آهه! سائين قلندر شاهه
”منجهان منهنجي روح...“
مٺل جسڪاڻي
ڪي ڪي ماڻهو، ماڻهو
هجڻ سان گڏوگڏ ڪردار ٿي پوندا آهن، تاريخ ٿيندا آهن، ڪي ليکڪ، ڪي محقق، ڪي شاعر، ڪي
دانشور، ڪي استاد ٿيندا آهن، ناميارا ٿي پوندا آهن، گهاٽي بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙا،
مثالي اداري جهڙا، انمول ماڻڪ موتي ٿي پوندا آهن. پنهنجي اولاد سميت ٻين به ڪيترن
جا ئي مائٽ ۽ ڀرجهلا به ٿي پوندا آهن، استاد به ٿي پوندا آهن، اثاثو ٿي پوندا آهن.
انهن جي ڇپر ڇانءُ ۾ هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙا ڪي ڪي ماڻهو لوڪ ۾ لڪل هوندا
آهن، ته ڪي ڪي عالم آشڪار ٿي پوندا آهن. اهڙن ئي گهڻ رُخن مڻيادار ماڻهن ۾ هڪ اهڙو
ماڻهو، محترم سائين قلندر شاهه ليڪاري طور ڄاتو سڃاتو ويو. سنڌي ته سنڌي، پر
انگريزي، اردو ۽ فارسي ۾ پڻ مهارت رکندڙ گهڻ پڙهيو تخليقڪار هو. سائين قلندر شاهه
لڪياري جي ڪهڙي ڪهڙي سڃاڻپ، ڪيئن ڪيئن ڪرائجي ۽ ڇو ڇو ڪرائجي؟ سائين ته پنهنجي سڃاڻپ
پاڻ ڪرائي چڪو، پنهنجو تعارف، پنهنجون مان مرتبو پاڻ ئي مڃرائي چڪو، مون کي يا ڪنهن
ٻئي کي شاهديون گڏ ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، سائين لکيل پڙهيل، لکندو پڙهندو رهندو،
مثالي، محنتي، محبتي ۽ قابل استاد، محقق ۽ ليکڪ.
مون سائين قلندر شاهه
ليڪاري کي مختلف وقتن تي، مختلف هنڌ تي، مختلف علمي، ادبي تقريبن ۽ مشاعرن ۾، ڪڏهن
اعزازي مهمان، ڪڏهن خاص مهمان، ته ڪڏهن صدارت ڪندي ڏٺو، کيس خطاب ڪندي ٻُڌو ۽
سدائين کانئس پرائڻ جي ڪوشش رهي پر آهه! سائين قلندر شاهه لڪياري جي حياتي جو ڏيئو
گل ٿي ويو...!
آئون مڪمل اعتماد
سان چئي سگهان ٿو ته بنيادي طور استاد پوءِ محقق، شاعر ۽ ليکڪ هجڻ جي ناتي سائين
قلندر شاهه لڪياري سدائين مثبت رُخ ۾ ڪم ڪيو، پاڻ پتوڙيو. ان ڪري ئي سائين ڪن ٿورڙن
لاءِ نه، ڪن سوَن لاءِ نه، هزارن لاءِ سونهو رهيو، رهبر ۽ رهنما رهيو، سندس عمل ۽ ڪردار
مان سکڻ گهرجي، پرائڻ گهرجي. سائين قلندر شاهه لڪياري جي زندگي جي مختلف پهلوئن تي
چٽائي سان تفصيلي طور تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي، ان ڪم جي روشني ۾، سائين جي زندگي تي
تفصيلي مقالو لکڻ گهرجي ۽ اهو مقالو هر عمر جي هر ٻار توڙي نوجوان جي مطالعي لاءِ
مهيا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هڪ هڪ ننڍي نيٽي نوجوان جي آبياري ٿي سگهي ۽ هر ڪو پنهنجي
حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ رهنمائي ماڻي سگهي، جنهن جي جيئن پوءِ تيئن ضرورت وڌيڪ وڌي رهي
آهي.
”منجهان منهنجي
روح، وڃي ساجن وسري ”لطيف“
افسوس ... افسوس
...۽ افسوس ناميارو ليکڪ، شاعر، محقق، استاد سائين قلندر شاهه ليڪاري راهه رباني وٺي،
هن فاني دنيا کي خيرباد ڪري ويو، الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي، ڏک جي گهڙين ۾ سوڳوار
خاندان ۽ سندس گهڻ گهرن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.
(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد
۾ تاريخ ۰۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
قلندر شاھ لڪياري
ھڪ قلندر جو وڇوڙو - تعزيت نامو
منوج ڪمار
چوندا آھن تہ ڪو عالم
جھان ڇڏيندو آھي تہ دنيا غريب ٿي ويندي آھي. سائين قلندر شاھ جڏھن اسي ورھيہ جي
عمر ۾ ڪرونا وگھي ھن جھان مان موڪلائي ويو تہ اسان جي ھيءَ ماڻھن جي ڏڪر سان سٽيل
سنڌ ويتر علمي طور تي غريب ٿي وئي. سائين قلندر شاھ پنھنجي حياتي جا تقريبن ڇھ ڏھاڪا
تدريس سان جڙيل ھو. ۱۹۶۲ ۾ ھُو پرائمري استاد ٿيو ۽ وري ۱۹۷۰ يونيورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمنٽ ۾ استاد ٿي، اتان ۲۰۰۰ ۾ سندس رٽائرمنٽ کانپوءِ بہ جيستائين بت ۾
سگھ ھيس تيستائين پڙھائڻ واري ڪرت سان رڌل رھيو. انھيءَ ھيڏي عرصي ۾ سندس ھزارين
شاگرد ٿيا جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦھليل آھن. انھن ۾ وزيرن ۽ ڪامورن کان وٺي واپار
سميت مختلف شعبن جا ماڻھو شامل رھيا. علم سان تعلق سائين جي اٿڻ وھڻ، ھلڻ چلڻ، ڳالھائڻ
ٻولھائڻ کان وٺي ننڊ ۽ جاڳ ۾ رھيو. سنڌ ۾ سائين قلندر شاھہ جھڙا ورلي ڪي ماڻھو
ملندا جيڪي مذھب، فلسفي، ٻولي، ادب، اينٿراپلاجي، سماجيات، تصوف، تعليم، لسانيات،
تاريخ ۽ تنقيد سميت ٻين بہ ڪيترن ئي علمن ۾ ھڪ ئي وقت دسترس رکندڙ ھجن. ٻولين سان
تہ سائين جي خاص رغبت ھئي. کيس سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي تي تہ تمام گھڻي مھارت
رھي پرسندس جرمن، لاطيني، فرينچ ۽ سنسڪرت سان گڏو گڏ مارواڙي، براھوي ۽ بلوچي سان بہ
واقفيت ھئي. ٻولين سان اھو عشق کين لغت نويسي ڏانھن بہ کڻي ويو. سائين قلندر شاھہ
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپايل ٻن انگريزي سنڌي لغتن کي جوڙڻ واري ٽيم جا
سرواڻ ھئا. ان کانسواءِ ترجمي جي فن ۾ سندن مھارت بہ فطري ھئي. اقبال جي فارسي شاعري
جي سنڌي ترجمي کان وٺي ٻيا بہ خبر ناھي ڪيترا اسم سائين جي ڪاوشن جي ڪري سنڌي ۾
آيا. مختلف موضوعن تي سائين جا ليک، تقريرون ۽ تاليفون ھتي ھُتي ٽڙيل پکڙيل آھن جيڪي
خبر ناھي ڪير گڏ ڪري ھڪ جاءِ تي آڻي شايع ڪرائيندو.
سائين قلندر شاھہ انھن
ٿورن ماڻھن مان ھو جن تي پنھنجي نالي جو اثر ٿيندو آھي. ھو پنھنجي وضع، مزاج ۽ سوچ
۾ بلڪل قلندر ھو. اسان وٽ جتي ھاڻ پڙھائڻ واري پيشي سان تعلق رکندڙن لاءِ انڪريمينٽون،
پروموشن، عھدا ۽ ٺٺ پنھنجي تدريسي ڪرت کان وڌيڪ اھميت رکن ٿا اتي سائين قلندر شاھہ
انھن عظيم استادن جي آخري نسل مان ھو جن وٽ پھرين ۽ آخري سوچ اھا ئي ھئي تہ ڪيئن
پنھنجي شاگردن لاءِ علم ۽ قابليت جي پڪي پوک پوکجي. ھُو علم جي سمنڊ جي ڪناري تي ڪنھن
غواص جيان ويٺو پيو سمنڊ جي گھرائي ۾ تڪيندو ھو تہ جيئن مان ڪي ماڻڪ ميڙي پنھنجي
شاگردن کي ڏي تہ جيئن انھن جي زندگي جا اڳيان وارا سفر سولا ٿي پون. انھيءَ لاءِ
کيس ڪنھن مان، مرتبي، ڏوڪڙن، عھدن ۽ مڃتا جي ضرورت ڪانہ ھئي. ھُو انھن سڀني شين
کان بي نياز پنھنجي ڍُن ۾ مگن رھڻ وارو ماڻھو ھو. نہ رڳو اھو پر ھو ھر لحاظ کان
قلندر ماڻھو ھو.انگريزي ڊپارٽمينٽ جي استاد ۽ پوءِ انھي جو سربراھہ ھئڻ باوجود
لباس، انداز ۽ اطوار ۾ انگريزن جو پاڇو پوڻ نہ ڏنائي. انگريزن جا ھڪ صدي کان وڌيڪ
غلام رھڻ جي ڪري اسان مان گھڻا، انگريزي جا ڪجھ جملا سکڻ کان پوءِ پھريون ڪم اھو ڪندا
آھن تہ پنھنجو ويس ۽ ڍنگ بدلائي ڇڏيندا آھن پر انگريزي ٻولي ۽ ادب تي تمام وڏي مھارت
ھئڻ باوجود سائين قلندر شاھہ جو نج سنڌين وارو ويس ۽ مزاج رھيو. ھُو ظاھري ڏيک ۽
لئي کان بہ بي نياز ھو. ھُو سچي پچي بہ قلندر ماڻھو ھو.
آئون پاڻ کي انھن
خوشنصيب شاگردن مان ڀاسندو آھيان جيڪي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ گھاريل چئن ئي سالن ۾
سائين قلندر شاھہ جا شاگرد رھيا. ۽ پوءِ بہ جڏھن ايم فل جا ڪلاس ورتا سين تہ اتي
بہ وري پنجون سال بہ سائين وٽ پڙھياسين. سائين اسان کي انھن سالن ۾ اسان کي مختلف
سبجيڪٽ پڙھايا. فونيٽڪس کان وٺي فارمس آف لٽريچر
۽فڪشن کان وٺي تنقيد نگاري ۽ وري ڊراما کان وٺي رومينٽڪ شاعري تائين جھڙن
مختلف سبجيڪٽن تي سائين کي ھڪ جيتري گھري دسترس حاصل ھئي. ٿيندو ايئن بہ ھو تہ
سائين قلندر شاھہ جڏھن ليڪچر ڏيندو ھو تہ موضوع ۽ وقت جون ڪي حد بنديون ڪونہ ھوندون
ھيون. سبجيڪٽ جي ٽاپڪ تي ڳالھہ رڳو شروع ٿيندي ھئي پر اتان اھا ڳالھہ وري ڪنھن ٻي
موضوع ڏي مڙي ويندي ھئي. اتان وري ڪو ٻيو ٽاپڪ. ھاڻ ڪير سائين قلندر شاھہ جي علم
جي درياءَ کي بند ٻڌي؟ ڪلاس ۾ شعر بہ ھوندا ھئا تہ لطيفا بہ. پر ساڳي وقت انتھائي
دقيق علمي بحث بہ.
جڏھن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پئي ڏنم تہ اتي
مونکان سوال پڇڻ وارو ايڪسپرٽ ڪيمبرج يونيورسٽي جو پڙھيل ھو. ھُن مونکان مارلو، شيڪسپيئر
۽ ميٿيو آرنلڊ جي لکڻين مان ڪافي گھرائي مان سوال ڪيا. پر منھنجا بہ اھي ليکڪ تازا
سائين قلندر شاھہ وٽان پڙھيل ھئا تہ آئون انھن جا جواب ڏئي سگھيس. ڪنھن جواب تي
سندس حيرانگي تي مون کيس ٻڌايو تہ اھا ڳالھہ اسان کي استاد سائين قلندر شاھہ ٻڌائي
ھئي. اھو ٻڌي ھُو ڪافي متاثر ٿيو تہ سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي سطح بہ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج
يونيورسٽي جي استادن جيتري ھئي.
ڪلاس کان ٻاھر سندس
شاگردن سان تعلق انتھائي پنھنجائپ وارو ھو. توھان لاءِ ھڪڙو واقعو ٿو بيان ڪريان
جنھن مان توھان سائين قلندر شاھہ جي شاگردن سان شفقت جو اندازو لڳائي سگھو ٿا. شايد
۱۹۹۳ع جو سال ھو، انگريزي ڊپارٽمينٽ مان ٻہ بسون پڪنڪ لاءِ ڪراچي روانيون ٿيون
ان ۾ شاگردياڻيون ۽ شاگرد تہ ھئا ئي پر استاد ۽ انھن جو فيمليون بہ ھيون. پڪنڪ جي
بسن جو جيئن مذاق مشڪري جو ماحو ھوندو آھي سو ٽول پلازا تي ايف سي پاران چيڪنگ ڪرڻ
تي ھڪڙي سپاھي ۽ شاگرد وچم مذاق مذاق ٿاڦا ٿوڦي ٿي وئي ۽ ڳالھہ وڌي وئي. ٻيا ايف
سي جا سپاھي چڙھي آيا ۽ شاگردن تي تشدد ڪرڻ لڳا. اتي سائين قلندر شاھہ اٿي بيٺو ۽
سپاھين جي بندوقن جا قنداق پاڻ تي سٺائين ۽ شديد زخمي ٿي پيو تہ جيئن پنھنجي
شاگردن کي پچائي سگھي. ڪجھہ شاگرد افراتفري ۾ ٻين بسن ۾ چڙھي گم ٿي ويا جن جي خبر
نہ پي پئي. اتان ڪراچي ۽ واپسي ۾ جيستائين شاگردن جي سلامتي جي خبر پئي تيستائيم
سائين قلندر شاھہ پنھنجي زخمن کان وڌيڪ شاگردن جي سلامتي جي باري ۾ پريشان ھو.
سائين قلندر شاھہ جو پنھنجي شاگردن سان ايئن ئي رشتو ھو جھڙو مائٽن جو اولاد سان
ھوندو آھي.
يونيورسٽي مان نڪرڻ
کانپوءِ بہ سائين سان اھو پنھنجائپ جو رشتو قائم رھندو آيو. جتي ملبو ھو تہ سائين
کي پيرن تي ھٿ رکي ملبو ھو. آخري ڀيرو سائين سان انھيءَ ڪميٽي ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو
مليو جيڪا ڪميٽي انٽرميديٽ جي انگريزي جي نئين نصاب جي جوڙڻ لاءِ ٺاھي وئي ھئي. رٽائرمنٽ
کانپوءِ بہ سائين پاڻ کي ڪافي مصروف رکيو. سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ مختلف تقريبن ۾
سائين جي شموليت جي باري ۾ پڙھبو رھبو ھو. پر آخر ۾ سائين جي بيمار ھئڻ ۽ اسپتال ۾
داخل ٿيڻ جي خبر پئي. ۽ پوءِ سائين جي لاڏاڻي جي. شايد سائين جي وڃڻ کانپوءِ ڪير
سائين قلندر شاھہ جي شاعري ۽ مضمونن کي ڇپرائي تہ جيئن سائين پنھنجي شاگردن جي ھن
دنيا کان وڃڻ کانپوءِ بہ رھنمائي ڪري سگھي.
قلندر ڪردار
سائين قلندر شاھ لڪياري
جي موڪلاڻي
محبوب سنڌي
علمي توڙي ادبي
ننگري ۾ پنهنجي قلندر واري سڃاڻپ پيدا ڪندڙ سيد قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت شاھ
لطيف ڀٽائي جي بيتن جيان پاڪيزه رهي، هن پنهنجي ڪردار کي سماج لاءِ مثالي ۽ ممتاز
بڻائي رکيو، سندس حياتي گذارڻ جو مقصد، تعليم جي ميدان ۾ علم جو خزانو طالبن ۾
ورهائڻ ۽ سنڌي ادب ۾ جديد تجربا ڪري ان کي نواڻ بخشڻ هو، اهڙي شاهدي سيد قلندر شاھ
لڪياري جا لکيل تحقيقي مضمومن ۽ مقالا ڏين ٿا، جيڪي اخبارن جي پيٽ لاءِ ته هڪ ڏينهن
جو کاڄ بڻجي تاريخ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، پر ڪتابي شڪل ۾ اچي نه سگهيا آهن.نه ئي
علامه اقبال جي ٻن فارسي ڪتابن جو ڪيل ترجمو ڇپجي سگهيو آهي، قلندر شاھ لڪياري جي
مختلف ٻولين ۾ ڪيل شاعري ۽ ذاتي زندگي بابت سهيڙيل آتم ڪٿا به ورقن ۾ ئي سمايل
رهي، ڪنهن به سرڪاري، ادبي اداري يا ثقافت کاتي سندس زندگي ۾ ڪتابن جي ڇپائڻ جي
حامي نه ڀري.جيڪا پڻ قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت سان هڪ وڏي ويساھ گهاتي هئي. پر پاڻ به ڪنهن جي در جا داسي نه رهيا ۽ مواد ڇپجي نه
سگهيو ته خير آهي، باقي پاڻ ڪنهن کي منت سماجت نه ڪئي. جئين علم جي ميدان ۾ هڪ
ماهر تعليم دان جي حيثيت سان پروفيسر قلندر شاھ لڪياري جون خدمتون اڀريل سج
جيان روشن رهيون تيئن ئي ادبي دنيا ۾ هن جو نالو سنڌ جي سڃاڻپ بڻيو، ۽ علمي توڙي
ادبي شعور رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قلندر شاھ لڪياري! جو مقام وڏي مان ۽ مرتبي وارو
رهيو.
هن جي شفيقاڻي
لهجي، محبوب طبيعت ۽ وسيع ڄاڻ مان فائدو وٺندڙن جو انگ گهڻو آهي، جيڪي هن قلندر جي
صحبت پسي لاڀائتا ٿي ڪنهن ماڳ وڃي رسيا. قلندر شاھ لڪياري! سنڌ يونيورسٽي ۾
انگزيري جي شعبي سان ۱۹۷۰ع کان لاڳاپيل رهيو ۽ رٽائيرمنٽ کان پوءِ وزٽنگ پروفيسر ۽ هڪ محقق جي حيثيت
۾ پنهنجو ڪارائيتون خدمتون بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سرانجام ڏيندو رهيو، اهڙي
فراخدلي ۽ علم سان چاھه عيوض سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران قلندر شاھ لڪياري! کي وائيس چانسلر ايوارڊ سان
به نوازيو ويو، قلندر شاھ لڪياري جي شخصيت مان
شاگرد وڌيڪ متاثر هئا، اهو ئي سبب هو جو هن علمي قلندر چاليهھ کان وڌيڪ
شاگردن جو ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي امتحانن
۾ محقق ۽ رهبر بڻجي کين علم جو ڊاڪٽر بڻايو، قلندر شاھ لڪياري لطيف جو به پارکو هو، لطيف جا بيت سندس سيني منجهھ سمايل
هئا، جن جي معنا خيز فڪر کان به پاڻ چڱي ريت واقف هو، جيتري قدر ادبي سرگرمين ۾
حصو وٺڻ جو تعلق آهي ته قلندر شاھ لڪياري پي ٽي وي کان ويندي ريڊيو پاڪستان سميت سرڪاري ادبي
ادارن يا ٻين ادبي تنظيمن جي پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجي وڏ-ماڻهپي جو احساس ڏياريندو
هو، عمر جي آخري مرحلي ۾ مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ سندس شرڪت ثابت ٿي ڪري
ته ادبي چاھه هن جي وجود ۾ ساھه جيان ڊوڙي رهيو هو، زندگي جي آخري سالن ۾ قلندر
شاھ لڪياري جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي سان جڙيل رشتو به مثالي هو، سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي هر پروگرام ۾ شريڪ ٿي سنگت جي ساٿين ۾ نئون اتساھ پيدا ڪندو
رهيو ۽ نون لکندڙ کي همٿائيندو رهيو، گهڻي ويجهڙائپ هئڻ ڪري ڪافي سال قلندر شاھ لڪياري
جي سالگرھ جو ڪيڪ به سنگت ڪوٽڙي جي سٿ طرفان ڪٽجندو رهيو، جيڪو پڻ ڪوٽڙي جي اديبن
لاءِ وڏو اعزاز هو. پهرين مئي ۱۹۴۰ع ۾ سيد الهڏنو شاھ جي گهر ڳوٺ احمد کوکر لڳ حيدرآباد ۾
اک کوليندڙ هي علمي ۽ ادبي شخصيت قلندر
شاھ لڪياري ڪجهھ وقت عالمي وبا ڪورونا سان جهيڙيندي ڪالهھ ۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ سنڌ
کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
(ڏھاڙي سوڀ ۾
۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
قلندر شاھ لڪياري کي ڀيٽا
سندس اڻڇپيل مواد ڇپرائڻ
جو وچن
ڪوٽڙي (ن پ ا)
ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي
سنگت شاخ ڪوٽڙي ۽ ساس ضلعي ڄام شوري جي گڏيل سهڪار سان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي ۾ سنڌ
جي جي نامور اسڪالر، ماهر تعليمدان، شاعر،
پروفيسر سيد قلندر شاھ لڪياري جي ياد ۾ ناليواري ليکاري پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي
صدارت ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، صدارتي خطاب ڪندي مٺل جسڪاڻي چيو ته پروفيسر قلندر شاھ
لڪياري لطيف جو کاهوڙي ڪردار هو جنهن جي جيئڻ جو محور سنڌي قوم جي علم ادب جي
ميدان ۾ خدمت ڪرڻ هو. قلندر شاھ جسماني طور اسان کان جدا ٿيو آهي پر روحاني طور
اسان جي رحماني ڪندو رهندو. قلندر شاھ لڪياري علمي، ادبي افق تي چوڏس چنڊ جيان هو، جنهن جي ٿڌي روشني سنڌيت جهڙو
احساس ڏيندڙ هئي. الطاف ملڪاڻي چيو ته قلندر شاه ليڪاري وقت جو قلندر هو جنهن علم
۽ ادب جا خزانا ورهايا، هن جيڪا لاٽ ٻاري سا تاقيامت زنده رهڻي آهي، نعيم ملڪ چيو
ته قلندر شاھ لڪياري وڏماڻهپي وارو ارڏي ڪردار جو نالو آهي، فهيم نوناري چيو ته
قلندر شاھ پنهنجي فرض سان سچو هو، پروفيسر ذوالفقار ڀٽي چيو ته قلندر شاھ لڪياري
سنڌ هو، هن سنڌ جي سڪ سيني ۾ سانڍي جيون گذاري امر ٿي ويو. سيد قلندر شاھ جي فرزند
سيد قلب شاھ لڪياري چيو ته بابا سائين سنڌ جو اثاثو هو، اڄ سنڌ جا باشعور فرد ڀيٽا
پيا ڏين ڪوشش ڪندس ته بابا جو اڻ ڇپيل مواد جلد ڇپائي پڌرو ڪري سگهان، ڪهاڻيڪار
اختررند، ساس سيڪريٽري صائب ميمڻ، شبير ٻنگ، عبدالنبي آزاد، عبدالحق جلباڻي،
مزاحمتي شاعر عاشق دادوي تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو. راڳي قمر پنهور ۽ فيضان سخيراڻي
قومي گيت ڳائي قلندر شاھ لڪياري کي ڀيٽا پيش ڪئي.
جوڳي جيڪس ويا جبروت
حسن پٺاڻ
ناليوارو محقق،
اديب، شاعر، تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو چيئرمين
پروفيسر سيد قلندر شاھ لڪياري به اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي تي سنڌي
قوم سان تعزيت ڪجي ٿي.
پروفيسر سيد قلندر
شاھ ولد علي ڏنو شاھ لڪياري، پهرين مئي ۱۹۴۰ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي حيدرآباد
(هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ ڄائو. سيد قلندر شاھ شروعاتي تعليم ڳوٺ احمد ککر، بلڙي شاھ
ڪريم ۽ ميرپور بٺوري مان ورتي، جنهن بعد چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان ميٽرڪ پاس ڪيائين.
هن ۱۹۶۹ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ان کانسواءِ هن
انگلش لئنگئيج ٽيچنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، بي ايڊ ۽ لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما ڪئي.
لڪياري صاحب عملي
زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ۱۹۶۲ع کان ڪئي. ايم اي ڪرڻ بعد جنوري ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر
مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي پروفيسر طور ۲۰۰۰ع ۾ رٽائر ٿيو.
پاڻ انگلش ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمين پڻ رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به ايم اي، ايم فل ۽ ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگردن کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيائين. سندس رهنمائيءَ ۾ ٽي عدد پي ايڇ ڊي اسڪالر سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز (NUML) جي ٽن ايم فل اسڪالر، ڊگريون حاصل ڪيون.
سيد قلندر شاھ لڪياري
انگريزي ٻولي ۽ ادب تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. هن ’نائي نيڻ نهار‘ عنوان سان
علامه اقبال جي فارسي ڪلام جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو، سندس شعري مجمو پڻ ڇپائيءَ جو
منتظر آهي.ان کانسواءِ هن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جون هيٺيون ڊڪشنريون ايڊٽ ڪيون
آهن،
(۱) Oxford Elementary English- Sindhi Dictionary
(۲) Oxford English- Sindhi Dictionary
سيد قلندر شاھ لڪياري،
انگريزي، سنڌي، اردو/ هندي، عربي، فارسي، پنجابي، سرائيڪي، گجراتي ۽ ڪڇي ٻوليون ڄاڻيندو
هو. ان کانسواءِ فرينچ ۽ روسي ٻولين جي به ڪجھ ڄاڻ هيس.
شاھ صاحب موسيقيءَ
جو شائق ۽ ڄاڻو، کيس تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ ٻين علمن جو سٺو مطالعو هو.سيد
قلندر شاھ کي علمي ادبي خدمتن جي مڃتا عيوض سنڌ يونيورسٽيءَ بهترين استاد جو
”چانسلرس گولڊ ميڊل“ (۱۹۹۹ع)، صدر مملڪت ”حسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ (۲۰۱۳ع)، قلندر لعل شهباز ڪميٽيءَ ”قلندر شهباز
ايوارڊ“ سميت ڪيترا ايوارڊ ۽ شيلڊون
مليون.
سندس ڪجهھ شاگردن
قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ”سيد قلندر شاھ لڪياري انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو، جتي شاھ صاحب پاڻ به شاگردن کي
انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو هو.
ڪجهھ ڏينھن کان
سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي سائين قلندر شاھ لڪياريءَ جي بيماريءَ جون خبرون شيئر ٿي
رهيون هيون، جن ۾ سندس پٽ ڪاظم شاھ لڪياري جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو ته قلندر شاھ
لڪياري کي ۷ نومبر تي ڪورونا ٿيو ھو، کيس ايڪسپو سينٽر منتقل ڪيو ويو ھو، طبيعت خراب
ھئڻ باوجود هفتي بعد ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ تي کيس ڊسچارج ڪيو ويو، سندس پٽ جو وڌيڪ
چوڻ هو ته بابا جي طبيعت خراب ھئي، کيس آڪسيجن ۽ ايڇ ڊي يوز جي سخت ضرورت هئي، ڪراچيءَ
جي اسپتالن ۾ بيڊ نه مليو، جنھن بعد بدين اسپتال کڻي آياسين، ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي
ته جتي آءِ سي يو جي سهولت هجي کيس ان اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي، بدين اسپتال ۾
سهولتون ميسر ناهن. سنڌ جي وڏي وزير، ثقافت کاتي جي وزير ۽ صحت جي وزير کان بهتر
علاج جو مطالبو ڪيو هو. ڪجهھ ڏينھن کان پوءِ پروفيسر سائين قلندر شاھ لڪياري جو سرڪار
ڊائو اسپتال ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
صوبائي وزير صحت جي
ھدايت تي ڊائو اسپتال کي اهڙو خط به جاري ڪيو ويو هو. پر هوُ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ
کان اڳ ئي هليو ويو.
جوڳي جيڪس ويا
جبروت
ماء ڏٺم اڄ ماٺ مڙھين
۾. (شاھ)
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
پروفيسر سيد الهڏنو شاهه
المعروف قلندر شاهه لڪياري
نياز مسرور بدوي
سنڌ ڪيترائي يگانا
انسان پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جي علم ادب جي چمن ۾ پنهنجي علم، ادب ۽ اخلاق جي آب
سان نون غنچن ۽ گلڙن کي پالي تاتي جوان ڪيو ۽ انهن جي مايوس من کي پنهنجي هڳاءُ
سان هٻڪاري ڇڏيو، سندن لڪل ذهني صلاحيتن کي علم جي روشنيءَ سان جرڪائي ڇڏيو آهي، جن
جي چمڪ ۾ انهن ساڃهه وندن جي پڻ روشني پسي سگھجي ٿي. اهڙن مست قلندر فقير منشن مان
سائين قلندر شاهه لڪياري به هڪ هو، جنهن جا ڳڻ سندس چاهيندڙ سدا پيا ڳائيندا.
قلندر شاهه لڪياري
پاڪستان ٽيليويزن جي ڪسوٽي قسم جي پروگرام ۾ سائين ممتاز مرزا جي وفات کان پوءِ
سائين نواز علي شوق سان گڏجي هڪ ماهر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي علم جي آڌار تي
سوال پڇندڙ کي سندن پڇيل سوالن جا صحيح ۽ درست جواب ڏيئي اچرج ۾ وجھي ڇڏيندو هو.
اتفاق جي ڳالهه آهي
ته منهنجي سائين قلندر شاهه لڪياري سان ڪابه ملاقات نه رهي آهي، پر منهنجو دوسست
پرين پيارو حسام ميمڻ سائين قلندر شاهه جي دل کولي تعريف ڪندو هو، سندس انگريزي تي
عاشق هو. ان جي معرفت سائين قلندر شاهه جي علم ادب کان ڪجھه واقف ٿيس، اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي جو آءٌ شڪارپور کان حيدرآباد
آيس پئي ۽ محترم اياز ابڙي کي فون ڪيم، جنهن ٻڌايو ته اڄ سائين قلندر شاهه لڪياري جي
وڇوڙي تي سندس ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ۽ طرحي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ
سندس آستاني “دائره قلندر” تي موجود آهيان. کانئس ڏس پتو پڇي آءٌ به اوڏانهن روانو
ٿيس. اتي موجود اياز ابڙي سان گڏ ڪتابن جي اسٽال تي ويهي رهيس. اتي ڪافي دوستن سان
ملاقات به ٿي، جن ۾ رجب آزاد، طارق امام جوڻيجو، غلام رسول “غرق”، سليم چنا، تراب
علي “تراب”، ذوالفقار هالار، مولا بخش 'محبتي'، طالب ڀنڀرو، واحد ڪانڌڙو، حسن پنهيار،
غلام مجدد سرهندي، پير بها، چيتن مينگهواڙ، انعام ٽکڙائي، اقبال شاهين، علي دوست
لاکو، حبيب متو، تابش بخاري ۽ ڪافي اردو شاعر به مختلف علائقن کان قلندر شاهه لڪياري
جي عشق ۾ ڪهي آيل هئا. ۽ ڪافي شائين جي آستاني تي ڀيرا ڏيندڙ پانڌيئڙا به پهتل هئا،
جن مان ڪافي اڻ واقف ۽ ڪجھه ڄاتل سڃاتل پڻ هئا. انهن تخليقڪار دوستن سائين قلندر
شاهه جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي نثر ۽ نظم ۾ گھڻي روشني وڌي، جنهن مان اها خبر
پيئي ته سائين قلندر شاهه نهايت ئي منڪسر المزاج انسان هو ۽ هو دنياداريءَ جي ظاهر
ٺاهه ٺوهه کان ڪافي ڏور هو، پر سائين انسانن، دوستن ۽ شاگردن جي دلين ۾ زندهه رهڻ
جو هنر ڄاڻندو هو.
انهيءَ محفل ۾ سندس
هڪ شاگرد دوست محترم ناصر علي پنهور پڻ اها دعوى ڪئي ته هو سائين قلندر شاهه تي ڪتاب
آڻيندو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ دوستن کان مواد وٺندو ۽ گھرندو رهيو ۽ پنهنجي قول کي سچو ثابت
ڪري ڏيکاريو اٿائين، ۽ “پروفيسر قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما” جي نالي سان ڪتاب
سهيڙي پارکن جي اڳيان پيش ڪيو اٿائين. ان جي پرک وقت جا پارکو ۽ پاڙهو جوهري ڪري سگھن
ٿا، ته ڪتاب ڪيتري قدر مايه دار ۽ لاڀائتو آهي. پر مان ايترو ضرور چوندس ته، ڪتاب
۾ خاص الخاص چونڊيل مواد موجود آهي، پر ڪتاب ۾ اڃا ايترو مواد موجود نه آهي، جيترو
ان ڏينهن سائين قلندر شاهه جي حوالي سان پڙهيو ويو هو.
ناصر پنهور پنهنجي
مضمون ۾ لکي ٿو ته “سائين قلندر شاهه علم جو هڪ اهڙو وهندڙ دريا هو، جيڪو ڪڏهن به
خشڪ نه ٿيو ۽ ان پنهنجي علم ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل جي آبياري ڪئي.” ساڳئي مضمون
نگار سائين جي پاڙهڪ هجڻ جي ثبوت ۾ لکي ٿو ته “۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ٻڌايائين ته ايلون ٽافلر نالي
ليکڪ هڪ ڪتاب 'ٿرڊ ويو' لکيو آهي، جنهن ۾ هن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون
آهن.”
ايلون ٽافلر سماجي
سائنسدان هو ۽ سندس گھر واري به ساڳئي مضمون جي ماهر هئي. مون کي ياد ٿو اچي ته ۸۹ _ ۱۹۸۸ع ڌاري سسپنس ڊائجسٽ وارو معراج رسول 'نفسيات' جي نالي
سان هڪ نئون ڊائجسٽ شايع ڪيو هو، جنهن انهيءَ مذڪوره ڪتاب جون ٽي کن قسطون 'ٽين
لهر' جي نالي سان ترجمو ڪري شايع ڪيون هيون، پر سندس رسالو جيئن ته نفسياتي ۽
سماجي هو، ان ڪري گھڻو هلي نه سگھيو ۽ بند ٿي ويو.
منوج ڪمار ”هڪ قلندر
جو وڇوڙو“ ۾ لکي ٿو ته “کيس سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي تي گھڻي مهارت رهي، پر سندس
جرمن، لاطيني، فرينچ ۽ سنسڪرت سان گڏوگڏ مارواڙي، براهوي ۽ بلوچي سان به واقفيت
هئي.”
سچ پچ اهڙا ڏاها ماڻهو
هاڻ وري ڪٿي پيدا ٿيندا. جن کي جسد خاڪي کي زمين تي کائي سگھي ٿي، پر سندن ڏاهپ ۽ ڏات
کي وقت جي وير به نه ٿي ڳيهي سگھي.
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب پنهنجي مضمون 'نالي جھڙو ئي قلندر سائين' ۾رقمطراز آهي ته “۱۹۸۲ع ۾ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ شاهه لطيف جي سلسلي
جو موڪل جو سڀ کان اول مطالبو اسان ڪيو ۽ پوءِ ٻيا سجاڳ ٿيا. اسان جي مطالبي کي اسلام
آباد ۾ نسيم آهير ان وقت جي وزير تعليم هاڪاري موٽ ڏني.”
نور احمد جنجھي'علم،
حلم ۽ ظرف جو قلندر' ۾ لکي ٿو ته “سائين لکندو گھٽ هو، ان ڪري جيڪو سڀ کان وڏو
نقصان ٿيو، اهو سائين جي ڪم جو اڻ ڇپيل رهجي وڃڻ آهي.”
“سندس حلم ۽
سهپ به ڪمال جا هوندا هئا. ان سان گڏوگڏ سائين اعلى ظرافت جي حس رکندڙ کلمک شخص هو،
جنهن وٽ ٻاروتڻ ۾ ٻڌل ٽوٽڪن کان وٺي ڪچهرين جي ڪوڏين تائين جي ڳالهين جو ڀنڊار
هوندو هو.”
شبنم گل صاحبه پنهنجي مضمون 'پروفيسر قلندر شاهه لڪياري : عهد
ساز شخصيت' ۾ ويچار ونڊيندي لکي ٿي ته “سندس
شخصيت ڌرتيءَ جي رنگن ۽ لوڪ ڏاهپ جو ميڙ هئي. ککر بلڙي شاهه ڪريم جي زرخيز مٽيءَ
جو اثر هو شايد جنهن سندس مزاج ۾ صوفيءَ واري سمجھه ۽ محبت ڀري ڇڏي هئي.”
محمد خان سانگي
صاحب 'قلندر بقول غالب' ۾ لکي ٿو ته “سائين جو ساٿ، سائين جي محفل هڪ عطر فروش جي
محفل هئي، جتي هر اچڻ وارو سائين جي علمي هڳاءُ ۽ سڳنڌ کان متاثر ٿئي بغير نه ٿي رهي
سگھيو.”
ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو
لکيو آهي ته “هن جو علم هن جي ڪنڌ ۾ ڪانُ ٿي نه لڳو، پر جڏهن به هن کي موقعو مليو،
هن انسان کي ڀاڪرن ۾ ڀري، انهي جي ميري مٿي تي مٺِي ڏيئي، اهوئي چيو ته بابا زندگي
رڳو جبر مسلسل به ڪونهي، اها مسرتن سان به مالامال آهي، پر شرط اهو آهي ته ماڻهو
پيرن تي بيهي.”
افشان ٻرڙو
پنهنجيون يادون بيان ڪندي لکيو آهي ته “هو مذاق ۾، پر شفقت ڀريل لفظن ۾ چوندو هو ته
اڄ کنڀي اڀري آئي آهي، ائين ڪلاس ۾ منهنجو نالو کنڀي پئجي ويو.”
ڊاڪٽر محمد اشرف لکي
ٿو ته “سائين پنهنجي پينشن مان ڪيترن طالب علمن جون مخفي انداز ۾ فيون ادا ڪندا هئا.
سندن گھر جي ٻاهران اوطاق ڄام شوري واري غريب طالب علمن لاءِ ڄڻ هڪ هاسٽل جي حيثيت
رکندي هئي.”
قاسم حيدر لکي ٿو
ته “هڪ ڀيري سائين سان ذڪر ڪيم ته گھر ۾ ٽي وي ڪانهي ۽ پئسو به ڪونهي، ڇا ڪريان.
سائين ياد اٿم ڪنهن کان ۲۰۰۰ روپين جو چيڪ وٺرائي ڏنو ۽ روسي ٽي وي چوويهه انچن واري خريد ڪري آيو هوس.”
رجب آزاد پنهنجي
مضمون ۾ لکي ٿو ته “رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ قلندر شاهه انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن
اينڊ ريسرچ سينٽر نالي هڪ ادارو برپا ڪيائون. هن اداري طرفان نامور اسڪالرن کان ٻولي
ادب ۽ تاريخ تي ليڪچر منعقد ڪرائي مواد محفوظ ڪيائون، جيڪو قلمي نسخن ۾ موجود آهي.”
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
لکي ٿو ته “آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ سائينءَ جو اچانڪ درشن ٿيو. پيرن تي هٿ رکي مليومانس.
کلي چيائين سيد سمجھين ملين ٿو يا استاد. مون چيو سائين استاد هجڻ سبب منهنجي به پيري
مريدي آهي.”
ماريه خان هليو لکي
ٿي ته “قلندر شاهه لڪياري جو نالو به تاريخ جي سونن پنن تي مرجان ۽ ياقوت نما لفظن
سان لکيو ۽ پڙهيو ويندو.”
مشڪور ڦلڪارو لکي ٿو
ته “سائين لٺ هٿ ۾ کنيو، ور کنجيو، ببي جيترو پاڻي جھاڳيندو پهچي ويو ۽ سائين چيو
ته ميدان متل هجي ۽ سپاهي گھر ويٺل هجي ته اهو ڪهڙو سپاهي سڏبو.”
فهيم نوناري لکي ٿو
ته “قلندر شاهه جو ڪمال هو، روشني، نور ۽ ڄاڻ جي کاڻ هو. پارسا هو، جنهن جنهن هن
کي ڇهيو اهو پارس بڻجي ويو.”
ولي محمد خاصخيلي
لکي ٿو ته “سائين قلندر شاهه لڪياري سنڌو ڪناري جنميو، سنڌو جي ڇولين جون لوليون
کيس سمهارينديون ۽ صبح جون اٿارينديون هيون. هو سنڌو سان ساٿ نڀائڻ لاءِ سندس ڪناري
ڪنڌي آرامي آهي.”
“پروفيسر
قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما” ۾ مٿين مضمون نگارن کان علاوه غلام محمد لاکو،
شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر علي مرتضى ڏاريجو، ڊاڪٽر وحيد جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي،
ثناءُ الله رستماڻي، استاد لغاري، مٺل جسڪاڻي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، غلام مصطفى
عباسي، استاد نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، غلام مصطفى هاشماڻي، ڊاڪٽر محمد
بخش ڀرڳڙي جن جا دل جي خلوص سان لکيل مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ پروفيسر قلندر شاهه
لڪياري جا چار انٽرويو پڻ شامل آهن. ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي ڏنل تعزيتي پيغام
پڻ شامل آهن.
پروفيسر قلندر شاهه
لڪياري کي پڻ نظم ۾ ڪيترن شعراءِ ڪرام ڀيٽا ڏني آهي. جيڪا پڻ ڪتاب ۾ شامل آهي.
ديار _ عشق جي هر
طالب جي دعوى هئي،
اسان جو راهرو رهبر
قلندر شاهه لڪياري.
ضرورت هن ڳالهه جي
به آهي ته سائين قلندر شاهه جو جيڪو به قلمي پورهيو آهي، تنهن کي پڻ ڇپائڻ جون ڪوششون
ڪرڻ گھرجن.
(دانيال ڪتاب
گھر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)
پروفيسر قلندر شاھ لڪياري
اُستادن جو قلندر
ڪاظم لڪياري
ھندستاني ڏاھي چاڻڪيا
ھڪ ڀيرو چيو ھو ته، علم ۽ ڄاڻ کي جيڪڏهن عملي زندگي جو حصو نه بڻايو وڃي ته اُها
بي معنيٰ ٿي وڃيٿي. علم ۽ ڄاڻ جو تعلق فقط ڪتابن سان يا پنهنجي دل ۾ سانڍي رکڻ سان
نه بلڪـه پنھنجي عملن ۾ منتقل ڪرڻ، ۽ ٻين تائين پھچائڻ سان آھي. علم انسانن جو ابدي
ورثو آھي، جيڪو انسان پنھنجي زندگي دوران وقتن بوقتن ڳولھي ھٿ ڪري پنھنجي پھچ آھر ڪم
آڻي ٿو. جيڪو جيترو وڌيڪ پتوڙي ٿو اھو اوترو وڌيڪ ماڻي ٿو. اھڙن پاڻ پتوڙيندڙن
انسانن ۾ ھڪ شخص سائين پروفيسر قلندر شاھ لڪياري به ھئا، جن پنهنجي سڄي ڄمار علم
حاصل ڪرڻ ۽ ڦھلائڻ ۾ ارپي ڇڏي. قلندر لڪياري ڪير سڏائي، نالي جي لڄ رکڻ به ڪو ڪو ڄاڻي،
جھڙو نالو هئنپاڻ به اھڙا ئي ھئا، قلندر فارسي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي لفظي
معنيٰ آھي اڻگھڙيل، عام طور تي لفظ قلندر اھڙي اللھ جي ٻانھي لاءِ استعمال ٿئي ٿو،
جيڪو دنياوي لوڀ ۽ لالچ کان آجو هجي ۽ فقيري جي ڪنهن اعليٰمنزل تي پهتل هجي. سائين
قلندر لڪياري جي سڄي حياتي فقيري ۾ گذري، هوش سنڀالڻ کان اڳ ئي سندن ماءُ حقيقي
مالڪ وٽ هلي وئي، ننڍپڻ شديد غربت ۾ گذاريائين، جواني تڪليفن ۽ مفلسيءَ ۾
گُذاريائين ۽ باقي سڄي حياتي علم حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ ۾ گذاريائين. سائين
قلندر شاھ جي پيدائش لطيف سائين جي نگري، ڀِٽ شاھ ۾ پهرين مئي ۱۹۴۰ ڌاري ٿي. (جيتوڻيڪ، عام طور تي سائين جن جي ڄمڻ جي جڳھ ڳوٺ احمد ککر، بلڙي
شاھ ڪريم کي سمجهيو وڃي ٿو، پر لڪياري صاحب، سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي
شاگرد مرتضـَيٰ کاراني کي ڏنل پنهنجي زندگي جي آخري انٽرويو ۾ پنهنجي جاءِ پيدائش ڀٽ
شاھ ٻڌائي آهي). سائين جي پيدائِش جي ڪجھ ئي وقت کانپوءِ، سندن والد علي ڏنو شاھ ڳوٺ
احمد ککر، لڳ بلڙي شاھ ڪريم لڏي آيا، جتي سائين قلندر شاھ پنهنجي شروعاتي تعليم
حاصل ڪئي، ستون درجو ميرپور بٺورو اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ ميٽرڪ جو امتحان چانڊيا
هاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيائون. چانڊيا هاءِ اسڪول لاڙ پَٽ جي ڪيترن ئي اڪابرن
جي علمي درسگاھ رهيو آهي. سائين، چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ گذاريل وقت کي اڪثر ياد ڪندا
هئا. چانڊيا هاءِ اسڪول۾ پڙهائي دوران سائين جن جي علمي ۽ ادبي اوسر ٿي، ان دوران
پاڻ سجاول جي ادبي هلڪي ۾ ڪافي سرگرم رهيا ۽ ڪافي مقبوليت به حاصل ڪيائون. ميٽرڪ
جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪُجھ عرصو بيروزگار رهيا، پئسي جي تنگي جي ڪري ڪُجھ
عرصو بَس تي ڪنڊيڪٽري پڻ ڪيائون، پر هڪ مهيني ۾ ئي بس ڪنڊيڪٽري کي الوداع چئي
پنهنجي والد جي ننڍڙي دُڪان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون. ان دوران کين آبپاشي کاتي ۾
داروغي طور نوڪري ملي، لڳ ڀڳ چار مهينا داروغي طور ڪم ڪيائون ۽ پوءِ ۱۹۵۹ع ڌاري بُلڙي شاھ ڪريم پرائمري اسڪول ۾
اُستاد طور ڀرتي ٿيا. استادي جي پيشي اپنائڻ کانپوءِ سڄي حياتي ان ئي پيشي سان وابسته
رهيا. سائين منهنجي لاءِ انسائڪلوپيڊيا هئا، انگريزي شعبي جا استاد هئا، پر دنيا
جي ڪنهن به موضوع تي گفتگو ڪريو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ان موضوع جي ماهر سان گفتگو ڪري
رهيا هجو پر سائين جن جي خاص دلچسپي ٻولين ۽ ادب ۾ هئي. ٻولين جا وڏا شوقين ھئا،
ھر ٻولي مان ڪجھ جملا سکڻ جي خواھش رکندا ھئا، ان شوق ۾ ۱۴ ٻوليون سکي ورتائون، جن ۾ انگريزي، فارسي، عربي، رُوسي، بلوچي، ڍاٽڪي،
براهوي ۽ گجراتي شامل آھن. منهنجون سائين سان اڪثر علمي ڪچهريون ٿينديون هيون، ڪچهري
جا موضوع اڪثر ادب، روحانيت، تاريخ ۽ سماجيات هوندا هئا. ھڪ ڀيري سندن ئي شعر جي ھڪ
سِٽ ”مقتل ۾ قلندر آيو جلادن جا خنجر ٿڙڪيا“ جي تشريح پڇي ته چيائون، جڏھن مقتل ۾
اڻ گھڙيي ارڏي، بيپرواھ ۽ زندگي جون منزلون ماڻيندڙ، فقير جو پير پَوي ٿو ته جلاد
به ڊڄي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ته جنھن کي موت جي به پرواھ نه آھي، ان کي ڪيئن قتل ڪريان.
منھنجو سائنس ۽ ھر شئي ۾ سبب ڳولڻ جو لاڙو رھيو آھي، شايد منھنجي خاموشي مان
منھنجا سوال سمجھي ويا، ٿورو سھي، پوءِ چيائون ته E=MC2 به سٺي
شاعري ۽ سمجھائڻي آھي. وڌيڪ چيائون ته ڪُن جو آواز اڄ به ھر جاءِ تي گونجي ٿو، ھر
ذرو ان جي واڪا ڪندي شاھدي ٿو ڏي. وڌيڪ چيائون ته تخليق کان پوءِ ئي وجود ظاھر ٿيا،
۽ وجود درجن ۾ ورھائجي ويا. مون گهڻي تعجب مان ڏسڻ شروع ڪيو ته چيائون ھڪ ڪرڻي کي
سج کان الڳ ھوندي به الڳ نٿو سمجھي سگھجي پر ھڪ ڪرڻي ۾ اُھا سج واري تپش ڪڏھن به
پيدا نٿي ٿي سگھي. مون وڌيڪ نه پڇيو، منھنجي سوال کان وڌيڪ جواب ملي چڪو ھو. مون
پنھنجي ادنيٰ ذھن ۾ ڪيتريون ئي ڪائناتون جڙندي ۽ فنا ٿيندي ڏٺيون. مون مادي جي ھر
ھڪ ذري ۾ قائم ڪيل قانون سمجھيا، مون نورِ ازل مان نور جو ظاھر ٿيڻ سمجھيو. مون
فنا ۾ بقا جو سبق سمجھيو۽ مون سج جي ھر ھڪ ڪرڻي ۾ انھي سج جي پاڇي ھجڻ جو سبق سمجھيو.
سائين جن جي هن جهان مان هلي وڃڻ کانپوءِ منهنجي علمي اوسر ۾ ڄڻ هڪ ڏڪار اچي ويو
هجي. هاڻي منهنجي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟ ھاڻي ڪير ٻڌائيندو ته پروميٿيس جِي آلي
مٽي سان راند، اُنکي زيوس جي آئيتوس باز جو کاڄ بڻائيندي، ڪير ٻڌائيندو ته يوناني ڏند
ڪٿائُن جو بنياد ڇا ھو، ڪير ٻڌائيندو ته راسميس خدا ڪيئن سڏجڻ لڳو، ڪير ٻڌائيندو
ته انڊونيشيا جي ٽراجڻ قبيلي جا ماڻھو مندرن کي ڪيئن سنڀالي رکندا آھن. ڪير ٻڌائيندو
ته گوتم تياڳي ڪيئن بڻيو، ڪير ٻڌائيندو ته سنڌي لفظ ڪوھتمير (ڌاڻان) تامل ٻولي جو
حصو ڪيئن بڻيو، ڪير ٻڌائيندو ته بيبلون مان مليل ھڪ ٺَپي تي لکيل سنڌي لفظ ادا جي
سُڃاڻپ ڪيئن ٿي. ڪير ٻڌائيندو ته، رائلو واڻيون ڪير ھو، لالُو سِرائي جو ڳوٺ ڪٿي
آھي ۽ ڪيئن ختم ٿيو، ڪير ٻڌائيندو ته لاڙ سمنڊ جو نالو عربي سمنڊ ڪيئن پيو، ۽ لاڙ
پٽ ۾ چانڊين ۽ جَتن جو معرڪو ڇو لڳو. ڪير ٻڌائيندو ته E=MC2 ۾ به ڪا وڏي
رمز لڪل آھي، ڪير ٻڌائيندو ته ھڪ ئي وقت جُز ۽ ڪُل جي ڪيفيت ڇا آھي. ڪير ٻڌائيندو
ته کُوھ، تڙ، ۽ واهه ۾ ڪھڙو فرق آھي. ڪير ٻڌائيندو ته ڀِٽ جي گھوٽ ۽ ٺٽي جي مومن
فقير جي ڪچھري جون ڪھڙيون رمزون ھيون. ڪير ٻڌائيندو ته بُلڙي وارو پائنياري ۽ ٻھڙي
جي ڳالھ تائين ڪيئن پھتو. ڪير ٻڌائيندو ته اجميري جي اندر ۾ چڻگ ٻارڻ وارو ھڪ سنڌي
درويش فقير ھو. ڪير ٻڌائيندو ته ڀئون ڦوڙ ڇا کي چَئبوآهي. گوڪ جو ذائقو ڪهڙو ھوندو
آھي، ڪير ٻڌائيندو ته سنڌ جي هڪ مير تي (lawn bird) مان لامبٽ
نالو ڪيئن پيو. ڪير ٻڌائيندو ته گولاڙچي ويجھو سنڌ جي سٻاجھڙن ڪيئن مينھن ۾ ظاھر ٿيل
ٻڌمت جي دور جو شاھي مجسمو ڀوري ڀُڪا ڪري گھاري کي ڳنڍو ڏئي وڏي شاھ لاءِ رستو ٺاھيو
ھو، ڪير ٻڌائيندو ته مذھب کي سمجھڻ لاءِ ڇا کان وڌيڪ ڇو کي سمجھڻ جي ضرورت آھي.
سائين جن جي روح ۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي هن جهان مان پرواز ڪئي. سائين جي وفات کانپوءِ
سائين جا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وفات تي چيل لفظ شدت سان محسوس ٿيا. اڄ علم ۽ عالم
سنڌ مان لڏي ويو!!
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا