; سنڌي شخصيتون: محمد خان احمداڻي

29 May, 2019

محمد خان احمداڻي


محمد خان احمداڻي
پورهيت اڳواڻ
عوامي آواز رپورٽ: حيدرآباد؛ پورهيت اڳواڻ محمد خان احمداڻي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مارڪسي فڪر جو استاد سڏجندڙ محمد خان احمداڻي، بدين ضلعي جي شهر نئون دمبالو ۾، پنهنجي گهر اندر، دم ڌڻي حوالي ڪيو.
محمد خان احمداڻي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان، گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا هو. سومر ڏهاڙي سندس ڊائلاسز پڻ ٿيو هو.


ڪامريڊ محمد خان احمداڻي، ڪميونسٽ خيالن سان سلهاڙيل هجڻ ڪري، سڄي ڄمار هارين ۽ پورهيتن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن سڄي پاڪستان جا دورا ڪري، پورهيتن جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪيو.
ڪامريڊ ڪڏهن به جدوجهد دوران ساهي نه پٽي، بيماري جي حالت ۾ به مزدور تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو،
هو پاڪ فوج جو حصو پڻ رهيو. پاڪ فوج ۾ رهندي ڪشمير بارڊر تي پڪڙجڻ بعد، ڀارت ۾ جيل جي سزا ڀوڳيائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، پاڪستان جي جن ۹۰ هزار فوجين کي آزاد ڪرايو، تن ۾ محمد خان احمداڻي پڻ شامل هو.
محمد خان احمداڻي، انڊيا جي جيل ۾ مائوسٽ ڪامريڊن سان کولي ۾ گڏ رهيو، جن سندس تربيت ڪئي ۽ هن ڪميونسٽ خيالن کي اپنايو. جڏهن ته ڏيهه موٽڻ بعد وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ سرگرم رهيو.،
سڄي حياتي مظلوم طبقي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي آخري عمر جي حصي ۾ شوشلسٽ موومينٽ پاڪستان تنظيم ۾ شامل ٿيو هو.
محمد خان احمداڻي پوئنرن ۾ ۴ پٽ، ۲ نياڻيون ۽ گهرواري سوڳوار ڇڏي آهي، جڏهن ته سندس تدفين سڀاڻي صبح ۸ وڳي نئون دمبالو ۾ ڪئي ويندي




ڪامريڊ محمد خان احمداڻي لاڏاڻو ڪري ويو
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ جهونو پورهيت اڳواڻ محمد خان احمداڻي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مارڪس جي فڪر جو استاد سڏجندڙ محمد خان احمداڻي بدين ضلعي جي شهر نئون دمبالو ۾ پنهنجي گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. هو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا هو. سومر واري ڏينهن سندس ڊائلاسز پڻ ٿيو هو. مرحوم ساهه جي بيماري ۾ پڻ مبتلا هو جنهن بعد کيس ڪاري ڪامڻ جي بيماري به وڪوڙي وئي هئي جنهن جو علاج ڪرائي هو صحتياب ٿيو هو پر ڪالهه گڙدن جي تڪليف سبب گهر ۾ سندس طبيعت خراب ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هو لاڏاڻو ڪري ويو. محمد احمداڻي پوئنرن ۾ ۴ پٽ، ۲ نياڻيون ۽ گهرواري سوڳوار ڇڏي آهي. سندس جنازي نماز اڄ صبح جو ۸ وڳي نئون دمبالو ۾ ادا ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ڪامريڊ محمد خان احمداڻي ڪميونسٽ خيالن سان سلهاڙيل هجڻ ڪري سڄي ڄمار هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن سڄي پاڪستان جا دورا ڪري پورهيتن جي سجاڳي لاءِ ڪم ڪيو. هن پنهنجي جدوجهد دوران ڪڏهن به ٿڪ نه ڀڃيو ۽ بيماري جي حالت ۾ به مزدور تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو. هو پاڪ فوج جو حصو پڻ رهيو، پاڪ فوج ۾ رهندي ڪشمير بارڊر تي پڪڙجي پيو ۽ انڊيا جيل ۾ به قيد رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي جن ۹۰ هزار فوجين کي آزاد ڪرايو تن ۾ محمد خان احمداڻي پڻ شامل هو. مرحوم خان عبدالولي خان وارن جي پارٽي يونائيٽيڊ فرنٽ ۾ به رهيو. هن ۲۰۰۰ع ۾ لال خان گروپ سان گڏجي طبقاتي جدوجهد تنظيم ۾ ڪم ڪيو. اختلاف ٿيڻ بعد وري چوڌري منظور سان گڏجي ڪم ڪيو. هو ڪجهه ڏينهن جي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ به رهيو. هن پراڻن ساٿين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ورڪرز فرنٽ ٺاهيو. آخري عمر جي حصي ۾ هو سوشلسٽ موومينٽ پاڪستان تنظيم ۾ شامل ٿيو. محمد خان احمداڻي پاڪستان ۾ طبقاتي جدوجهد جي نالي سان ڪتاب پڻ لکيو.


ڪامريڊ محمد خان احمداڻي

سنڌ جي هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ جي ياد ۾

رام اوڏ

ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جو هڪ ڪتاب “سوشلزم ڇو ضروري آهي” مون گهڻو وقت اڳ ئي پڙهيو هو. ڪتاب بنھه سادي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ لکيل هو. اهڙو سولو سوشلزم جو تعارف مون اڳ نه پڙهيو هو. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ هڪ سوشلسٽ اسڪول ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هڪ صفا سادو ۽ سٻاجهو ڳوٺاڻو ماڻهو. پهرين ملاقات ۾ انتهائي محبت ۽ عاجزي سان مليو. ڪو غرور، ڪو فخر، ڪو ڏيکاءُ، ڪا وڏائي ڪجھه به نه. بس هڪ فقير طبيعت ماڻهو. مون کي چيائين توهان کي گهڻو سڃاڻان ٿو.

اها آخري ايامن جي ڳالھه آهي. مون کي ڪامريڊ محمد خان جي فرزند ڪامريڊ ننگر خان فون ڪئي ته بابا توهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. ڪامريڊ احمداڻي فون تي اسرار ڪيو ته منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، هڪ ڪچهري ڪجي. هاڻ زندگي جو سج لهڻ وارو آهي.

آئون سندس ڳوٺ نئون دمبالو پهتس. مون سان گڏ گنپت راءِ هجي. ڪامريڊ کي ساھه جي تڪيلف هجي. مشڪل سان ڳالهائي سگهندو هجي. نه ويهي سگهي ۽ نه رواني سان ڳالهائي سگهي. ننگر خان سندس خدمت چاڪري ڪري رهيو هو. اسان سوال پيا ڪريون. ڪامريڊ تمام سنجيدگي سان انهن جا جواب پيو ڏئي. ڏينهن جو ۽ رات دير تائين ڪچهري ڪيائين. صبح جو به اسان جا سوال ۽ ڪامريڊ جا جواب. زندگي ۾ ڪاياپلٽ ڪيئن ٿي، اسان کي اها به دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي.

محمد خان ۱۹۶۹ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سيالڪوٽ جي بارڊر تي انڊين آرمي هٿان گرفتار ٿي ڄمون ڪشمير جيل پهتو. اها ڪٿا پنهجي زباني ڪري ٿو: اسان ڇھه پاڪستاني فوجي قيد ٿي وياسين، جتي جيل ۾ هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ چمن مليو، جيڪو اڻ برابري ۽ استحصال پسند سماج جي باري ۾ سوال ڪندو هو ۽ ڪتاب به ڏنائين جنهن منهنجي منجمند ذهن کي جهنجهوڙيو، هائو ٻيلي چوي ته درست ٿو. چمن ۽ ٻين ڪامريڊن جي ڪچهرين ۽ ڪتابن منهنجي نظرياتي آبياري ڪئي. اهي ڪميونسٽ اتي پڙهندا ۽ بحث مباحثو به ڪندا هئا. جيل ۾ اسان ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ۽ ان جو ميمبر ٿيس. شملا ٺاھه تحت اسان آزاد ٿياسين. جيل جي ڏينهن ۾ نڪسلائيٽ ڪامريڊن جي ڳالهين مون کي صفا باغي بڻائي ڇڏيو. آزاد ته ٿي ويس، پر هاڻ ڇا ڪجي؟ مان فوج جي نوڪري تان مستعفي ٿي ويس. واپس اچي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيس، ۽ اڳتي هلي الڳ ٿي ويس ۽ عوامي تحريڪ عوامي گروپ ٺاهيو.

ڪامريڊ عوامي تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جا سبب دليل سان ٻڌايا. ۱۹۷۹ع جي عرصي ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي وطن دوست پارٽي ٺاهي. ايم آر ڊي ۽ نواز شريف جي دور ۾ گرفتارين جا احوال اوريائين. گرفتارين جا واقعا مختلف وقتن تي مختلف ٿيندا رهيا. ۱۹۹۱ع ۾ وطن دوست پارٽي ختم ٿي ته ارباب کهاوڙ پيپلز پارٽي ۽ ڪامريڊ احمداڻي لال خان جي طبقاتي جدوجهد ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ جي زندگي جو گهڻو عرصو طبقاتي جدوجهد ۾ گذريو. نظرياتي اختلاف رکندي اتان به مستعفي ٿيو، ۽ هڪ اختلافي نوٽ لکيائين.آخر ۾ سوشلسٽ موومينٽ سنڌ ۾ رهيو. سندس ارادو پختو هو ته وطن دوست کي ٻيهر جوڙجي.

ڪامريڊ فتح ٽيڪسٽائيل مل حيدرآباد ۾ مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري ۾ ورڪر طور پورهيو ڪندو رهيو. ڪامريڊ مختلف فيڪٽرين ۽ ملن ۾ ٽريڊ يونين جي گهڻي سياست ڪئي ۽ ان جا تجربا ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن ڪانفرنسون، جلسا ۽ تنظيم سازي ڪندا هئا. ٻيڙي مزدورن، پٿر ٽوڙيندڙ مزدورن، ٻوريون کڻندڙ مزدورن جي يونين سازي تائين به ڪم ڪيو. اينگرو ڪيميڪلز ڏهرڪي، شگر ملز ٺٽو، ٽيڪسٽائيل ملز شهداد ڪوٽ، ايف ايف سي ميرپورماٿيلو، گئس ڪمپني ڏهرڪي، النور شگر مل شاهپور جهانيان، وغيره جو احوال اوريائين. ضياءَ جي دور ۾ رتيديري ۾ جلسي ۽ پوليس چڪرين جو به ذڪر ڪيائين.

ڪامريڊ عملي جدوجهد جي پنڌ جو راهي رهيو. هن پورهيتن جي سياست ڪندي پوئتي مڙي نه نهاريو ۽ نه ئي کين زندگيءَ جي آخر ۾ ڪو پڇتاءُ هو. هو پنهنجي عملي ۽ قلمي پورهيي مان مطمئن هو. هن کي معاشي غربت ۽ بيماري جو ڏک ڪمزور نه ڪري سگهيو.

ڪامريد هڪ وڏي حوصلي وارو ماڻهو هو. هن ڪامريڊ کي زماني جا ڏک ۽ سور ڊاهي نه سگهيا. هو پورهيت عوام جي نجات لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪندو رهيو. هو ڪٿي ٿڪو ٽُٽو نه. اها نظرياتي سنجيدگي سندس زندگي جو هڪ وڏي وٿ هئي.

هن جو ڪميونسٽ نظريي سان عقلي لڳاءُ هو. هن استحصال پسند پورهيت دشمن نظام کان نجات چاهي ٿي، جتي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي لٽ مار کان آجو هڪ برابري وارو نظام هجي، جتي ڪير به ڪنهن جو غلام نه هجي ۽ ماڻهو آزادي سان باوقار زندگي گذاري سگهي:

هي جي شهنشاھه ڏسو ٿا،

سڀ ئي انگ اگهاڙا آهن،

سڀ ئي پنهنجو رت پيئن ٿا،

سڀ پورهئي تي ڌاڙا آهن. ( اياز)

ڪامريڊ احمداڻي وٽ طرزِ زندگي انسان دوست ڪميونسٽ فڪر تي آڌاريل هئي. هو نه صرف روڊن رستن تي سراپا احتجاج هو، پر هو پورهيتن کي منظم ڪرڻ ۽ نظرياتي تعليم ڏيڻ جو به ڪم ڪندو رهيو. هن سماج ۾ هر حوالي سان مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ڪامريڊ مون کي ڪچهري ۾ ٻڌايو هو ته پاڻ ڪيئن پنهنجي آس پاس مذهبي ۽ فرقيواراڻي اشوز کي دانش ۽ حڪمت سان حل ڪيو هو.

ڪامريڊ قومي ۽ طبقاتي سوال تي واضح ترقي پسند ۽ روشن خيال ڪامريڊ هو. سندس ڪتاب “قومي ڦرلٽ: هڪ مارڪسي نقطه نظر” بهترين ڪتاب آهي. اهو ڪتاب سندس قومي سوال تي واضح ايپروچ جو دليل آهي. ڪامريڊ جي لکڻ ۾ هڪ وڏي سگھه ۽ جرئت هئي.

ڪامريڊ محمد خان احمداڻي، جنهن وٽ معصوم دل ۽ بي لوث سچائي هئي. هو، جيڪو پورهيت طبقي لاءِ ساري حياتي مشعل جدوجهد رهيو. سوويت يونين جي انهدام سان جتي مايوسي هئي، اتي ڪامريڊ سياست ڪندو رهيو ۽ اتساھه پيدا ڪندو رهيو. هن جي اک جدلياتي هئي. هن ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي عمل کي سائنسي نظر سان ڏٺو پئي.

سنڌي ڪلاسيڪل نڪسلائيٽ ڪامريڊ انقلابي جذبي سان سياست ڪندو رهيو. اختلاف ۽ اعتراض منهن تي ڪري وٺندو هو. پنهنجي نقطه نظر کي سامهون رکڻ سندس خاص خاصيت هئي.

محمد خان جي زندگي جا سڀ پل ۽ پهر جدوجهد ڪندي گذريا. ڪڏهن به مايوس، اداس ۽ ڪاهل ٿي نه ويٺو. هو زندگي جي آخري گهڙين ۾ به خلفشارن جو شڪار ٿي رجعتي نه ٿيو.

ڪامريڊ محمد خان پهرين جنوري ۱۹۴۹ع ۾ ڄائو ۽ ٽيويھه مئي ۲۰۱۹ع ۾ گذاري ويو. ڪامريڊ محمد خان جي زندگي جي ڪل پونجي پورهيت فڪر ۽ جدوجهد آهي. هي شايد سنڌ جي ٿورن ڪامريڊن مان آهي جيڪي پورهيت رهيا ۽ پورهيتن لاءِ پورهيو ڪندي گذاري ويا، سرمائيدار نه ٿيا!

هن کاهوڙي ڪامريد چيو: “سچا ڪامريڊ اهي آهن، جيڪي رڳو اسٽيجن تي نه ڳالهائيندا آهن، پر عملي جدوجهد جي روپ ۾ مزدورن ۽ هارين جي وچ ۾ هوندا آهن.” هن جي حياتي جي آخري ڪلپنا هئي ته جيون پڄاڻان به هي پورهيت دوست طبقاتي جدوجهد جاري رهي:

مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سُرخ گلاب،

کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب. (اياز)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۳ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا