; سنڌي شخصيتون: عاشق پهلوان - لياقت راڄپر

15 May, 2019

عاشق پهلوان - لياقت راڄپر


عاشق پهلوان
جنهن سيني تي هاٿي بيهاري!
لياقت راڄپر
اسان پنهنجن وڏن کان ٻڌندا هياسين ته اوائلي وقت ۾ پهلوانن جو قدر هوندو هيو، ۽ ماڻهو ميلن ۽ ملاکڙن ۾ انهن جي طاقت جو مظاهرو ڏسي داد ڏيندا هيا. خاص ڪري وڏا زميندار پهلوانن کي پاليندا هيا ۽ انهن جي کاڌي خوراڪ جو خرچ کڻندا هئا. پهلوانن جي لاءِ مينهن ڏني ويندي هئي، جنهن جو هو کير پيئندا هئا. مکڻ گهر استعمال ڪندا هئا ۽ ٻي خوراڪ ۾ انهن لاءِ گوشت ۽ خشڪ ميوو موڪلبو هيو ته جيئن هو طاقتور ٿين ۽ آکيڙي ۾ مقابلو ڪن ۽ ڪاميابي حاصل ڪن.


جيئن ته لاڙڪاڻي شهر ۾ مڇي مارڪيٽ ڀرسان غريب مقام نالي هڪ هنڌ آهي، جيڪو شروع ۾ هڪ چڱو ڀلو قبرستان هو، جنهن تي آهستي آهستي قبضو ٿيندو ويو ۽ ان جي هڪ هنڌ تي ڪچيون ڪکائيون جڳهيون ٺاهيون ويون ۽ ٻئي پاسي ميدان ڪيو ويو، جنهن ۾ شام جو ماڻهو والي بال ۽ ڏيٽي ڏڪر کيڏندا هيا ۽ ٻئي پاسي پهلوانن جا اکاڙا هئا، جنهن ۾ هو صبح ۽ شام جي وقت ورزش ڪندا هئا. انهن پهلوانن ۾ هڪڙو هيو عاشق پهلوان، جنهن جا وار گهنڊيدار ۽ گهاٽا هئا ۽ جسم به سڊول هيو، جڏهن ته ٻيو پهلوان هيو ممتاز سينڊو جنهن جو هلڪو قد هوندو هو، پر ورزشي بت هيس، اهي ٻئي پهلوان هڪ ٻئي جا سخت مخالف هئا.
هڪ ڏينهن شام جو مان گهران نڪري ايمپائر سئنيما ۾ فلمي پوسٽر ڏسڻ وڃي رهيو هئس ۽ پنڌ جي حد کي گهٽائڻ لاءِ غريب مقام مان وچان نڪري وڃان پيو ته منهنجي نظر ايراني سرڪس جي ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن جي هڪ انبوهه تي پئي ۽ اهو زمانو هو ۱۹۶۶ع جو. مان هڪدم اوڏانهن لڙي پيس ۽ ماڻهن جي وچان جاءِ ٺاهيندو مجمعي جي اڳيان اچي پهتس ۽ ڏٺم ته هڪ باڊي بلڊر شخص ڌرتي تي هيٺ پيل گدي تي سمهيل هو ۽ ان جي سيني تي هڪ ٻيو نرم گدو ۽ ان جي مٿان ڪاٺ جو تختو رکيل هيو ۽ ٿوري دير ۾ هاٿي کي هڪ ملازم وٺي آيو، جيڪا تقريبًا ۱۳۰ مڻ وزن جي هئي، تختي مٿان چار ئي پير رکي اڌ منٽ لاءِ بيهي رهي ۽ اتي بيٺل ماڻهن تاڙيون وڄائي پهلوان عاشق کي داد ڏنو.
بهرحال وقت گذرندو رهيو ۽ مان جڏهن سنڌ انفارميشن کاتي ۾ آيس ته منهنجو رجحان ادب ۽ صحافت ڏانهن وڌيو ۽ پوءِ مان آهستي آهستي لاڙڪاڻي جي شهر، اتان جي ماڳن ۽ شخصيتن تي لکڻ شروع ڪيم. ڪافي پراڻن ماڻهن کان حال احوال ورتم ۽ اها ڄاڻ لکڻ ذريعي ماڻهن تائين پهچائي، هڪ ڏينهن ذهن ۾ آيو ته پهلوان عاشق جي باري ۾ مرحوم محمد عثمان فليش يا بادل سان ذڪر ڪيو، جنهن ٻڌايو ته عاشق پهلوان جيئرو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ايندو آهي ۽ وري اچانڪ ڪٿي هليو وڃي ٿو. هڪ ڏينهن عثمان مون کي فون ڪئي ته عاشق لاڙڪاڻي آيل آهي ۽ نئين بس اسٽينڊ جي ويجهو رتيديري روڊ تي گهوڙي بگيءَ جي مرمت جو ڪم ڪندو آهي.
مان ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪراچي کان نڪتس ۽ شام ڌاري لاڙڪاڻي پهتس، جتي عثمان منهنجو انتظار ڪري رهيو هو، جنهن سان گڏ مان عاشق ڏانهن هلي پيس، اتي پهچي ڏٺم ته هڪ جاندار ماڻهو جيڪو گنجو هيو ۽ ان جي اکين تي نظر جي عينڪ پئي هئي، جيڪو بگيءَ جي ڦيٿي جي مرمت ڪري رهيو هو. جڏهن عثمان ٻڌايو ته هي آهي عاشق پهلوان ته ٿوري دير لاءِ مان حيران ٿي ويس. ڇو جو منهنجي ذهن ۾ ته اهو ننڍپڻ وارو خاڪو هيو عاشق لاءِ، جيڪو چُور چُور ٿي ويو هو. دنيا جي گردشن هن انسان کي نچوڙي ڇڏيو هو ۽ هن جو قدر نه ڪيو ويو ۽ هو زماني جي لاپرواهي ۾ گم ٿي ويو.
هن وقت هو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي، ڪا خبر نه آهي. ڇو جو هو گمناميءَ واري اونداهه ۾ گم ٿي ويو آهي، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ اڄ هيءَ تحرير ڪم اچي سگهي ٿي ۽ حڪومت يا وري ڪا اين جي او مدد ڪري ته هن کي نيڪ ناميءَ جو سرٽيفڪيٽ ۽ مالي مدد ملي سگهي ٿي. جڏهن ڪجهه وقت اڳ ملاقات ٿي هئي ته هو اڃان پُرعزم هيو، پر غربت جي ڪري هو پهلواني ڪرتب نٿو ڏيکاري سگهي، جنهن لاءِ طاقت کپي ۽ اها پئسن سان ملندي آهي. ڇو جو طاقت واريون شيون ملهه تي ملنديون آهن.
ڳالهين ڪندي اها خبر پئي هئي ته هو جيڪو هاٿي کي سيني تي بيهارڻ وارو ڪم ايراني سرڪس وارن لاءِ ڪندو رهيو، ان جو معاوضو هن کي هڪ دفعو ۲۰ روپين کان ۲۵ روپيا ملندو هو. هو روزاني ڏينهن ۾ ۳ ڀيرا اهو ڪرتب ڏيکاريندو هو. هو هن ڪم ۾ ڪيترائي سال هلندو رهيو، پر هڪ دفعو ۱۹۸۲ع ۾ شڪارپور شهر ۾ جيئن ئي هاٿي هن جي سيني تان لهي رهي هئي ته هاٿي جو پير تختي تان ترڪي ويو ۽ عاشق جي ڪلهي کي رهڙيندو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي ڪلهي جو سڄو گوشت رهڙجي ويو، پر بچاءُ اهو ٿيو ته هڏي کي ڪو نقصان نه رسيو. هو ڪيترائي مهينا علاج هيٺ رهيو ۽ جڏهن ڪلهي تي پورو گوشت چڙهي آيو ته هن وري اهو ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو پر ڊاڪٽرن هن کي منع ڪري ڇڏيو.
پنهنجي جواني واري دور ۾ هو پنهنجي مٿان روسي ٽريڪٽر چاڙهائي ڪراس ڪرائيندو هو، جيڪو سخت ڪم هو. پنهنجي سيني مٿان ۵ مڻ جي پٿر جي چڪي رکائي ان کي هٿوڙي سان ڀڃرائيندو هو ۽ ايتري ته طاقت هيس جو هو، جيڪڏهن پهرين جوڙ جي ملهه پهلوان جي ٻانهن پڪڙيندو هيو ته هو ٻانهن نه ڇڏائي سگهندو هو، هڪ دفعو هن ٻڌايو هو ته مير مرتضيٰ ڀٽي هن جي طاقت وارن ڪرتبن کان متاثر ٿي هن کي گهرايو ۽ ٻن روسي ٽريڪٽرن کي ٿلها ٻه مضبوط رسا ٻڌي هن جي هٿ ۾ ڏنا ۽ هو کڏ ۾ ويهي پير ۽ پٺي تي زور لائي بيٺو ۽ جڏهن ٻئي ٽريڪٽر زور سان هلائڻ لاءِ چالو ڪيا ويا ته اهي هڪ انچ به پنهنجي جڳهه تان نه چري سگهيا.
مير مرتضيٰ ڀٽو هن جي طاقت کان وڏو متاثر ٿيو. هو پاڻ به پهلوان وانگر طاقتور ۽ قداور هو، جنهن عاشق کي چيو ته هو هن کي مُڪو هڻي ۽ پوءِ وري هو هڻندو. عاشق چيس ته پهريائين اوهان هڻو ڇو جو عاشق هن جي بي ادبي نه پئي ڪرڻ چاهي. جڏهن مرتضيٰ ڀُٽي هن کي مُڪو هنيو ته هن جو مٿو ٿوري دير لاءِ چڪرائجي ويو ۽ جڏهن ٻيو هڻڻ لاءِ وڌيو ته عاشق هن کي ٻنهي هٿن سان مٿي کڻي بيٺو ۽ پوءِ هيٺ لاهي معافي ورتي پر مرتضيٰ ڀٽو خوش ٿيو ۽ هن کي شاباس ڏيندي واعدو ڪيو ته هو هن لاءِ پي ٽي وي تي هڪ پروگرام ڪرائيندو، جيڪي مرتضيٰ جي شهادت ڪري نه ٿي سگهيو.
ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ايراني پهلوان علي بابا نالي آيو هو، جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مقابلن ۾ پهلوانن کي شڪست ڏئي هتي پهتو هو. هن هڪ پوسٽر ذريعي پوري علائقي جي پهلوانن کي چئلينج ڪيو هو. اهو ٻڌي عاشق پهلوان پنهنجي پهلوانيءَ جي ڪرتبن جو فوٽو البم کڻي ان هوٽل تي پهتو جتي علي بابا ترسيل هو. علي بابا فوٽو ڏسي عاشق کي نظر انداز ڪندي مقابلي جي دعوت ڏني. ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي راند واري ميدان ۾ مقابلا شروع ڪيا ويا.
جڏهن علي بابا ميدان ۾ داخل ٿيو ته وڏا ۽ ٿلها لوهه جا زنجير هن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل هئا. هڪ ته هن جو قد ڊگهو هو ۽ ٻيو وري ڊگها وار ميدان ۾ آڪڙ سان جڏهن گهمي پيو ته لاڙڪاڻي وارن جون دليون ڌڙڪن پيون ۽ هو عاشق لاءِ دعا گهري رهيا هئا. ميدان ۾ مردن کان علاوه عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ موجود هئا، جيڪي عاشق جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. علي بابا ٻين ڪرتبن کان علاوه پنهنجي ڊگهن وارن سان ٻه جيپون ڇڪيون، سيني جي مٿان هڪ ٻئي پٺيان ٻه روسي ٽريڪٽر ڪراس ڪرايا ۽ عاشق کي ان زماني جا ۵۰۰ روپيا ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪڏهن هو ائين ڪري ڏيکاري ته. پر عاشق جيڪي ڪرتب ڏيکاريا، انهن علي بابا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته هن اهي ڪرتب پهريان ڪٿي به نه ڏٺا آهن.
ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ايراني پهلوان علي بابا نالي آيو هو، جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مقابلن ۾ پهلوانن کي شڪست ڏئي هتي پهتو هو. هن هڪ پوسٽر ذريعي پوري علائقي جي پهلوانن کي چئلينج ڪيو هو. اهو ٻڌي عاشق پهلوان پنهنجي پهلوانيءَ جي ڪرتبن جو فوٽو البم کڻي ان هوٽل تي پهتو جتي علي بابا ترسيل هو. علي بابا فوٽو ڏسي عاشق کي نظر انداز ڪندي مقابلي جي دعوت ڏني. ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي راند واري ميدان ۾ مقابلا شروع ڪيا ويا.
جڏهن علي بابا ميدان ۾ داخل ٿيو ته وڏا ۽ ٿلها لوهه جا زنجير هن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل هئا. هڪ ته هن جو قد ڊگهو هو ۽ ٻيو وري ڊگها وار ميدان ۾ آڪڙ سان جڏهن گهمي پيو ته لاڙڪاڻي وارن جون دليون ڌڙڪن پيون ۽ هو عاشق لاءِ دعا گهري رهيا هئا. ميدان ۾ مردن کان علاوه عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ موجود هئا، جيڪي عاشق جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. علي بابا ٻين ڪرتبن کان علاوه پنهنجي ڊگهن وارن سان ٻه جيپون ڇڪيون، سيني جي مٿان هڪ ٻئي پٺيان ٻه روسي ٽريڪٽر ڪراس ڪرايا ۽ عاشق کي ان زماني جا ۵۰۰ روپيا ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪڏهن هو ائين ڪري ڏيکاري ته. پر عاشق جيڪي ڪرتب ڏيکاريا، انهن علي بابا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته هن اهي ڪرتب پهريان ڪٿي به نه ڏٺا آهن.
جنهن ۾ هن ۲۵ مڻن جي لوهه جي پڃري هڪ هٿ سان مٿي کنيائين، هڪ انچ ٿلهي ۽ ست انچ ڊگهي لوهه جي ڇيڻي کي ٻنهي هٿن سان ٻيڻو ڪيو ۽ ريلوي پٽڙيءَ کي پنهنجي سيني تي رکي هٿوڙي سان ڪٽرايو، جيڪو عمل ڏهن منٽن تائين جاري رهيو، علي بابا پنهنجي هار مڃي، عاشق پهلوان نه صرف ۵۰۰ روپيا کٽيا پر ٻئي رکيل انعام واري رقم به حاصل ڪئي.
هن ٻڌايو هو ته پنهنجي جسم کي نرم رکڻ لاءِ سرنهن جو تيل هڻائيندو آهي، جنهن سان جسم جو گوشت لچڪدار ٿئي ٿو، جيڪو هڏن جي حفاظت ڪندو آهي، سندس هڪڙو ٻيو ڪرتب به سوچ کان ٻاهر هيو، جنهن ۾ هو ۱۰ سيرن جو ٿالهه ڏندن جي وچ ۾ جهلي بيهندو هو ۽ پوءِ ان تي هڪ نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪرو بيهي ڪجهه لمحن لاءِ آهستي نچندي هئي. هن پنهنجي پهلواني دور ۾ شادي به نه ڪئي، جڏهن ته ڪيتريون ئي عورتون هن سان محبت ڪرڻ لاءِ تيار هيون، پر جيئن ته پهلوان ٿيڻ لاءِ پهريون شرط اهو هوندو آهي ته هو عورتن کان پري رهندو.
هڪ ٻئي قصي ۾ هن جي طاقت جو مظاهرو قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هڪ دفعو ڊي سي لاڙڪاڻو واحد بخش ٻگهيو هن کي سڏائي ڇهه گهوڙا گهرايا ۽ انهن جون واڳون هن جي هٿن ۾ ڏئي انهن تي چهبڪ هڻايا پر اهي گهوڙا هڪ انچ به اڳتي نه چري سگهيا.
ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته عاشق پهلوان مون وٽ ڪراچي آيو هو ۽ مان اهو ڏسي حيران ٿي ويو هيس ته هو بلڪل اهڙو لڳو جهڙو هو جوانيءَ واري وقت ۾ هيو. هن جي مٿي تي وار اچي ويا هئا، ۽ اهي قدرتي طور ڪارا به هيا ۽ اکين تي ڪوبه نظر جو چشمو نه هيس. هن ٻڌايو ته هن جي نظر ڪمزور ٿي وئي هئي، ۽ وار ڇڻي ويا هئا، جنهن جو سبب اهو هيو ته هڪ ڀيرو هن جي اک ۾ ڪا تڪليف ٿي پئي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر جي ڏنل دوا کائڻ سان ائين ٿيو، ۽ جڏهن ۵ سال گذري ويا ته وري هن جي نظر به ٺيڪ ٿي وئي ۽ وار به نه صرف ٻيهر ڦٽي پيا پر ڪارا به ٿي ويا.
جڏهن مان هن کان هاٿي سيني تي کڻڻ واري تصوير ۽ ٻيون ناياب تصويرون گهريون ته هن چيو مختلف هنڌن تي لڏ پلاڻ ۾ اهي گم ٿي ويون ۽ ڪجهه رهيل ڪي دوست وٺي ويا ۽ وري واپس نه ڪيائون. صرف هڪڙي تصوير ملي آهي جيڪا ٿال واري آهي ۽ ان تي هڪ ڇوڪري نچي پئي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سنجيدگي نه ڏيکاري ۽ پنهنجي غلط فيصلن ڪري هو وري ٻيهر اهو مقام حاصل نه ڪري سگهيو ۽ گمناميءَ ۾ هليو ويو، جڏهن ته مون هن سان واعدو ڪيو هو ته هن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تشهير ڏياريندس ۽ حڪومت کان مالي مدد لاءِ به ڪوشش ڪندس پر هن جو ڏنل نمبر هميشه بند رهيو ۽ هاڻي ته شايد ٻئي ڪنهن ورتو آهي ۽ هن اهو نمبر بدلائي ڇڏيو آهي.
هو ۱۹۲۶ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري پاڙي ۾ ڄائو هو ۽ هن جو والد خوشحال هيو، جنهن کي لاهوري پاڙي ۾ ۳۰ کن گهر هيا، جيڪي هن ڪرائي تي ڏئي ڇڏيا هئا. جنهن جي آمدني مان هو پنهنجو ڳائڻ جو شوق به پورو ڪندو هيو ۽ گهر به هلائيندو هيو. هن جو والد هميشه بمبئي ويندو رهيو، جتي راڳ سکڻ لاءِ عاشق علي موسيقار وٽ وڃي پهچندو هو ۽ ان اچ وڃ ۾ پنهنجي شوق لاءِ سڀ گهر آهستي آهستي وڪڻي ڇڏيا. عاشق جيڪو ذات جو سومرو هيو، اهو نالو هن تي پنهنجي استاد عاشق علي جي نالي پويان رکيو هيو، جڏهن ته گهر وارن هن جو نالو غلام نبي رکيو هو.
پنهنجي والد جي موت کان پوءِ عاشق پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي گهوڙي بگيءَ جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ۽ ڀاءُ کي پهلواني ڪندي ڏسي پاڻ به ان شوق ۾ گهڙي پيو ۽ شڪارپور جي پهلوان واحد بخش جي استادي ۾ تربيت وٺڻ شروع ڪئي، جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشهور هيو ۽ هميشه مقابلا کٽيندو هيو. عاشق هن کان ٻيو ڪم سکندو رهيو، جنهن ۾ ڊکاڻڪو ڪم، حڪمت، بندوقن جي مرمت ۽ ٽانگن جي مرمت شامل هئي. ڊکاڻڪي ڪم ۾ هن جو استاد هدايت الله هيو، جڏهن ته پهلواني ۾ استاد واحد بخش هن جو شوق ڏسي هن کي هڪ ڀلاري مينهن وٺي ڏني هئي. زندگيءَ جي ڏکن ۽ ناڪامين هن کي پڻ شاعر بڻائي ڇڏيو هيو ۽ هن ڪيترائي ڪلام لکيا هئا، جيڪي هن سان گڏ گم ٿيل آهن. ڪيترن ئي دوستن ٻڌايو ته هو ڪڏهن بجلي جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪنهن پرستار وٽ ٽڪيو پيو هوندو هو، پر هاڻي ڪٿي آهي، ڪا خبر نه آهي.
هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، پر اهي ڪٿي آهن ۽ انهن کي به هن جي ڄاڻ نه آهي، انهن ۾ هڪڙو شاگرد هنڌو هيو، جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿي ويو، ان جو به پتو نه آهي. جيڪڏهن هن مضمون ذريعي عاشق پهلوان جي ڪا خبر پئي ته هن اخبار جي نمبر تي رابطو ڪري يا نمبر ڏياري موڪلي.

No comments:

راءِ ڏيندا