بهرام سهراب رستمجي
ڪراچيءَ جي تاريخ تي اهم
ڪتاب ۽ اهم تاريخدان
مختيار ملاح
ڪراچيءَ جي تاريخ تي
ٻن اهم پارسي شخصيتن جو لکيل ڪتابKarachi During the
British Era: Two Histories of a Modern City ،
۲۰۰۸ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران شايع ٿيل آهي، جيڪو دراصل ٻن ڪتابن کي گڏي ڪري شايع
ڪيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ بهرام سهراب رستمجي جو لکيلKarachi, 1839-1947: A short history of the foundation and
growth of Karachi آهي ۽ ٻيو That Was the Capital of Sindh by Sohrab
سهراب ڪٽرڪ جو لکيل آهي. ٻئي ڪتاب ان دور جي نالي وارن
پارسين جا لکيل آهن، جن جو ڪراچيءَ جي جوڙجڪ ۾ تمام گھڻو حصو هو.
