

 

(فسيبڪ جي پيج سنڌي ورلڊ تان ۲۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)



شھيد ھوش محمد شيدي

سنڌ جو عظيم ڪردار

عنايت قمبراڻي

سنڌ جي تاريخ پنھنجي ڌرتي لاءِ جدوجھد ڪري قربانيون ڏيندڙ لکين سورمن جرائت ۽ بھادري جي قصن ۽ ڪارنامن سان ڀري پئي آھي سنڌ جي انمول ھيرن ھر انھي ڏکئي وقت ۾ پنھنجي ڌرتي ماء جي حفاظت ڪئي آھي جڏھن ڌارين سنڌ جي محب وطن سرزمين تي ميري اک کڻڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون سٽيون آھن سنڌ جي اڻ ڳڻين سورمن کڻندڙ دشمنن کي نه رڳو للڪاريو آھي پر ساڻن اکين ۾ اکيون وجهي ميدان جنگ ۾ پڻ پاڻ ملھايو آھي سنڌ جي اھڙن سورمن منجھان سنڌ جي شيدي قبيلي سان تعلق رکندڙ جنرل ھوش محمد شيدي به ھڪ ھو جنھن ۲۳مارچ ۱۸۴۳ع ۾ جڏھن سنڌ تي انگريز سامراجين ڪاھ ڪئي ته ھن نه رڳو پنھنجي ساٿين سميت ڌٻي جي ميدان تي کين للڪاريو پر ميدان جنگ ۾ مھاڏو اٽڪائي وڏي جوش جذبي جرائت ۽ بھادري سان بنا ڪنھن لالچ جي صرف ۽ صرف سنڌ جي بقا خاطر دشمن جو بي خوف ٿي مقابلو ڪندي شھادت ماڻي پردشمن فوج جي سپھ سالار سر چارلس نيپيئر سميت پوري انگريز فوج کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو سندس جوشيلو نعرو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ھڪ طرف سنڌي سپاھين لاءِ اتساھ، جوش ۽ جذبي جي علامت ثابت ٿيو ته ٻئي طرف دشمنن کي ميدان جنگ ۾ تجربيڪار ۽ جديد ھٿيارن سان ليس انگريز فوج کي ڪجهھ دير لاءِ بزدلن جيان پوئتي ڌڪي ڇڏيو جنھن کي خود انگريزفوج جي ڪمانڊر جنرل چارلس نيپيئر تسليم ڪندي نه رڳوپنھنجي انگريزي ٽوپي لاھي سلوٽ ڪيو پر کيس مڪمل فوجي اعزازن سان ميدان جنگ ۾ دفن پڻ ڪرايو جيڪو شھيد ھوش محمد شيدي جي جرائت ۽ بھادري جو وڏو مثال آھي.

سنڌ جي ھن عظيم ھيري جنھن کي دشمن سندس بھادري جي بدولت سلوٽ ڪري کيس مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو پر اسان جي سنڌ جي تاريخدانن نه ڄاڻ ڇو جنرل ھوش محمد شيدي کي تاريخ ۾ گمنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي سندس عظيم قرباني کي نظر انداز ڪري ميسارڻ جي ڪوشش ڪري کيس ھر موڙ تي متنازع بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ڪڏھن سندس مزار کي اشو بڻائي ڪڏھن پڪي قلعي ۾ ته ڪڏھن ڌٻي جي ميدان ۾ ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي سندس تاريخ ۽ خانداني پس منظر تي به تعقيق بجاءِ ڪجھ محققن ذاتي رايا ڏئي متنازع بنايو ته ڪڏھن کيس آفريڪي نسل جي لقبن سان نوازي ھن مردجاھد کي سندس ڏنل عظيم قرباني کان غافل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سندس نعرو مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون کي کسڻ جي پڻ ناڪام ڪوشش ڪندي تاريخ ۾ کيس گمنام ڪرڻ جا بي انتھا جتن ڪيا ويا آھن پر تاريخ گواھ آھي ته ھوش محمد شيدي ميدان جنگ ۾ پنھنجو پاڻ ملھائڻ کان پوء گھڻن جي اک جو ڪنڊو ثابت ٿيو آھي جنھن جو مثال تاريخي طور تي کيس گمنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي شھيد ھوش محمد شيدي بابت سنڌ جا محقق ۽ تاريخدان ڪو درست فيصلو نه ڪري سگھيا آھن

اھا حقيقت آھي ته ھوش محمد شيدي جي وڏڙن جو تعلق چاھي ڪٿان جو به ھجي پر سندس پيدائش سرزمين سنڌ جي آھي افسوس جو عالم ته ھي آھي جو ڌرتي سان غداري ڪندڙ مير صوبدار جي تاريخ ۽ سندس مڪمل خانداني پس منظر ته تاريخ ۾ موجودآھي پر ھوش محمد شيدي جي تاريخ صرف مير صوبدار جي ھم عمر تائين محدود ڪئي وئي آھي ڪڏھن کيس گڊي(ماءُ ھڪ قوم جي ۽ پيءُ ٻي قوم جو) جي لقب سان نوازيو وڃي ٿو ته ڪڏھن غير ملڪي سپاھي(آفريڪي) جو کيس لقب ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪڏھن غلامي جا طوق سندس گلي ۾ پائي سنڌ ڌرتي لاءِ ڏنل سندس تاريخي قرباني رائيگان ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. شھيد ھوش محمد شيدي کي سنڌ جي اديبن مير صوبدار جوھم عمر ۽ سندس والدين کي ميرن جي حويلي جو ٻانھون لکيو آھي بلڪل اھا حقيقت تسليم ڪرڻ جھڙي آھي پر ھوش محمد شيدي بابت اھو لکڻ تھ ھي غلام ٿي سنڌ ۾ آيو اھا سمجھ کان ٻاھر ڳالهھ آھي جيڪڏھن مير صوبدار جو ھم عمر ۽ بچپن کان ساڻس گڏ ھجڻ جي سندن ئي لکيل ڳالھين ۾ جيڪڏھن صداقت آھي ته ھوشو سنڌ ڌرتي تي ئي جنم ورتو آھي ۽ سنڌ ڌرتي جي سيني مان اپايل اناج ۽ سنڌوءَ جو پاڻي پي جوان ٿيو آھي اهو ئي سبب آھي جو سنڌ جي مٽي سان سندس بي انتھا محبت جنھن جو شاندار مثال ھن ميدان جنگ ۾دشمنن سان مھاڏو اٽڪائي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي.

سنڌ ۾ شيدين جي آمد کي به متنازع ڪري پيش ڪيو ويو آھي ڪي تاريخدان محمد بن قاسم جي دور ۾ سندن آمد لکن ٿا ته ڪي وري لکن ٿا ته شيدين کي انگريزن ۽ عربن مختلف آفريڪي ملڪن مان غلام بڻائي سندن ٻيڙا ڀري انسانيت ۽ ظلم جون سڀ حدون اورانگھي سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جانورن جيان منڊيون لڳائي سندن واپار ڪري کين وڪرو ڪيو آھي ڪي لکن ٿا ته ڪن اميرن کي شيدي تعفي طور مليا جيڪي انھن کان وزني ڪم وٺندا ھئا اھا حقيقت بهآھي جو شيدين جي تاريخ غلامي جي انتھائي خطرناڪ موڙن کان کين کڻي دنيا جي مختلف ملڪن تائين کين وڻ وڻ ڪاٺي جي مثال ڪري ھڪ ٻين کان ٽوري مروڙي ڇڏيو پر ھنن پاڻ مان نوڙت وفاداري سچائي ۽ ايمانداري جي گڻ کي نه ڇڏيو ھتي اھو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته ھن برادري جا فرد وفاداري ۾ پنھنجو مثال پاڻ رھيا آھن ھي جتي رھيا آھن اتي جي تاريخ اتي جي تھذيب ۽ اتي جي ثقافت سان رلي ملي وفاداري جا اڻ ڳڻيا مثال قائم ڪيا آھن حضرت بلال حبشي کان وٺي حضرت قمبرعليه سلام حضرت عنبرعليه سلام خاتون جنت امان فضاءَ لقمان حڪيم نيلسن منڊيلا کان ويندي سنڌ جي شھيد ھوش محمد شيدي نالي واري اديب سائين محمد صديق مسافر حيدرآباد ۾ميرن جي قلعي جي ڪنجيدار شالمين شيدي مشھور پھلوان بکر شيدي مشھور فنڪار ابوبلاول پلپلي جنگلي شيدي سميت دنيا جي ڇڏي رڳو سنڌ جي ميرپور خاص، ٺٽو، بدين، ٽنڊوباگو، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، ڊگھڙي، ڀٽ شاھ، شڪارپور، حيدرآباد ٿرپارڪر، ڪنري، ٽنڊوالھيار، سعيد آباد سميت مختلف شھرن توڙي ڳوٺن ۾ اھڙا ھزارين ڪردار موجود آھن جن راندين سميت مختلف شعبن ۾ پاڻ ملھائيندي ڌرتي سان بي انتھا محبت ڪري پنھنجو ڌرتي قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آھي پر موٽ ۾ سنڌ جون سڄاڻ ڌريون سنڌ جي ھنن عظيم ھيرن کي نظرانداز ڪندي کين وساري سندن قرباني محنت محبت کي اجاڳر ڪرڻ بجاءِ ميسارڻ جي بي انتھا ڪوشش ڪئي آھي. بي رخي جو عالم ته اھو آھي جو سنڌ جون قوم پرست ڌريون اڄ به سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪري رھيون آھن پر ھنن کان شھيد ھوش شيدي وسري ويو آھي صرف مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا اڀ ڏاريندر نعرا ته ھڻن ٿا پر ڪڏھن سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سندس مزار جو رخ به ناھي ڪيو جس ھجي شيدي برادري کي جيڪا وس آھر پنھنجي ھيرن جا ڏھاڙا ملھائي کين ڀيٽا پيش ڪري ٿي

سنڌ جي عظيم سپهھ سالارجي شھادت جتي دشمن لاءِ مثال آھي اتي پنھنجي ڌرتي واسين کيس وساري جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي اھو به تاريخ ۾ لکيو وڃي ۽ شھيد بابت اسان جي وڏڙن پاران حقيقي بنيادن تي ڪيل تحقيق جي روشني ۾ شھيد جي اصل نسل بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪري انھي کي عوام اڳيان آڻڻ سان گڏوگڏ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي نصابن ۾ شامل ڪيو وڃي باقي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران شھيد جي مزار جوڙائي ڪنھن حد تائين گھٽ ۾ گھٽ اھا ڳالهھ سرڪاري سطع تي تسليم ڪرائي آھي ته شھيد ھوش محمد شيدي سنڌ جو ھيرو آھي جنھن بابت بلاول ڀٽو پاران جيڪو وقتائتو قدم کنيو ويو آھي اھو ساراھ جوڳو ته آھي پر سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ ۾ مسلسل پ پ پ جي حڪومت ھجڻ باوجود ھن وقت تائين نه شھيدجي ڏنل عظيم قرباني ۽ سندس گمنام ڪيل تاريخ تي ڪنھن قسم جي ريسرچ جو اعلان ڪيو ويو نه سندس ورسي سرڪاري سطع تي ملھائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون آھن نه سندس نالي سان ڪا اسپتال ڪا يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي آھي ۽ نه ئي اڳ جيان سندس قرباني کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ لاءِ سندس مواد درسي ڪتابن ۽ مختلف ڪورسن ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آھن الٽو ڪجهھ وقت اڳ شھيد جي مزار اڳيان پيل زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنھن کي شيدي برادري جي سخت ردعمل بعد مجبورن مسمار ڪيو ويو. اڄوڪي ڏينھن جي مناسبت سان آئون سنڌ حڪومت ۽ سمورن وس وارن کان اھو مطالبو ڪندي گھر ڪندس ته شھيد جي مزار جي اڳيان پيل پلاٽ تي مزار سان گڏ پاس ٿيل نقشي موجب تعميري عمل شروع ڪري ھتي پارڪ، ڪميونٽي سينٽر ۽ ٻيون ضرورت موجب ترقياتي اسڪيمون ڏيئي زمين کي مزار جي احاطي ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ شھيد جو ڏھاڙو سرڪاري ۽ قومي سطع تي ملھايو وڃي. آئون سنڌ حڪومت کان اھو به مطالبو ڪندس ته شھيد جي مزار وارو علائقو جيڪو ھن وقت حيدرآباد ٻھراري تعلقي جي نالي سان آھي ان کي شھيد ھوش محمد شيدي تعلقي جو نالو ڏيئي شھيد جي ڪردار کي سرڪاري سطع تي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ۽ گڏوگڏ سنڌ جي سڄاڻ قومپرست ڌرين سميت بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ، سنڌ جي ثقافت کاتي جي عملدارن قوپرست اڳواڻن سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪندس ته شھيد جنرل ھوش محمد شيدي جي وفاداري ۽ بھادري جا تاريخي ڪارناما منظر عام تي آڻي سندس شخصيت سان انصاف ڪيو وڃي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا