; سنڌي شخصيتون: گنھور خان جسڪاڻي فقير - مٺل جسڪاڻي

23 June, 2019

گنھور خان جسڪاڻي فقير - مٺل جسڪاڻي


گنھور خان جسڪاڻي فقير
مٺل جسڪاڻي
گنھور خان جسڪاڻي فقير، پنھنجي تر ۾ ”ڏاڏا“، ”ڏاڏا گنھور“ طور ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. پاڻ ڳوٺ ميوو خان جسڪاڻي فقير، ديھه جھڳڙي، تعلقه ۽ ضلع بدين جو پيرسن، ڳوٺ جو چڱو مڙس آھي
گنھور خان ۲۲ اپريل ۱۹۵۲ع تي درمحمد جسڪاڻي جي گھر ۾ جنم ورتو. ھو سندن پاڙيسري ڳوٺ شير خان چانگ ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان صرف ٻه درجا پڙھي سگھيو. سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب، شوق سان نه پر مليا ته پڙھي ويندو آھي. پنھنجي يادگيري لاءِ حساب ڪتاب پاڻ لکندو ڪندو آھي. موبائيل کان اڳ خط ڪتابت به ڪندو رھيو آھي.


گنھور خان غربت ۽ ننڍپڻ ۾ والد جي وفات سبب، ننڍي ھوندي کان ملازمت، مزدوري ۽ ھارپو ڪري وڏو ٿيو آھي. ھن وقت ھو پنھنجي اباڻي ٻنيءَ مان مليل حصو آباد ڪري، گذر سفر ڪري رھيو آھي.
ساروڻيون ساريندي ھن ٻڌايو ته اڃا معصوم ٻار ھو ته ترائي لڳ لنواري شريف وارن جي وِي مڪان ۾ مزدوري ڪيائين. اتان پوءِ اڏيرو لال لڳ روھڙي ڪينال تي قائم ڏھه دري موري جي ڀر ۾ ڳوٺ ڪنڊو جت ۾ رھي، مزدوري ڪئي. اتان پوءِ ٽنڊوڄام ۾ پڻ محنت مزدوري ڪئي، اتان پوءِ پنھنجي اباڻي ڳوٺ اچي، پنھنجي زمين پاڻ آباد ڪرڻ لڳو.
ھن ٻڌايو ته اڃان سم ناليون نه ٺھيون ھيون ۽ پاڻي جي اڻاٺ به ھئي، ان ڪري پنھنجي زمين ۾ ڪا پوک وغيره نه ٿي سگھي، ته ماتلي لڳ ڳوٺ دين محمد ”دينو حاجاڻه“ ۾ ھارپو ڪرڻ به ويو. اتان پوءِ ڀٽ شاھه لڳ کنڊو جي ڀر ۾ ڳوٺ پنھون جت ۾ رھي، لاھيارپ طور ڪڻڪ جو لابارو به ڪيو.
گنھور خان سندس يادگيرين جي سھاري سان ٻڌايو ته ھو ۱۹۷۰ع کان مسلسل پنھنجي ڳوٺ ۾ آھي. سال ۱۹۹۰ع کان ڳوٺ جو وڏو (چڱو مڙس) آھي.
گنھور خان کي سک ڏک جون انيڪ يادگيريون آھن. ذات برادري توڙي سندس صحبت، محبت ۽ قرب وارن راڄن ۾ وقت بي وقت پيدا ٿيندڙ تضادن ۽ انھن جي نبيرن جا انيڪ احوال به من اندر ۾ سانڍيل اٿس.
آئون پنھنجي ننڍي ھوندي جي دوست اشرف ناھيون جي ان راءِ سان سھمت آھيان ته ”گهنور خان سچ پچ محبت ونڊيندڙ، هر ڪنهن جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندڙ، ڪن ٿورن انسانن مان هڪ آهي. ساڻس هڪ دفعو ڪچهري ڪندڙ جي دل وري به ڇڪ کائيندي ته هن سان ڪچهري ڪجي. شال ٻچڙن، پاڙي وارن سوڌو سرهو، ستابو هجي. وڏي ڄمار لاء دعاگو آهيان.“

No comments:

راءِ ڏيندا