; سنڌي شخصيتون: غلام مصطفيٰ سولنگي - مٺل جسڪاڻي

25 May, 2019

غلام مصطفيٰ سولنگي - مٺل جسڪاڻي


غلام مصطفيٰ سولنگي
ٿي سنڌڙي تو تي ناز ڪري - جنم ڏهاڙي جي حوالي سان
مٺل جسڪاڻي
۰۸ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، ان ڏينهن جي نسبت سان، عورتن متعلق، ماءُ، امڙ تي لکجي، ڀيڻ تي، محبوبه تي، زال تي، مائيٽياڻين تي، پاڙي، ڳوٺ، شهر، دنيا جي عورتن، انهن جي سڄڻن ۽ دشمنن جي حوالي سان لکجي، ڳالهائجي، پر نه...


۰۸ مارچ غلام مصطفيٰ سولنگي جو جنم ڏينهن آهي، سندس سالگرهه آهي، ان نسبت سان لکجي، ڳالهائجي، ته غلام مصطفيٰ سولنگيءَ ادب دوست، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڊرامه ليکڪ، اداڪار، ڊائريڪٽر، اينڪر پرسن، رپورٽر، نيوز اسٽوري رائيٽر آهي، پبلشر آهي...... ڇا ڇا نه آهي، گهڻو ڪجهه آهي. غلام مصطفيٰ سولنگيءَ عام رواجي به آهي ته خاص، خصوصي به آهي.
غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جي سالگرهه جي موقعي تي سندس ڪتاب ”پئسو لڌم پٽ تان“ جي رونمائي تقريب آهي. اهو ڪتاب جڏهن شايع ٿيو هو، شايع ٿيڻ جي خبر پئي هئي، ته ڪن مهربان قدردانن، ڪتاب جي نالي واري حوالي سان تنقيد ڪئي هئي. منهنجي ذهن ۾ پڻ سوال هو، پر جڏهن ڪتاب هٿ ۾ آيو، پڙهن شروع ڪيم، ته ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۵ تان، نه صرف مون کي سوال جو جواب مليو، پر جنهن جنهن به ڪتاب جي نالي تي اعتراض ڪيو، تنقيد ڪئي، ان کي به موٽ ملي.
جيتوڻيڪ ”پئسو لڌم پٽ تان“ ٻارن لاءِ شاعري تي مشتمل ڪتاب آهي ۽ ان ۾ شاعري آهي به، پر جيڪڏهن ان جو ڌيان سان مطالعو ڪجي ٿو، ته شاعري ۾ وندر ورونهن به آهي، معلومات به آهي، ته لکيل پڙهيل توڙي هر عام ۽ خاص ٻار جي لاءِ، ڪٿي ڪٿي ته ڳجهارتون به موجود آهن! مثال طور ”ريل“ عنوان واري پهرئين گيت ۾ ريل جو تيل نه کُٽڻ يا وري همبل گهوڙي جو ذڪر...
هن مجموعي ۾ سندس هڪ نظم جون شروعاتي سٽون آهن:
سچ ڳالهائڻ سکو اي ٻارو،
ڪوڙ کان آهي تکو اي ٻارو.
سچ اِهو آهي ته غلام مصطفيٰ سولنگيءَ، پٽ تان پئسا لڀندو رهندو آهي ۽ اهي پئسا ڪتاب ۽ رسالا ڇپرائيندو، مختلف حوالن سان محفلون مچائيندو، ننڍن وڏن کي مان ڏيندو، لڌل پئسا خرچ ڪندو، گهڻن کي قرضي ڪندو رهي ٿو! سندس قرض چڪائڻ گهڻن جي وس ۾ نه هوندو آهي. اهڙن متاثرين مان هڪ متاثر آءُ به آهيان.
اچو اچو سڀ وڌي وڌي،
ڪيون ٿا پاڻ ۾ ٻڌي ٻڌي،
يا وري:
ڇا جا هاڻي هٺ وڏايون،
ڀائر سڀ ٿا پنهنجا گڏايون.
جهڙيون سٽون سرجيندڙ مصطفيٰ سولنگيءَ جي هن شاعري کي صرف ٻارن لاءِ يا وڏن لاءِ به شاعري قرار ڏجي؟
غلام مصطفي سولنگيءَ تي، توڙي سندس مجموعي ”پئسو لڌم پٽ تان“، تي پڻ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهجي ٿو، پر مصروف دنيا جي مصروف پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي ڪري گهڻي ڊيگهه ڪانه ڪبي!
”سنڌي ٻالڪ“ عنوان سان هن مجموعي ۾سندس هڪ نظم آهي، ان نظم ۾ لکيل سندس ئي سٽ کيس ارپيان ٿو:
” ٿي سنڌڙي تو تي ناز ڪري“
۽ ان ئي نظم ۾ شامل دعا آهي ته:
”شاد هجين آباد هجين تون“
مهرباني
نوٽ: ۰۸ مارچ ۲۰۱۹ع تي، غلام مصطفيٰ سولنگي جي سالگرهه ۽ ٻارن لاءِ شاعري جي مجموعي ”پئسو لڌم پٽ تان“ جي مهورت واري تقريب ۾ پڙهيل...

(سنڌ راڻي ميگزين، حيدرآباد، مارچ ـ اپريل ۲۰۱۹ع، ص: ۳۱)

No comments:

راءِ ڏيندا