; سنڌي شخصيتون: رائچند راٺوڙ

01 June, 2019

رائچند راٺوڙ


رائچند راٺوڙ
آدرشي استاد ۽ تاريخ نويس
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جو هاڪارو عالم، اديب، تاريخ نويس ۽ آدرشي استاد سائين رائچند راٺوڙ تعليمي رڪارڊ مطابق ۸ نومبر ۱۹۱۲ع تي چيلهار ۾ چتون مل سرتاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي وفات ڪري ويو. سائين رائچند ۱۹۲۷ع ۾ فائنل ڪري ۰۲ مئي ۱۹۲۸ع تي چيلهار ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو هو. نوڪري دوران هن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۳۲ع ۾ سي ٽي ڪورس جو پهريون سال پاس ڪيو. ساڳي ڪورس جو ٻيو سال ۱۹۴۸ع ۾ پاس ڪيو. پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺن ۾ نوڪري ڪيائين. انهن ڳوٺن ۾ عمر انڙ آهوري ديهه نمبر ۲۶۸، ڳوٺ نو رنگ سنگهه ديهه نمبر۳۴۰، ٽنڊو جان محمد، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، رائلو، ديهه ستڙيون ۽ مٺي شامل آهن. آخر ۾ سائين چيلهار بدلي ڪرائي آيو. چيلهار جي پرائمري اسڪول جو وڏي وقت تائين هيڊماستر ٿي رهيو. چيلهار مان ئي رٽائر ٿيو. سائين رائچند، ٿر جي مينگهواڙ قبيلي ۾ ننگرپارڪر جي هرجي مل کان پوءِ ٻيو شخص هو، جيڪو استاد مقرر ٿيو هو. سائين فرض شناس ۽ آدرشي استاد هو. اسڪول ۾ حاضري جو پابند ۽ پڙهائڻ جو نهايت قابل هو. اسڪول جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به پڙهائيندو هو. اسڪول ۾ سدائين ڌيمي آواز سان ڳالهائيندو هو. شاگردن کي سيکارڻ جو سهڻو طريقو هو. سائين رائچند جا اکر خوبصورت هوندا هئا. سائين پنهنجي شاگردن جي صورتخطي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو. سائين رائچند جا ڪيترائي شاگرد پڙهي لکي اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪي خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري چڪا آهن. ناميارو اديب سائين وليرام ولڀ به سائين رائچند جو شاگرد آهي. سائين رائچند ٻه شاديون ڪيون. اولاد ۾ چار پٽ جوهرلال، پرتاب راءِ، (پرڀو) نفيس احمد شيخ ‘ناشاد’، ساجن ۽ ٻه ڌيئرون ساوتري ۽ چندرا ٿيون. جوهرلال مختيارڪار، پرتاب راءِ آڊيٽر، ناشاد سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جو پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. ناشاد سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر آهي. سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ ۾ ناشاد جي شاعري ‘ٿر جي شعر’ ۾ ڏني آهي.


سائين رائچند مثبت سوچ رکندڙ مخلص انسان هو. سائين منگهارام اوجها، سائين محمد رحيم ڀوريلي وارو، سائين هميرچند ويرهاڙ وارو، سائين حاجي محمد سومار چيلهار واسي، وڪيل نرسنگهه داس اوجها ۽ چيلهار واسي سائين ڀانو مل سرتاڻي سائين رائچند جا ويجها ساٿي ٿي رهيا. سائين هڪ دوست جي حيثيت ۾ سچار ۽ سنڀاليندڙ هوندو هو. سائين ڀانومل سرتاڻي رائچند جو رشتي ۾ ڀائيٽو ٿيندو هو پر درس و تدريس جي شعبي ۾ ٻنهي گڏجي ڪم ڪيو هو. سائين رائچند سائين ڀاني مل جو وڏو خيال رکندو هو.
چون ٿا ته سائين رائچند لکڻ جي شروعات ۱۹۲۹ع جي زماني کان ڪئي، پر هن پنهنجون لکڻيون پڌريون نه ڪيون. چيلهار جا جهونا لوڪ چون ٿا ته سائين رائچند ۱۹۴۵ع ۾ ‘امرڪوٽ اتهاس’ جي ليکڪ تيج سنگهه سولنگي کي هڪ ڪتاب ڇپائڻ جي لاءِ ڏنو هو، پر ورهاڱي ٿيڻ سبب اهو ڇپجي نه سگهيو. مسودو سائين کي واپس ملي نه سگهيو، پر انهي ڪتاب جو نالو ڇا هو؟ موضوع ڪهڙو هو؟ اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي. نه ڪٿي سائين رائچند پنهنجين لکڻين ۾ تيج سنگهه کي مسودو ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي. شايد اهو مواد ‘تاريخ ريگستان’ جو هو، جيڪو پوءِ ۱۹۴۷ع تي نامور اديب محمد اسماعيل عرساڻي کي ڏيکاريو هو. جڏهن عرساڻي صاحب فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي جي مقرر ٿي ٿر آيو هو. عرساڻي صاحب سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ مڪمل ڪرڻ تي تمام گهڻو اتساهيو هو. عرساڻي صاحب ايماندار آفيسر ۽ حساس دل انسان هو. ٿرين جا ڏک ڏاکڙا ڏسي هن جو اندر جهري پوندو هو. ٿري ماڻهن جي زندگي تي رحم ايندو هو. عرساڻي صاحب ٿر جي ڏک ڏاکڙن جي پسمنظر ۾ ‘بد نصيب ٿري’ ناٽڪ لکيو. عرساڻي هڪ ٻيو ڪتاب ‘سير ريگستان’ لکيو. سائين رائچند عرساڻي کي ٻنهي ڪتابن جي لکت ۾ وڏي مدد ڪئي. عرساڻي صاحب سائين رائچند جي تمام وڏي عزت ڪندو هو.
سائين رائچند، اسماعيل عرساڻي صاحب کان وڏو متاثر هو. عرساڻي جي ناٽڪ ‘بدنصيب ٿري’ جي اثر ۾ سائين رائچند ‘چوڙيلڻ’ جي عنوان سان سماجي سڌاري جي لاءِ هڪ ناٽڪ پڻ لکيو. سائين رائچند ‘پير پٿوري’ جي سوانح حيات تي ڪم ڪيو. جنهن کي ۱۹۵۶ع ۾ ‘پير پٿورو’ نالي ڪتابي شڪل ۾ سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي پاران ڇپرايو ويو.
چيلهار ۾ علمي ادبي ماحول جوڙڻ ۾ برهم چاريه رهندڙ (ڪنوار رهندڙ) ڀائرن گڻيش ۽ ٻالچند جو اهم ڪردار هو. ٻئي ڀائر درزڪو ڪم ڪندا هئا. انهن جي لائبريري هوندي هئي. انهن وٽ ان وقت جون مکيه اخبارون به اينديون هيون. سائين رائچند ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جي لاءِ انهن وٽ ايندو هو. سائين رائچند جي اچڻ کان پوءِ اتي مختلف موضوعن تي صحتمند بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا. اتي ويٺلن جي ائين سکيا ٿيندي هئي. سائين رائچند کي سي ٽي ڪورس دوران حيدآباد ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي لائبريري وڏو ڪم ڏنو.
سائين رائچند جي خط و ڪتابت ذريعي اديبن ۽ عالمن سان رابطو رهندو هو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، تيج سنگهه سولنگي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد اسماعيل عرساڻي، ممتاز مرزا، نبي بخش واصف، محمد ابراهيم جويي، عبدالمجيد ميمڻ، پير علي محمد راشدي، پير حشام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻين سان ٿيل خط و ڪتابت علمي ادبي تاريخ جو اهم حصو آهي. جنهن کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان رائچند جي وقت به وقت علمي ادبي صلاح مشورا ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر صاحب سائين رائچند جي هر وقت حوصلا افزائي ڪئي. سائين رائچند ٻين ٿري عالمن ۽ اديبن جيان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي لوڪ ادب اسڪيم ۾ ٿر جو مواد ميڙڻ ۾ مڪمل ساٿ ڏنو.
سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ لکڻ جي لاءِ نه صرف ڳوٺن ۾ وڃي لوڪ روايتن کي ميڙيو پر تاريخ جي ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿر بابت حوالا هٿ ڪيا. سائين رائچند جي ‘تاريخ ريگستان’ کان اڳ ۾ ٿر بابت ايڏو تفصيلي ڪتاب نه آيو هو، نه وري پوءِ آيو آهي. سائين جي ڇڏيل ڪم کي به ڪير اڳتي وڌائي نه سگهيو آهي. انگريز دور جي ضلعي عملدار ڪپتان اسٽينلي نيپئر ريڪس جو ڪتابMemoir on Thar and Parker District of Sindh ’ٿر ۽ پارڪر جو احوال‘ به اڌورو آهي. سائين رائچند جو ‘تاريخ ريگستان’ ڪرنل جيمس ٽاڊ جي Annals and Antiquities of Rajasthan ’تاريخ راجسٿان حالات مارواڙ جي مقابلي جو ڪتاب آهي. پر ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي دور جو وڏا وسيلا رکندڙ عملدار هو. جڏهن ته سائين رائچند هڪ پوئتي علائقي جو غريب جاتي سان تعلق رکندڙ پرائمري استاد هو.
جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ تي مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته: “ٿر جي تاريخ پيرائتي پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب ‘تاريخ ريگستان’ پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ‘راجسٿان’ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هوس، تڏهن جيڪڏهن ڪوئي مون کي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند کي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها، هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي ڪتابن کان سٺو ۽ وڌيڪ محنت سان لکيل آهي، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويئي آهي”.
ٿر جي تاريخ سائين رائچند جي تخليق ‘تاريخ ريگستان’ جي لولي تي ننڍ مان اک کولي ٿي.آس ڀڃي پڙهندڙ ڏانهن نهاري ٿي. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ وارو پهريون پرائمري استاد پورهيت آهي، جنهن هڪ سچيت تاريخدان وانگر محنت ڪئي آهي.سائين رائچند، ٿر ۾ نه صرف پنهنجي همعصر نسل پر پوئين ايندڙ پيڙهين جو محسن آهي. هر دور سائين رائچند جا ڳڻ ڳائيندو رهندو. سائين رائچند جي جيون خاڪي کي معلوم ڪرڻ سان سماج جي ڪڙن روين جي قطار ملندي پر سائين رائچند دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هو. ان ڪري ڪڏهن ذاتي نوعيت جي تڪليفن کي مٿي تي سوار ڪري لکڻ جي ڪم کي نه روڪيو. سماج جي ڪڙن ۽ ڪوجهن روين کي علم جي امرتا سان مٽائڻ جي جستجو ڪيائين. انسانيت جي اعليٰ اصولن تي پاڻ هليو ۽ ٻين کي تلقين ڪندو رهيو.
‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو سترنهن بابن ۽ ٻيو ڀاڱو ٻاويهه ڀاڱن تي مشتمل آهي. سائين رائچند ۱۹۵۳ع ۾ ‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو لکي مڪمل ڪري چڪو هو، جنهن کي ۱۹۵۶ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ٻيو ڀاڱو ۱ مارچ ۱۹۶۸ع تي لکي مڪمل ڪيو. هن وقت هن شاهڪار ڪتاب جا پنچ ڇاپا اچي چڪا آهن. سائين رائچند مختلف وقتن تي ‘سنسار سماچار’، ‘الوحيد’، ‘اخبار تعليم’، ‘مهراڻ’، ‘نئين زندگي’، ‘سنڌي ڊائجيسٽ’ سميت رسالن ۾ مضمون لکيا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل ڇڏيو. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين رائچند، ٿر جي لوڪ ادب ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو وڏو پارکو هو. ‘تاريخ ريگستان’ ۾ مختلف هنڌن تي شاهه لطيف جي شاعري ڏني آهي. لوڪ ادب جي روايتن ۽ شعرن کي ڇنڊي ڇاڻي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
سائين رائچند ظاهري زماني جي حوالي سان مينگهواڙ قبيلي جي راٺوڙ نک سان تعلق رکندڙ هو.سائين رائچند پنهنجي ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ‘هريجن ’ لکيو آهي. پر سائين جي وفات کان پوءِ اولاد لفظ ‘هريجن’ کي اڻ وڻندڙ لفظ سمجهيو، ڪٽنب جي گڏيل فيصلي طور هريجن بدران راٺوڙ لکڻ جو اعلان ڪيو ويو. چيلهار ۾ ريگستان ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سائين رائچند جي ياد ۾ ‘رائچند راٺوڙ لائبريري پڻ قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن کي پنهنجي عمارت پڻ آهي. گل محمد عمراڻي جڏهن ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر هو، تڏهن لائبريري جي فرنيچر ۽ ڪتابن جي لاءِ هٿ ونڊايو هو. لائبريري جي لاءِ نفيس احمد ناشاد مختلف وقتن تي ڪتاب موڪليندو رهيو آهي. رائچند جي ڀاءُ جو پوٽو هريش راٺوڙ ۽ چيلهار جو شاعر، استاد ۽ سماجي ورڪر گوبند چيلاڻي لائبريري جي لاءِ رضاڪار طور وقت ڏيندا رهيا آهن. ٽائون ڪاميٽي چيلهار ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلهار لائبريري کي سرگرم رکڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. ۲۰۰۹ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿر جي اڳواڻ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي درخواست تي تعليم کاتي پاران هاءِ اسڪول چيلهار جو نالو علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن جي مڃتا ۾ سائين رائچند جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي.


سرڳواسي رائچند راٺوڙ
سنڌ جو مايه ناز محقق ۽ تاريخ دان
نند لال لهاڻو

سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي مٽي ٿر جي ڪُک مان جن انمول شخصيتن جو جنم ٿيو آهي، انهن ۾ سرڳواسي رائچند راٺوڙ جو نانءُ پڻ سرفهرست آهي. هو تاريخ جو مشهور استاد، محقق ۽ جاکوڙيندڙ ڪردار ٿي گذريو آهي. سندس جنم ۸ نومبر ۱۹۱۲ع تي ٿر جي قديمي ۽ پرامن شهر چيلهار ۾ مينگهواڙ برادري جي هڪ چَتُون مل سرتاڻي جي گهر ۾ ٿيو.هن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي محنت تحت ۱۹۲۹ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ پوءِ هڪ فرد پرائمري استاد طور ۲ مئي ۱۹۲۸ع ۾ چيلهار کان هن عظيم پيشي جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد مان پي ٽي سي جا ڪورس ڪرڻ سان گڏوگڏ ادبي سرگرميون ۽ لکڻ واري ڪرت پڻ جاري رکيائين. نوڪري ٽوڪري هجڻ ڪري هن چيلهار کانسواءِ ڳوٺ عمر انڙ، آهوري، ديهه نورنگ سنگهه، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، ٽنڊوجان محمد، رائلو رند، سيرو سٿڙيون ۽ مٺي ۾ پڻ نوڪري ڪئي. سندس ادبي دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نبي بخش بلوچ، نرسنگهه داس اوجها، ابراهيم جويو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. پاڻ پهريون ڪتاب تاريخ ريگستان لکيو، جيڪو اڄ به ٻن جلدن ۾ هر ادب جو ذوق رکندڙ جي گهر ۽ لائبريري ۾ موجود آهي، هن پير صاحب پٿوري جي سوانح عمري تي پڻ ڪتاب شايع ڪرايا هئا. ان کانسواءِ ٿر جي لوڪ ادب سميت ٻين پڻ ڪافي موضوعن تي ڪافي مواد ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل موجود آهي. سائين رائچند راٺوڙ ۱۹۶۸ع ۾ ڀالوا ۾ حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار ”مارئي“ جي ميلي ۾ مارئي بابت مقالو پڻ پڙهيو هئائين ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب ولي رام ولڀ پڻ رائچند راٺوڙ جو شاگرد آهي. جنهن پڻ هن شخصيت کان متاثر ٿي، ادبي ڪاڄ ۾ پير پاتو . رائچند راٺوڙ هڪ نهايت ئي قابل ۽ محنتي استاد ، مخلص ۽ سچار دوست ۽ مثبت سوچ جو مالڪ هو، سندس اکر پڻ تمام سهڻا ۽ موتي داڻا هوندا هئا ۽ هو هڪ عظيم فرص شناس استاد هو سندس پٽ پرڀو ناشاد آهي، جيڪو بعد ۾ نفيس احمد شيخ ٿيو ۽ ادبي ذوق جو ماڻهو آهي ۽ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور پڻ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. رائچند راٺوڙ هڪ اهڙي سنڌ ڌرتيءَ جي پياري شخصيت هئي جنهن جي پياري نالي کان هند توڙي سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڌرتي جي سڃاڻپ سمجهن ٿا ۽ سندس ڪردار، عمل ۽ مهان ماڻهپي کان سڀ ڪو ئي واقف آهي ۽ اهڙا اعزاز هر ڪنهن کي ملي نه سگهندا آهن. سندس اباڻي شهر چيلهار ۾ سماجي تنظيم ريگستان ويلفيئر ايسوسئيشن پاران رائچند راٺوڙ جي نالي سان هڪ لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي. سائين رائچند راٺوڙ ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي هن فاني دنيا مان پرلوڪ پڌاريو. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اهڙن تاريخ جي هيرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گهرجي ۽ رائچند راٺوڙجي باقي اڻ ڇپيل مواد کي ميسارجي اڏوهي جو کاڌ ٿي وڃڻ کان پهرين ڇپائي، پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن نيئن سنڌي نوجوان ٽهي کي ماضيءَ جي تاريخ جو صحيح اندازو ٿي سگهي.



رائچند راٺوڙ
”تاريخ ريگستان“ جو ليکڪ
دولت رام کتري
علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اهڙين شخصيتن جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، انهيءَ تي ڪم ڪيو هجي. سنڌي ادب ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان موجوده دور ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي پر ماضيءَ ۾ استاد رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم، اڄ به پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق ٿر سان رهيو آهي، ٿر علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جهنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ، مگهارام اوجها سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي.
استاد رائچند راٺوڙ سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخدان هو جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي ”تاريخ ريگستان“ جهڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ جو جنم ۱۹۱۲ع ۾ چتون هريجن جي گهر ۾ چيلهار شهر ۾ ٿيو. انهيءَ وقت چيلهار شهر هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو. پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۸ع ۾ رائچند راٺوڙ هڪ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري جي شروعات ڪئي. هو پنهنجي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو جان محمد، آهوري، ڀوريلو، رائلو، ديرو تڙيون، جوڳي مڙهي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. استاد رائچند راٺوڙ جو والد چتون مل هريجن ”پيري“ هو. هن پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اُتساهه وٺي، ٿر جهڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرين، پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي تاريخ جي حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ هُن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهولتن جي اڻهوند جي باوجود هو ٿر متعلق مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آيو. ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن تائين ويندو هو ۽ اتي هو ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان ٿر جي علم، ادب، فن، تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، جاگرافي ۽ سماجي حالتن متعلق مواد گڏ ڪندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. ۱۹۴۶ع کانپوءِ هو جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته هن هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ قائم ڪئي، جهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾ قائم انهيءَ لائبريري ۾ ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، ڀانو مل، ٻالچند مهراج، گڻيس داس ۽ ٻيا علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا.
علائقائي تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند راٺوڙ آسان ٻولي ۾ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻهوند هجي اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري ته منهنجي خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. رائچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان اسان پنهنجي شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن، رهڻي ڪهڻي، جاگرافي سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻئي ڪنهن اديب يا محقق ناهي لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو ڪيل تحقيقي ڪم، تاريخ ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي، رائچند راٺوڙ کي، انهيءَ وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها.
سنڌ جي عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي، سنڌ حڪومت، چيلهار جو مين پرائمري اسڪول، رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي.
رائچند راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي، انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ صحيح طريقو هي آهي ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪيو وڃي.


رائچند راٺوڙ
”تاريخ ريگستان“ جي مصنف جون علمي ادبي خدمتون
دولت رام کتري
سنڌ جي ريگستاني علائقي ٿر جي تاريخي اتهاس جو جڏهن تذڪرو ڪجي ته جن شخصيتن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي منظرِ عام تي آندو، اُنهن ۾ انگريز مصنف ڪئپٽن اٽئنلي نيپئر ريڪس، منگها رام اوجها ۽ تيج سنگهه سولنڪي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. جن تحقيق ۽ مشاهدن جي آڌار تي ٿر جي تاريخ جا مختلف پهلو نِروار ڪيا. جڏهن ته ٿر جي پيرائتي تاريخ لکڻ لاءِ جن مصنفن قلم کنيو، اُنهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو سڀ کان اول اچي ٿو. ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ چيلهار سان تعلق رکندڙ هُن محنتي محقق ڪشالا ڪڍي، ٿر جي پيرائتي تاريخ تي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ ڏنو. جيڪو تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۸ع ۾ هڪ پرائمري اُستاد جي حيثيت سان نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ۱۹۴۶ع ڌاري رائچند راٺوڙ جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته انهيءَ وقت چيلهار ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري قائم ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند جي دڪان ۾ قائم ٿيل انهيءَ لائبريريءَ ۾ ماڻهو اُتي اچي علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. اڄ کان لڳ ڀڳ ۶۰ سال اڳ رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ٿر ۾ سهولتن جي اڻهوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پنڌ ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هُو مسلسل ۱۵ سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سهيڙڻ  ۾ ڪامياب ويو. انهيءَ دوران هن کي ڪيتريون ئي ڏُکيائيون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائن جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛ ”ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏ ڪريان ۽ اُنهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪيم پر هڪ ته ٿر وارو علائقو، ٻيو آئون پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبريرين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي. علم دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مددگار يا صلاح ڏيڻ وارو، اُلٽو همت شڪني ۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چَون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪا نه، جو تون هليو آهين، تاريخ لکڻ! وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي. پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلمبند ڪندو رهيس“. انهي جو مطلب ته ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪشالا ڪڍي محنت ڪئي هئي. اهو يقيناً هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهيءَ وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهر ۽ فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايجيوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخِ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اُتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي...تاريخِ ريگستان هڪ علمي ۽ تهذيبي موضوع تي اهڙي شاهڪار تصنيف آهي، جنهن مان اسان پنهنجي لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهيءَ حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛ ”ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخِ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ”راجستان“ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئس، تڏهن جيڪڏهن ڪو به مونکي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪريان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻهوند هجي، اُتي هڪ اُستاد ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هِي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخِ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخِ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي، ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچند راٺوڙ کي انهيءَ وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها.“.... ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخدان ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي وفات ڪئي.


