; سنڌي شخصيتون: غلام رسول ڪلهوڙو

31 May, 2019

غلام رسول ڪلهوڙو

غلام رسول ڪلهوڙو
ناميارو مزاح نگار
عاجز شهزاد

سنڌ ڌرتيءَ تي علم ادب جو ڏيئو هميشه روشن رهيو آهي، تيز هوائن باوجود اهو اڄ به ٻري رهيو آهي. ايترو سو آهي ته انهي ڏيئي جي روشني ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿيندي رهي ٿي. انهي ڏيئي کي روشن رکڻ لاءِ تيل فراهم ڪندڙن ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو وڏو حصو شامل آهي. اڄ اسان جنهن اديب جو هتي ذڪر ڪري رهيا آهيون انهي به انهي علم ادب جي ڏيئي کي روشن رکڻ لاءِ پنهنجي سڄي عمر جاکوڙ جاري رکي. سائين غلام رسول ڪلهوڙو نوجواني کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر رهيو ۽ تڏهن کان مسلسل لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو به جاري رکيو. ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون ڪڏهن ڪالم لکيا ته ڪڏهن شاعري لکي. جيستائين سندس اکين ۽ هٿن هن جو ساٿ ڏنو هن لکڻ نه ڇڏيو.


آئون جڏهن ميٽرڪ ۾ اي گريڊ کڻي پاس ٿيو هوس ته منهنجي چاچا مون کي هڪ ڪتاب زندگي هڪ مرڪ گفٽ ڪيو. جنهن جو ليکڪ سائين غلام رسول ڪلهوڙو هو ۽ انهي ڪتاب ۾ سائين غلام رسول ڪلهوڙي جون ڪهاڻيون شامل هيون. انهي ڪتاب ذريعي سائين غلام رسول ڪلهوڙي سان غائبانه تعارف ٿيو. بعد ۾ جڏهن آئون سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي ڪلاسن ۾ اچڻ شروع ڪيو ته مختلف موقعن تي سائين غلام رسول ڪلهوڙي جو ذڪر ٿيندو رهندو هو ته سائين سکر ۾ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ آفيسر آهي. پر ڪڏهن به ملاقات ٿي نه سگهي هئي، پوءِ خبر پئي ته سائين غلام رسول ڪلهوڙو رٽائير ٿي جيڪب آباد موٽي آيو آهي سنگت جيڪب آباد پاران کيس آجياڻو ڏنو ويو. جتي ملاقات ٿي ۽ دوستن پاران کيس مليل مانُ منجهس رٽائرمنٽ جو احساس ڪڍي ڇڏيو ۽ سائين ادبي سنگت ۾ ٻيهر سرگرم ٿي ويو ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي اڃا تيز ڪري ڇڏيو. سندس هڪ حلقو ٺهي ويو، جنهن ۾ نوجوان توڙي سينيئر اديب سندس حلقي جو حصو هئا. بوڪ اسٽور کولڻ کان اڳ باقاعدگي سان روزانو مان وٽ ايندو هو ۽ مان سندن زندگي ۽ ادب بابت سوال ڪندو ويندو هئس ۽ سائين ڀرپور نموني اظهار ڪندو هو. پنهنجا تجربا شيئر ڪندو هو ۽ پنهنجي لکڻين بابت ٻڌائيندو هو. اهو وقت ياد اچي ٿو ته گهڻي خوشي محسوس ڪيان ٿو ته اهڙي قابل ۽ محنتي ماڻهو سان گڏ ويهڻ جو موقعو مليو.
سائين رٽائير ٿيڻ باوجود پاڻ کي هشاش بشاش رکندو هو ۽ باقاعدگي سان روزانو ڪلين شو ڪرڻ ۽ وارن کي رنگ ڪرڻ ۽ پيرسن هجڻ باوجود نوجوانن جيان نظر اچڻ چاهيندو هو. ڇاڪاڻ ته هو دل جو جوان هو ۽ سندس لکڻيون جيڪي اڪثر مزاح تي مشتمل آهن ۽ مزاح نگار ئي سائين غلام رسول ڪلهوڙي جي سڃاڻپ آهي. پر اهي کلائيندڙ ماڻهو اندر ۾ ڏاڍا ڏکارا هوندا آهن، جنهن جو اظهار هو تمام گهٽ ماڻهن سان ڪندا آهن بس اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي نهوڙيندا رهندا آهن ۽ آخر سندن ساهه جون تندون ساٿ ڇڏي وينديون آهن. سائين غلام رسول ڪلهوڙو جون مزاحيه ڪهاڻيون پڙهڻ سان اوهان کي ڀرپور نموني کلڻ جو موقعو ملندو.
سائين ڪلهوڙي صاحب جي ڪهاڻي اصل مرض ۾ ڪلهوڙي صاحب جي لکڻ جي ڏانءُ سان ريس ڪري سگهجي ٿي، دلچسپ جملن جي ايڏي انگ تي حيرت ٿئي ٿي. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿن. ”عورت کي اڪثر ڪن ۾ سور پوي ئي ڪونه مٿي ۾ سور پوندو آ، ان ڪري ڪيتريون ئي عورتون مٿا ٻڌي گهمنديون آهن ۽ جيڪي عورتون مٿا ٻڌي ڪونه گهمنديون آهن انهن جا مڙس مٿا ٻڌي گهمندا آهن.“
ڪنهن زماني ۾ پي ٽي وي تي سنڌي پروگرام ڏاڍي چاهه سان ڏٺا ويندا هئا، اهڙو هڪ ڪسوٽي جو پروگرام پارکو به هلندو هو. جنهن جي پيروڊي ڪندي سائين ڪلهوڙي صاحب ليک لکيو مارڪو. هن پروگرام جو ميزبان حافظ اڻٽر آهي، جڏهن ته ماهر آهن سائين دمساز مرزا ۽ ڊاڪٽر نياز علي شوقين. جهڙي نموني ڪلهوڙي صاحب هيءَ پيروڊي ڪئي آهي، سندن ساراهه کان رهجي نه ٿو سگهجي. هيءَ پيروڊي پڙهڻ مهل ٽهڪن جا پکي وات جا بند ٽوڙي اڏامڻ لڳا ٿا ۽ آخر ۾ هڪ وڏو ٽهڪ هنن لفظن تي نڪري ٿو ته ”هن ليک جا ڪردار ۽ واقعا فرضي آهن، جيڪڏهن ڪنهن سان مطابقت ٿئي ته ان کي محض اتفاق سمجهيو وڃي.“
هڪ هنڌ ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته ”ڪو وقت ايندو جڏهن پلاءُ کنڊ ۾ ۽ زردو مرچن ۾ پچڻ لڳندو ۽ اسان انهن طعامن کي ترتيب وار مٺي پلاءُ ۽ چهري زردي جو نالو ڏينداسون، اهو بلڪل ائين آهي ته جيئن اڄ ڪلهه جون ڪي ڇوڪريون وار ننڍا ته ۽ ڇوڪرا وار وڏا ٿا رکرائين.“
اهڙي طرح سائين جي هر ڪهاڻي ۾ مزاح سان گڏ ڪو نه ڪو مقصد يا پيغام به ضرور هوندو هو. سياسي حوالي سان سائين چاهيندو هو ته سنڌ آجپو ماڻي ۽ خوشحال ٿئي انهي لاءِ هو قومي تحريڪ کي سپورٽ به ڪندو هو. بشير خان قريشي کي پسند ڪندو هو ۽ قومي تحريڪ کي ڪيئن فعال ڪجي انهي سلسلي ۾ زبردست صلاحون به ڏيندو هو. هو درد مند انسان هو وٽس قوم جو درد هو، وٽس ڌرتي جو درد هو، وٽس انسان جو درد هو، وٽس ذاتي درد هو ۽ انهي درد سندس جان وٺي ڇڏي.



غلام رسول ڪلھوڙو

سنڌي زبان جو معروف ليکڪ

انٽرويو ڪندڙ: مسز ناز سنائي

سوال: ٻارڙن کي پنھنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟

جواب: آئون هڪ اهڙي خاندان ۾ پيدا ٿيس، جيڪو معاشي لحاظ کان ايترو مضبوط ڪو نه هو. منھنجي والد عمر جي پنجين ڏهاڪي ۾ شادي ڪئي، جنھن ڪري هو جلد ئي روزگار ڪرڻ کان رهجي ويو. ان سبب ڪري منھنجي پرورش ۽ تعليم جو ذمو منھنجي مامن کنيو. پنھنجي پيءُ ماءُ وٽ ننڍپڻ ۾ نه رهڻ سبب، آئون ڏکارو رهڻ لڳس ۽ ڪجهه ڪجهه احساس ڪمتريءَ ۾ به مبتلا ٿي پيس. جيستائين منھنجي مامن جو تعلق هو ته هنن پنھنجي طرفان مون کي نھايت ئي پيار ڏنو ۽ پنھنجي اولاد جيان منھنجي تربيت ۽ پرورش ڪيائون. آئون هن وقت تائين جيڪي ڪجهه آهيان، انھن بزرگن جي طفيل آهيان. مون شروعاتي تعليم مين پرائمري اسڪول جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيم. منھنجي مڪمل تعليم ايم اي، بي ايڊ ۽ اسپيشل ايڊيوڪيشن ۾ ڊپلوما آهي، جيڪا سال ۱۹۷۷ع ۾ يو ڪي مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. مون عمر جو هڪ وڏو حصو تعليم کاتي ۾ گذاريو. پھرين ڪلارڪ، پوءِ استاد ۽ آخر ۾ بحيثيت پرنسيپل اسپيشل ايڊيوڪيشن، سکر مان سال ۲۰۰۱ ۾ رٽائر ڪيم. هن وقت مان پنھنجي خانداني شھر جيڪب آباد ۾ رهان ٿو ۽ ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ جو شغل جاري آهي.

سوال: اوهان ڪھڙين حالتن ۾ پڙهيا؟

جواب: ان سوال جو جواب مان اڳ ۾ ئي ڏيئي چڪو آهيان. باقي ايترو ضرور چوندس ته جن جن اسڪولن ۾ آءٌ پڙهيس اتي مناسب تعليمي سھوليتون، قابل ۽ لائق استاد موجود هئا. انھن استادن جي تعليم ۽ تربيت کي مان اڄ به وساري نٿو سگهان.

سوال: اڄ جا وڏا، جيڪي ننڍي هوندي ڏکين حالتن ۾ پڙهيا، سي وڌيڪ ڪڙهيا يا هاڻوڪا ۽ جديد طرز جي سھوليتن واري ماحول ۾ پڙهندڙ؟

جواب: تعليم جي هر دور ۾ مک حيثيت استاد کي حاصل رهي آهي. جيڪڏهن استاد بلند ڪردار ۽ مناسب تعليمي اهليت رکندڙ هوندو ته ڪو سبب ڪونھي جو ان جا شاگرد به هڪ بھترين ڪردار جا مالڪ نه بڻجن ۽ تعليم جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل نه ڪن. اڳئين وقت جو استاد، پنھنجي پيشي سان وفادار ھيو ۽ کيس پنھنجي پيشي سان عشق هوندو هو. هو پنھنجي شاگردن کي ٻچن وانگر سمجهندو هو. تعليم سان گڏ هو انھن جي مناسب تربيت به ڪندو هو. علم پڙهائڻ سان گڏ شاگردن جي ڪردار ۽ اخلاق تي به پڻ نظر رکندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت جا شاگرد، اڄ به پنھنجي استادن جي بيحد عزت ڪن ٿا. جديد تعليمي نظام ۾ جيتوڻيڪ شاگردن کي اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي تعليمي سھوليتون موجود آهن پر پوءِ به هو اڳين وقتن جي شاگردن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. ان جو واحد سبب اهو به آهي، جو اڄ جي استاد وٽ نه صرف ڪردار جو فقدان آهي پر هو گهربل تعليمي اهليت به نٿو رکي. هاڻي جڏهن استاد پاڻ به بلند ڪردار جو مالڪ نه هوندو ۽ نه ئي وٽس گهربل تعليمي اهليت يا قابليت موجود هوندي ته ھو ڪھڙيءَ ريت ٻارڙن کي تعليم ڏيندو ۽ انھن جي تربيت ڪندو؟ ان ڪري اڄ جا اڪثر شاگرد نه صرف تعليمي لحاظ کان پوئتي آهن پر اڻپوري تربيت هئڻ سبب هنن ۾ نه اخلاق جي بلندي آهي ۽ نه ئي پنھنجن وڏڙن ۽ بزرگن لاءِ ادب ۽ احترام!

سوال: ننڍي هوندي سنگتين سان ملي اڪثر ڪھڙيون حرڪتون ڪندا هئا؟

جواب: جيئن مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته ننڍي هوندي آءٌ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هوندو هئس، تنھنڪري حرڪتون ڪرڻ مون کان ڪو نه پڄنديون هيون ۽ آءٌ سدائين پنھنجي خيالي دنيا ۾ مگن هوندو هئس.

سوال: ادبي دنيا ۾ اچڻ لاءِ اوهان جي ذهن ۾ پھريون ڪھڙو خيال آيو؟

جواب: مون کي ايترو ته چٽيءَ ريت ياد ڪونھي ته آءٌ ادبي دنيا ۾ پھريائين ڪھڙيءَ ريت آيس. البت مطالعي جو ٿورو گهڻو شوق، مون کي اسڪول کان ئي هو. خاص ڪري ڪھاڻيون ۽ ناول شوق سان پڙهندو هئس. ڪاليج واري دور ۾ مون جمال ابڙي ۽ نسيم کرل کي تفصيل سان پڙهيو هو. اهڙيءَ ريت اردو ادب ۾ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، عظيم بيگ چغتائي، ڊاڪٽر شفيق الرحمان منھنجا پسنديده ليکڪ ٿي رهيا آهن. انھن اديبن ئي مون کي اتساهه ڏياريو ۽ مون ادبي دنيا ۾ بحيثيت ڪھاڻيڪار جي پير پاتو.

سوال: ننڍپڻ جون ڪھڙيون ساروڻيون اٿوَ؟

جواب: انساني زندگيءَ ۾، ان ننڍپڻ واري دور کي هڪ بھترين دور سڏجي ٿو ۽ ان دور سان ڪيئي يادون ڳنڍيل رهن ٿيون. ننڍپڻ ۾ مون کي جانورن سان بيحد پيار هوندو هو. ننڍپڻ ۾ شوقيه طور مان گهر جون ٻڪريون چاريندو هئس ۽ انھن جي خدمت ڪندو هئس. مون کي ياد آهي ته قربانيءَ واري عيد کان ڪجهه ڏينھن اڳ، گهر ۾ هڪ ٻڪري آندي هئائون. جيڪا عيد تي قربان ڪرڻي هئي. پوءِ مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته اها ٻڪري ڪھڙي مقصد لاءِ آندي وئي هئي. اها ٻڪري نھايت سھڻي ۽ پياري هئي، مون به ان جي خوب سنڀال لڌي پر عيد کان هڪ ڏينھن اڳ، گهر ڀاتين مون کي ٻڌايو ته؛ ”اها ٻڪري عيد واري ڏينھن تي قربان ڪئي ويندي.“ اهو ٻڌندي ئي منھنجون وايون بتال ٿي ويون ۽ عيد واري ڏينھن، جڏهن ان ٻڪريءَ کي ذبح ڪيائون ٿي، ته منھنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي نڪتا هئا. ٻڪرين پالڻ کانپوءِ مون ڪڪڙ به پاليا هئا پر ويڙهائڻ خاطر نه! بعد ۾ مون ڪبوتر به پاليا ۽ اهڙيءَ طرح ان دور جي به پڄاڻي ٿي.

ننڍپڻ ۾ مون کي فلمن ڏسڻ جو به شوق هو. اڪثر پھرئين شو تي ويندو هئس، جيڪو رات جي نائين بجي ختم ٿيندو هو. فلم ڏسڻ کانپوءِ مان چپ چپات ۾ گهر موٽندو هئس. آهستي آهستي گهر جو دروازو کڙڪائيندو هئس. منھنجي ناني ويچاري بستري تان اٿي کڙي ٿيندي هئي ۽ اچي ڪڙو کوليندي هئي. پوءِ مان پير پير ۾ پائي پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويندو هئس. منھنجو وڏو مامو محمد علي خان، مذهبي ماڻھو هو. فلمن جي سخت خلاف هو. پوءِ هڪ ڏينھن ٿيو ائين جو جيئن ئي مان فلم ڏسي موٽيس ۽ آهستي آهستي دروازو کڙڪايم. دروازو کليو ته سامھون مامو محمد خان بيٺو هو. مون کي ڏسندي ئي چيائين؛ ”اڙي تون لوفر ٿيندين ڇا؟“ پوءِ مون کي ٻه ٽي ڪلاسيڪل قسم جون چماٽون وهائي ڪڍيائين. فلمن ڏسڻ جي عادت ته پوءِ به مون مان نه وئي. البت ماما سائين جون چماٽون اڃا به ياد اٿم.

سوال: اوهان ٻارن لاءِ ڇا لکيو آهي؟ ۽ ڇا لکڻ کپي؟

جواب: هن وقت تائين مون ٻارن لاءِ ڪجهه به نه لکيو آهي. باقي رهيو سوال ته ٻارن لاءِ ڇا لکڻ کپي ته ان لاءِ عرض آهي ته هن وقت، سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب جي سخت ضرورت آهي. اسان کي جيڪڏهن پنھنجي نئين نسل کي، جديد دور جي تقاضائن مطابق تيار ڪرڻو آهي ته سنڌي زبان ۾ سٺا ۽ معياري رسالا ڇپيا وڃن، جن ۾ معياري مواد، رنگين تصويرن سان سنواريل هجي. جيڪڏهن اسان پنھنجي ٻارڙن ۾ مطالعي جو شوق وجهنداسون ته اڳتي هلي هو سنڌي زبان جا سٺا اديب ثابت ٿيندا ۽ سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪري سگهندا.

سوال: اوهان ادب جي ڪھڙين صنفن تي لکيو آهي؟

جواب: مون ادب جي تقريباً سڀني صنفن تي لکيو آهي، پر ادب ۾ منھنجي خاص ڪاوش، ڪھاڻي ۽ مزاح نگاري رهي آهي. هونئن اڄڪلهه مون ڪالم به لکڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي روزاني ”خبرون“ ۾ ڇپجن پيا.

سوال: ماهوار گلستان بابت اوهان جون تجويزون ۽ پيغام؟

جواب: ماهوار گلستان، ٻاراڻي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مواد کي وڌيڪ دلچسپ ۽ باتصوير بڻايو وڃي. گلستان جي پڙهندڙن لاءِ منھنجو اهو پيغام آهي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ هي ڏکيو وقت آهي. تنھنڪري اوهان سنڌي پڙهو، سنڌي لکو ۽ غير سنڌين سان سنڌيءَ ۾ ڳالھايو.


 

غلام رسول ڪلھوڙو

(ڪڏھن ڪڏھن ته سارجو – وفات؛ ۳۰ جون ۲۰۱۳ع - ڏھين ورسي مناسبت سان ڀيٽا)

جھانگير عباسي

سائين غلام رسول ولد محمد صادق ڪلھوڙو جو جنم ۰۳ جنوري ۱۹۴۱ع جھلي ڪلواڙي ڳوٺ تعلقو لکي شڪارپور ضلعي ۾ ٿيو جنھن ضلعي سنڌي ادب کي قبول ابڙو ۽ سليم چنا سينئير جھڙا ڪھاڻيڪار ڏنا آھن. غلام رسول جي تربيت تعليم مامن جي سار سنڀال ھٿ رھي. ھن پرائمري بعد مئٽرڪ تائين تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پرائي. انٽر ۽ بي اي ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ ايم اي سان گڏ بي ايڊ به ڪئي. عملي زندگي جي شروعات پھريان ڪلرڪي، پوءِ پرائمري اسڪول استاد بڻيو، جتان ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر ٿيو. جنھن بعد وري حڪومت پاڪستان پاران انگلينڊ موڪليو ويو، جتان ھن اسپيشل ايجوڪيش ۾ فرسٽ ڪلاس سان ڊپلوما ڪئي. مختصر عرصي لاءِ اسڪاٽ لينڊ ۽ ڪئڊا ۾ به رھيو ۽ وطن سنڌ واپس اچڻ شرط کيس سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسپيشل تعليمي ادارن جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ سچائي، ديانتداري ۽ ايمانداري سان فرض نڀائيندي آخر ۾ سکر اسپيشل ايجوڪيش اداري ۾ پرنسپل مقرر ٿيو. جتان جنوري ۲۰۰۱ ع ۾ ريٽائر ٿي مستقل طور تي جڏھن پنھنجي اباڻي شھر جيڪب آباد واپس وريو ته سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي دوستن پاران سندس تاريخي ۽ يادگار آجياڻو سان ڀليڪار ڪئي وئي.

سنڌي ادب ۾ غلام رسول ڪلھوڙو جي بنيادي سڃاڻپ ھڪ ڪھاڻيڪار جي آھي. ھو ھڪ مضمون نگار، ڪالم نگار، مزاح نگار، شاعر ۽ تعليمدان به رھيو آھي. ھن ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪھاڻين سان ۱۹۶۰ع ۾ مقامي اخبارن ۾ ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي ۽ متحرڪ ڪارڪن بڻيو ۽ گڏجاڻين ۾ ڪھاڻيون پيش ڪرڻ لڳو. ان ئي دور ۾ کيس ڪامريڊ برڪت آزاد، عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي جي رھنمائي ملي جڏھن ته محمد ابراھيم جويو ھن جو ويجھو ۽ ذاتي دوست رھيو. ھمعصرن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، عابد مظھر، س ب کوسو، تبسم مھتاب قريشي، پروفيسر الطاف پيچوھو ۽ شيخ اسحاق سنڌي جو ساٿ به مليو ته نئين دور جي ليکڪن ۾ شبير سومرو، عباس سارنگ، عاجز شھزاد ۽ فيض سومرو به ھن جي سٿ جا ساٿي بڻجي رھيا.

غلام رسول ڪلھوڙو صاحب ڪھاڻين بعد مزاح نگاري. پوءِ اخباري ڪالمن. ريڊيو ڊرامن طرف آيو ته شاعري ۾ به پاڻ ملھائيندو رھيو. ھن جون ڪھاڻيون ماھوار نئين زندگي، روح رھاڻ، لطيف ڊائجسٽ، بادل، سھڻي، سوجھرو پھريون ۽ ٻيو دور سان گڏ ٽماھي مھراڻ ۽ ممبئي جي ڪونج رسالي ۾ به شايع ٿيون. . اھڙيءَ طرح ھن جا اخباري ڪالم روزانو ھلال پاڪستان، عبرت، عوامي آواز، برسات، الک ۽ خبرون ۾ پابندي سان ڊگھي عرصي تائين شايع ٿيندا رھيا. ھن جي ادبي تخليق ۾ (۱) ڪھاڻي ڪتاب ”ويرون ۽ لھرون“ جيڪب آباد جي ڪھاڻيڪارن تي مشتمل مرتب ڪيل. . پاران سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد. سال ۱۹۷۹ع. (۲) ڪھاڻي ڪتاب ”زندگي ھڪ مرڪ“ سال ۱۹۷۱ کان ۱۹۸۵ تائين لکيل ڪھاڻين مان چونڊ، پبلشر رسول بخش خمار، اداره آواز ادب پبليڪيشن حيدرآباد سال ۱۹۹۰. (۳) ڪھاڻي ڪتاب ۽ ھڪ ريڊيو ڊرامو ”آئينو ۽ تصوير“ پبلشر ناز سنائي سنڌي ساھت ڪتاب گھر حيدر آباد سنڌ سال ۲۰۰۲ شامل أھن. جڏھن ته اَڻ ڇيل مواد ۾ ھڪ ڪھاڻي ڪتاب، ھڪ ناولٽ، ٻه ريڊيو ڊرامن جا مجموعا ۽ ھڪ شعري مجموعو موجود آھي.

پروفيسر غلام رسول ڪلھوڙو ھڪ روشن خيال، ترقي پسند فڪر وارو ليکڪ ۽ غير معمولي مطالعي ۽ مشاھدو رکندڙ تخليقڪار ھيو کيس عالمي ادب ۾ انتون چيخوف، او ھينري ۽ وليم فاڪنر پسند ھيا ته اردو ادب ۾ پريم چند، ڪرشن چندر، عظيم بيگ چغتائي ۽ مزاح نگار شفيق الرحمان گھڻو پسند رھيا. ائين سنڌي ادب ۾ وري جمال ابڙو ۽ نسيم کرل وڻندڙ ليکڪ رھيا. ھن جي ڪلاسڪ ڪھاڻين ۾ ”علڻ خان ديدڙ“ ڪونج ممبئي ۱۹۶۳ع. ”زندگي ھڪ مرڪ“ ۱۹۹۰ع ۽ ”مارئي مغرب جي“ سھڻي ۱۹۹۲ شامل آھي.

سائين غلام رسول ڪلھوڙو سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ جو دڳ دلبر دوست مرحوم بشير منگي جي ساٿ سان سال ۱۹۹۸ ۾ جوڙيو. ھي اھو دور ھيو جڏھن سال ۱۹۹۷ ۾ مھنجي نوڪي پبلڪ اسڪول سکر ۾ ليڪچرار اردو طور ٿي ھئي. ان وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون سائين جي بلائينڊ اسڪول لب مھراڻ ڪالوني ۾ ٿينديون ھنيون جتي پروفيسر سرور سيف، پروفيسر منظور اڄڻ، مالڪ کوسو، ضياء ڀٽي، فيض سومرو، خالد بروھي، بشير سميجو، سچل ڀٽي، ايڊوڪيٽ ھادي بخش ڀٽ خواجه ذوالفقار ۽ پرفيسر منظور بيدار ۽ ٻيا دوست به ايندا ھئا. ٻن ٽن ملاقاتن ۾ سائين ڪلھوڙو صاحب سان ويجھڙائي ٿي ۽ پوءِ تعلق اڃا به وڌيڪ ويجھو ۽ دلي بڻجي ويو. پاڻ مون کي وڏي ڀآئون جيان دل سان ڀائيندي بي پناھ شفقت ڏيندا ھئا. سندن ادارو سال ۲۰۰۰ ع ۾ ايئرپورٽ روڊ سکر تي آئي بي اي جي جوڙيل نئين عمارت لڳ منتقل ٿيو ته آئون ات به حاضريون ڀريندو رھيس. اڪثر پاڻ به اداري جي ھائيسٽ تي پنھنجي ٻالڪ ڀاڻيجي سان مون وٽ ابن قاسم ھاسٽل تي اچي نڪرندا ھئا جنھن کي پاليو ھين جو کين رب پاڪ طرفان اولاد نصيب نه ھئي. ايئن روح رھاڻيون قائم رھيون. پوءِ سال ۲۰۰۱ ۾ سندن ريٽائرمينٽ ٿي ته مستقل طور تي جيڪب آباد ھليا ويا.

سائين ڪلھوو صاحب سان موبائل تي به رابطا رھيا ۽ مختصر ڪچھريون قائم رھيون. سال ۲۰۰۲ ۾ جيڪب آباد جي ٽائون ھال ۾ عبدالڪريم گدائي جي ورسي واري يادگار ڪانفرنس ٿي ته سکر مان آئون ۽ سائين ڊاڪٽرادل سومرو به شريڪ ٿياسين مون کي به اعزازي مھمان جو شرف بخشيائون. ادل واپس وريو پر آئون ڪلھوڙي صاحب وٽ اھا رات رھيس ۽ سموري سياري واري سرد رات ڪچھري ڪندي صبح ڪيوسين. ائين ۰۱ جنوري سال ۲۰۰۳ع سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري پاران ناليج سينٽر لاڙڪاڻو جي آڳنڌ تي مون سان ادبي رھاڻ رچائي وئي ته ان جي صدارت سائين غلام رسول ڪلھوڙي ڪئي خاص مھمانن ۾ پروفيسر سرور سيف ۽ منير سولنگي ۽ اعزازي ممانن ۾ پروفيسر مختيار سمون ۽ شڪيل ملڪ جن ھئا. چار ڪلاڪن واري ان تقريب ۾ پنو عاقل، پير ڳوٺ. خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا دوست شيخ اسحاق سنڌي فريد احمد فريد، فياض لطيف. احسان دانش، روشن شيخ، سڪندر عباسي، رضوان گل، محمد ھاشم حامي، عزيز قاسماڻي، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، جواد صديقي، منظور لاڙڪ ۽ ھاڻوڪو ايس ايس پي فرخ ملڪ ۽ ٻين دوستن شاندار تقريرون ڪري ڀيٽا ڏني ھئي. ڪارروائي استاد گل دايو ھلائي ھئي. جڏھن ته ڪلھوڙي صاحب جي صدارتي تقرير، پوءِ خبرون اخبار ۾ فيبرري ۾ شايع ٿي، جيڪا ھن مضمون سان گڏ رکيل آھي.

سائين غلام رسول صاحب انتھائي حساس ۽ نفيس طبعيت ۽ مزاج وارو ھڪ جينئيس تخليقڪار ھيو. ساڻس آخري ڀيرو ملاقات سکر ۾ مولائي شيدائي جي ورسي تقريب سال ۲۰۰۶ع ۾ ٿي پوءِ منھنجي گذارش تي اسڪول جي ھاسٽل ابن قاسم تي رات ترسيا خوب ڪچھري ٿي. مو کي سندن صحت لٿل ۽ ذھني طور منجھيل ڏسڻ ۾ آيا. منھنجي زور بار ۽ ھجت تي چڌايائون ته خانداني مسئلن. پريشانين۽ ملڪيت جا ڪجھ معاملا ھين جن ڪري سندن منھن تي اھا معني خيز مرڪ گم ھئي جنھن جي جادوئي سحر سان ھر ڪوئي سندن ٿي ويندو ھيو. . سال ۲۰۰۷ع فيبروري ۾ مان به پبلڪ اسڪل سکر کان ڊگھي موڪل وٺي آرمي پبلڪ اسڪول گولاڙچي ۾ پرنسيپال جي حثيت سان سامونڊي پٽي وڃي وسائي ۽ بي انتھا ڪمن ۽ ذميوارين سبب ڪيترن يارن دوستن سان ڱڏ سائين ڪلھوڙي صاحب سان به رابطو ڪٽجي ويو. سال ۲۰۱۰ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو موٽي آيس ته سائين بابت دوستن کان سخت ذھني پريشاني واري حالت جو ٻڌي ھڪدم ساڻن رابطو ڪيم ته سندن آواز مان مايوسي واڪا ٿي ڪيا پوءِ جيڪب آباد وڃڻ جو پروگرام به جوڙيو پر آئون پڻ معاشي ۽ گھريلو حالتن جي وڻ ويڙھي ۾ وٺجي سوگھو ٿيل ھيس ۽ ملاقات نه ٿي سگھي پر موبائل تي وقت به وقت رابطا قائم ھيا. جون جي ويڪيشن ۾ مان پنھنجي شگر مسئلي سبب ۽ علاج خاطر فيملي سميت ادا وڏي جي گھر ڪراچي ۾ ھيس جو سنڌي چينل جي خبرن دوران سائين غلام رسول ڪلھوڙي جي بيگاري ڪئنال ۾ پاڻ اچي خودڪشي ڪرڻ واري خبر منھنجا ڍڍر ئي ڍرا ڪري اصل پنڊ پھڻ ڪري وڌو.

ھڪ اھڙو سچيت ۽ زندگين جي سچائين وارو ڏات ڌڻي جيڪو پنھنجين ڪھاڻين، ڪالمن، تقريرن ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ ٻين لاءِ اتساھ، پيار ۽ پنھنجائپ جو سھارو ھجي، زندگيءَ جي ھر ڏک ۽ غم سان منھن مقابل ٿي مرڪي جيئڻ جو عزم ڏيندڙ ھجي، اھو ائين حالتن کان ھارئي مايوس بڻجي، ڇوٽڪاري جو دڳ خودڪشي جي راھ ۾ ڪيئن ٿو ڏسي سگھي؟. بس! اھا سوچ گذريل نون سالن کان سائين ڪلھوڙي مرحوم جي ياد سا گڏ ھٿوڙي جيان منھنجي ذھن ۾ لڳندي رھي آھي. اڄ ۳۰ جون آھي ۽ دل اداس آھي. غمگين اکيون سائين سان گھاريل يادن ۾ کيس ائين ڏسي رھيون آھن جيئن پاڻ پبلڪ اسڪول سکر جي ڪرڪييٽ گرائونڊ تي شام سمي کير ٿر جئنال پاسي کان گھلندڙ ٿڌڙين ھوائن جي ھڳائن ۾ گم ويٺا ھوندا ھياسين، جنھن جي حياتي جي ورقن جي شاعر ۽ مترجم صديق سورج جو ھي شعر ڪيڏي نه خوب ترجماني ڪري ٿو ته

خوشی کا گیت نہیں ہوں نہ گا دیا گا ہوں

میں اک نوحہ ہوں رو کر سنا دیا گیا ہوں

میں سادہ لوح کھلاڑی زمانہ شاطر تھا

ہر ایک کھیل میں سورج! هرا ديا گيا ہوں

نوٽ. ھن تحرير لاءِ آ سائين غلام رسول ڪلھوڙي جي ڀاڻج محترم آصف ڪلھوڙو. ليکڪ دوست علي نواز آريسر ۽ شبير سومرو جن جو ٿورائتو آھيان جن سائين بابت مواد ۾ مدد فرمائي.

 

(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا