; سنڌي شخصيتون: پنھون فقير - مٺل جسڪاڻي

25 May, 2019

پنھون فقير - مٺل جسڪاڻي


پنھون فقير
سياڻو ۽ سُريلو فنڪار
مٺل جسڪاڻي
آئون ۽ ڀاءُ علي جسڪاڻي، صبح جو ٽنڊوڄام کان، ٽنڊو الھه يار مان، ٽنڊو آدم روڊ سان، عثمان شاھه ھڙي کان ڦري ڳوٺ سيٺ جمع عاقلاڻي پھتاسين. اتي شاعر دوست غلام مصطفيٰ عاقلاڻي سان سندس ڀائٽئي جي وفات تي تعزيت ڪري ويٺاسين ته احساس ميرل، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، شيرل ۽ عبدالشڪور ڇٽو به اچي ويا.


اسان کي عاقلاني ڳوٺ کان پوءِ ڏھه دري حاجي نبي بخش جت ڳ سندس ڀاءُ حاجي محمد صادق جت سان ملڻ سندن ڳوٺ شھداد خان جت وڃڻو ھو. احساس وارا به ان طرف ھلڻا ھئا، ان ڪري اتان گڏجي نڪتاسين.
احساس ۽ شڪور پنھنجي پنھنجي موٽر سائيڪل تي اسان جي اڳيان ھئا، سندن پٺيان علي جسڪاڻي، آئون (مٺل جسڪاڻي)، حاجي غلام حيدر خاصخيلي ۽ شيرل پئي آياسين.
اسان فاضلاڻي موري اڪري ٿورو اڳتي آياسين، ته اوچتو احساس ميرل ۽ عبدالشڪور بيھي رھيا! اسان به بيٺاسين، ته حاجي غلام حيدر خاصخيلي چيو ”ڪم ھاڻ ڀلو ٿيو“.
جيستائين اسان گاڏي مان لھون، تيستائين احساس ۽ شڪور ھڪ واٽھڙو سان ملي چڪا، پوءِ واري سان اسان به ملياسين.
اسان اڃا مليا به مس ھئاسين، ته احساس اوچتي ۽ نئين ملندڙ واٽھڙو کي چيو ”ڪلام ٻُڌاءِ“. اُن به دير ئي نه ڪئي، اتي ئي، پٽ تي ويھي ڳائڻ لڳو. اسان به نه مٽي، نه ڇيڻي جو خيال ڪيو، ٻُڌڻ ويھي رھياسين.
ھُن شروع ۾ ”پرچن شال پنھوار، ڍوليا مارُو مون سان پرچن شال پنھوار“ ٻڌايو، ته مون کي ھي ميرن ۽ پراڻن ڪپڙن ۾ پوڙھو استاد محمد يوسف محسوس ٿيو!
پھريون ڪلام ختم ٿيندي ئي، بنا ساھيءَ جي، ٻيو ڪلام سرائڪيءَ ۾ ٻُڌائڻ لڳو، ته مون سمجھيو استاد محمد جمن پيو ڳائي!
اسان روڊ جي ڪناري تي ويٺا ھئاسين، ھر ايندڙ ويندڙ گذرندو ويو.
ڪي چار پنج ڪلام ٿيا، ته اسان به موڪلايو.
اتي ويٺي ۽ ھلندي سفر ۾ احساس، شڪور ۽ حاجي ٻُڌايو ته اھو پنھون فقير (مڱڻھار) آھي، ائين ئي چرين وانگر پيو ھلندو آھي. ڪنھن وقت ۾ سٺو ڳائيندڙ ھو. پنھون فقير پاڻ ٻڌايو ته ھو يوسف ۽ جمن سان گڏ محفلن ۾ ڳائيندو ھو.
سنگت مان خبر پئي ته ھي ڳچ سالن کان ائين ئي درويشن وانگر پيو ھلندو آھي. ان حالت ۾ به ھڪ دفعي شادي جو ڪاڄ ھجي. ان ۾ جيئن ئي راڳ جي محفل شروع ٿي، ته ھي به راڳين وٽ پھچي ويو. راڄ وارن جو ھي ٻُڌل ھو، ان ڪري ھن کي وارو وٺي ڏنو. ھن جو راڳ ٻُڌي، آيل راڳي ناراض ٿي پيا، پر اتي به ھن مست ملنگ محفل مچائي، خوب داد ۽ انعام (گھور) حاصل ڪئي.
ھي پنھون فقير فاظلاڻي موري لڳ ڪنھن ڳوٺ جو رھواسي آھي. منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ھن جو ٿورو به خيال ڪيو وڃي، ته ھي چريو نه، پر سياڻو ۽ سُريلو فنڪار آھي.
(نوٽ: ھن تصوير لاءِ علي جسڪاڻي جا ٿورا)

No comments:

راءِ ڏيندا