رائچند راٺوڙ
مور-کنڀن جو مورخ استاد
نصير مرزا/حيدرآباد
استاد رائچند راٺوڙ کي ٽربيوٽ، در اصل پوري ٿر ڊيزرٽ کي ٽربيوٽ ڏيڻ وانگر آهي. شيخ اياز صاحب جو هي شعر رائچند صاحب کي سندس هر ورسيءَ تي ٽربيوٽ ڏيڻ لاءِ جهڙو ڪر، منهنجي مدد ڪري رهيو آهيِ:
وڃان ٿو وينجهار، موتي ڏيئي اڻ ميا،
صديون پياسون سونجهبا، جن جا ڍير هزار،
ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا مون پارکو!
۽ سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته رائچند صاحب کان اڳ سنڌ جو هي هيبتناڪ هيٺاهون ڀاڱون، وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر هو... رائچند جهڙي مورخ جي قلم جي ڪڪر هيٺ اچي اهو ئي ٿر اڄ ”تاريخِ ريگستان“ جهڙي انسائيڪلوپيڊيا نما ڪتاب ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سچ پڇو ته هيءُ ڪتاب محض ريگستان جي تاريخ ڪونهي، ان ۾ هن ڄڻ، ٿر جي ثقافت جي سمفني ٺاهي آهي. ٿر بلاشڪ ته رنگارنگي ثقافت، لوڪ موسيقي، مٺڙي ٻوليءَ گاهن ٻوٽن، وڻن ٽڻن ۽ دلبر ماڻهن جو ديس آهي، پر ڪنهن به ديس جي سڃاڻپ رڳو اهي شيون ئي ڪٿي هونديون آهن؟ ڪي امر ماڻهو به ان جي سڃاڻپ جو سبب بنجندا آهن. اسان جي پنهنجي هن ٿر به ڪهڙا نه عجب عجب جهڙا انسان سنڌ کي ڏنا آهن. ننگر پارڪر وارو روپلو ڪولهي، ڏيپلي وارو محمد عثمان ڏيپلائي، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ وارو موهن ڀڳت، سامي ويريءَ وارو مسڪين جهان خان کوسو، ڏيپلي وارو ٻيو عثمان اديب ۽ چيلهار وارو استاد رائچند راٺوڙ... ٿر جي حوالي سان انهن مور مڙسن، ڪهڙو سنڌي ماڻهو آهي، جنهن کي متاثر نه ڪيو هوندو؟ ننگر پارڪر وارو تلوار ڌڻي رُوپلو ۽ چيلهار وارو قلم ڌڻي استاد رائچند، ۽ انهن ۾ هڪڙو جي ڪارونجهر پهاڙ جيڏو، ته ٻئي پاسي رائچند صاحب وري ريگستان جيڏو وشال... روپلي کي مان دولهه دريا خان جي تسلسل ۾ ڏسان ٿو ته رائچند جهڙي ثقافت دوست محقق کي وري ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ سمجهان ٿو.
ڀٽائي کان قليچ، قليچ کان ڊاڪٽر گربخشاڻي، گربخشاڻيءَ کان جي ايم سيد، جي ايم سيد کان رائچند تائين، هي سڀ ننڍا ننڍا ڀٽائي ئي ته آهن، پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا..... رائچند صاحب کي ننڍن ننڍن ڀٽائين مان هڪ سڏيندي، هن جي لکيل تاريخ، تاريخ ريگستان جا ٻئي واليوم منهنجي آڏو آهن. ريگستان جي تاريخ رڳو سنڌ ۾ ئي ڪانه لکي وئي آهي، ٿر ۽ ٿر جهڙا ريگستان ٻيا به گهڻا آهن. چين جي سرحدن سان صحراءِ گوبي ۾ ته روسين پاڻي پهچائي، ڪڻڪ اپائي ڏيکاري آهي. ايران، عراق جي سرحدن سان دشتِ سوس، وري ايران بلوچستان جي سرحدن سان دشت لوط... راجستان کان نئون ڪوٽ، عمر ڪوٽ تائين. هي ٿر....۽ ريگستانن ۽ صحرائن جي تاريخ جا ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن جو ڪئٽالاگ ڏسجي ٿو ته رائچند صاحب جو ڪتاب تاريخ ريگستان دنيا جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن ڪتابن مان هڪ نظر ايندو. هن ڪتاب جي bibliography تي نظر وجهجي ٿي ته حيرت وٺيو وڃي. اڇا ته هي سڀ مواد محض هڪ انسان سهيڙيو، سوچيو ۽ لکيو آهي! ٿر جي جاگرافي، ذاتيون، ريتون، رسمون، هنر، جانور، پکي، وڻ ٻوٽا، ڳوٺ واهڻ... معاشي زندگي ۽ حڪومتون... ۽ پير علي محمد راشدي صاحب هن ڪتاب کي ”ڪلاسڪ“ جو سڏيو آهي ته هرڀرو ته ڪو نه سڏيو آهي.
مون کي ته وسهي ٿو ته رائچند صاحب جي هن تحرير کان اڳ ٿر صرف هڪ ريگستان هو. اهو ئي بيابان هن ڪتاب کان پوءِ سنڌ جي رومان پسند سياحن، شاعرن، مصورن ۽ محققن لاءِ سياحت جو سبب بنجي پيو آهي. دل ته چاهي ٿي ته ايڏي وڏي خدمت سبب رائچند صاحب جي نالي سان سنڌ جي ڪا وڏي عمارت منسوب هجي ها، پر ٽرئجڊي اسان وٽ هيءَ به آهي ته هتي ڪنهن به غريب شاعر، ليکڪ، محقق، دانشور جو سوشل اسٽيٽس ۽ رتبو تسليم ٿيل ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪو وڏو سماجي ماڻهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي آهي ۽ جتي حالت اها هجي، اتي شاعر، اديب ۽ غريب محقق جي پروجيڪشن ۾ ڪير دلچسپي وٺندو؟ رائچند صاحب باقاعده مسڪين ۽ ٿري ماڻهو هو. ديوتائن هن کي قلم هٿ ۾ ڏيئي، لفظن جي ڏات سان تونگر ڪري ڇڏيو هو.
ان کي به ڀلا وقت جو ستم نه سڏجي ته ٻيو ڀلا ڇا سڏجي، جو سنڌ ۾  وڏن ماڻهن پيدا ٿيڻ هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. بانگ درا ۽ پيامِ مشرق وارو اقبال شايد صحيح چئي ويو آهي ته: ”بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا.“ رائچند صاحب جي وصال کي ۴۴ سال گذري چڪا آهن. روپلي کي، مسڪين جهان خان کوسي کي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي کي به ورهيه گذري ويا آهن، اهي خال رهجي ويا آهن ۽ اڃا تائين ڀريا ناهن. هن وقت تائين سندن نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
باوجود ان جي جو ٿر اڃا سڃو ڪونهي، هتي سائينداد ساند جهڙو شاعر به آهي ته بلاول اوٺي جهڙو عوامي انسان به، صادق فقير جو آواز به سلامت آهي ته ڪريم ڏني فقير جو آلاپ به! حاجي محمد ڪنڀر جهڙو ڪهاڻيڪار به آهي ته ڪرشن شرما جهڙو صحافي به! مون کي خوشي آهي ته اڄ مان تصور ۾ ريگستان ۾ ان ماڳ جي آس پاس بيٺو آهيان، جنهن جي طلسمي حسن ۽ هر شيءِ کي استاد رائچند، هڪ ليکڪ ۽ ثقافت جي محافظ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
مانوارا دوستو! دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جا ٻه طبقا آهن، هڪڙا ڪم گهٽ ڪندا آهن ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. ٻيا ڪم ته گهڻو ئي ڪندا آهن، پر خاموشيءَ ۾ رهندا آهن ۽ آخرڪار خاموشيءَ ۾ ئي هليا به ويندا آهن. رائچند راٺوڙ صاحب پوئين قسم جي انسانن مان هڪ هو، جيڪو ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي جدا ٿي ويو. سنڌ جي ان خاموش ۽ عجوبهءِ روزگار انسان جي ريگستان لاءِ ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ياد ڪندي، ٿر جا هي دڙا، ڀڙا ۽ در و ديوار ڏسندي، مون کي ته آخر ۾ هڪ جاپاني هائيڪو ٿو ياد اچي.
پوپٽ مري چڪو آ،
واريءَ جي ڀٽن تي پوءِ به،
ڄڻ ته اڏري رهيو آ.



رائچند راٺوڙ

سندس علمي ادبي خدمتون

دولترام کتري

سنڌي ادب ۾”تاريخ” جي حوالي سان تمام گھڻا شاھڪار ڪتاب موجود آهن جيڪي وڏي اھميت جا حامل آهن. ادب جي دنيا “تاريخ “تي لکڻ ھڪ اھڙو موضوع آهي جيڪو تمام گهڻو محنت جو گھر جائو آهي. جڏهن ٿرجي تاريخ جو تذڪرو ڪجي ٿو تڏهن اھا ڳالهه ضرور سامهون اچي ٿي ته ٿر جي “پيرائتي تاريخ” لکڻ لاءِ جن تاريخ نويسن (منصفن) قلم کنيو، انهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو اول اچي ٿو. ٿر جي هُن محنتي محقق تاريخ نويس، “ٿر جي تاريخ” تي هڪ انمول ڪتاب “تاريخ ريگستان” ڏنو. جيڪو سنڌي ادب ۾تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. ۸ نومبر ۱۹۱۲۾ چيلھار شھر ۾ جنم وٺندڙ تاريخ نويس رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم “انسائيڪلوپيڊيا نما ڪم” جي زمري ۾ اچي ٿو. ٿر جي پيرائتي تاريخ کي رائچند راٺوڙ انھي دور۾ قلمبند ڪيو ھو جنهن دور ۾ ٿر ۾ نه روڊ رستا ھئا نه ڪي بنيادي سھولتون ھيون پوءِ به ھن مورخ (تاريخ نويس) محنت ڪري سنڌي ادب کي ھڪ شاھڪار تاريخي ڪتاب تاريخ ريگستان ڏنو.

رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان کي ٻن جلدن ۾ سهيڙي ٿر جي مستند تاريخ کي نروار ڪيو آهي، ۽ اُهو ڪتاب پڙهندڙن کي ٿر بابت مفيد معلومات فراهم ڪري ٿو. رائچند راٺوڙ پيشي جي لحاظ کان هڪ پرائمري اُستاد ھو نوڪري واري عرصي دوران رائچند راٺوڙ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پڻ رھيو انھي عرصي دوران رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ھو. ٿر ۾ سهولتن جي اڻ هوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هو مسلسل ۱۶ سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ هو ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سهيڙڻ۾ ڪامياب ويو. انهي دوارن هن کي ڪيتريون ئي ڏکيايون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائين جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛

“ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏڪريان ۽ اُنهي ڏس۾ ڪوشش ڪيم پر ٿرجو ملڪ، پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبررين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي. علم، دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مددگار يا صلاح ڏيڻ وارو رهندو همت شڪني۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪو نه، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ، وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلم بند ڪندو رهيس”.

اھڙي ريت ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪشالا ڪڍي جيڪا محنت ڪئي ۽ قلمي پورھيو ڪيو اهو انھي دور ۾ هڪ وڏو ڪارنامو ھو ھن دور ۾ اسان جا دوست سھولتن جي باوجود ھن قسم جو ڪم ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن. ٿر جي تاريخ لوڪ ادب ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهي وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهر ۽ فرسٽ اسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي ۽ انهي جو ذڪر مصنف پاڻ ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جي لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ۱۹۶۶ع ڌاري ڇپجي منظر عام تي آيو. جڏهن ته ٻيو ڀاڱو ۱۹۷۶ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. تاريخ ريگستان هڪ اهڙي علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار” تصنيف” آهي، جنهن مان اسان ٿرجي لوڪ ادب ثقافت ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا.

تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ٿر جي طبعي ڀاڱن، معاشرتي حالتن، ٿر ۾ مختلف بادشاهن (جهڙوڪ: راجپوتن، سوڍن، سومرن، ڪلهوڙن، ٽالپر، انگريزن) جي مختلف دورن جي قصن تي مشتمل آهي. رائچند راٺوڙ پهرين ڀاڱن ۾ ٿر جي تعارف، پکيڙ، ايراضي آبادي، ٿر جي مختلف ڀٽن، ڏهرن، هندن جي تيرٿ آستانن، تاريخي ماڳن، تراين، ندين متعلق انتهائي مفيد معلومات قلم بند ڪئي آهي. جڏهن ته پهرين ڀاڱي ۾ هن ٿر تي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي پيڙهين ۽ شجرن تي پڻ تفصيل سان لکيو آهي، تاريخ ريگستان جي ٻي ڀاڱي ۾ٿر جي سماجي حالتن، رسمن، رواجن، جانورن، پکين، جهنگلي جيوت، زرعي سرشتن، ٿر جي ميلن ملاکڙن علائقائي شخصيتن، ٻولين، قبيلن، رومانوي ۽ لوڪ داستانن ۽تاريخي واقعن جي مختلف پهلوئن کي نروار ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ۾ٿر جي مڙني موضوعن تي تفصيل سان لکي، ٿر جي تاريخ ۽ اهميت کي نروار ڪيو آهي. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهي حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛

“ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي “راجستان” وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئس تڏهن جيڪڏهن ڪوئي به مون کي ياد ڏياري ها ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻ هوند هجي اُتي هڪ استاد ماڻهو ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي. ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچندکي انهي وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخ دان ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع ۾وفات ڪئي. ۱۹۹۶ع ۾انهي وقت جي ڪمشنر ميرپورخاص گل محمد عمراڻي جي ڪوشش سان چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي نالي سان ادبي لائبرري جو قيام عمل ۾ آندوويو. ۲۰۰۸ ع ۾ پيپلز پارٽي جي اڳئين حڪومت ۾ تعليم کاتي سنڌ طرفان چيلهار جي گورنمنيٽ هاءِ اسڪول کي رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو ويو اهڙي ريت هن عظيم تاريخ دان جي شخصيت کي مڃتا ڏني وئي.

ٿر جي تاريخ تي لکيل رائچند راٺوڙ جو ڪتاب هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي ۽ سنڌي ادب ۾ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. پر گذريل ۶۰ سالن جي عرصي ۾ ٿر جي تاريخ جي موضوع تي ڪنهن به مصنف جو ڪو اهڙو تحقيقي ڪتاب منظر عام تي ناهي آيو. البته ۱۹۹۲ع ۾ انهي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٿر سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب “ٿر” ترتيب ڏنو هو. جيڪو انهي وقت شايع ٿيو هو. پر ۶۰ سالن جي عرصي ۾ٿر ۾ گھڻوڪجهه بدلجي چڪو آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جا ڪيئي رهجي ويل قصا اڄ به تحقيق جا منتظر آهن. چوڻ جو مطلب ته ٿر جي تاريخ جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، خود رائچند راٺوڙ به پنهنجي ڪتاب ۾انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو آهي ته “اڃان ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون، جي هن ناچيز کي هٿ نه آيون آهن، البته جيڪي هٿ آيون آهن سي آئينده تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون” سو رائچند راٺوڙ جي ڪتاب تاريخ ريگستان کي بنياد بڻائي ٿر جي تاريخ جا رهجي ويل پاسا ۽ قصا قلم بند ڪري سگهجن ٿا. انهي لاءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ مصنفن ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

1 comment: