; سنڌي شخصيتون: امين اڏيرائي

25 May, 2019

امين اڏيرائي


امين اڏيرائي
شاعري توڙي نثر جو ھڪ منفرد نانءُ
مٺل جسڪاڻي
Image may contain: 1 personامين اڏيرائي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جو اھڙو شاعر، جنھن سنڌي ٻولي ۾ تمام گھڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آھي. سندس شاعري جي مجموعن سميت مختلف شاعرن جي شاعري کي ترتيب ڏئي به ڳچ سارا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو اٿس.
اڏيرولال اسٽيشن کان آس پاس مان ٿيندو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿيندو، سڄي ملڪ مان ٿي، سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا وسيلي عالمي سطح تي، سندس حلقي ۾ مڃتا ماڻيندو رھيو آھي.
ڪيترن ئي مشاعرن ۾ پاڻ ته مڃائيندو رھيو آھي، پر سندس شاگرد شاعرن کي به متعارف ڪرائيندو، مڃتا ڏياريندو رھيو آھي.


امين اڏيرائي جي شاعري ۾ اھو سڀ ڪجھه آھي، جيڪو شاعري ۾ ھجڻ گھرجي.
امين اڏيرائي جو نثر به لاجواب آھي. سندس ڪيتريون ئي مختصر ڪھاڻيون، پڙھندڙ جي من اندر ۾ لھي ويندڙ آھن. ڇاڪاڻ ته سندس ڪھاڻين ۽ افسانن ۾ ڪجھه اھڙا موضوع به آھن، جن کان گھڻا ليکڪ نٽائيندا رھندا آھن.
امين اڏيرائي جي سنگت به، سندس شاعري ۽ نثر وانگر انيڪ رنگ ۽ عجيب دلچسپيون رکندڙ ۽ مثالي آھي، ڇو ته سندس سنگت ۾ اھڙا سڀ شامل آھن، جھڙا جڳ ۾ موجود آھن.
مون ڳچ دفعا سندس شاعري ۽ نثر تي لکڻ به چاھيو ۽ اڄ به جيڪو ڪجھه لکڻ چاھيان پيو، بنا ڪنھن اھم سبب جي، نه پيو لکي سگھان!
اڄ (بتاريخ ۵ نومبر ۲۰۱۸ع) امين اڏيرائي جو جنم ڏينھن آھي. جنم ڏينھن جي نسبت سان سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ واڌايون.





امين اڏيرائي
محبتن جو امين - دل جي ڳالھ
احساس ميرل
سنڌ ڌرتيءَ جي سر زمين اسان کي اهي املھ ھيرا ڏنا آهن جِن جو ڪو مثال ئي نٿو ملي سائين منهنجا اسان جو شهر اڏيرو لال اسٽيشن به علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي. سنڌي پهرين فلم ٺاهيندڙ حسين علي شاھ فاضلاڻي جو تعلق به هن شهر سان هو. ان کان علاه ھڪ وڏو عالم دين قاري عزيزالله ابڙو، ماھر تعليم سائين صديق بڙدي، محمد طالب حاجاڻو ۽ ٻيا کوڙ سارا پيارا انسان هن شهر سان وابسته رھيا آھن پر منهنجو ادبي استاد سائين امين اڏيرائي به هن شهر ۾ ڄائو نپنو آهي سائين امين ۱۹۸۲ ڌاري باقائدي شاعري جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ شروعاتي ادبي سکيا ۽ اصلاح سائين امين محمد بڙدي کان ورتي. سائين امين ھڪ وقت م شاعر توڙي ڪھاڻيڪار اھي.. سائين امين اڏيرائي جا وڏڙا، هندستان جي ضلعي هوشيارپور جي ڳوٺ شام چوراسي جا هئا. سائين امين جو والد لال خان جنهن ٻڌايو ته اسان شام چوراسي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين ۽ اسان جي پاڙي ۾ گوين جو گهراڻو رهندو هو جيڪي شام چوراسي گهراڻي جي نالي سان مشهور آھن. سائين امين اڏيرائي جا وڏڙا اتان لڏي لڌيانا ۾ اچي رهائش پزير ٿيا. اوهان کي يقينن خبر هوندي ته ساحر لڌيانوي به اتي جو هيو. پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ نواب شاھ سنڌ ۾ آيا. سائين امين جو ڏاڏو، نواب شاھ ۾ وفات ڪري ويو. سائين امين جو والد، لال خان ۱۹۶۲ع ڌاري، اڏيرو لال اسٽيشن آيو. سندس ٽي ڀائر نواب شاھ ۾ ئي رهي پيا. ڪجھ سالن کان پوءِ تقريبن ۱۹۶۹ ۾ سائين امين جو هڪ چاچو، شادي ڪري انگلينڊ هليو ويو.
سائين امين جي پيدائش پنج ۵ نومبر ۱۹۶۴ع جي آھي.
سندن تعليمي لياقت ايم اي سنڌي ۽ بي ايڊ آهي. پاڻ ۱۹۹۵ع ۾ شادي ڪيائون. کين ۷ آگسٽ ۱۹۹۶ تي نياڻيءَ جو اولاد ڄائو، پر افسوس ان ڏينهن سندن جيون ساٿياڻي هميشہ هميشہ لاءِ موڪلائي وئي. سائين امين کي پنهنجي گهرواريءَ جي ڏک اڌو اڌ ڪري ڇڏيو. سال ۱۹۹۷ع ۾ سائين امين کي آنڊي جي تڪليف ٿي ۽ ۱۹۹۹ع ۾ لياقت نيشل ڪراچي ۾ ڪامياب آپريشن ٿيو ۽ سائين امين کي نئين زندگي ملي. سائين امين پنهنجي نياڻي خاطر ٻي شادي نه ڪئي. هن وقت سندن نياڻي پنهنجي گهر جي ٿي چُڪي آهي. الله پاڪ منهنجي ڀيڻ جا ڀاڳ ڀلارا ڪري. سائين امين اڌ صديءَ کان مٿي جو پنڌ اورانگھي آيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو سبق پڻ آھي. آئون خوش نصيب آهيان جو هڪ علم و ادب جي خزاني سان گڏ آهيان، جنهنجي هر ڳالھ مان ڪجھ نه ڪجھ سکڻ لاء ضرور ملندو آهي.
پاڻ سدائين مون ادنيٰ ماڻهوءَ جي اصلاح ڪندا رهندا آهن. جنهن جو مثال سندن هي سٽون ڏسو؛
جي ڪڏهن ڪنهن جي ڪم نه آئي آ
سمجھ پوءِ زندگي اجائي آ
پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو ادب کي ارپيو اٿن. سائين امين اڏيرائي جيڪو ادبي پورهيو ڪيو آهي، اهو اوهان جي سامهون آهي.
سندن ڇپيل ڪتاب!!!
سنڌي ڪتاب
۱: اچو سورن واريون (شاعري۱۹۸۴ع)
۲: سڏڪا سڏڪا زندگي (ڪهاڻيون۱۹۸۷ع)
۳: ڪشڪول ۾ چنڊ (شاعري۱۹۹۳ع)
۴: چانڊوڪيء جو گهاءُ (شاعري ۱۹۹۹ع)
۵: وڇوڙي جو درد (ڪهاڻيون۲۰۰۶ع)
۶: خوابن جي جاگير (شاعري۲۰۰۹ع)
۷: چنڊ، چانڊوڪي ۽ سور (ڪليات ۲۰۱۵ع)
اردو ڪتاب
۱: هاٿون پي سورج ( شاعري ۲۰۰۳ع)
۲:ايڪ وجود اور (ڪهاڻيون ۲۰۰۷ع)
۳:احساس ڪي خوشبو (شاعري۲۰۰۸ع)
۴: چاندني ڪي اُس پار (طويل ڪھاني ۲۰۰۹ع)
۵: رشتا آنکھ اور پاني ڪا (شاعري۲۰۱۱ع)
پنجابي ڪتاب
۱. دل دا ڪاسا (شاعري ۲۰۱۳ع)
سائين امين جا ۱۳ نج ادبي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جڏھن ته سندن ۱۰ کن ڪتاب مرتب پڻ ڪيل آھن...
سائين امين زندگي جا لڳ ڀڳ ۳۸ سال ادب کي ارپي ڇڏيا آهن. سندن حوصلي کي سلام آهي. بقول سائين امين جي؛ هن قافلي ۾ ڪئين ماڻهو آيا ۽ غائب ٿي ويا پر جن پنهنجي ڪم سان سچائي ڪئي، جن پنهنجي صلاحيتن جو قدر ڪيو، انهن جو وقت قدر ڪيو... تڏهن هي شعر لکيو اٿن؛
وقت تي ڀروسو ڪرين تون متان،
وقت ڪنهن جو به يار ڪونهي ڪو.
تقريبن ۲۰۰۰ع ۾ سائين امين سان منهنجو تعلق جڙيو. سائين امين انتهائي ماٺيڻي طبييت جو مالڪ، سندس مزاج امن پسند آهي. پاڻ سدائين در گذر واري ڳالھ جا حامي رھيا آهن. مون کي پنهنجي اولاد وانگي ڀانئيندا آهن. آئون پنهنجي لاءِ اعزاز ٿو سمجهان ته منهنجو ادبي استاد، سائين امين اڏيرائي آھي.
الله پاڪ جا لک احسان آهن جو، اسان جي اوڻيهن سالن جي ساٿ ۾ ڪڏهن به ڪا وٿي ناهي آئي. الله ڪندو ته هي روح جو رشتو زندگي ڀر جاري رهندو....!!!

No comments:

راءِ ڏيندا