; سنڌي شخصيتون: بهرام سهراب رستمجي - مختيار ملاح

29 June, 2019

بهرام سهراب رستمجي - مختيار ملاح


بهرام سهراب رستمجي
ڪراچيءَ جي تاريخ تي اهم ڪتاب ۽ اهم تاريخدان
مختيار ملاح
ڪراچيءَ جي تاريخ تي ٻن اهم پارسي شخصيتن جو لکيل ڪتابKarachi During the British Era: Two Histories of a Modern City ، ۲۰۰۸ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران شايع ٿيل آهي، جيڪو دراصل ٻن ڪتابن کي گڏي ڪري شايع ڪيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ بهرام سهراب رستمجي جو لکيلKarachi, 1839-1947: A short history of the foundation and growth of Karachi آهي ۽ ٻيو That Was the Capital of Sindh by Sohrab سهراب ڪٽرڪ جو لکيل آهي. ٻئي ڪتاب ان دور جي نالي وارن پارسين جا لکيل آهن، جن جو ڪراچيءَ جي جوڙجڪ ۾ تمام گھڻو حصو هو.


پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن ۾ شريڪ هڪ ڪردار رستمجي بهرام رستم جي ۱۹۱۲ع ۾ ڄائو ۽ ۲۰۱۲ع ۾ گذاري ويو. هن جو تعلق ڪراچيءَ جي هڪ معزز پارسي گهراڻي سان هو. ۱۹۲۵ع کان صدر، ڪراچيءَ جي هڪ گهر ۾ رهائش پذير هو. مذهبي ماڻهو هو. ۱۹ سال بي. وي. سي ماما پارسي هاءِ اسڪول جو پرنسپال رهيو هو.پاڪستان ٺهڻ وقت به انهيءَ اسڪول جو پرنسپال هو. ۱۹۷۱ع ۾، هن فلاحي بهبود جي هڪ اداري ”رنگون والا سينٽر“ قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي. ۱۹۸۲ع ۾ سندس ۷۰ هين سالگرهه جي موقعي تي، پارسي برادريءَ طرفان سندس خدمتن جي اعتراف طور شاندار تقريب منعقد ڪري کيس شيلڊ ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته ”مون کي موسيقيءَ جو شوق آهي. پيانو سٺو وڄائيندو آهيان. جڏهن قومي تراني جي مقابلي جو اعلان ٿيو ته مون به ڪي ڌنون ٺاهيون. منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان يادگار واقعو اهو آهي جو آءُ پهريون پاڪستاني آهيان، جنهن ”پاڪ سرزمين شادباد“، جا ٻول پيانو تي وڄايا. احمد. جي چاڳلا قومي تراني جي ڌُن جو خالق آهي.
جڏهن ته سهراب ڪي ايڇ ڪٽرڪ، ڪراچي شهر جو ۸ مئي ۱۹۴۲ع کان ۱۱ مئي ۱۹۴۳ع تائين ميئر رهيو. هو ڪيترن ئي آرٽيڪلن جو ليکڪ به آهي، هڪ ڪتاب پارسين جي باري ۾ به لکيل اٿس. ڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو مالڪ هو. سڀ کان پهرين هو، ڪراچيءَ جو اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا